لڪشمڻ ”ڪومل“
]26،
مارچ 1936ع –
[
لڪشمڻ ڀاٽيا تخلص ”ڪومل“ جو جنم ڪنڊياري جي هڪ زميندار گهراڻي ۾
ٿيو. سندس پرائمري ۽ ابتدائي انگريزي تعليم نواب
شاهه ۾ ٿي مگر ٻارهن ورهين جي عمر ۾ ملڪ جي ورهاڱي
سبب کيس ملڪ بدر ٿيڻو پيو. هن پنهنجي رهيل اسڪولي
تعليم دهليءَ ۾ گورنمينٽ سنڌي هاءِ اسڪول ۾ ورتي ۽
1952ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين، جنهن کان پوءِ اينگلو
عربيڪ ڪاليج (هاڻي ڊاڪٽر ذاڪر حسين ڪاليج) مان
1956ع ۾ بي.ڪام ڪرڻ کان پوءِ پي.يو اسڪول آف
جنلرزم ۾ داخل ٿيو.
”ڪومل“ کي ننڍي هوندي کان شاعري سان شوق هو، سندس پهريون شعر
ٻارهن ورهين جي عمر ۾ جڏهن هو سنڌ ۾ هو، ڪراچيءَ
مان شايع ٿيندڙ رسالي گلستان ۾ شايع ٿيو هو. ڪاليج
واري زماني ۾ ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي جي استاديءَ ۾
نارائڻ شيام ۽ سڳن آهوجا جي صحبت ۾ اهو چاهه وڌندو
رهيو.
ڪومل کي نظم سان گڏ نثر سان به گهڻي دلچسپي آهي. 1974ع ۾ روس جي
انقلابي شاعر ولاديمير – مايا ڪووسڪي جي زندگي،
ڪمن ۽ سندس چونڊ نظمن تي ترجمي سميت هڪ ڪتاب ”نئون
صبح“ لکڻ تي کيس سويٽ لئنڊ ايوارڊ مليو ۽ روس جي
دوري جي دعوت ملي. سندس ٽي مڪمل سنگيت ناٽڪ
(Opera)
”سورٺ“، ”مومل راڻو“ ۽ ”سهڻي ميهار“ لکيل آهن جي
دهلي خواهه بمبئي ۾ اسٽيج ڪيا ويا آهن.
ڪومل موجوده وقت نئين دهليءَ ۾ رهي ٿو ۽ ٽائيمس آف انڊيا اخبار
۾ ڪم ڪري ٿو.
نئين ٽهيءَ جي نوجوان شاعرن ۾ ”ڪومل“ کي پنهنجو درجو حاصل آهي.
هن جتي سنگيت ۽ ڊراما لکي هڪ مٿاهون درجو حاصل ڪيو
آهي، اتي سندس غزلن کي به ڀارت جي سنڌي شاعرن ۾
چڱي مقبوليت حاصل آهي. ڪومل زيادهه جماليات جو
شاعر آهي، سندس خيال نفيس ۽ وڻندڙ ۽ دل جي گهرن
جذبن جي ترجماني ڪندڙ آهن، جن ۾ حسن ۽ ڪشش ٻئي
آهن.
ڪلام جو نمونو
(1)
هر طرح شال رهو شاد، توهين ڇا ڄاڻو،
زندگي ڪنهن جي ٿي برباد، توهين ڇا ڄاڻو.
توهين هر درد کان آزاد، توهين ڇا ڄاڻو،
ٿا جيئون ڪيئن نه ٿي برباد، توهين ڇا ڄاڻو.
نه ڪريون آهه نه فرياد، توهين ڇا ڄاڻو،
ٿا سهون ڪيڏو نه بيداد، توهين ڇا ڄاڻو.
آئي دل ڀرجي، ٻه ٽي لڙڪ اکين مان ڇلڪيا،
توهين آيو جي ڪٿي ياد، توهين ڇا ڄاڻو.
توهين هڪ وار اچو، دل پوي ٻهه ٻهه ٻهڪي،
آ توهان سان ئي گهر آباد، توهين ڇا ڄاڻو.
-
ڪڏهن هن سان اهڙي ملاقات ٿيندي،
زبان بند هوندي مگر بات ٿيندي.
اگر گفتگو جي اجازت نه ملندي،
ته ظاهر نگاهن مان جذبات ٿيندي.
ڪيم ضبط آهون ته پيا لڙڪ ڇلڪي،
هوا بند هوندي ته برسات ٿيندي.
محبت جي پنڌن ۾ ڇا سوچڻو آ،
ڪٿي ڏينهن ڪٽيو ڪٿي رات ٿيندي.
هتي دور پيالن تي پيالن جا هلندا،
هتي ميڪدي ۾ مناجات ٿيندي.
جتي سايو تنهنجي نگاهن جو ملندو،
نظر کان اتي بس نظر مات ٿيندي.
-
واسديو ”نرمل“
]2،
جون 1936ع –
[
واسديو تخلص نرمل ڀارت جي انهن اديبن مان آهي جن نه صرف شاعري ۽
ناٽڪن جي زمين ۾ پنهنجا شهڪار پيش ڪيا آهن پر سنڌي
ادب جي واڌاري لاءِ ڪيترين ئي ادبي جماعتن جو
سرگرم ڪارڪن رهي وڏو ڪم ڪيو آهي. هو سنڌي ساهت
منڊل (بمبئي) جو 1970ع کان وٺي اڄ تائين جنرل
سيڪريٽري رهيو آهي ۽ هو اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت
سڀا جو سال 1972ع ۾ سيڪريٽري هو. جيئن ته نرمل کي
ناٽڪ سان گهڻي دلچسپي رهي آهي، تنهن ڪري هو ڪيترين
ڊراميٽڪ سوسائٽين سان وابسته رهيو آهي، جيئن:
”ناٽيه – سنڌو“ جو جنرل سيڪريٽري 1971ع کان اڄ تائين، 2. ”للت
ڪلا سنگم“ جو وائيس چيئرمين شروع کان اڄ تائين، 3.
”سنڌو ڪلامندر“ جي ڪاروباري ڪميٽي جو ميمبر 1961ع
کان 1966ع تائين، 4. ”سنڌو ڪلا نڪيتن“ جي ڪاروباري
ڪميٽيءَ جو ميمبر 1966ع کان 1970ع تائين.
”نرمل“ جو جنم ڪراچي ۾ ٿيو، ورهاڱي وقت هو اڃا ننڍو هئو جو
پنهنجن وڏن سان گڏجي ڀارت هليو ويو. جتي هن بي.اي
(سول انجنيئرنگ) ۾ پاس ڪئي ۽ موجودهه وقت بمبئي
ميونسپل ڪارپوريشن ۾ انجنيئر آهي ۽ بمبئي ميونسپل
۾ ڪم ڪندڙ سنڌين جي سنڌي سرڪل طرفان شايع ٿيندڙ
رسالي ”سورٺ“ جو اعزازي ايڊيٽر پڻ آهي. هي رسالو
نهايت وڏي ٺٺ سان شايع ٿيندو آهي. جنهن ۾ ڀارت ۽
سنڌ جي اديبن جون تخليقون وڏي شان سان شايع
ٿينديون آهن.
نرمل جو شمار ڀارت جي سٺن شاعرن ۾ ٿئي ٿو. سندس پهريون شعر
1952ع ۾ سندس اسڪول مئگزن ”جوت“ ۾ شايع ٿيو. اڄ
سندس ڪلام ڀارت ۽ سنڌ جي رسالن جو سينگار آهي.
شاعري جي شروعاتي دور ۾ سندس رهنمائي سڳن آهوجا
ڪئي، جنهن کيس شاعري جي جديد راهن تي گامزن ڪيو.
واسديو ڀارت جي سٺن ناٽڪ نويسن مان هڪ آهي، هن ڪيترا ڊراما لکيا
آهن، جي اسٽيج ڪيا ويا آهن. هن جا هيٺيان ڪتاب
شايع ٿي چڪا آهن.
1. منهنجا سر ۽ تنهنجا گيت (شعر) ڪونج پبليڪيشن، بمبئي
1968ع.
2. ٻوڙا اچي مڙيا (ڊرامو)، سنڌي ٻولي پرچار سڀا 1972ع (هن
ڊرامي جو ٽيون ڇاپو 1977ع ۾ شايع ٿيو آهي).
3. بنا ڏيتي ليتي (ڊرامو)، بمبئي ميونسپل سنڌي سرڪل 1978ع.
واسديو جي غزلن جو مجموعو ”دل جا گهاوَ“ ڇاپجڻ لاءِ تيار آهي.
واسديو جي مٿين ڪتاب کان سواءِ هيٺيان الٿو ڪيل
(Adopted)
ڪتاب پڻ شايع ٿي چڪا آهن.
1. هڪ. ٻه. ٽي (ڊرامو)، 2. هيءُ پياسو من منهنجو، 3. عورت ۽
بوتل، 4. پلئه پلي، 5. مس ريتا ۽ 6. پاتال (مئڪسم
گورڪي جي
Lower depths
جو ترجمو).
1972ع ۾ نرمل کي سندس ادبي خدمتن جو قدر ڪندي سويٽ لئنڊ نهرو
انعام (ڏهه هزار روپيه) ڏنو ويو آهي.
ڪلام جو نمونو
داستان درد جو، ڪو ڪنهن کي سڻائي ڇا لاءِ،
پاڻ جيان ٻئي جي ائين ننڊ ڦٽائي ڇا لاءِ.
دل ٿي چاهي ته ڪوئي لفظ ٻه لفظ آٿت جا چوي،
ورنه جنهن تنهن کي ڪوئي سور سڻائي ڇا لاءِ.
دل قبولي نٿي هن جي ته ڪيو ڏوهه اٿس،
پوءِ پڇتاءَ جو هو سانگ رچائي ڇا لاءِ.
سمجهي سوڙهو ٿو هو ڌرتيءَ کي به پنهنجي دل جيان،
آدمي هونئن وڃي چنڊ وسائي ڇا لاءِ.
تو سڄي عمر ستايو ۽ هينئر توکان پوءِ،
ياد تنهنجي ٿي اڃا تائين ستائي ڇا لاءِ.
هاڻ راڻو ٿو رسي ٺونٺ لڳڻ سان ”نرمل“،
پوءِ مومل ڪا نئين ڪاڪ اڏائي ڇا لاءِ
(1).
-
ٿي خزان پڻ ڦري بهار ٿئي،
جي ٿو ڀر ۾ هو گلعذار ٿئي.
ڪجهه ته منهنجي چمن ۾ پئدا ٿئي،
نٿو ته گل جي ٿئي خار ٿئي.
ڏين ٿو جي غم ته ڏي ڀلي ليڪن،
ياخدا ڪو ته غمگسار ٿئي.
ڳالهه تنهنجي ئي پئي هلي تازو،
شال تنهنجي وڏي ڄمار ٿئي.
ڏوهه آ تنهنجي ياد جوئي فقط،
مفت ۾ پيئي ننڊ خوار ٿئي.
هار سونا فقط ڪبا ڪيڏانهن،
ڪو ته نرمل هنئين جو هار ٿئي
(1).
|