مرزا قاسم علي بيگ ”قاسم“
(1837ع – 1906ع)
مرزا قاسم علي بيگ تخلص ”قاسم“ حيدرآباد جي محلي ٽنڊي آغا ۾
تولد ٿيو. مير محمد حسن علي خان وٽ منعقد ٿيندڙ
عزا جي مجلسن ۾ مرثيه خواني ڪندو هو. سندس آواز
پرسوز ۽ دل ۾ اثر ڪندڙ هو، مرثيه خواني ۾ سندس
برابر ڪوبه نه هو. طب ۾ به خاصي مهارت هئس.
قاسم کي شاعري ورثي ۾ ملي هئي مير حسن علي خان جو درٻاري شاعر
هو. ڪڏهن ڪڏهن اردو ۾ به ڪلام چوندو هو. سندس
ڪليات ۾ سلام؛ مرثيه، مناقب؛ قصيدا، غزل ۽ رباعيون
موجود آهن.
قاسم جو غزل ان ڳالهه جو آئينه بردار آهي ته خليفي قاسم ۽ فاضل
شاهه جي دور ۾ غزل تي پارسي شاعري جو چڱو رنگ چڙهي
چڪو هو، هن جي غزل جي طرز ادا ۽ انداز بيان سهڻو
آهي. جنهن ۾ پارسي شاعري واريون تشبيهون ۽ تلميحون
زياده آهن. ٻوليءَ تي به پارسي لفظن جو جڙاءُ آهي.
هن جي غزلن ۾ پند ۽ نصيحت بجاءِ مجاز جي ترجماني
آهي.
ڪلام جو نمونو
جنهن طرح بحر ۾ حباب ٿيو،
بس انهي طرح سان شباب ٿيو.
هن جي چهري کي بي نقاب ڏسي،
خود شرمسار آفتاب ٿيو.
قلبِ محزون کي صبح کان تا شام،
هجر جي غم کان اضطراب ٿيو.
جنهن جي قسمت ٿي نيڪ سو اڄ رات،
وصلِ دلبر کان ڪامياب ٿيو.
هن جي رخسار جي ڏسي سرخي،
شرم ۾ غرق پڻ گلاب ٿيو.
روبرو ڪين هن جي نڪتو ساهه،
اهڙو چهري ۾ آب و تاب ٿيو.
اهل محفل ٻڌي چيو ”قاسم“،
هي غزل تنهنجو لاجواب ٿيو.
-
يوسفِ ڪنعان ڏٺو مون چاهه ۾،
نور هو ساڳيو اهو جو ماهه ۾.
ڇو ڀلا هو ڪين مون کي چاهي ٿو،
هر گهڙي جنهن جي رهان ٿو چاهه ۾.
غير کي تون پنهن جي دل کان دور رک،
آسرو رک هر گهڙي الله ۾.
ٿي خطا رشڪِ چمن کي گل چوان
سا نزاڪت ٿي بتِ دلخواهه ۾.
خط پڙهي قاصد سان گڏ ايندو ضرور،
ٿي اها اميد هن دلخواهه ۾.
نذر دلبر جي اڳيان سا دل ڪيم،
جنهن کي هو سانڍي رکيو مون ساهه ۾.
جنهن کي مون ”قاسم“ ٿي ڳوليو چارسو،
سو ملي ويو اوچتو اڄ راهه ۾
(1).
-
عبدالقادر ”بيدل“
(1838ع – 7 فيبروري 1932ع)
آخوند عبدالقادر ولد محمد پناهه ڀٽو تخلص بيدل پنهن جي وقت جو
وڏو شاعر ٿي گذريو آهي. هن شڪارپور جي مشهور عالم
خليفي عبدالله کان عربي ۽ پارسي جي تعليم حاصل
ڪئي. شمس الدين بلبل جي ديوان تي سندس لکيل قطع
تاريخن جي مٿان عبارت مان معلوم ٿو ٿئي ته هو
پنهنجو خانگي مدرسو هلائيندو هو. عبارت هن ريت آهي
تاريخ از نتيجه افڪار عالي سلڪ بند گوهر لالي سخور
بيعديل دلفريب صد دل آخوند ميان عبدالقادر صاحب
معلم مدرسو خانگي شڪارپور
(1).
”بيدل“ جي وفات جي تاريخ سندس وڏي فرزند مرحوم اختر محمد ڀٽي
”بياض بيدل“ جي هڪ صفحي تي 7 فيبروري 1932ع درج
ڪئي آهي. وفات وقت سندس عمر پنجانوي ورهيه هئي.(2)
سندس عمر وفات جي حساب سان سندس ڄمڻ جو سال 1838ع
بيهي ٿو.
بيدل، خليفي قاسم جي دور کان وٺي قادري جي دور تائين زندهه
رهيو. سندس هر دور جي شاعرن سان سٺا ناتا ۽
شاعرانه تعلقات رهيا. خليفي قاسم سان سندس لاڳاپي
جو اندازو هيٺين شعر مان لڳائي سگهجي ٿو.
رنگين چوي ٿو مضمون قاسم ڪلام موزون،
مٽ تنهن سمجهي نه ڪو مون بي حد سندس سپارا
(1).
بيدل پنهن جي هڪڙي غزل ۾ جيڪو سنڌ سڌار ۾ شايع ٿيو هو ان دور جي
هڪڙي شاعر قاضي قادر بخش کان پنهن جي غزل جو جواب
هنن لفظن ۾ گهري ٿو:
يار قادر بخش بيشڪ ڏي غزل هن جو مجيب
شعر پنهن جي کان نه هرگز ڇاجي لئه خوشتر ڪري
(2).
شمس الدين بلبل جو ديوان بلبل معه ڪريما نيچرل جڏهن 1308 هه
مطابق 6، جنوري 1891ع ۾ شايع ٿيو ته ان تي جن
شاعرن قطع تاريخون لکيون هيون ان مان بيدل ٻه
تاريخون پارسيءَ ۾ هڪ سنڌيءَ ۾ لکي هئي.
ڏسو جو ”بيدل“ تاريخ طبع تنهن جي چئي
ڪتاب بلبل بيشڪ آ، وهه عجيب و وهه غريب“
در داد مردهه هاتف ديشب به گوش ”بيدل“
تاريخ طبع اورا ”نام غريب خوان“
1308 هه
3. در ڪراچي به مدرسه اسلام
گفتگو جانبين باشد ياد
اين ڪريما، به پيشِ بيدل هم
بي سرِ انديشه ”ارمغاني باد“
(3).
1308هه
پوئين قطع مان معلوم ٿئي ٿو ته ”بلبل“ سان ”بيدل“ جا ايترا گهرا
تعلقات هئا جو هو جڏهن ڪراچيءَ ويو هو تڏهن ”بلبل“
سان سنڌ مدرسي ۾ وڃي ملاقات ڪئي هئائين.
بيدل جا تعلقات ميان علي محمد قادري ۽ ميان غلام سرور فقير سان
به دوستانه هئا. هو ڪڏهن ڪڏهن بزم مشاعره لاڙڪاڻي
۾ شريڪ ٿيندو هو. 1921ع ۾ پهرين ادبي ڪانفرنس
لاڙڪاڻي ۾ به شريڪ ٿيو هو ۽ غزل پڙهيو هئائين.
سندس تعلقات مير علي نواز علوي حاجي محمود خادم ۽ محمد بخش
”واصف“ سان به گهرا هئا. حاجي محمود خادم چوي ٿو،
”سال 17 ۽ 1916ع ۾ جڏهن هي خادم سٽي سروي جي
اسپيشل ڊيوٽي سبب شڪارپور ۾ هو تڏهن گهڻو ڪري هر
ڪنهن شام جو علامه علوي (مير علي نواز) جي فيض بخش
صحبت ۾ گذاريندو هو. ميان صاحب مرحوم آخوند
عبدالقادر محمد بخش واصف صاحب ۽ هي خاڪسار شام جو
گهڻو ڪري علمي شغل ۽ تبادله خيالات ۾ گذاريندا
هئاسين“
(1)
”بيدل“ جو ڪلام جتي مفرح القلوب ۽ سنڌ سڌار جهڙين قديم اخبارن ۾
شايع ٿيندو هو تتي الحقيقت (لاڙڪاڻه) جي صفحن کي
به سنواريندو هو. افسوس آهي جو ههڙي وڏي شاعر جو
ڪلام سندس پوين جي غفلت کان گم ٿي ويو آهي پر جيڪي
ڪلام مليو آهي ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هن
شاعر جو ڪلام پختو ۽ اعليٰ آهي ۽ سندس مقام قاسم ۽
فاضل کان ڪنهن به حالت ۾ گهٽ ڪونهي. مفرح القلوب
۾ شايع ٿيل سندس پارسي غزل جا ٻه شعر ملاحظه ڪريو:
زگل رويت لطافتها برنگ و بو تري دارد
بسان بلبل هزار ”آشفته“ حوري پري دارد.
تو صاحب مصنفي خود کن چه خوش گفته غزل ”بيدل“
اگر فخري کنم خواهد، جواب کوتري دارد
(2).
انتخاب ڪلام
مڙگان تنهنجو سنان هن ۽ تير جو نمونو
ابرو تنهنجون ڪمان هن شمشير جو نمونو.
آهنگر کي چئو تون ڏيکاري زلف زنگي،
سوهي زدن جو سوهي زنجير جو نمونو.
آ خاڪِ بظاهر هو سرمئهِ جواهر،
ڏس غور سان هي آهي اڪسير جو نمونو.
مخمور چشم تنهن جي مجروح مون کي ڪيڙو،
تيغِ اجل آ تنهن جي تحرير جو نمونو.
منجهه حسن جي بلاشڪ ثاني تون ماهه ڪنعان،
بيشڪ رهيو برابر تهوير جو نمونو.
”بيدل“ ڪو حال موڪل محبوب يار ڏي ڪو،
هن ناله و فغان جي تاثير جو نمونو(1).
-
آيو اڄ ناز سان نگار نگار،
جان جانيءَ مٿان نثار نثار.
مشڪ ۾ بوءِ زلف جنهن جي جي،
آهه مشهور منجهه تتار تتار.
يار دلدار کي ڏسي خوش ٿيس،
چيم حمد و شڪر هزار هزار.
مان ڪيو عرض هي عجيبن کي،
ناز ڪٺلن کي تون جيار جيار.
محب منٺار کان ٿيس ممنون،
چاهه غب غب چيم عذار عذار.
مان ڪئي يار سان هم آغوشي
دوس دلدار سان دوبار دوبار.
آهه هر روز مه ڪمال و زوال،
ساقي سهڻو سدا بهار بهار.
ورد بيدل هميشه اين باشد
ساقيا جام ڀر پيار پيار
(1).
|