سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سنڌي غزل جي اوسر

صفحو :45

 

 

ورهاڱي کان پوءِ

 

ورهاڱي کان پوءِ

*

- جائزو

1. عبدالڪريم ”گدائي“

2. محمد عمر ”اختر“ هالائي

3. عبدالحي ”سليم“ هالائي

4. عطا محمد ”حامي“

5. عبدالرزاق ”راز“

6. محمد زمان طالب الموليٰ

7. مظفر حسين ”جوش“

8. غلام محمد ”گرامي“

9. شفيع محمد ”اوج“ علوي

10. دوست محمد ”ساجد“ سرشاري

11. فيض الله ”فيض“ بخشاپوري

12. رشيد احمد ”رشيد“ لاشاري

13. احمد خان ”آصف“ مصراڻي

14. شيخ مبارڪ ”اياز“

15. عبداللطيف ”راز“ بلڙائي

16. سيد لطف علي ”منظور“ نقوي

17. قلندر بخش ”نثار“ بزمي

18. الله ورايو ”سليم“ ڳاڙهوي

19. علي محمد ”خالدي“

20. محمد شفيع ”انور“ هالائي

21. علي محمد ”مجروح“

22. محمد حسن ”ساز“

23. عبدالقيوم ”صائب“

24. سردار علي شاهه ”ذاڪر“

25. عزيز الله ”مجروح“

26. غازي الدين ”نشتر“ ناٿن شاهي

27. مشتاق احمد ”نياز“ همايوني

28. سيد احمد شاهه ”استاد“ بخاري

29. شيخ عبدالحليم ”جوش“

30. شمشيرالحيدري

31. محمد شعبان ”بخت“

32. رحيم بخش ”قمر“

33. نور نبي ”تنوير“ عباسي

34. سيد ناز علي شاهه ”محسن“

    ڪڪڙائي

35. غلام رسول ”آثم“ ناٿن شاهي

36. ذوالفقار راشدي.

73. امداد علي شاهه ”امداد“ حسيني

38. تاج بلوچ

39. عبدالڪريم پلي

40. مشتاق علي ”وفا“ ناٿن شاهي

 

ورهاڱي کان پوءِ

 

آگسٽ 1947ع ۾ پاڪستان وجود ۾ آيو. سنڌ جي مسلمانن هندستان جي ٻين مسلمانن وانگر پاڪستان قائم ڪرڻ جي جدوجهد ۾ ڀرپور حصو ورتو هو، سنڌ ئي اهو صوبو هو جنهن جي اسيمبلي پاڪستان قائم ڪرڻ جو سڀ کان پهريائين ٺهراءُ پاس ڪيو هو. هن ملڪ جا مسلمان جيڪي ڪافي ڏتڙيل ۽ هندن جي ڀيٽ ۾ مالي، معاشي، تعليمي مطلب ته ترقي جي هر راهه ۾ پٺتي پيل هئا تن کي وڏيون اميدون هيون ته پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ هو سک جو ساهه کڻندا، مالي ۽ معاشي طرح اڳتي وڌندا ۽ تعليم جي ميدان ۾ ترقي ڪندا تنهن ڪري جڏهن پاڪستان قائم ٿيو تڏهن سنڌ جي مسلمانن ۾ واڌايون وري ويون، مبارڪ مبارڪ جو شور پئجي ويو، ڪيترن جوشيلن جوانن ته ان موقعي تي گيهه جا ڏيا ٻاريا ۽ گلن جي ورکا ڪئي. ورهاڱي سبب جن مسلمانن مهاجر بڻجي هن ڌرتيءَ تي پير پاتو تن کي هنن پنهنجين اکين ۾ جايون ڏنيون ۽ انهن جي دلجوئيءَ لاءِ هنن پنهنجي هڙان توڙي وڙان اهو ڪجهه ڪيو جيڪي ڪجهه هو ڪري سگهيا ٿي.

 

سنڌ جا مسلمان اڃا آزاديءَ جي نشي ۾ ٻڏا ۽ آئنده جي ترقي جي خوابن ۾ گم هئا ته ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڇنڻ جا سانباها ٿيڻ لڳا. انهي خبر سنڌ وارن جون متيون منجهائي ڇڏيون، جيتوڻيڪ هو سياسي طرح اڳتي وڌيل نه هئا تاهم هنن کي پنهنجي وطن جي ورهاڱي جي ڳالهه قبول نه هئي. ڪراچي کي هنن سنڌ جي دل ٿي سمجهيو تنهن ڪري هنن دل کي جسم کان ڌار نٿي چاهيو مگر سڄي سنڌ جي ماڻهن جي مرضيءَ جي خلاف 1949ع ۾ ڪراچيءَ کي سنڌ کان علحده ڪيو ويو.

 

ان صدمي کي اڃا ٿورو عرصو گذريو ته سڀني صوبن کي ملائي ون يونٽ بنائڻ جون رٿون رٿجڻ لڳيون. سنڌ وارا اڃا ڪراچيءَ جي جدا ٿيڻ جو سور سهسائي نه سگهيا هيا ته وري هي نئون ٽمجهڻ مچي ويو، وڏن ڏکن ۽ ڏولائن سان سنڌ وارن 1936ع ۾ سنڌ کي بمبمئي کان علحده ڪرايو هو، هنن کي پتو هو ته جڏهن ننڍو صوبو وڏي صوبي جي ماتحت ٿئي ٿو ته ننڍو صوبو اها ترقي ڪري نٿو سگهي جيڪا هو پنهنجي سر ڪري سگهي ٿو. سنڌ وارن جي رڙين ۽ ڪوڪن جي باوجود سنڌ کي ون يونٽ ۾ شامل ڪيو ويو. ٿيو اهو جنهن جو هتان جي ماڻهن کي ڊپ هو يعني هو سياسي، سماجي، معاشي ۽ مالي طرح ڏينهون ڏينهن ڏتڙيا ويا. جيئن ته ون يونٽ سنڌ وارن جي مرضي خلاف دبڙ دونس سان ٺاهيو ويو هيو تنهن ڪري هتان جي عوام خاص طرح پڙهيل لکيل طبقي ان کي ڪڏهن به ذهني طرح قبول نه ڪيو. شاگردن ۽ اديبن ان جي خلاف پرزور تحريڪ هلايو. سنڌ جي ماڻهن کي جيڪا آزادي ملڻ سان خوشي حاصل ٿي هئي ۽ هنن مستقبل ۾ جيڪي وڏيون آسون ٿي رکيون اهي مايوسي ۾ بدلجي ويون، جنهن جو اظهار سنڌ جي شاعرن هنن لفظن ۾ ڪيو:

 

ٻڌون پيا ته خزان جو زمانو ختم ٿيو،

چمن اداس پيو ڏسجي عجب بهار آهي.

(عبدالحليم جوش)

 

وڏو سڀاڳ جو آزادگي ملي ويئي،

وڏو نڀاڳ غلامي نٿي غلام ٿئي.

(استاد بخاري)

 

عجب انداز سان آئي چمن ۾ حور آزادي،

جو هر هڪ گل گريبان چاڪ، دامان تار تار آيو.

(گدائي)

 

زبردستيءَ ڪراچيءَ کي سنڌ کان جدا ڪرڻ ۽ زوريءَ سنڌ کي ون يونٽ ۾ شامل ڪرڻ ۽ ان کان پوءِ پيدا ٿيل حالتن سنڌ وارن ۾ پنهنجي سنڌ لاءِ وڌيڪ محبت ۽ قوم پرستي (نيشنلزم) جو جذبو پيدا ڪيو، جنهن کي سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن وڌيڪ زور وٺايو.

 

وطن جي دوستيءَ ۾ وفا جا حوصلا کپن،

جي سر ڏيڻ جي سگهه ڏين اهي ئي ولولا کپن.

(نياز همايوني)

 

هرڪو هوشوءَ جي وٺي واٽ هليو ئي ايندو،

سنڌ جو نانءُ کڻي، سڀ کي پڪاريو يارو.

سنڌ صدين کان حيات آهي سدائين رهندي،

خونِ دل ساڻ سندس سينڌ سنواريو يارو.

(تاج بلوچ)

ون يونٽ خلاف نه صرف سنڌ پر سڀني ننڍن صوبن ۾ بيچيني هئي، هر ننڍي صوبي ون يونٽ جو خاتمو پئي چاهيو پر سڀني صوبن کان سنڌ ون يونٽ خلاف اڳري هئي. نومبر 1969ع ۾ ون يونٽ جي زنجيرن ٽٽڻ جو اعلان ٿيو ۽ پهرين جولاءِ 1970ع تي اولهه پاڪستان جي ٻين صوبن سان گڏ سنڌ جي گلي مان اهو طوق لٿو، ڪراچيءَ کي سنڌ ۾ شامل ڪيو ويو ۽ سنڌ صوبي جو ساڳيو نقشو قائم ٿيو مگر ماڻهن ۾ جيڪو قوم پرستيءَ جو جذبو قائم ٿي چڪو هو سو قائم ئي رهيو ون يونٽ ٽٽڻ کان پوءِ به جيڪي ملڪي حالتون رهيون آهن تن قوم پرستيءَ ۾ اضافو ئي ڪيو آهي.

 

پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان يڪدم پوءِ جيڪو خوف ۽ خطري جو احساس سنڌ وارن جي دلين ۾ پيدا ٿيو اهو هو سنڌي زبان جي بقا جو ڊپ. ورهاڱي کان پوءِ سنڌ جو گهڻو پڙهيل طبقو جيڪو هندن جو هئو سو وطن جا وڻ ڇڏي هندستان هليو ويو. ان جي بجاءِ وڏي تعداد ۾ اردو دان مهاجرن جا ڪٽڪ اچي سنڌ ۾ ڪڙڪيا، انهن مان ڪيترن شرارتي ماڻهن جي دلين ۾ اها خواهش ۽ سازش وڻ ٿي رهي هئي ته سڀني صوبن جي ٻولين جي نڙين تي ننهن ڏيئي، پنهنجي ٻوليءَ جي هڪ هٽي قائم ڪجي. سنڌي ٻوليءَ کي جيڪو خطرو آڏو هيو تنهن جو احساس ۽ اظهار جمعيت الشعراءِ سنڌ طرفان 22، 23 آڪٽوبر 1949ع يعني پاڪستان جي قائم ٿيڻ کان ٻن سوا ٻن سالن کان پوءِ لاڙڪاڻي ۾ ڪوٺايل ادبي ڪانفرنس جي مشاعري جي طرح ”قوم سا زندهه رهي جنهن جي زبان زندهه رهي“ ۽ ان مشاعري ۾ پڙهيل ڪلام ۽ 10، 11 نومبر 1951ع تي دادوءَ ۾ انجمن آفتاب ادب دادو طرفان ڪوٺايل ڪانفرنس جي مشاعري جي طرح ”وطن سان گڏ سلامت شل رهي سنڌي زبان پنهنجي“ ۽ ان مشاعري ۾ پڙهيل ڪلام مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو. اهي ڪل سنڌي ادبي ڪانفرنسون ان ڳالهه جون علامتون هيون ته سنڌ جا اديب ۽ شاعر سنڌي نيشنلزم طرف رخ بدلائي رهيا هئا ۽ هنن جي دلين ۾ وطن (سنڌ) ۽ زبان (سنڌي) لاءِ ٻين سڀني ڳالهين کان مٿي محبت پيدا ٿي رهي هئي. انهيءَ ڳالهه جو وڌيڪ اندازو بزم مشاعرهه لاڙڪاڻي جي ماهوار مشاعرن جي ڪن طرحن مان لڳائي سگهجي ٿو.

 

1. هر گهڙي بيتاب آ بزمِ جهان ۾ انقلاب (مشاعرو جنوري      1950ع)

 

ان مشاعري ۾ پيش ڪيل آغا گل حسن ”گل“ ۽ محمد بخش ”واصف“ جي غزلن مان هڪ هڪ شعر پيش ڪجي ٿو، جنهن مان ان وقت شاعرن جي احساسن جو پتو پيو ٿو.

 

ٿا کلن هر جا سياستدان سنڌين جي مٿان،

ڇا نه آيو ڍونڍ تي آ، ڪرگسان ۾ انقلاب.

(آغا ”گل“)

ويا اڳيان سنڌي هليا، ٻولي به سا ناهي اڳين،

ڇو نه پو ايندو رهي، سنڌي زبان ۾ انقلاب (1).

(واصف)

 

2. ليڊرن سنڌ سان ڇا ڀال ڀلايا آهن (مشاعرو مارچ 1952ع).

3. منهنجي وطن کي يا رب تسڪينِ جاودان ڏي (مشاعرو اپريل 1952ع).

 

هن مشاعري ۾ امير بخش قريشي جي پيش ڪيل غزل جو مطلع آهي:

اڄ ٿو وطن پڪاري تنهن ڏي به ڪو ڌيان ڏي،

اٿ نوجوان سنڌي همت جو امتحان ڏي (2).

(امير بخش قريشي امير)

پاڪستان جي شروعات ۾ ئي ٻاهران آيل ماڻهن جو سنڌي زبان ڏانهن ڪهڙو رويو هو ۽ سنڌ وارن کي سنڌ لاءِ ڪيتري محبت هئي جو اندازو قادري جي دور جي هڪڙي ٻڍڙي شاعر قادر بخش بشير، جو ان وقت حيات هو، جي غزل جي چند شعرن مان لڳائي سگهجي ٿو:

ڇو ٿا چون ڪي ماڻهو آهي خسيس سنڌي،

منهنجي ته واسطي آ ڄڻ شهد شير سنڌي.

 

مادر مٺي جي لولي سنڌي زبان ۾ هئي،

پينگهي ۾ سا پسند هئي پڻ دلپذير سنڌي.

عربي ۽ پارسي جا اجزا مليا منجهس ڳچ،

معجون آ مفرح هيءَ بي نظير سنڌي.

 

گٽ مٽ جي گوز کان شل پرور پناهه ڏيندو،

شل قبر ۾ به ٻولي، منڪر نڪير سنڌي.

 

ڪشمورکان ڪراچي ٻولي اها ٿا ٻولن،

پنهنجي وطن جي ٻولي، ٻولي بشير سنڌي (1).

1947ع پاڪستان جي قائم ٿيڻ جي ڳالهين سان گڏ سنڌي زبان ۽ ادب کي به گهڻو متاثر ڪيو. ورهاڱي کان اڳ انگريزن جي حڪومت جي ڏينهن ۾ سنڌي زبان ۽ ادب جي واڌاري ۾ هندن جي ڪوششن جو وڏو هٿ هو. هو نه صرف آبادي جو وڌيڪ تعليم يافته طبقو هو پر علم ۽ صحافت، تجارت ۽ واپار تي سندن مڪمل قبضو هو، تنهن ڪري پريس ۽ ڇاپخانن جا گهڻا مالڪ اهي ئي هيا. رسالن، اخبارن ۽ ڪتابن جي لکڻ، ڇاپائڻ ۽ وڪرو ڪرڻ ۾ هنن وڏو چاهه ٿي ورتو، تنهن ڪري سنڌي ادب ۽ زبان تڪڙي ترقي ٿي ڪئي. جڏهن سنڌ جي هندن سنڌ کي الله واهي ڪئي تڏهن سنڌي ادب جي رفتار بلڪل بيهجي وئي؛ جنهن ۾ جان پيدا ڪرڻ لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي شيدائن وقت بوقت ڪوششون ورتيون. پر جيئن ته ان وقت جي عام مسلمانن ۾ نه تعليم هئي نه پئسو، تنهن ڪري اهي ڪوششون ايتريون ڪامياب ٿي نه سگهيون. انهن ابتدائي شخصي ڪوششن ۾ حافظ شاهه حسيني ماهوار ”لطيف“ 1947ع، قادر بخش نظاماڻي ماهوار ” اڄ ڪلهه “ 1948ع، ساقي سجاولي ماهوار ”اهلِ قلم“ 1950ع، لال محمد ” لعل“ ماهوار ”آفتاب“ 1950ع، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ سردار علي شاهه ”ذاڪر“ جي ماهوار ”عام راءِ“ 1950ع وساري نٿو سگهجي. اهي رسالا سنڌي ادب جا اهڙا ڏيئا هئا جن هن ڌرتيءَ تي روشني جو ڏس ڏنو ٿي؛ پر پنهنجن جي لاپرواهي ۽ بي توجهي سبب ٿوري لاٽ ڪري جلد ئي وسامي ويا.

 

1948ع ۾ پاڪستان سرڪار ان ڳالهه جي ضرورت محسوس ڪئي ته هوءَ پنهنجي ڪار گذارين ۽ ڪاررواين کي عوام تائين پهچائي، انهيءَ مقصد سان ان ”پاڪستان پبليڪيشن“ جي نالي سان هڪ ادارو قائم ڪيو. جنهن جي سهاري هيٺ اردو ”ماهه نو“، ”اباسين“ (پشتو) ۽ ”نئين زندگي“ (سنڌي)، ماهوار رسالا شروع ڪيا. نئين زندگيءَ جو ايڊيٽر عبدالواحد سنڌي مقرر ٿيو، هن رسالي کي سرڪاري نه پر عوامي رسالو بنائي ڇڏيو؛ ۽ پنهنجي خلوص ۽ اڻ ٿڪ محنت سان ان کي وڏي ترقي وٺرائي ۽ ان ۾ علمي، ادبي، معلوماتي ۽ تحقيقي مقالا شايع ڪيا، جن سنڌ وارن کي پنهنجي قديم ۽ جديد ادب، تاريخ ۽ ثقافت سان روشناس ڪرايو ۽ نون ۽ پراڻن لکندڙن جي سرپرستي ۽ همت افزائي ڪئي.

 

1954ع ۾ جي. ايم. سيد جي ڪوشش سان سنڌ گورنمينٽ سنڌي ادب جي تحفظ ۽ واڌاري لاءِ 1954ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو ادارو قائم ڪيو. هن اداري سنڌي نثر توڻي نظم جي واڌاري لاءِ وڏو ڪم ڪيو آهي. هن اداري جو هڪ ڪارنامو سندس رسالو سه ماهي ”مهراڻ“ آهي، جنهن جي پهرين ايڊيٽر محمد ابراهيم جتوئي ۽ ٻئي ايڊيٽر غلام محمد گرامي هن رسالي کي نه صرف ترقي پسند راهه تي گامزن ڪيو پر ان کي علمي، ادبي ۽ تحقيقي مضمونن جي کاڻ بنائي ڇڏيو.

 

بزم مشاعره لاڙڪاڻه ورهاڱي کان پوءِ به پنهنجا ماهوار مشاعرا جاري رکيا. هن بزم مشاعري جي اثر هيٺ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ بزم مشاعره قائم ٿي چڪا هئا، جن مان بزم ادب دادو ورهاڱي کان پوءِ به سرگرم رهيو، 1947ع کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ بزم مشاعرن تمام گهڻو زور ورتو، جن ۾ بزمِ نظامي، محفلِ احباب، بزمِ ادب، بزمِ سرشار، بزمِ طالب الموليٰ ۽ بزمِ اصغر قابلِ ذڪر آهن. انهن مشاعرن کان سواءِ بزمِ خليل حيدرآباد، بزمِ تارڪ گهوٽڪي، بزمِ ادب جيڪب آباد، بزمِ بسمل ٽنڊو محمد خان، بزمِ احباب خيرپورناٿن شاهه ۽ بزمِ اظهر گهوٽڪي به پنهنجن شهرن ۾ وقت بوقت مشاعرا منعقد پئي ڪيا ۽ سنڌي غزل کي زور پئي وٺايو. انهن مشاعرن جو رنگ قديم هو، جن ۾ گهڻو ڪري روايتي رنگ ۾ مشاعري لاءِ طرح ڏني ويندي هئي ۽ روايتي مجازي رنگ ۾ غزل چيا ويندا هئا، ڪڏهن ڪڏهن وقت جي مسئلن کان متاثر ٿي وقت جي ترجماني ڪندڙ طرحون به ڏنيون وينديون هيون يا ڪي ترقي پسند لاڙو رکندڙ شاعر نون نظرين ۽ خيالن جو اظهار ڪندا هئا.

 

1946ع ۾ ستين ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنس لاڙڪاڻه جي موقعي تي سنڌ جي مختلف بزمن ۽ مشاعرن جي هڪ مرڪزي جماعت ”جمعيت الشعراءِ سنڌ“ جي نالي سان قائم ڪئي وئي هئي، جنهن جو مقصد هو سنڌي زبان ۾ سنڌي شاعري (عروضي) کي ترقي وٺرائڻ. هن جمعيت جي سهاري هيٺ ورهاڱي کان پوءِ 1973ع تائين پندرنهن ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنسون ڪوٺايون ويون، جن ۾ سنڌي ٻولي کي درپيش مسئلن ۽ ترقي جي طريقن تي وقت بوقت سوچيو ويو ۽ جدوجهد ڪري گهڻو ڪجهه حاصل به ڪيو ويو.

 

1954ع ۾ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي رهنمائي هيٺ حيدرآباد ۾ بزم طالب الموليٰ جو بنياد رکيو ويو، جنهن جون شاخون ساري سنڌ ۾ قائم ڪيون ويون. هن بزم سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مشاعرا، ميڙ ۽ ڪانفرنسون ڪوٺائي سنڌي شاعري ۽ موسيقي جي ترقي لاءِ گهڻو ڪم ڪيو.

 

1953ع ۾ ترقي پسند لاڙو رکندڙ اديبن جي ڪوششن سان ”سنڌي ادبي سنگت“ ڪراچيءَ ۾ قائم ٿي، سنگت جلد ئي پنهنجي ترقي پسند ۽ صحت مند لاڙن سبب پراڻين روايتن کان هٽي ڪري نئين ادب پيش ڪرڻ ۽ سنڌي ٻولي کي پاڪستان جي سرڪاري ۽ قومي ٻولي بنائڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ سبب اديبن، شاعرن ۽ عوام ۾ مقبول ٿي وئي ۽ ان جون شاخون سنڌ جي ضلعي شهرن کان سواءِ ڪيترن ٻين هنڌ پڻ قائم ٿي ويون. سنگت جي ادبي تنقيدي نشستن نوجوان اديبن کي ادب جي پراڻي راهه تان هٽائي نئين راهه تي هلايو، پنهنجي تخليقن ۾ ڌارين ٻولين جي لفظن استعمال ڪرڻ بجاءِ پنهنجي ٻوليءَ جا لفظ استعمال ڪرڻ جي تلقين ڪئي. سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن ۾ سنڌ، سنڌي ٻولي، سنڌي ثقافت، تهذيب ۽ تاريخ سان پيار ۽ ادب ۾ نئين سماجي شعور جو پرچار سنڌي ادبي سنگت جي ڪوششن جو نتيجو آهي.

 

ملڪ جي سماجي ۽ سياسي حالتن جو اديبن جي دل ۽ دماغ تي گهرو اثر ٿئي ٿو، وقت تي ملڪ جي سماج ۽ سياست ۾ اهڙا حادثا پيش اچن ٿا جيڪي اديبن ۽ شاعرن جي سوچ ۽ فڪر جي وهڪري کي نئين راهه ڏي لاڙي وڃن ٿا، پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ ڪراچيءَ کي علحده ڪرڻ سنڌ کي ون يونٽ ۾ ملائڻ، سنڌي زبان جي حيثيت کي ختم ڪرڻ جي سازشن ۽ سنڌين جي انهيءَ احساس ته هنن سان اقتصادي ۽ معاشي طرح ٻه اکيائيءَ وارو برتاءُ ڪيو ٿو وڃي. سنڌين ۾ سنڌيت ۽ قوم پرستي جو جذبو پيدا ڪيو آهي ۽ سنڌي اديبن پنهنجن تخليقن ۾ کليو کلايو سنڌي نيشنلزم، سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌ جي هر هڪ شئي سان محبت جو پرچار ڪيو آهي. ون يونٽ واري دور ۾ سنڌ جي شاعرن وٽ يونٽ کي ڊاهڻ ۽ ان جي خلاف انقلاب پيدا ڪرڻ جو آواز بلند ڪيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ ون يونٽ جو قابو ڪوٽ ڪري پرزا پرزا ٿي پيو. جتي شاعري جي ٻين صنفن ۾ ون يونٽ خلاف ۽ انقلاب جو آواز اٿاريو ويو هو اُتي غزل کي به عشق جي روايتي راهن مان ڪڍي ان کي به سياسي فڪر جو آئينه دار بنايو ويو هو. ڪجهه مثال پيش ڪجن ٿا، جن مان اُن وقت جي حالتن، شاعرن جي جذبن ۽ فڪر جو پتو پوي ٿو:

 

غدار پيا سنڌ جي سودي کي چڪائن،

صد حيف ڪو هوشوءَ جهو جانباز نه آهي.

(شمشيرالحيدري)

 

آهي انهيءَ ۾ مان جي سنڌ تان سر فدا ڪريان،

ان کان مٿي جي مرتبو مون کي کپي ته ڇا ڪريان.

(تنوير عباسي)

 

وارث واپس وٺندا نيٺ،

سنڌ سڳوري ڄڻ ڪي سار.

(استاد بخاري)

 

سنڌ افلاس جي زنجير ۾ جڪڙيل آهي،

ڪوئي آهي جو انهيءَ کي ڪري پُرزا يارو.

(تاج بلوچ)

پاڪستان قائم ٿيڻ وقت قادري جي دور جا ڪيترا استاد شاعر جهڙوڪ حاجي محمود خادم، نواز علي نياز، محمد بخش واصف، شيخ عبدالله عبد، سرشار عقيلي، غلام احمد نظامي ۽ ٻيا زنده هئا، جن مشاعرن جي محفلن کي زنده رکيو هو ۽ پنهنجي روايتي رنگ ۾ غزل سرائي پڻ ڪئي. انهن استادن جي صحبتن مان فيض حاصل ڪندڙ انهن مشاعرن ۾ سرگرم حصو وٺندڙ شاعرن تي لازم هو ته اهو پراڻو رنگ چڙهي، اهڙن نوجوان شاعرن مان جن تي استاد شاعرن جي مهربانيءَ جي نظر رهي ۽ مشاعرن مان رچي ريٽا ٿي نڪتا، تن ۾ عطا محمد حامي، رشيد لاشاري، علي محمد مجروح، منظور نقوي، غلام محمد گرامي، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، سليم ڳاڙهوي ۽ ٻين جا نالا قابلِ ذڪر آهن. اهي سڀئي پاڻ پاڪستاني دور ۾ استاد شاعر تسليم ڪيا وڃن ٿا ۽ ڪيترن شاعرن سندن شعر جي مهارت مان فيض حاصل ڪيو آهي، جيتوڻيڪ سندن غزل جو رنگ قادري جي دور واري غزل جون سڪون ٿو لاهي پر هنن پنهنجي غزل کي پراڻي رنگ مان گهڻي قدر آجي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پراڻين تشبيهن، استعارن، محاورن، ترڪيبن، ڏکين لفظن کان دامن بچائڻ جو سعيو ڪيو آهي، سندن اندازِ بيان ۽ خيالن ۾ نواڻ آهي، پر هنن جو لاڙو زياده تر مجاز ڏانهن رهيو آهي ۽ هنن پاڪستاني دور ۾ عشقيه ۽ رومانوي شاعرن جون وڻندڙ شمعون روشن ڪيون آهن، جيئن سندن هيٺين شعرن مان معلوم ٿئي ٿو:

 

اسان کي سڀني منع ٿي ڪئي مگر يارو،

ٿيو بتن مان بفضلِ خدا، خدا حاصل.

(حامي)

رشيد ائين ڪين چئو، هو آهه سهڻو ۽ هي بدصورت،

سڏن ٿا حسن جنهن کي، سو فقط حسنِ نظر آهي.

(رشيد لاشاري)

 

مجروح سان ملندين ته هي محسوس ڪندين تون،

انسان جو ٿي شمع ٻرڻ، راند ته ناهي.

(علي محمد مجروح)


 

دل ڀري ۽ من ڀريو، اکڙيون ڀريون، پنبڻيون ڀريون،

مينهن ماڻهو ٿا چون، بادل حقيقت ۾ رنو.

(سليم ڳاڙهوي)

 

اسان کي ڪين ڏسو پنهنجو پاڻ ڏي ئي ڏسو،

اسين جي ڪهڙا به آهيون، اوهان جا يار آهيون.

(طالب الموليٰ)

 

نظرن جو امتحان وٺ جلون جو امتحان ڏي،

توڏي جهان ڏسي ٿو، تون ڪجهه ته ڏس اسان ڏي.

(منظور نقوي)

هن دور ۾ شاعرن سنڌي غزل کي پراڻي روايتي رنگ مان ڪڍي نئين سونهن ۽ صورت بخشي ۽ ان کي مجاز کان زياده صحت مند ۽ ترقي پسند لاڙن سان روشناس ڪرايو آهي، انهن ۾ شيخ عبدالحليم ”جوش“ جو نالو سرفهرست آهي، جيتوڻيڪ ”جوش“ جو والد شيخ عبدالله ”عبد“ هڪ ڪهنه مشق استاد شاعر هو ۽ سندس نشست و برخواست ڪراچي جي مشاعرن ۾ ٿي. ان هوندي به هن قديم رنگ قبول نه ڪيو ۽ غزل ۾ نئين صحتمند واٽ ورتي ۽ غزل کي نون ترقي پسند لاڙن سان روشناس ڪرايو، اهو ئي سبب آهي جو هن جي غزلن ۾ غمِ جانان گهٽ ۽ غمِ دوران زياده آهي. سنڌ ۾ اڃا ترقي پسند تحريڪ زور نه ورتو هو ته به جوش جا غزل ترقي پسندي جي علامت هئا.

هن جي غزلن جي وڏي خوبي خيالن جي گهرائي آهي، هو پهريون غزل گو شاعر آهي جنهن ورهين کان وٺي ڪم ايندڙ گل و بلبل، شمع و پروانه وغيره جي Symbols کي نئين معنيٰ بخشي ۽ انقلابي اهڃاڻ طور استعمال ڪيو. هن کي پاڪستان کان پوءِ نئين سنڌي غزل جو سرواڻ يا ابو چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. سندس هڪ غزل جا ڪجهه شعر ملاحظه ڪريو:

 

زندگي کي سراب ڇو سمجهان،

مان حقيقت کي خواب ڇو سمجهان.

 

ڪا چڱائي ته آهه هر ڪنهن ۾،

پوءِ ڪنهن کي خراب ڇو سمجهان.

 

جيستائين حجاب باقي آهه،

حسن کي بي نقاب ڇو سمجهان.

 

جيڪا تحرير مان پڙهي نه سگهان،

پنهنجي خط جو جواب ڇو سمجهان.

 

نيٺ هيڻن جي سوڀ ٿيڻي آهه،

ڏاڍ کي ڪامياب ڇو سمجهان.

 

عقل وارن جي چنڊ کي اي جوش،

عشق جو ماهتاب ڇو سمجهان.

هن دور ۾ جن ٻين شاعرن سنڌي غزل کي نون صحتمند ۽ ترقي پسند لاڙن سان نوازيو آهي ۽ سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان محبت جو اظهار ڪيو آهي، تن ۾ عبدالڪريم گدائي، شيخ اياز، تنوير عباسي، نياز همايوني، شمشيرالحيدري، استاد بخاري، تاج بلوچ، امداد حسيني ۽ ٻين ڪيترن شاعرن جا نالا اچي وڃن ٿا.

هن دور ۾ شاعري جي سڀني صنفن ۾ شاعرن سنڌ جي هر ڪنهن ننڍي توڙي وڏي شئي ۽ سنڌي ٻولي سان محبت جو اظهار ڪيو آهي. هن دور جي شاعرن جا غزل به اهڙن جذبن سان ڀريل آهن. هن دور جا شاعر سنڌ ۽ سنڌي ٻولي سان پنهنجي محبت جو اظهار غزل ۾ هنن لفظن ۾ ڪن ٿا.

سنڌ سان اهڙي جند اڙي جو ٻيا دل وارا وسري ويا،

جيئي سنڌ، سدائين جيئي، ٻيا سڀ نعرا وسري ويا.

(استاد بخاري)

 

سنڌ صدين کان حيات آهي سدائين رهندي،

خونِ دل ساڻ سندس سينڌ سنواريو يارو.

(تاج بلوچ)

 

اها سنڌ ڪاشي به ڪعبو به آهه،

چوي ڇا به ڪو شيخ يا برهمن.

(شيخ اياز)

 

بلندي عرش جي، صحرا جي وسعت، زينتِ گلشن،

مرڪب ٺاهجي تن جو ته ٿئي سنڌي زبان پنهنجي.

(عبدالحليم جوش)

 

جنهن زبان مونکي ڏني آهي زبان،

ان زبان جا نيٺ ٿورا لاهڻا ٿم.

(استاد بخاري)

 

۽ پنهنجي سنڌ جي مختلف هنڌن، ماڳن ۽ وٿن جو وسڪار ڪندي چون ٿا:

 

شام شفق جي رنگينيءَ ۾، سهڻو هاڙهو هالار،

ڳل ڳاڙهن محبوبن جا، محبوب نظارا وسري ويا.

(استاد بخاري)

 

ڪارونجهر جي ڪور مٿاران، آهه ٽهڪيو مور،

ساڳي گونج اچي ٿي گجندي، گاج کيرٿر کان.

(امداد حسيني)

پون ٿا نوان ڳنڍ ڳنڍير ۾،

ڀٽن تي وري ڪر کنيا ڪونڀٽن.

(شيخ اياز)


(1)  اديب سنڌ ماهوار ص 32، ماهه جنوري 1950ع.

(2)  اديب سنڌ ص 9، ماهه اپريل 1952ع.

(1)  اديب سنڌ، ص 37، ماهه فيبروري 1950ع.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org