سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سنڌي غزل جي اوسر

صفحو :48

 

محمد زمان ”طالب الموليٰ“

 

]6 آڪٽوبر 1919ع -  [

مخدوم محمد زمان ولد غلام محمد صديقي سهروردي هالن جي حضرت مخدوم نوح جي اولاد مان سورهون سجاده نشين آهي. سندس تعليم ۽ تربيت سندس والد ماجد ڪئي. 1945ع ۾ پيءَ جي جاءِ تي سجاده نشين ٿيو.

 

مخدوم صاحب هڪ ئي وقت پير، شاعر ۽ سياستدان آهي، سندس سرپرستي هيٺ ڪيترا رسالا ۽ اخبارون شايع ٿيون، جن ۾ هفتيوار ”الزمان“ ۽ ”پاسبان“ هالا، ماهوار ”فرودس“ هالا، ماهوار ”طالب الموليٰ“ دادو، ماهوار ”شاعر“ حيدرآباد ۽ ماهوار ”روحِ ادب“ حيدرآباد جا نالا قابلِ ذڪر آهن.

 

مخدوم صاحب جمعيت الشعراءِ سنڌ جو صدر ۽ ”بزم طالب الموليٰ“ سنڌ جو سرپرست رهيو آهي. ڪيتري وقت تائين ”سنڌي ادبي بورڊ جو صدر ۽ لطيف يادگار ڪميٽي جو ميمبر رهيو آهي.

مخدوم صاحب سنڌ اسيمبلي ۽ قومي اسيمبلي جو ميمبر پڻ رهيو آهي.

شاعري ۾ سندس هيٺيان تخلص رهيا آهن: بيوس، فراقي، زمان شاهه، طالب. مگر 1941ع کان طالب الموليٰ تخلص اختيار ڪيو اٿائين.

مخدوم صاحب جا هن وقت تائين ٻارهن کن ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن، جن مان هي ڪتاب مشهور آهن: بهارِ طالب، رباعيات طالب، مثنوي عقل و عشق، ڪافي، بياض طالب الموليٰ، يادرفتگارن ۽ ڇپر ۾ ڇڙيون.

مخدوم طالب الموليٰ جو غزل تصنع ۽ تڪلف کان آجو آهي. سندس ٻولي سادي، خيال سادا پر وڻندڙ آهن. سندس غزلن تي سندس ڪافي جو رنگ چڙهيل آهي.

ڪلام جو نمونو

اسين مڪينِ سرِ رهگذرِ يار آهيون،

اسين فدائي نگاههِ شرارِ يار آهيون.

 

ڌڪي جي ڌار ڪيو دلربا ته ڇا ٿي پيو،

سندس ئي در سان هر وقت همڪنار آهيون.

 

اندر ۾ درد و غم و رنج بي شمار آهن،

اڪيلا آهيون مگر پاڻ ۾ هزار آهيون.

 

اسان کي ڪين ڏسو پنهنجو پاڻ ڏي ئي ڏسو،

اسين جي ڪهڙا به آهيون، اوهان جا يار آهيون.

 

خطا معاف، ڪناره ڪشي غلط آهي،

اچي جي ويجهو ڏسو، ڏاڍا قربدار آهيون.

 

نشست آهي سرِ راهه ”طالب الموليٰ“

ڪنهن جي ڪاڻ سدا وقفِ انتظار آهيون (1).

-

هڪڙي ادا ڪا چئجي دلربا نه آهي،

هڪ هڪ نگاهه ان جي ڇا معجزانه آهي.

 

مون وصل جي صدا ڪئي، هو هجر ڏئي هليو ويو،

جيڏي سزا ڏني وئي، تيڏي خطا نه آهي.

 

ٻي هر صنف ۽ خوبي دنيا جي آهه ان ۾،

هڪڙي وفائي ڪانهي ٻيو ڇا ڀلا نه آهي.

 

سيني جي زور تي ئي ڪشتي ڌڪيان پيو پنهنجي،

آهي خدا ته ساڻي، پر ناخدا نه آهي.

 

تشخيص ئي غلط ٿي، بيمار عشق جي نه ته،

ڪهڙي دوا سا هوندي جنهن کان شفا نه آهي.

 

مولا ٿو ڄاڻي طالب، جنهن سان ڪيم محبت،

ان کان پري به هوندي، ڪا دل جدا نه آهي (2).

-

مظفر ”جوش“

]22 ڊسمبر 1919ع -  [

مظفر حسين ولد حاجي محمد حسين تخلص ”جوش“ سنڌ مدرسته الاسلام جي معمار خانبهادر حسن علي آفندي جو پوٽو آهي. سندس ولادت خيرپورميرس ۾ ٿي جتي سندس والد متعمد خاص ۽ منصف جي عهدي تي هو. هن سنڌ جي مختلف اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪئي مگر مئٽرڪ پاس ڪري نه سگهيو. ٻي وڏي جنگ ۾ رائل انڊين نيوي ۾ ڀرتي ٿيو جتان 1946ع ۾ موٽي آيو جنهن کان پوءِ مختلف هنڌن تي نوڪري ڪيائين. موجوده وقت ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ اسڪرپٽ رائيٽر آهي.

 

جوش جو تعلق بزم مشاعره خليل ۽ جمعيت الشعراءِ سنڌ سان رهيو آهي. هو غزل جو شاعر آهي، سندس غزل معياري هوندو آهي. جنهن جون بندشون ۽ ترڪيبون دلاويز هونديون آهن.

 

ڪلام جو نمونو

جهانِ عشق ۾ ديوانه وار آياسين،

اوهان جي راهه ۾ مثلِ غبار آياسين.

 

اسان کي پنهنجي وفائن جو ڪو صلو نه مليو،

اگرچه دل ۾ کڻي تنهنجو پيار آياسين.

 

اسان جا اشڪ ته افسوس گل بڻي نه سگهيا،

اوهان جي بزم ۾ گو اشڪبار آياسين.

 

نه انتها ۾ خوشي ۽ نه ابتدا ۾ سڪون،

وياسين گريه ڪنان سوگوار آياسين.

-

اسين لنگهياسين ته آيو قدم قدم تي نکار،

وگرنه عرصي کان ويران هئي راهِ دارو رسن.

 

اوهان جي چشم مان ڳوڙها ڪريا ته ٿيا افجم،

اسان جا شعر زماني ۾ لڙڪ ٿا ڏسجن.

 

نه تابِ عرضِ تمنا نه ضبطِ جوشِ جنون،

اسان جا اهڙي ڪشاڪش ۾ ڏينهن ٿا گذرن.

-

 

غلام محمد گرامي

]30 ڊسمبر 1920ع – 15 سيپٽمبر 1976ع[

غلام محمد ولد جاڙو خان بلوچ، تخلص ”گرامي“ جا وڏا ديري غازي خان مان لڏي اچي سنڌ ۾ رهيا هئا. هن عربي ۽ پارسي جي تعليم ميهڙ ۾ حاصل ڪئي. 1943ع ۾ جامع عربيه تحريڪ ۾ حيدرآباد ۾ آيو جنهن کان پوءِ 1954ع تائين ٽريننگ ڪاليج فارمين ۾ فارسي جو استاد مقرر ٿيو.

 

”گرامي“ کي ڪيترن ماهوار رسالن جي ايڊيٽر هئڻ جو شرف حاصل ٿيو، جن مان ”آفتاب“ ڪراچي، ”عرفان لطيف“ حيدرآباد ”پاسبان“ هالا، ”الزمان“ هالا، ”ترجمان“ ميرپورخاص ۽ ”شاعر“ حيدرآباد جا نالا قابلِ ذڪر آهن، پر هن 1955ع کان وٺي آخري وقت تائين سنڌي ادبي بورڊ جي سه ماهي رسالي ”مهراڻ“ جي ايڊيٽر جي حيثيت سان جيڪا سنڌي ادب جي خدمت ڪئي سا سدا ياد رهندي.

 

گرامي جا ناتا بزم بلبل ميهڙ، بزم آفتاب ادب دادو، بزم مشاعره لاڙڪاڻه، بزم طالب الموليٰ سنڌ ۽ جمعيت الشعراءِ سنڌ سان گهرا رهيا. هو جمعيت الشعراءِ سنڌ ۽ بزم طالب الموليٰ سنڌ جي عهدن تي پڻ رهيو.

 

گرامي ڪيترائي ڪتاب لکيا ۽ ترتيب ڏنا آهن، جن ۾ ”ڪلامِ بلبل“ ۽ ”ديوان بلبل“ خاص اهميت رکن ٿا.

گرامي جيتوڻيڪ شاعري جي مختلف صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي پر هو بنيادي طرح غزل جو شاعر هو. پارسي ديوانن جي ڪثير مطالعي ۽ بزم مشاعرن سان گهري ناتي سبب سندس غزلن تي پراڻو رنگ ڇانيل هو ۽ سندس ٻولي پارسي آميز گلقند هئي جا ڪڏهن ڪڏهن مشڪل به ٿي ويندي هئي. ڪيترن غزلن ۾ هن نوان ۽ وڻندڙ خيال پڻ پيش ڪيا آهن. غزل ۾ سندس درجو استادن وارو هو.

 

احمد خان ”آصف“ ۽ ”ساجد“ سرشاري گرامي جي وفات جو مادهِ تاريخ هنن قطعن ۾ بيان ڪيون آهن:

آصف هو مومن موحد گرامي،

هو رجل غلامِ محمد گرامي.    (آصف) (1).

ادب جو هو جامعه فضيلت گرامي،     1396ع

اديبن جو خورشيد طلعت گرامي.   1976ع.

(ساجد سرشاري) (2).

 

ڪلام جو نمونو

راهزن راهبر، راهه پيچيده تر، هر قدم پُرخطر،

زندگي مختصر، ڄڻ سفر در سفر، گامزن تيز تر.

 

ساقيِ با هنر، تنهنجي ميخانه در، آيا اهلِ خبر،

اُٿ ڪو ساغر ته ڀر، جنهن ۾ ٿيو موجزن، منهنجو خون جگر.

 

بيخبر ساربان، لٽجي ويو ڪاروان، ٻڌ ته شور و فغان،

آيو دور خزان، وڍجي ويا پال و بر، ڪنهن کي ڪنهن کي خبر.

 

حيف، رنج و الم، شور ماتم ۽ غم، ڪين همدم نه دم،

ساقيِ محتشم، ابنِ آدم جي لئي، ڪجهه ته ٿي چاره گر.

 

هيڏا دار و رسن، قيد ۾ فڪر و فن، زندگي بي ڪفن،

پنهنجو تن ۽ نه من، تابڪي بي دهن، ننڊ ۾ ديده ور.

 

تنهنجو مشڪڻ کلڻ، تنهنجو ريجهڻ رسڻ، تنهنجو لوڌڻ سڏڻ،

توتان صدقي ٿيان، تنهنجي حسنِ ادا، تنهنجو حسن نظر.

-

نواءِ دل کي سوز ڏي دل و جگر فگار ڪر،

وڌاءِ داغ دل سندا، جهان کي لاله زار ڪر.

 

فروغ گل به بي ثبات، جام گل به بي فروغ،

تنين تي پنهنجي شاعريءَ کي ڪين بي وقار ڪر.

 

خزان ڏسي اي نغمه خوان، ڪجي نه ناله و فغان،

خزان کي رنگ نوبهار ڏي ۽ نوبهار ڪر.

 

جمالِ حسن کي ڏسي، جلال زندگي نه ڇڏ،

ڪمالِ بندگي ڏي وڌ، خودي نه داغدار ڪر.

 

خوديءَ ۾ ٿيو خدا نهان، خدا ۾ ٿي خودي عيان،

خودي کي آشڪار ڪر، خدا کي آشڪار ڪر.

 

ٿو سچ چوان لڳئي نه مچ ”گرامي“ ميڙ ڪين ڪچ،

گهر شناس جي مٿان، دل و نظر نثار ڪر.

-

 

شفيع محمد ”اوج“ علوي

(14، آڪٽوبر 1921ع – 1 نومبر 1972ع)

 

شفيع محمد ولد در محمد علوي تخلص ”اوج“ شڪارپور جي مشهور علوي خاندان مان هو. هن خاندان ۾ ڪيترائي شاعر ٿي گذريا آهن، تنهن ڪري ائين ئي چئي سگهجي ٿو ته شاعري هن کي ورثي ۾ ملي. شاعري ۾ سندس استاد محمد اشرف ”اشرف“ علوي ۽ مير صفي الله ”فدا“ علوي هئا. سندس شروعاتي ڪلام هفتيوار ”الحقيقت“ لاڙڪاڻه ۽ سنڌ زميندار سکر ۾ شايع ٿيندو هو، جيڪي ان وقت جون برک اخبارون هيون.

 

اوج 1940ع ۾ شڪارپور ۾ سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي جي شاخ ۽ ڪراچي ۾ شيوا ڪنج هاسٽل ۾ سنڌي ادبي مجلس برپا ڪئي هئي جن جي ماتحت مشاعرا منعقد ڪيا ويندا هئا. هو ڪجهه سالن تائين مشاعري کان ڪناره ڪش رهڻ کان پوءِ الله بخش عقيلي جي ڪوٺ تي محفلِ احباب ڪراچي جي مشاعرن ۾ شريڪ ٿيڻ لڳو ۽ نئين سر شاعري شروع ڪيائين ۽ ڪجهه وقت تائين کيس محفلِ احباب جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. ڪراچيءَ ۾ جڏهن عبدالعزيز بيدل، محمد خان سارنگ، ساجد سرشاريءَ بزمِ محراب ادب جو بنياد رکيو ته اوج پڻ ان جي بانين مان هو. هو رائيٽرس گلڊ جو سرگرم ڪارڪن هو.

 

اوج سڄي زندگي سنڌ اطلاعات ۽ پوءِ اولهه پاڪستان اطلاعات کاتي سان وابسته رهيو. سندس وفات ڄامشورو اسپتال حيدرآباد ۾ ٿي، جتي هو ڪجهه ڏينهن کان زير علاج هو.

 

ڪلام جو نمونو

ستم ٿو سهان روز چرخِ ڪهن کان،

گهڻو آهيان نالان رنج و محن کان.

 

اي برقِ تپان ڇو جلائين ٿي گلشن،

خطا ڪهڙي سرزد ٿي اهل چمن کان.

 

برن کان ڀلائي ڪڏهن ڪانه ٿيندي،

ٿيندي ته ٿيندي چڱائي چڱن کان.

 

زماني جي تقليد کان ڪر ڪنارو،

نيارو ٿي رهه تون زمين و زمن کان.

 

سندءِ اوج کي ٻيا ڪي شاعر نه رسندا،

گهڻي هي بلندي ٿي زاغ ۽ زغن کان (1).

-

بياد ڪنهن جي رهي چشم اشڪبار اڃا،

نگاههِ ناز کان ڪنهن جي ٿي دلفگار اڃا.

 

سگهو اچي تون گلستان ۾ جلوهه آرا ٿي،

بهار آهي چمن کي نه سازگار اڃا.

 

گهڻائي اهلِ وفا پائمال ٿي ويندا،

رهيو جي جڳ تي حسينن جو اقتدار اڃا.

 

مرڻ کان پوءِ به هي داغ دل تي ڪم آيو،

جلي ٿو شمع فروزان ٿي بر مزار اڃا.

 

فلڪ تي ڇائي گهٽا ۽ فضا به مستانه،

ڇو ميڪدهه ۾ نه آيو آ بادهه خوار اڃا.

-

 

دوست محمد ”ساجد“ سرشاري

]15، اپريل 1922ع – [

دوست محمد ولد ولي محمد سمون تخلص ”ساجد“ جهوڪ شريف جي بزرگن جو مريد ۽ معتقد آهي. سندس طبع فقيرانه ۽ صوفيانه آهي، تنهن ڪري هر ڪو کيس صوفي ڪري سڏيندو آهي. هن کي سنڌي ادب ۽ شاعري سان عشق آهي، انهيءَ عشق سبب هو ڪراچيءَ جي بزم مشاعرن جو سرگرم ڪارڪن رهيو آهي. محفلِ احباب مهراب، ادب بزم نظامي، بزم طالب الموليٰ ۽ بزم اسير جي ترقي ۽ واڌاري ۾ هن جون خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن. محمد جمن هالي سان گڏجي هن بزم طالب الموليٰ جي سهاري هيٺ ڪيترا سال ماهوار مشاعرا منعقد ڪري سنڌي غزل جي سرپرستي ڪئي آهي. ”ساجد“ جو ناتو جمعيت الشعرا سنڌ ۽ سنڌي ادبي سنگت (ڪراچي) سان به گهرو رهيو آهي. عقيلي ”سرشار“ سندس شاعري ۾ استاد هو تنهن ڪري هو پاڻ کي سرشاري سڏائيندو آهي.

 

ساجد سنڌ گورنمينٽ پريس (ڪراچي) ۾ ڪم ڪندو آهي.

 

ساجد جي شاعري تي قديم رنگ غالب آهي. سندس ٻولي وڻندڙ ۽ صاف خيالن تي مجاز کان زيادهه تصوف جو رنگ آهي. سندس غزلن ۾ اخلاق ۽ انسانيت جا آدرش آهن. سندس غزلن پڙهڻ سان هڪ روحاني سرور حاصل ٿئي ٿو.

ڪلام جو نمونو (1)

زلفِ دراز تنهنجي جنهن جي آهي دل وٽي،

تنهن بادهه ڪش کي ساقي ڏي مي جي ڀري وٽي.

 

بيماري اڳ جا هئي سا وڌي اڄ نڪي گهٽي،

تنهنجي فراق ۾ ٿي رهي دل سدا ڦٽي.

 

هي بهترين خريد ٿي، هي بهترين فروخت،

عاشق جي دل سڄڻ جي نگاهه سان مٽي سٽي.

 

ڪن کي ته جان من تون سرِ راهه ٿو ملين،

۽ ڪي ته موٽي ويا تنهنجي گهر جي گهمي گهٽي.

 

ساجد اهو ئي سمجهندو منهنجي حديثِ عشق،

جنهن عمر عشقِ يار ۾ هوندي سڄي ڪٽي.

-

عشق آ ڇا هي مبادلو آهي،

دل سان دل جو معاملو آهي.

 

منهنجو الفت ئي مشغلو آهي،

ڪين ڪنهن سان مجادلو آهي.

 

پنهنجي پيرن تي بيهه اي همدم،

ڪوبه ڪنهنجو نه ڀرجهلو آهي.

 

ڪلهه هو جيڪو امير و مسڪين ۾،

اڄ به ساڳيو ئي مفاصلو آهي.

 

عاقلانِ جهان جي پيش نظر،

امن عالم جو مسئلو آهي.

 

هاءِ ساجد کي ڀي ويو وسري،

وقت ڪيڏو نه چلولو آهي.

-

 

فيض الله ”فيض“ بخشاپوري

]1922ع – [

فيض الله ولد مصري خان ڊومڪي بلوچ تخلص ”فيض“ جو ڳوٺ بخشاپور ضلع جيڪب آباد ۾ آهي. کيس ننڍپڻ کان وٺي شاعري جو شوق هو مگر سردار مير تاج محمد ڊومڪي جي صحبت جي اثر هيٺ باقاعده شعر لکڻ لڳو.

 

فيض نه صرف جيڪب آباد ضلعي جي مختلف بزم مشاعرن ۾ سرگرمي سان بهرو وٺندو رهيو آهي، پر سنڌ جي مختلف بزم مشاعرن ۾ پڻ شريڪ ٿيندو رهيو آهي. هن 1956ع ۾ جيڪب آباد مان هڪ علمي، ادبي ۽ سياسي هفتيوار اخبار جاري ڪئي، جنهن جو ايڊيٽر هو پاڻ هو. سندس ڪلام جا هيٺيان مجموعا شايع ٿي چڪا آهن.

 

فيض مشهور غزل گو شاعرن مان هڪ آهي. خاص طرح مشڪل پسندي ڪري سندس شهرت زيادهه آهي. فيض جي ڪلام جو استادانه رنگ آهي سندس ڪلام ۽ ٻولي تي پارسي شاعري جو گهرو اثر آهي، پر سندس ڪلام ۾ تخيل جو پرواز ۽ فڪر جي گهرائي آهي.

 

ڪلام جو نمونو

خيالِ ڪاڪلِ پيچان ۾ پيچ و تاب هجي،

شبِ فراق ۾ تا سحر اضطراب هجي.

 

خطاب غير ڏي روءِ سخن هجي مون ڏي،

صنم حجاب جي پردي ۾ بي حجاب هجي.

 

مران ٿو رشڪ کان قاصد سان، هم ڪلام نه ٿي،

بضبط خط ۾ لکي ڏيس جو جواب هجي.

 

جمال تنهنجي گهڻا خوبرو خراب ڪيا،

نه تون ئي هجين ها، نه ڪو خراب هجي.

 

نديم صحبتِ رنگين تي دوجهان قربان،

شراب ناب هجي، يار پر شباب هجي.

 

برنگِ فيض ڪوئي، بادهه مست عشق رهي،

جگر ڪباب هجي، خونِ دل خراب هجي (1).

-

دلِ وحشي نه آهي دلربا جي پيار جي قابل،

نه چشمِ ناز سا آهي رخِ انوار جي قابل.

 

ڪيان ڇو ڪعبه و مندر ۾ آخر مان جبين سائي،

جبينِ شوق آهي منهنجي پاءِ يار جي قابل.

 

رهڻ ڏي داستان دل کي ٿئين متان رسوا،

نه آهي رازِ دل اي رازدان اظهار جي قابل.

 

طبع پرخار کان گهريم، لبِ گل رنگ جو بوسو،

چيو هن جوش ۾ ڀرجي، آهين سنگسار جي قابل.

مقيدِ بي قضا هن کي ڪيئه ڇو دام گيسو ۾،

نه آهي مرغِ دل اي گلشن رخ ڄار جي قابل.

 

قرار ايندو ڪٿي، شهر خموشان ۾ نه دفنايو،

هي لاش ”فيض“ آهي ڪوچئه دلدار جي قابل (2).

-


(1)  ”نئين زندگي“ ص 38، ماهه سيپٽمبر 1963ع.

(2)  ”نئين زندگي“ ص 49، ماهه ڊسمبر 1969ع.

(1)  ”الرحيم“ (حيدرآباد) ماهوار، ص 35، ماهه نومبر ڊسمبر 1976ع.

(2)  ”بياض ساجد“ قلمي ملڪيت ساجد سرشاري ڪراچي.

(1)  ”نئين زندگي“ ماهوار ص 26، ماهه آگسٽ 1955ع، ڪراچي.

(1)  ”بياض ساجد“ قلمي ملڪيت دوست محمد ”ساجد“ ڪراچي.

(1)  فيض بخشاپوري ”خمخانه فيض“ ص 38، سنڌ زميندار پريس سکر، 1967ع.

(2)  فيض بخشاپوري، ”شعله عشق“، ص 61، اتحاد پرنٽنگ پريس جيڪب آباد، 1958ع.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org