سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سنڌي غزل جي اوسر

صفحو :42

 

سيد احمد تقي شاهه ”حنفي“ (1)

 ] 1جنوري 1904ع[

سيد محمد تقي شاهه ولد عبدالله شاهه تخلص ”حنفي“ويٺل ناري شريف تعلقه ميهڙ ضلع دادو. سندس ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ٿي، جتي کين ماستر جمع خان غريب جي استادي نصيب ٿي. پارسي جي تعليم ميان عبدالحق ڳوٺ بخشاپور کان حاصل ڪيائين. 1923ع ۾ سنڌي فائينل جو امتحان پاس ڪيائين، 1928ع ۾ سنڌي ماستري ڪيائين، 1935ع ۾ حيدرآباد ۾ ٽريننگ ڪالج ۾ تعليم ورتائين. 1939ع ۾ نوڪري تان استعيفا ڏئي پنهنجي زمين سنڀالڻ ۾ مشغول ٿيو.

 

”حنفي“ کي شاعري جو شوق ماستر جمع خان غريب جي صحبتن ۾ پيدا ٿيو. حنفي اڃا ننڍو ئي هو جو ”غريب“ کيس بزم مشاعره لاڙڪاڻي ۾ وٺي وڃڻ لڳو اتي قادري ۽ فقير جي صحبتن مان هن گهڻو حاصل ڪيو. 1925ع ۾ غريب جي همت افزائي سان هن ناري جهڙي ننڍڙي ۽ ڏورانهين ڳوٺ ۾ بزم مشاعره قائم ڪيو جنهن ۾ سنڌ جا ناميارا شاعر وقت به وقت شريڪ به ٿيندا هئا ۽ پنهنجو ڪلام به ڏياري موڪليندا هئا.

 

”حنفي“ پهرين ادبي ڪانفرنس (1921ع) لاڙڪاڻه ۽ ٻي ادبي ڪانفرنس (1924ع) حيدرآباد ۾ شريڪ ٿيو هو. 1925ع ۾ هن ”معاون“ نالي هفتيوار اخبار جاري ڪئي جا ادبي ۽ سياسي اخبار هئي جا ٿوري وقت کان پوءِ بند ٿي وئي، 1925ع ۾ خانبهادر جان محمد ڀرڳڙي حيدرآباد ۾ جيڪا مسلمان ايڊيٽرن جي ڪانفرنس ڪوٺائي هئي، تنهن ۾ به شريڪ ٿيو هو.

 

”حنفي“ بزم صوفي ۽ بزم بلبل ميهڙ جي مشاعرن ۾ به سرگرمي سان حصو وٺندو هو. موجوده وقت جيتوڻيڪ سندس عمر پنجهتر سال آهي مگر اڃا به هو جوان همت ۽ جوان عزم آهي، ڪڏهن ڪڏهن مشاعرن ۾ وڃي شريڪ ٿيندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ناري ۾ وڏا مشاعرا منعقد ڪرائيندو آهي. هن جي غزل تي قديم رنگ چڙهيل آهي.

 

ڪلام جو نمونو (1)

 

صنم سهڻا کڻو نازڪ نظر آهسته آهسته،

وهي رت ٿي هليو آهي، جگر آهسته آهسته.

 

سندءِ زلفن منجهان سهڻا رخ انور ٿيو ظاهر،

ڪڪر ڪاري مان پيو نڪري قمر آهسته آهسته.

 

ڏسي منهنجي ته قرباني اچي حيرت ۾ تون پوندين،

سڄڻ تنهنجو هليو ويندو ڏمر آهسته آهسته.

 

خود کي ڇڏ، خودي کي ڇڏ، وٺج سودو سٺو سڦلو،

وهائج تون محبت جو وکر آهسته آهسته.

 

انهيءَ ڪافر ادائيءَ سان ڪئين ڪامل ويا ڪسجي،

ابا ”حنفي“ ڇڏي وڃ تون پچر آهسته آهسته.

-

سندم اکين سندا موتي ته توکي پائڻا پوندا،

ڪريان شڪريه سندءِ ٿورا ته سڀئي لاهڻا پوندا.

 

نه جنهن ۾ عشق جون باتيون اهي دفتر اجايا ٿي،

اهي دفتر، قلم، ڪاغذ سڀئي ڦاڙڻا پوندا.

 

خرد آهي ته پو عاشق وصالِ يار ڪيئن ٿيندو،

چرين وانگر اهي هردم ته ڪڙا ڦاڙڻا پوندا.

 

سبق اهڙو مليو آهي، خوشي تقدير ۾ ناهي،

جدائي جي ته راتين ۾ هي ڳوڙها ڳاڙڻا پوندا.

 

لکيو ميثاق ۾ آهي ته پو وس ڪين آ حنفي،

حياتي جا ڏکيا ڏينهنڙا گهڻائي گهارڻا پوندا.

 

الله بخش عقيلي ”سرشار“

]21 جنوري 1907ع -15 جنوري 1971ع[

حاجي الله بخش ولد حاجي حافظ محمد صديق عقيلي تخلص ”سرشار“ ٺٽي جي قديم خاندان جو فرد هو. سرشار جو والد سنڌ جي اوائلي انگريزي پڙهيل مسلمانن مان هو ۽ ڪراچي ۾ روينيو کاتي ۾ ڪلارڪ هو. سرشار به ڪراچي ۾ تولد ٿيو. ٻاراڻي درجي کان وٺي مئٽرڪ تائين تعليم سنڌ مدرسه هاءِ اسڪول ۾ حاصل ڪيائين، جتان سورهن ورهين جي عمر ۾ 1923ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين، 1927ع ۾ بي. اي جو امتحان ڊي.جي سنڌ ڪاليج مان پاس ڪيائين. هو ڪاليج واري زماني ۾ الوحيد اخبار ۾ سب ايڊيٽر جي حيثيت سان ڪم ڪندو رهيو، 1928ع ۾ روينيو کاتي ۾ ڪلارڪ ٿي گهڙيو، جتان ترقي ڪري 1958ع ۾ ڪليڪٽري جي عهدي تان رٽائر ڪيائين.

 

سرشار کي ننڍي هوندي کان ادب سان شوق هو، جڏهن چوٿون درجو انگريزي پڙهندو هو ته پنهنجي آکاڻين جو ڪتاب ”رموزالنسا“ جي نالي سان شايع ڪرايائين. ان کان پوءِ ”دعوت اسلام“ ۽ ”مناسڪ الحج“ نالي ڪتاب لکيائين. ڪاليج واري زماني ۾ هن جا شعر سنڌ جي مختلف رسالن ۾ شايع ٿيندا هئا. پهريان تخلص فراقي هوس پوءِ مخلص جي چوڻ تي ڦيرائي سرشار ڪيائين (1).

 

سرشار کي موسيقي سان گهڻي دلچسپي هئي، هو ورهاڱي کان اڳ ”راجڪمل ميوزڪ ڪلب“ ڪراچي جو وائيس پريزيڊنٽ ٿي رهيو.

 

ورهاڱي کان پوءِ جڏهن ڪراچيءَ جون ادبي محفلون ۽ بزم مشاعره خاموش ٿي ويا هئا تڏهن سرشار 1950ع ۾ ”محفلِ احباب ڪراچي“ جي نالي سان ادبي جماعتن جو پايو وڌو. جنهن جو صدر پاڻ هو. محفلِ احباب هر ماهه محفلِ مشاعره منعقد ڪندي هئي. جنهن ڪري ڪراچيءَ ۾ شعر و شاعري جو چاهه وڌيو ۽ ڪيترا نوان شاعر ۽ ادبي جماعتون پيدا ٿيون. 1951ع ۾ ان جو الحاق جمعيت الشعراءِ سنڌ سان ڪيو ويو. سرشار محفلِ احباب جي شاعرن کي پاڻ سان گڏ وٺي سنڌ جي مختلف ادبي ڪانفرنسن ۽ بزم مشاعرن ۾ شريڪ ٿيندو هو.

 

مئي 1954ع ۾ هالن ۾ ادارهِ روحِ ادب جو بنياد مخدوم طالب الموليٰ رکيو، ان جو جنرل سيڪريٽري سرشار کي مقرر ڪيو ويو. 1955ع ۾ حيدرآباد ۾ بزم طالب الموليٰ جو پايو وڌو ويو جنهن جون شاخون سنڌ ۾ قائم ڪيون ويون. سرشار کي مرڪزي بزم طالب الموليٰ حيدرآباد جو پريزيڊنٽ چونڊيو ويو.

سرشار ڪيترو وقت سنڌي ادبي بورڊ، شاهه لطيف يادگار ڪميٽي ۽ رسالي يادگار لطيف جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر رهيو.

 

1956ع ۾ سرشار حيدرآباد ۾ ڊائريڪٽر آف سيٽلمينٽ، سروي ۽ لئنڊ رڪارڊس جي عهدي تي هو. هن ان زماني ۾ ڊاڪٽر سورلي کي جيڪو سنڌ گزيٽيئر لکي رهيو هو ضروري تاريخي ۽ معلوماتي مواد ڪٺي ڪرڻ ۾ گهڻي مدد ڪئي.

 

1956ع ۾ مخدوم محمد زمان هن کي خلافت جي پڳ ٻڌرائي خليفو مقرر ڪيو. سرشار اصل به فقير طبع جو ماڻهو هو. ان کان پوءِ هن جو ميلاپ فقيري ڏانهن زيادهه ٿي ويو. هن جي وفات 15، جنوري 1971ع ۾ ٿي. سندس وفات تي سندس پياري شاگرد ساجد سرشاري هيٺيون قطعه لکيو هو جنهن مان سندس وفات جي تاريخ معلوم ٿئي ٿي.

 

ڏسي رضوانِ جنت چيو ته اي ساجد عقيلي آهه

”غلام مصطفيٰ هن لئي“،     ”آهي آغوش – رحمت ۾.“

1390 هه                    1971ع

 

سرشار نه صرف غزل گو شاعر هو پر هو شاعر پيدا ڪندڙ شاعر هو. هن ڪيترا شاعر پيدا ڪيا جيڪي پاڻ کي پنهنجي استاد جي نالي پٺيان سرشاري ڪوٺائڻ ۾ فخر وٺندا هئا. هن جي غزل جي خاص خوبي هئي رواني، سلاست ۽ اثر. هو ڏکي کان ڏکي زمين ۾ به روانيءَ سان شعر چئي ويندو هو. هن جا خيال وڻندڙ زبان سلوڻي ۽ پختي هئي. وڏن رديفن ۽ نون قافين تي شعر لکندي مزو حاصل ڪندو هو.

 

ڪلام جو نمونو (1)

دلِ بيتاب گستاخي نه ڪر ڪا يار جي ويجهو،

لڏن جت نانگ ڪاريهر پيا رخسار جي ويجهو.

 

ڪشش ڪا حسن جي آهي جهڪي ٿي خود بخود گردن،

چمان ٿو پير قاتل جا وڃي تلوار جي ويجهو.

 

مرض هي آهه ڪهڙي شئي؟ اجل خود ڀي وڃي موٽي،

مسيحا جي اچي هيڪر هلي بيمار جي ويجهو.

 

اشارن ۾ ٿيا جي قول سي سمجهان ته ڇا سمجهان،

نڪي اقرار جي ويجهو، نڪي انڪار جي ويجهو.

 

خبر ان جي به رک، توڻي ڪرين محلات ۾ آرام،

سمهي ٿو جي گداگر ڪو سندءِ ديوار جي ويجهو.

 

 

عجب ڪونهي پيئو ڦوڪي لسيءَ کي کير جو کاڻل،

وفا جو ڪو متان نالو وٺي ”سرشار“جي ويجهو.

-

نه محفل آهه سا محفل نه جنهن ۾ يار هجي،

مگر هجي ته ائين جو هم ڪنار هجي.

 

نه هار هار ٿئي، جو نه دل جو هار هجي،

نه ٺار ٺار ٿئي، جو نه اڳ جو ٺار هجي.

 

نه تير، تير ڪو تيرِ نظر جي مٽ آهي،

نه تير، تير ٿئي جو نه دل جي پار هجي.

 

وصالِ يار جي اي دل نه آرزو ڪر تون،

ڪري سو جنهنکي قيامت جو انتظار هجي.

 

خمار ڏين ته اهو ڏي خمار اي ساقي،

جو قبر مان به اُٿان ته به اڃا خمار هجي.

 

بهار منهنجي اي سرشار دلبهار جي هٿ،

ٿيو ڇا باغ جهان ۾ کڻي بهار هجي.

-


 

عبدالفتاح ”عبد“ عاقلي

]27، اپريل 1907ع – 24، اپريل 1973ع[

عبدالفتاح ولد محمد عاقل سومرو غزل جي استاد شاعرن مان ٿي گذريو آهي. سندس والد مولوي عاقل پنهنجي دور جي نالي وارن شاعرن مان هڪ هو. سندس نظر جي فيض ”عبد“ جي شاعري کي اوج تي رسائي ڇڏيو.

 

عبد ڳوٺ عاقل تعلقي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو، جتي پرائمري تعليم حاصل ڪري مدرسه هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪيائين. پارسي ۽ عربي جي تعليم پنهنجي والد صاحب کان ورتائين. ننڍپڻ ۾ هو پنهنجي والد سان گڏجي بزم مشاعره لاڙڪاڻي ۾ شريڪ ٿيندو هو. مشاعرن جي ماحول جو مٿس اثر پيو ۽ هو شعر چوڻ لڳو، جنهن جي اصلاح پنهنجي والد کان وٺندو رهيو.

 

هڪڙي ڀيري بزم مشاعره لاڙڪاڻي جي مصرح طرح هئي:

”شبِ وصل ڇا مختصر ٿي وئي مولوي عاقل ان تي يقدم تضمين ڪئي، ”جا هڪ منٽ اندر گذر ٿي وئي“ عبد عرض ڪيو شبِ وصل کي اڃا به مختصر هئڻ گهرجي، پوءِ پاڻ هيئن تضمين ڪيائين:

”جو مغرب ٿيڻ سان سحر ٿي وئي“ (1).

عبد صاحب جي زندگي جو وڏو حصو خانگي ملازمت ۾ گذريو، مگر ڪجهه وقت هفتيوار سنڌ زميندار سکر جو اسسٽنٽ ايڊيٽر ٿي رهيو ۽ حاجي محمود خادم جي جاري ڪيل هفتيوار اخبار ”پاڪستان“ جو پڻ ايڊيٽر رهيو.

 

”عبد“ بزم مشاعره لاڙڪاڻه، سنڌي سڌار سوسائٽي سنڌ ۽ جمعيت الشعراءِ سنڌ جو سرگرم ڪارڪن هو. لاڙڪاڻي ۾ جيڪي به ادبي ڪانفرنسون ٿيون انهن جي ڪاميابي لاءِ هر وقت ڪوشش ڪندو رهيو.

 

”عبد“ 1967ع کان بيمار رهندو هو جنهن ڪري کيس ڄامشوري جي اسپتال ۾ علاج لاءِ نيو ويو جتي وفات ڪيائين. سندس وفات تي عبدالله ”اثر“ هيٺيون تاريخي قطعه لکيو:

جنابِ عبد ٿيو جنت روانو،

هيو هو صاحبِ ايمان شاعر.

اثر جنهن دم پڇيو مون سال رحلت،

چيو هاتف ”عظيم الشان شاعر“ (1).

1973ع

 

ڪلام جو نمونو (2)

قرار لاءِ ڇڏيسي سندءِ ديار نه آءُ،

عدم ڏي ويندي خدا لڳ خيالِ يار نه آءُ.

 

ڏسي ڪرم نه ٿئي خاڪ قبر جي گستاخ،

شهيدِ ناز جي تربت تي بار بار نه آءُ.

 

ستم ڪرم سان، وفا سان جفا نٿي سونهين،

پڇڻ جي لاءِ وٺي گڏ رقيبِ زار نه آءُ.

 

ڪنهين کي ٻانهن ڪلهي تي ڪنهين سان محو ڪلام،

انهيءَ ته اچڻ کان نه اچ پر هزار بار نه آءُ.

 

خرامِ ناز جي صدقو نه اچ متان ترڪين،

رهي ٿي چشم سدا منهنجي اشڪبار نه آءُ.

 

اچي ٿو موت ڇڏائڻ غمن کان هاڻ نه اچ،

گهڻو ئي ترسي ڪيم تنهنجو انتظار نه آءُ.

-

فراق و وصل کان بالا نظر ڪر،

ره الفت بڻي شهباز سر ڪر.

 

فدا هر هڪ ستم تان لک وفائون،

جفائن تي جفائون عمر ڀر ڪر.

 

سڄو افسانئه دل آ ٻه ڳوڙها،

اڃا ڀي ٿو چوي ڪجهه مختصر ڪر.

 

نشيمن ۽ چمن برباد جن جا،

نه پڃري مان ڪڍي سي دربدر ڪر.

 

نه جيئري سنگ دل کي رحم آيو،

مئي پو ڪنهن چيس هاڻي پٿر ڪر.

 

نرالي آهه تنهنجي ”عبد“ الفت،

وسايو قيس پر تون شهر بر ڪر.

-

سرور علي ”سرور“

]18 مارچ 1909ع – 27، فيبروري 1969ع[

 

سرور علي ولد حاجي نظر محمد سلاوٽ تخلص ”سرور“ جي پيدائش ڪراچيءَ ۾ ٿي مگر سندس زندگي جو وڏو حصو حيدرآباد ۾ گذريو. سندس وڏا اڍائي سئو سال اڳ جيسلمير مان لڏي اچي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مقيم ٿيا هئا. جيڪي پٿر تي اُڪر جو ڪم ڪندا هئا. سرور جيتوڻيڪ بي. اي. ايل. ايل. بي جا امتحان پاس ڪيا هئا، ان هوندي به هن پنهنجو اباڻو پيشو اختيار ڪيو هو. هو بزم خليل حيدرآباد جو سرگرم رڪن هو. کيس شاعري سان نينهن هو. هر وقت شاعري جي خيالن ۾ گم هوندو هو. سرور جو غزل هن جي دل جي گهراين مان اڀري نڪرندو هو. هن جي غزلن ۾ خيالن جي گهرائي بيان جي شوخي ۽ هڪ پُرڪيف تاثر آهي.

 

ڪلام جو نمونو

خامشي تنهنجي مجسم ناز هڪ،

ساز بي آواز آهي راز هڪ.

 

ساز دل غم سان ٿئي ٿو خوش نوا،

نغمو آهي اصل ۾ آواز هڪ.

 

عشق جي مشڪل پسنديءَ کي ڏسي،

غم جو انجام ۽ آغاز هڪ.

 

بي عدد آهن پريشان و حزين،

درد جو آهي مگر انداز هڪ.

 

نغمه زن آهي چمن اندر چمن،

هر ڪلي آهي مڪمل ساز هڪ.

 

سرورِ محزون ٿو ڳولي اي جنون،

حلقئه اغيار ۽ دمساز هڪ.

-

حسن جي هر قسم جي ڳالهه ڪريو،

درد وارن سان غم جي ڳالهه ڪريو.

 

ڪجهه منجهيل آهي منزلن جو حساب،

عشق جي هر قدم جي ڳالهه ڪريو.

 

اشڪِ شب مان ٺهي ٿو نورِ سحر،

فخر سان چشم نم جي ڳالهه ڪريو.

 

ختم ٿي ميڪشن جي بزم نشاط،

هاڻي دير و حرم جي ڳالهه ڪريو.

 

شمع روئي ٿي ۽ سڙي ٿو پتنگ،

ڪجهه ته انجامِ غم جي ڳالهه ڪريو.

 

روز ”سرور“ جو هر ستم ٿا ڳڻيو،

اڄ ته هن جي ڪرم جي ڳالهه ڪريو (1).

-


(1)  نوٽ : هي احوال سيد محمد تقي شاهه حنفي جي زباني قلمبند ڪيو ويو آهي.

(1)  ”بياض حنفي“ قلمي سيد محمد تقي شاهه ناري شريف ضلع دادو.

(1)  سرشار جو احوال سندس خود نوشته سوانح مهراڻ سه ماهي 1957ع سوانح نمبر تان ورتو ويو آهي.

(1)  ”غزليات سرشار“ قلمي سنڌي ادبي بورڊ.

(1)  ”پيغام“ ماهوار، ص 40، مئي – جون 1978ع، ميمڻ غلام مصطفيٰ مشتاق، مضمون ”عبد عاقلي.“

(1)  ”بياض اثر“ قلمي ملڪيت نظام الدين بلوچ، ٻيڙو چانڊيو، لاڙڪاڻو.

(2)  ”بياض عبد“ قلمي ملڪيت، سومرو لاڙڪاڻو.

(1)  ”نئين زندگي“ ماهوار ص 32، ماهه اپريل 1954ع، ڪراچي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org