سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سنڌي غزل جي اوسر

صفحو :2

 

 

گل جو دور

 

(1855ع)

 

جائزو

گل جي دور جا شاعر

سيد غلام علي شاهه

خليفو گل محمد ”گل“

مير صوبدار خان ”مير“

مير نصير خان ”جعفري“

مير شهداد خان ”حيدري“

مير حسين علي خان ”حسين“

 

گل جو دور

خليفي گل جو جنم ٽالپرن جي شروعاتي دور ۾ ٿيو، 1782ع ۾ مير فتح علي خان ٽالپر ڪلهوڙن کي هالاڻي جي جنگ ۾ شڪست ڏئي سنڌ جون واڳون پنهن جي هٿ ڪيون هيون. گل ٽالپرن جي اوسر ۽ انجام پنهن جي اکين سان ڏٺو هو. هو ايڪيهن ورهين جو هو جو انگريزن اچي سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ هو ان وقت کان پوءِ به تيرنهن سال کن زندهه رهيو. جيئن ته گل ٽالپرن جي دور جو وڏو عزل گو ۽ صاحبِ ديوان شاعر ٿي گذريو آهي تنهن ڪري ٽالپرن جو دور خليفي گل جي غزل سرائي جو دور هو.

 

ٽالپرن جو دور سنڌ ۾ امن امان جو دور ۽ عوام ۾ قرب ۽ محبت جو دور هو. ٽالپر نهايت شريف حاڪم هئا تنهن ڪري ملڪ ۾ صلح ۽ سانت هئي ۽ عوام سک جو ساهه پئي کنيو. ملڪ پنهن جي وسيلن مطابق سکيو ستابو هئو.

 

سنڌ جا ٽالپر حاڪم علم و ادب ۽ فنون لطيفه جا سرپرست هئا. مگر هنن پنهن جي وطن جي ٻوليءَ بجاءِ دستور مطابق پارسي جي سرپرستي ڪئي، سندن ڏينهن ۾ عام طرح چيو ويندو هو ته ”پارسي گهوڙي چاڙهي.“

هنن جي دربار ۾ تمام گهڻا ۽ ناميارا پارسي جا عالم ۽ سٺا شاعر اچي ڪٺا ٿيا هئا جن پارسي شاعري جي هر صنف کي پنهن جي سخن سان مالامال ڪيو. ٽالپر حاڪم پاڻ به پارسي جا سٺا شاعر هئا. هن دور ۾ جيڪا پارسي شاعري ڪئي وئي آهي ان مان معلوم ٿو ٿئي ته سنڌ جي تواريخ ۾ هن کان اڳ ڪڏهن به ايترن حڪمران شهزادن پارسيءَ ۾ شاعري نه ڪئي آهي جيتري ٽالپرن جي دور ۾.

 

هن دور ۾ ڪجهه ٽالپر حاڪمن جهڙوڪ مير شهداد ”حيدري“، مير صوبيدار خان ”مير“، مير نصير خان ”جعفري“، مير حسين علي خان ”حسين“ جا سنڌي غزل ملن ٿا، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هنن تفريحن سنڌي غزل تي به نظر نوازش ڪئي آهي. ائين ته ٿي نه ٿي سگهيو ته جنهن دور ۾ خليفي گل جهڙو پختو ۽ صاحبِ ديوان غزل گو شاعر پيدا ٿيو هجي ان دور ۾ ٻئي ڪنهن شاعر سنڌي غزل ٿورو گهڻو نه چيو هجي، سيد غلام علي شاهه ۽ ٽالپر حاڪمن جي غزلن حاصل ٿيڻ کان پوءِ اهو پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته اڃا به ڪي شاعر هوندا جن جي احوال ۽ غزلن تي وقت لٽ چاڙهي ڇڏي آهي، جاکوڙ ڪبي ته ضرور ڪجهه نه ڪجهه مواد ملي پوندو.

خليفي گل جنهن وقت غزل جي زمين ۾ سخن سنجي ڪئي ان کان گهڻو اڳ سنڌ ۾ عربي ۽ پارسي بحرن ۽ وزنن تي شعر چوڻ جو رواج پئجي چڪو هو، ڪيترن شاعرن جون ڪافيون غزل جو روپ اختيار ڪري چڪيون هيون ۽ ڪجهه شاعرن غزل پڻ چيا هئا، جيتوڻيڪ انهن شاعرن جو نالي ماتر ڪلام مليو آهي پر اهي غزل ۽ نج غزل آهن، جن ۾ غزل جون سموريون وصفون ۽ رعايتون سمايل آهن.

خليفو گل سنڌي زبان جو پهريون شاعر آهي، جنهن غزل جي صنف کي پنهن جي جذبن جي ترجماني لاءِ منتخب ڪيو ۽ انهن دل کولي پنهنجن مختلف احساسن ۽ ڪيفيتن جو اظهار ڪيو. سنڌي زبان ۾ غزل جي مقبوليت جي ابتدا ڪئي ۽ ايترا غزل چيا جو انهن کي سميٽي ديوان ترتيب ڏنو ۽ شايع ڪرايو.

جيئن ته هن دور ۾ اسان کي خليفي گل کان سواءِ ٻين شاعرن جو تمام ٿورو ڪلام مليو آهي تنهن ڪري خليفي گل کي ئي هن دور جو نمائنده شاعر تسليم ڪري سندس شاعري جو تفصيل سان جائزو وٺبو، ڇاڪاڻ ته هن سنڌيءَ جي پهرين وڏي شاعر جيڪي پنهن جي غزل ۾ روايتون قائم ڪيون انهن جي بنياد تي ايندڙ دور جي شاعرن ٿوري گهڻي ردوبدل سان سنڌي غزل جي عمارت تعمير ڪئي. ”قدما ۽ خليفو گل پنهن جي رمز ۾ يگانو هو. هن پنهن جي ڪوشش سان ڄڻ نج سنڌي غزل جو مجسمو تيار ڪيو ۽ ان ۾ ساهه وڌو مگر اهو غزل اڃا ٻارڙو هو ۽ پڻ لباس جي زيب زينت کان محروم هو“ (1). هن دور جي باقي ٻين شاعرن جي مليل غزلن جي مطالعي جي بنياد تي چئي سگهجي ٿو ته انهن ۾ پارسي شاعري جو روايتي عڪس ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

غزل شاعري جي اها صنف آهي جنهن ۾ عشق و محبت جي مختلف جذبن، ڪيفيتن ۽ وارداتن کي نهايت دلپذير پيرائي ۾ بيان ڪيو آهي.

عشق و محبت انسان جو اهو جذبو آهي جنهن سان هن جي زندگي ۾ باغ و بهار پيدا ٿئي ٿو، تنهن ڪري انسان ڪيترن ڏکن ڏسڻ جي باوجود به عشق جي دامن ۾ پناهه وٺي ٿو. خليفي گل کي به عشق جي چوٽ آيل هئي، تنهن ڪري هن سنڌي غزل ۾ مجازي عشق جي ترجماني جو بنياد رکيو. هن محبت جي وارداتن، فراق ۽ وصال جي ڪيفيتن، اندر جي اڌمن ۽ احساسن جو بيان ڪيو ۽ محبوب جي سونهن جون ساکون ڀريون محبوب جي ناز و انداز جو بيان ڪندي چوي ٿو:

غمزا سوين هزارين، ماڻا ڳڻڻ کان ٻاهر،

نت نوع لک تهينجا، ناز نت نيارا.

محبوب جي مورت جي واکاڻ هنن لفظن ۾ ڪري ٿو:

خوب خلقي تنهن جي صورت پاڪ خوش خاصي خدا

منهن ملاحت، سونهن سلابت، سڀ ڪنا، سهڻي هدا.

محبوب کي وصل لاءِ گذارش ڪندي چوي ٿو:

بلبليون عاشق گن تي توتي گل

گل اچي گلزار ۾ گل سان هيج.

دوست جي جدائي جو بيان ڪندي چوي ٿو ته دوست بنان دل ڌوڙ ۽ من ميرو آهي:

دليون دلدار تو بنان ڌوڙ

من محب ٿو بنان ميرا.

مگر جڏهن ساڻس محبوب جو ميلاپ ٿئي ٿو ۽ هو پنهن جي سيني سان عاشق جي دل کي لائي ٿو ته دل جي ڌوڙ من جي ميراڻ ۽ سڀ ڏک ڏور ٿي وڃن ٿا.

ڪرم ڪيڙوءُ ڪمينيءَ سان لائي دل دوست

ڳجهه اندر ڳالهه ڪئي، ڪيهي وئا ڏکڙا ورئا سکڙا.

مطلب ته گل غزل ۾ جيڪا مجاز جي پختي پيڙهه رکي هئي تنهن تي اڳتي هلي ٻين شاعرن اضافا ڪيا ۽ نوان نوان رنگ ڀريا.

غزل تي مجاز کان پوءِ تصوف جو زياده اثر رهيو آهي، گل جي غزلن جي گلدستي ۾ مجاز ۽ تصوف جا شعر مرڪندا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. گل جنهن دور ۾ غزل چوڻ شروع ڪيو ان دور ۾ ماڻهن تي مذهب جو زياده اثر هو ۽ سنڌ جا ماڻهو نه صرف تصوف جا وڌيڪ قائل هئا، پر هنن تي صدين کان وٺي تصوف جو نشو چڙهيل هو، تنهن ڪري گل به پنهنجن غزلن ۾ مجاز کان سواءِ تصوف، مذهب، اخلاقيات ۽ ناصحانه خيالن جو اظهار ڪيو آهي. هن انهن سڀني موضوعن کي اهڙي انداز ۾ بيان ڪيو آهي جو غزل جو اصلي روح ۽ مجاز قائم رهيو آهي، اهڙي طرح گل غزل جي دامن کي ڪشاده ۽ وسيع بنائي ان ۾ مختلف قسم جي خيالن ۽ موضوعن جا موتي ڪٺا ڪيا آهن.

پاڻ سڃاڻڻ، پنهن جي ذات کي حق ۾ فنا ڪرڻ، من جون سڌون مارڻ، دنيا کي ڌڪارڻ، وحدت ۽ ڪثرت جو راز معلوم ڪرڻ تصوف جا ڪجهه بنيادي اصول آهن، خليفي گل انهن کي پنهن جي انداز ۾ بيان ڪيو آهي.

الله سان محبت ۽ دنيا سان ڌڪار:

اٿئي اي دل ڌڻيءَ جي دوستي ۽ شوق جي محبت،

دنيا جي عيش عشرت کي ڀيري هڻ تون کڻي ڀالا.

الله سان محبت رکڻ هر ڪنهن انسان جو فرض آهي، ان جي تلقين ڪندي چوي ٿو:

جنهن ڏنئي دل ڏي تون ان کي، دل مَ تون دنيا کي ڏي،

تا ٿئي دل پاڪ تنهن جي، نه ته وڃي وجهه ڌوڙ ڇڄ.

منجهان پاڻ پنهنجو پرين ڦولهه پس،

آهين تون تونهين تون، مَ ڏي ٻهر جهوت.

سڀ ۾ خدا:

آهه موجود سڀت صورت سڀ ۾ سهڻو،

لامڪاني نه رکي جاءِ آهي هر ڪنهن جا.

غزل عشقي شاعري جو ترجمان آهي، ان ۾ مذهبي شاعري يا تبليغ موزون نه ٿي لڳي. جيڪڏهن ان کي پردي اندر، اشارن ۽ ڪناين سان بيان ڪجي ته ٻي ڳالهه آهي پر ان جو سنئون سڌو اظهار غزل جي روايتن جي ابتڙ آهي. مذهبي شاعري لاءِ ٻيون صنفون جهڙوڪ مولود، مداحون ۽ نعتون نهايت موزون آهن پر گل عشق رسول ۽ ٻين بزرگن سان محبت جو اظهار به پنهن جي غزلن ۾ ڪيو آهي، سندس انهيءَ روايت جي پيروي ڪيترا پويان شاعر به ڪندا رهيا.

مدحِ رسول:

ٿئي نه هرگز ڪنهين طرح گمراهه،

جنهن مڃيو محمد رسول الله.

حبِ رسول:

ٿي سڪي ساري سدا دل منهن جي تولئه سيدا،

ڏک ۾ راتيون، ڏينهن سڄا دل منهن جي تولئه سيدا.

خليفي گل جي ڪلام ۾ ناصحانو ۽ اخلاقي شعر ماڪ ڦڙن وانگر جا بجاءِ نظر اچي ٿو. ناصحانه ڪلام ان وقت اثر ڪري ٿو جڏهن چوندڙ جي شخصيت باعمل ۽ بزرگ آهي، ٻي حالت ۾ ناصحانه قول انسانن جي دلين تان ائين وهي وڃي ٿو جيئن ڪنول جي پنن تان برسات جون بوندون، گل پنهن جي اخلاقي ۽ ناصحانه شعرن کي مقامي اصطلاحن، تشبيهن ۽ استعارن سان بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي تنهن ڪري هن جي نصيحت پڙهندڙن تي وڌيڪ اثر ڪري ٿي.

تحمل:

ڪر تحمل، ٿي جبل، چر ڪيم ڪنهن جي چور تي،

هيڏي هوڏي ڦوڪ تي ۽ واءُ تي ڪک جئن مَ کڄ.

عادت :

ٿي پڪي عادت وڏي جا پيئي ننڍي،

ٿئا پڪي پختا، ڪچي پيا جنهن کي ڪپ.

سخن جي سچائي:

سخن کي جنهن جي سچ ناهي، وڃائي وات ڪيو لٻ لٻ،

ٽوئي ۾ ناهه هڪ داڻو، ڌنيو بيٺو ڌنئي دٻ دٻ.

چاهه بنا ڪم:

دل جي ڌيان بنا ڏجهڻ، آهي انڌاري ۾ اجهڻ،

ري باهه ڦلير کي ڌوڻ آهه غلط آهي غلط.

فطرت نگاري :

فطرت نگاري يا منظر نگاري کي غزل ۾ ڪو درجو يا مقام حاصل نه آهي تنهن ڪري غزل گو شاعرن ان کي ايتري اهميت نه ڏني آهي. گل جي غزلن ۾ سواءِ هڪ غزل جي ٻيو ڪوبه سڄو غزل اهڙو نه ٿو ملي جنهن ۾ هن منظرنگاري ڪئي هجي مگر هن جي غزلن ۾ ڪي شعر اهڙا ملن ٿا جن ۾ هن قدرت جي مختلف نظارن جون تصويرون قلمبند ڪيون آهن ۽ فطرت ۽ قدرت جي جلوه آراين کي انهن ۾ سمائي ڇڏيو آهي. ”آئي رت ساوڻ سندي مينهن وسي ڪيڙا ملار“ واري سڄي غزل ۾ هن ٿر ۽ برسات جي منظر نگاري نهايت شاندار نموني ڪئي آهي. سندس هيٺين شعرن ۾ به منظر نگاري جون جهلڪيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون.

ويو سيارو وسي بهار بوند،

گل ٽڙيو ڦل ٽڙيو ٿيو بر باغ.

وسڪاري جي مند ۾ ٿر جو منظر هيئن بيان ٿو ڪري:

وس چرئو ٿا ٿين سکيا سانگي،

مال تن جا ڪرين ٽاڙون ٽاڏ.

 

ڀاڳيون ڀاڻ تي ڀڻن سرهيون،

هيڪ ٻي سان ڪرين لڏيو لاڏ.

 

گل کليا گل باغ ۾ سرها،

گل ڇنيو سونگهه گل مَ پٽ ڪک ڪاڏ.

 

۽ ڪڪرن جو نظارو هيئن بيان ڪري ٿو:

رنگ هڪ ۾ روپ ڪئين آهن تجليون سو هزار

منجهه ڪڪر لڙهه، واچ، آهي مينهن، آهي گاج.

گل پهريون شاعر آهي جنهن سنڌ جي قديم، مروج ۽ مقبول صنفن جي بجاءِ سنڌي ۾ هڪ نئين صنف تي طبع آزمائي ڪئي ۽ ان جي ٽيڪنڪ، هيئت ۽ فن جي سمورن لازمن کي پورو ڪيو ۽ فني نقطئه نگاهه کان غزل جي مقبول ۽ مروج بحرن تي طبع آزمائي ڪئي. هن ننڍن بحرن ۾ ترنم ۽ موسيقيت کي جيڪا ننڍن بحرن جي خاص خوبي آهي، برقرار رکيو ۽ وڏن بحرن ۾ پنهنجن خيالن کي وسعت سان بيان ڪيو ۽ انهن ۾ شعريت ۽ لطافت کي برقرار رکيو مگر جيئن ته سنڌيءَ ۾ شعوري طرح باقاعده غزل چوڻ جي سندس پهرين ڪوشش ڪئي، تنهن ڪري هن وزن کي پوري ڪرڻ لاءِ مختلف جاين تي لفظن جي صحت جو خيال نه رکيو آهي. ڪيترن جاين تي لفظن جي صورت بدلائي ڇڏي آهي ۽ ڪن لفظن کي مختصر ۽ ڪن کي ڊگهو ڪري ڇڏيو آهي. خاص طرح ٽن حرفن وارن لفظن جهڙوڪ گرم، ڪرڻ، مرڪ جي وچ واري حرف کي ڪٿي ساڪن ۽ ڪٿي متحرڪ ڪري استعمال ڪيو آهي.

جيتوڻيڪ گل پارسي شاعري کان متاثر ٿي سنڌيءَ ۾ غزل چوڻ شروع ڪيو هو پر هن جي غزل جون ٻه خوبيون نمايان آهن، هڪ پنهنجو ماحول ٻي پنهن جي ٻولي. هن جي غزل جي زبان زياده تر نج ۽ ٺيٺ سنڌي آهي، ايتري قدر جو هن جي غزل ۾ ڪيترا اهڙا ٺيٺ سنڌي لفظ استعمال ٿيل آهن جيڪي شاهه جي رسالي ۾ به نٿا ملن. ڪيترا اهڙا لفظ به آهن جن جي اڄ معنيٰ سمجهڻ نهايت مشڪل آهي ۽ ڪي لفظ اهڙا آهن جن جو مطلب صرف واسطيدار هنرمند ۽ ڪاريگر ئي ٻڌائي سگهن ٿا. ثقيل ۽ ڏکين لفظن جي استعمال ڪري هن جي غزلن جي خوش اسلوبي، ميٺاج ۽ رواني ڌڪجي پئي آهي جو پڙهندڙ لفظن جي اچارن ۾ ايترو ڦاسي ٿو وڃي جو شعر جو حظ حاصل ئي ڪري نٿو سگهجي. مثلاً هيٺيان شعر جيتوڻيڪ خيال جي لحاظ کان وڻندڙ آهن پر ٺيٺ ۽ ڏکيا لفظ انهن جي سونهن ۽ ميٺاج کي جهڪو ڪري ٿا ڇڏن.

نينهن جا پيا منجهه نرن جنهن کي نير

تئن ٽڪر ٿي ٽنگ جيئن ڏي ٽيڙ ٽپ.

 

چشم تنهنجا آهن چشمو لاءِ تا سئل عشق جي

آب ڪوثر جو اڃين لئي حاسدن لئي ٺار ٺنڀ.

انگريزن سنڌ ۾ 1843ع ۾ پير پاتو ۽ خليفي سندن آمد کان تيرهن سال پوءِ وفات ڪئي پر ان ٿوري عرصي ۾ به ڪجهه انگريزي لفظ ايتريقدر مروج ٿي ويا هئا جو خليفي گل انهن کي پنهن جي شاعري ۾ استعمال ڪيو آهي. جهڙوڪ پستول، جج، براڪون (Barracks) مثال:

پستول پريت تنهن جي پائي

منجهه جان جگر چلايا ڇرا.

عشق جو علم عرف عين بيان

ڪين سمجهي تنهين قاضي ججهه.

گل پنهن جي غزلن ۾ وقت به وقت سنڌي ترڪيبون، محاورا، تشبيهون ۽ استعارا استعمال ڪيا آهن، اهڙي طرح هن پنهن جي غزل ۾ سنڌي ماحول جو بنياد رکيو مگر اڳتي هلي سنڌ جا غزل گو شاعر پارسي ۽ اردو شاعري جي اثر هيٺ ان کان منهن موڙي، ڌاري ماحول ۽ زبان جي واڳ وٺي اڳتي هلڻ لڳا. هيٺين شعرن ۾ هن پنهنجون ٺيٺ مقامي تشبيهون استعمال ڪيون آهن.

عاشقن جي درد جي ناهي دوا ڪا وصل ري

پر دلاسو دوست جو آهه جئن پاڻيءَ کي ڇاٻ.

مانڊيءَ محبت جي هنيو، من تي منڊي ڪو منهن جي منڊ

ڏک ڏول بت ٿو ڦري، جيئن منجهه هٿئي چوطرف جنڊ.

گل جي اڪثر غزلن جا قافيه ۽ رديف سنڌي آهن. اهڙي طرح هن سنڌي غزل ۾ سنڌي رنگ ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر پوين دورن ۾ سندس انهيءَ روايت کي گهڻي قدر نظرانداز ڪيو ويو. هن عربي ۽ پارسي حرفن سان گڏ ٺيٺ سنڌي حرفن تي به غزل چئي ديوان تيار ڪيو تنهن ڪري اڳتي هلي سڀني شاعرن هن جي پيروي ڪئي ۽ سندن ديوان تڏهن مڪمل سمجهيا ويا جڏهن هنن سنڌي حرفن مطابق پنهن جي ديوانن جي ترتيب ڏني.

خليفي گل جهڙي طرح ڪٿي ڪٿي لفظن جي صحت جو پورو خيال نه رکيو آهي، تهڙي طرح هن ڪٿي ڪٿي سنڌي قافين جي استعمال ۾ لفظن کي پنهن جي گهرج آهر تلفظ ڏئي ڇڏيو آهي. مثلاً هيٺين ٻن شعرن ۾ هڪ هنڌ ”هيج“ جو اچار صحيح ۽ ٻي هنڌ پنهن جي ضرورت آهر ”هيڄ“ ڪري ڇڏيو آهي.

 

سور ٿيو سينگار جنجو ڏک تنيجو آهه ڏيج

ورهه ووءِ ووءِ ٿيو وروهڻ هاءِ هاءِ آهه هيج.

پر آ بت پرت جو پويون پسارو،

پڇاڙي ڏين پيڙون، مهڙ ۾ هيج.

هيٺين شعر ۾ تات، وات، رات، ڪات، وغيره قافين جي لڙهه ۾ ”چاوت“ کي ”چات“ ڪري ڪم آندو اٿس.

درد آهي دل ۾ دائم درمندن کي ضرور

صبر وارا پاڻ پيڙن ڪين وجهن ڪنهن ساڻ چات.

خليفي پنهن جي سنڌ جي وستين، واهڻن، هنڌن ماڳن، هنرن ۽ ڌنڌن، ڪاسبين ۽ ڪاريگرن، هارين ۽ نارين جو غور سان مشاهدو ۽ مطالعو ڪيو آهي، پنهن جي ديس واسين جي اٿڻي ويهڻي، روزمره جي زندگي، ڪم ڪارين کان هن کي ڀلي ڀت واقفيت آهي، اهو ئي سبب آهي جو هن جي ڪلام ۾ پنهن جي ديس جي جدا جدا ڌنڌن ۽ هنرن جو ذڪر ڪثرت سان ملي ٿو، جنهن هن جي غزلن ۾ سنڌي ماحول قائم ڪري ڇڏيو آهي. هو پنهن جي شعرن ۾ مقامي ماحول جو ذڪر ڪري ان مان مجاز ۽ تصوف جا نقطا بيان ڪري ٿو.

 

هيٺين شعر ۾ نيروري جي ڪپڙن کي رنگ ڏيڻ واري هنر کي بيان ڪري مجاز جي مام سمجهائي ٿو:

نير رنگ واڌو ڪڍي منجهه جهڳ جهٻ،

عشق وارو وڌ وڌي منجهه لوس لٻ.

هيٺين شعر ۾ هو موت جي فلسفي کي هارين جي کرڙا ۽ روت هڻڻ جو مثال ڏئي سمجهائي ٿو ته جهڙي طرح هاري سلا هڪ هنڌان پٽي ٻئي هنڌ هڻندا آهن، تهڙي طرح انسان به هن دنيا مان رحلت ڪري ٻي دنيا ۾ جاودان زندگي حاصل ڪري ٿو.

لڏيو جاءِ هڪ مان وهن جاءِ ٻي

هڻن جئن ٿا هاري کرڙا ۽ روت.

هيٺين شعر ۾ هن ڪورڪي هنر جو ڪهڙي باريڪ بينيءَ سان مشاهدو ڪيو آهي، تنهن جو پتو پوي ٿو:

پائي پيٽ تاڃيءَ ۾ پيرن پڌار

ٿيا ڳڍجي گل مڙيئي ڳوپ ڳوت.

خليفي گل پنهن جي غزلن ۾ سنڌ جي مقبول ۽ مشهور لوڪ ڪهاڻين مان تلميحون بيان ڪري ۽ سسئي، سهڻي، مارئي وغيره جو ذڪر ڪري سنڌ جو مقامي افسانوي رنگ ڀريو آهي ۽ پنهنجو سنڌي ماحول پيدا ڪيو آهي.

ميهر ۾ سهڻي ڇا ڏٺو، ڇا کير هو ڪنهن جو اٺو

جهوري وڌي جنهن جهول ۾ سالڪ سچا ڏي مون خبر.

-

ڪيچي ويا ڪيچ کي ڇڏي سسئي

ننڊ ۾ رات کي چڙهي سر چانگ.

غزل پارسي جي مقبول ترين صنف آهي، خليفي گل به پارسي غزلن کان متاثر ٿي سنڌي ۾ غزل چوڻ شروع ڪيا. ٿيڻ ته ائين کپندو هو ته پهرين غزل گو شاعر جي حيثيت ۾ هو اهي سڀ لوازما سنڌي غزل ۾ سموهي جيڪي پارسي غزل جو حسن ڪري ليکيا ٿي ويا يا جن کان متاثر ٿي هن سنڌي ۾ غزل چوڻ شروع ڪيو هو. پر هن انهن پارسي لازمن جهڙوڪ ترڪيبن، تشبيهن، استعارن ۽ ماحول ۽ زبان جي چٽساليءَ کان گهڻي حد تائين پرهيز ڪئي هئي، جيڪي پارسي غزل جا زيب و زينت تسليم ڪيا ويندا هئا. انهن جي ڀيٽ ۾ هن غزل ۾ سنڌ جي مقبول شاعري جي صنفن جي روايتن ۽ مقامي ماحول کي پنهن جي غزل ۾ اهميت ۽ مٿاهون مقام ڏنو، ان جي باوجود جي ديوان گل جو غور سان مطالعو ڪبو ته خليفو پارسي شاعري جي اثر کان پنهنجو دامن بچائي نه سگهيو آهي، پارسي شاعري جي خيالن ۽ روايتن جي آلاڻ سان سندس غزلن جو دامن ڪنهن حد تائين تر آهي. جنهن جي وڏي ثابتي ته اها آهي ته هن جي ديوان جي پهرين غزل جو پهريون شعر:

پيالو مي سندو ڏي پر ڪري محبوب متوالا

ته مستيءَ ۾ محبت جي ڪڍون هن هوش کي حالا.

حافظ شيرازي جي هن شعر جو ترجمو ٿو لڳي:

ساقيا برخيز در دهه جام را

خاڪ برسر کن غم ايام را.

سندس ديوان ۾ ڪجهه اهڙا به شعر ملن ٿا جيڪي ايران جي مشهور شاعرن جي شعرن جو تتبعو يا سرقو معلوم ٿين ٿا.

خليفو گل جيتوڻيڪ پنهن جي ڪلام ۾ مقامي ماحول قائم رکڻ ۾ ڪامياب ويو آهي پر سندس ڪلام ۾ ڪٿي ڪٿي ايراني ماحول جي جهلڪ ڏسڻ ۾ اچي ٿي ساقي، مي ۽ قدح پارسي غزل ۽ ايراني ماحول جون علامتون آهن. خليفي گل به پنهن جي غزلن ۾ ان جو ذڪر ڪيو آهي، سندس هڪ غزل جنهن جو رديف ئي ”ساقي قدح“ آهي ان جو مطلع آهي؛

مون کي هنيون هورون هڻي ڪوڏي ڀري ساقي قدح،

کانئي وڌو کورون کڻي، ڪوڏي ڀري ساقي قدح.

گل لاله، ريحان وغيره ايراني شاعري جو سينگار آهن. هو جنهن وقت محبوب جي هٿان مي پيڻ ٿو چاهي ان وقت هو خواهش ڪري ٿو ته اهي ايراني گل سندس سامهون هجن؛

مي هٿان محبوب پيڻ آهي وڏي مراد

پو ٽڙيل مهندا، اکن گل لاله و ريحان شرط.

ايراني شاعرن پنهنجن گلن سان محبوب کي ڀيٽ ڏئي سندس حسن جي واکاڻ ڪئي آهي. خليفي گل به ساڳي روايت کي برقرار رکندي چوي ٿو:

ڏسڻ مان تنهن جي اي باغ حسن مون کي سريا ٿي گل

تنهنجو مک گل، زلف سنبل، منهن جي دل جيئن گل لاله.

شمع ۽ پرواني جي ذڪر سان ايراني شاعري جا ڪتاب ڀريا پيا آهن. خليفو گل به پنهن جي هڪ غزل ۾ جنهن جو رديف ئي شمع آهي، شمع ۽ پرواني جو بيان ايراني انداز ۾ هيئن ٿو ڪري:

پاڻ تنهن تان ٿو ڪري صدقي پتنگ

ٿي پري دلبر اڳيان جنهن وار شمع.

خليفي گل جتي پنهن جي مقامي داستانن مان تلميحون ۽ سنڌ جي مشهور روماني شخصيتن جو ذڪر ڪيو آهي اتي هن ايران جي مقبول قصن، رومانوي ڪردارن ۽ صوفي بزرگن جو به ذڪر ڪيو آهي.

ليليٰ ۽ مجنون:

ليليٰ ڇوڙائي سير جٿ، مجنون کان رت ويو ڏس ته ڪٿي

مون کي وڌو ات ڏول ۾ سالڪ سچا ڏي مون خبر.

محمود ۽ اياز:

عشق سائينءَ کي ڪري ٻانهو غلام

ڏس ته ڪيئن ٿيو شاهه محمود و اياز.

صنعان ۽ منصور:

صنعان جي ذلت جي، منصور جي ملت جي،

ملن سين مام ٻولڻ، آهي عبث آهي عبث.

خليفي گل جي گهڻي ڪلام جي ٻولي نج ۽ ٺيٺ سنڌي آهي پر هن جي غزلن ۾ پارسي لفظن جو استعمال به ڪثرت سان ٿيل آهي، هن جي ڪن شعرن ۽ غزلن جي پارسي آميز زبان موجوده دور جي غزلن جهڙي ٿي لڳي. هن غزل جي ٻولي ملاحظه ڪريو:

وجهه تنهنجو وجود کي جامع،

شان دلبر شهود کي جامع.

نور بيرنگ رنگ ۾ پڌرو،

سڀ نظر ۽ نمود کي جامع.

حڪم ملڪ ملڪ کي آهه محيط،

علم نابود بود کي جامع.

قرب قابض ڪمال قدرت سين،

آهه مسلم هنود کي جامع.

آهه نوڙڻ نياز تنهن جي پيش،

قيام رڪع و سجود کي جامع.

گل جو جيءُ ڏيڻ پرين اڳيان،

آهه سڀ نفع سود کي جامع.

خليفي جي ڪن غزلن جا رديف پارسي آهن ۽ ڪيترن غزلن جا قافيه پڻ پارسي آهن. هڪ غزل جنهن جو مطلع آهي:

ٿا پين عاشق خوشيءَ ۾ شوق جي رت جو شراب

ٿا پچائن پاڻ پنهنجو ڪيو جگرو جيرو ڪباب.

شراب، ڪباب، ثواب، عذاب، رباب، لعاب ۽ آب جملي پارسي قافيه استعمال ڪيا آهن.

هن جي ڪن شعرن ۾ زير اضافت به ڏسڻ ۾ اچي ٿي.

ان جون اکيون حوضِ ڪوثر، آبِ زمزم، آبِ خضر،

رت رحيقِ روح راحت جان جو ٿئو جئن گل آب.

 

خليفي گل جي ڪلام تي پارسي شاعري جي اثر جي مٿي بيان ڪيل جائزي جي مدنظر چئي سگهجي ٿو ته اهو نهايت گهٽ هو، پر اهو سلو اڳتي هلي سنڌ جي ٻين غزل گو شاعرن جي ڪلام ۾ وڌي وڻ ٿيو ۽ وڻ ويڙهيءَ وانگر سندن خيالن ۽ ٻوليءَ کي ويڙهي ويو.


(1)  نبي بخش بلوچ ڊاڪٽر ”ڪليات سانگي“ ص 62

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org