رشيد احمد ”رشيد“ لاشاري
(8 اپريل 1922ع – 20 سيپٽمبر 1970ع)
رشيد احمد ولد زرڪ خان لاشاري تخلص ”رشيد“ جي
ولادت ڳوٺ ملگزار، تحصيل نصير آباد، ضلع سبي
بلوچستان ۾ ٿي. هو مير گهرام لاشاري جي مامي مير
حده لاشاري جي اولاد مان هو. اوائلي تعليم چار
درجا اردو ۾ حاصل ڪيائين، پر والد جي وفات کان
پوءِ پنهنجن چاچن وٽ ڪنڌڪوٽ ۾ رهڻ لڳو، جتان 1936ع
۾ سنڌي ورنيڪيولر فائينل جو امتحان پاس ڪيائين.
1937ع کان 1940ع تائين فقيري اختيار ڪري حضرت
سلطان باهو جي اولاد صاحبزاده فيض سلطان جي صحبت ۾
پنجاب، بلوچستان ۽ افغانستان جي وادين ۾ سفر ڪندو
رهيو
(1).
1941ع ۾ مدرسته اشرف العلوم شڪارپور ۾ ڪنز ۽ ڪافيه
تائين پارسي نصاب ۽ عربي علوم حاصل ڪيائين.
رشيد جي طبع سيمابي هئي، هن جي پير کي هڪ هنڌ
ٽڪاءُ ڪين ايندو هو. تنهن ڪري هن گهڻيون نوڪريون
ڪيون ۽ جلدي جلدي نوڪريون بدلائيندو رهيو. جنهن
ڪري مختلف اسڪولن ۽ شهرن ۾ پرائمري ماستر ٿي رهيو.
1948ع ۾ ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد جا امتحان
پاس ڪري ڪامياب ٿيو، جتي جلد ئي استاد مقرر ٿيو.
هن ان زماني ۾ پنجاب يونيورسٽي مان اديب فاضل ۽
اورينٽل ڪاليج حيدرآباد مان اديب عالم ۽ سنڌ
يونيورسٽي مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. هن جي
لياقت ڏسي هن کي اورينٽل ڪاليج حيدرآباد ۾ سنڌي
ادب ۾ ليڪچرر مقرر ڪيو ويو. هن ڊاڪٽر بلوچ جي زير
نگراني تيار ٿيندڙ سنڌي لغت ۾ ڪم ڪيو، 1956ع ۾
حيدرآباد کي ڇڏي ڪراچي هليو آيو جتي سنڌي فلمن جي
آکاڻين، ڊائلاگن ۽ گيتن لکڻ جو ڪم ڪيائين. سندس
فلمي گيت سنڌ ۾ نهايت مقبول ٿيا.
رشيد ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي بورڊ، ماهوار نئين
زندگي جو اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ عبدالله هارون ڪاليج
لياري ۾ ليڪچرر ٿي ڪم ڪيو مگر هو اتي به رهي نه
سگهيو.
رشيد کي دم جي تڪليف هئي جا ساري زندگي کيس
تنگ ڪندي رهي. بيماري ۽ تڪليف ده حالتن ۾ رهي به
هن گهڻو ڪجهه لکيو ۽ سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ گهڻو
ڪجهه ڪيو. سندس شايع ٿيل ڪتابن مان ڪي هي آهن 1.
شاهه جي رسالي جون مختلف شرحون، 2. لطيف باغ جو
سير (نظم) 1954ع، 3. ڪليات گدا (ترتيب 1957ع)، 4.
سچل جو سرائيڪي ڪلام (ترتيب 1958ع)، 5. مثنوي نل
دمينتي (1959ع)، 6. بلهي شاهه جون ڪافيون (1962ع)،
7. حضرت سلطان باهو (1964ع)، 8. سچل جو اردو ڪلام
(ترتيب 1965ع)، 9. شڪنتلا (ناٽڪ).
رشيد جي ساري زندگي ناسازگار حالات ۽ ڪشمڪش ۾
رهي، هو پنهنجي دورِ حيات ۾ اختلافن ۽ دشمنين جو
آماجگاهه رهيو. طبع جي تيزي ۽ جذباتي هئڻ ڪري ڪيئي
اختلافي معرڪا اهڙا پيدا ٿيا جن ۾ رشيد سڀ کان پيش
پيش رهيو
(1).
رشيد پنهنجي دور جو قادرالڪلام شاعر هو،
ڪيتريون زبانون ڄاڻندو هو ۽ انهن ۾ بي انتها رواني
سان ڪلام چئي سگهندو هو. هن کي في البديه شعر چوڻ
تي ڪمال حاصل هو. هن شاعري جي هر صنف ۾ آساني سان
گهڻو ڪجهه لکيو. سندس ڪلام فن ۾ پختو لفظن ۽
محاورن ۾ چست، دلپذير ۽ دل نشين هو. هن زندگيءَ
جون گهڻيون تلخيون ڏٺيون هيون، تنهن ڪري سندس ڪلام
۾ سندس ناڪامين ۽ محرومين جي محزون تصوير پڻ سمايل
آه.
رشيد جي وفات جي هجري ۽ عيسوي تاريخون،
عبدالله اثر هڪ قطعه ۾ هن ريت ڪڍيون آهن:
”اثر“ هجرت جو سن هاتف ٻڌايو ”دم قدم بخشش“
1390 هه
مسيحي ”رحمتِ داور به لاشاري رشيد احمد“
(2).
1970ع
ڪلام جو نمونو
ڀل ڏسي ڪو منهنجو اُجڙيل آشيانو باغ ۾،
ڪک ۽ پن کان پڇي منهنجو فسانو باغ ۾.
مان ٿيس پيدا چمن ۾، پر گلن تي حق نه آهه،
آهه ڇا مون لاءِ خالي، قيدخانو باغ ۾.
پر وڍيا گهوريا، نه اي صياد، وڍ منهنجي زبان،
ڪير ڳائيندو ڀلا منهنجو ترانو باغ ۾.
باغبان گلشن تي سمجهي ٿو فقط پنهنجن جو حق،
مان وسائڻ ٿو گهران سارو زمانو باغ ۾.
هن، خزان کان اڳ قفس مون لاءِ هو ٺاهي رکيو،
گهربو هو صياد کي خالي بهانو باغ ۾.
خار يا غنچو هجين، بلبل هجين، يا گل ”رشيد“،
جو هجين بلڪل بجا پر هج يگانو باغ ۾
(1).
-
بندگيءَ ۾ ئي ته ذلت آهي،
مون کي ڪنهن سان نه شڪايت آهي.
راحتِ دل ڇو ڪريان توکان طلب،
درد تنهنجو ئي غنيمت آهي.
ڇو پيان جامِ خوشي منهنجي لاءِ،
دل سندو خون ئي شربت آهي.
ڪا غرض دل کي ٿي ڇيڙي ورنه،
ڪنهن جي ڪنهن ساڻ عداوت آهي.
گل بدن آڻ ڪي اميد جا گل،
منهنجي دل ياس جي تربت آهي.
آهه دنيا سان ئي عقبيٰ اي ”رشيد“،
مون کي دنيا سان به رغبت آهي
(1).
-
احمد خان ”آصف“ مصراڻي
]8
جولاءِ 1922ع –
[
احمد خان ولد محمد اسماعيل مصراڻي تخلص ”آصف“
سنڌ جي ڪهنه مشق غزل گو شاعرن مان آهي. سندس ڳوٺ
مٺو ٻٻر، تعلقو خيرپور ناٿن شاهه ضلع دادو ۾ آهي.
1936ع ۾ سنڌي فائينل جو امتحان پاس ڪيائين ۽ 1939ع
۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو، سڄي زندگي ٻارن ۽
ٻهراڙين ۾ تعليم جي روشني پکيڙيندي گذاري اٿائين.
سندس شاعري جي شروعات 1937ع کان حافظ محمد
احسن چنا ۽ جمع خان ”غريب“ جي شاگردي سان ٿي. حاجي
محمود ”خادم“ لاڙڪاڻي واري کان به گهڻو فيض حاصل
ڪيو اٿس. سندس ڪلام پهريان اديبِ سنڌ ۾ شايع ٿيندو
هو. مختلف بزم مشاعرن ۽ ادبي انجمنن سان وابسته
رهيو آهي، جهڙوڪ انجمن آفتاب ادب دادو، جمعيت
الشعراءِ، سنڌي سڌار سوسائٽي ڪڪڙ، بزم طالب ۽ بزم
طالب الموليٰ خيرپورناٿن شاهه. ڪجهه وقت ڊاڪٽر نبي
بخش بلوچ سان لوڪ ادب اسڪيم ۾ پڻ ڪم ڪيو اٿائين.
آصف جا ڪيترا علمي، ادبي ۽ تاريخي ڪتاب شايع
ٿي چڪا آهن، جن مان ڪي هي آهن:
ارمغانِ آصف (شاعري 1948ع)، گلزار چنبيلي (ٻه
ڀاڱا، قصو 1956ع)، ادبي رهاڻ (علم و ادب)، روميءَ
جون رهاڻيون (شاعري).
آصف سنڌ جي انهن ٿورن شاعرن مان آهي، جن کي
قطعه تاريخ لکڻ ۾ مهارت حاصل آهي. هن سنڌي ۽ فارسي
۾ ڪيتريون سٺيون قطعه تاريخون لکيون آهن. سندس غزل
تي پارسي شاعري جو رنگ غالب آهي. سندس ڪلام ۾ برهه
جي باتين ۽ هجر جي راتين جو زياده ذڪر آهي. سندس
غزل جي ٻولي ۾ پڻ پارسي ۽ عربي لفظن جي آميزش
زياده آهي.
ڪلام جو نمونو
محبت جون ڪهاڻيون ياد رهنديون،
ڪهاڻيون قرب هاڻيون ياد رهنديون.
وصال و هجر ٿيا معيارِ الفت،
رساما ۽ رهاڻيون ياد رهنديون.
ڇڏيا جن عشق ۾ سڀ شوق شاهي،
اُهي راڻا ۽ راڻيون ياد رهنديون.
نراليون نينهن جون ڳالهيون اي ”آصف“،
نيون توڻي پراڻيون ياد رهنديون.
-
دل تي غمن جو گهيرو سولي ته ڳالهه ناهي،
بازن جي وچ ۾ ڳيرو، سولي ته ڳالهه ناهي.
شرميلڙين اکين کي، خوني ڪجل بنايو،
آيو ڇڙين کي ڇيرو، سولي ته ڳالهه ناهي.
شيرين دهن، شڪر لب، جي گفتگو سان ڀيٽڻ،
ماکي، مکڻ جو ٽيرو، سولي ته ڳالهه ناهي.
قومون ۽ ملڪ ٺهندا آهن صدين پڄاڻا،
اوندهه مان ٿئي سويرو، سولي ته ڳالهه ناهي.
اٽو لٽو اجهو اي ”آصف“ ملي سڀن کي،
اهڙو وري ڪو ويرو، سولي ته ڳالهه ناهي.
-
شيخ مبارڪ ”اياز“
]23
مارچ 1923ع –
[
مبارڪ ولد غلام حسين شيخ تخلص ”اياز“ شڪارپور
۾ تولد ٿيو. ابتدائي تعليم شڪارپور ۾ ورتائين.
مئٽرڪ شڪارپور هاءِ اسڪول مان ۽ بي.اي ۽ ايم اي،
ڊي.جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ مان پاس ڪيائين. 1950ع ۾
ايل. ايل. بي ڪري ڪراچيءَ ۾ وڪالت شروع ڪيائين.
پوءِ سمورو وقت سکر ۾ وڪالت ڪندو رهيو. 1976ع ۾
جناب ذوالفقار علي ڀٽي جي ترغيب تي سنڌ يونيورسٽي
جو وائيس چانسلر ٿيو. مگر ڀٽي صاحب جي طاقت مان
هٽڻ کان پوءِ به وقت جي فوجي حڪومت سان تعاون
برقرار رکي وائيس چانسلر قائم رهيو، جتان جنوري
1980ع ۾ کيس رٽائر ڪيو ويو.
شيخ اياز سنڌ جو اهو شاعر آهي جنهن کي ٻين
شاعرن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مقبوليت حاصل ٿي آهي. هو
پُرگو شاعر آهي ۽ هر صنف ۾ طبع آزمائي ڪئي اٿائين.
بنيادي طرح وائي، ڪافي، گيتن ۽ بيتن جو شاعر آهي.
پر غزل جي زمين ۾ به وک وڌائي اٿائين ۽ ان ۾ ڪافي
جي رنگ جي ملاوت ڪري ڪي تجربا به ڪيا اٿائين.
هن جا پراڻا غزل جيڪي ”ڀونر ڀري آڪاس“ ۾ شايع
ٿيل آهن تن جو رنگ جيتوڻيڪ ڪي قدر پراڻو آهي مگر
انهن جي ٻولي وڻندڙ، پُراثر ۽ دلڪش آهي. اياز
پنهنجي غزلن جي اها ڪشش پنهنجن ٻين مجموعن ”ڪلهي
پاتم ڪينرو“ ۽ ”ڪي جو ٻيجل ٻوليو“ ۽ ”ڪپر ٿو ڪُن
ڪري“ ۾ قائم رکي نه سگهيو آهي، ان جو سبب اهو ٿو
معلوم ٿئي ته شيخ صاحب پنهنجي خيالن کي ٺيٺ ٻوليءَ
جو محتاج بنائي ڇڏيو آهي. هن جي غزلن ۾ جتي مي ۽
مينا، حسن ۽ عشق جي جذبن جو اظهار آهي، اتي پنهنجي
ڌرتي ۽ ڌرتيءَ جي مارن جي پچار پڻ آهي.
اياز جون هيٺيون تصنيفون شايع ٿي چڪيون آهن:
سفيد وحشي (ڪهاڻيون 1946ع)، 2. پنهل کان پوءِ
(ڪهاڻيون 1954ع)، 3. ڀونر ڀري آڪاس (شاعري 1962ع)،
4. ڪلهي پاتم ڪينرو (شاعري 1963ع)، 5. جي ڪاڪ
ڪڪوريا ڪاپڙي (خط 1963ع)، 6. شاهه جي رسالي جو
اردو منظوم ترجمو (1963ع)، 7. جل جل مشعل جل
(شاعري 1967ع)، 8. هي گيت اُڃايل مورن جا (شاعري
1968ع)، 9. رت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي (شاعري 1968ع)،
10. ڪي جو ٻيجل ٻوليو (شاعري 1970ع)، 11. ڪپر ٿو
ڪن ڪري (شاعري 1972ع)، 12. وڄون وسڻ آيون (شاعري
1973ع).
ڪلام جو نمونو
ڇا چوان آ ڪير مهمان اي اديون،
آ اڱڻ ۾ چنڊ مون سان اي اديون.
رات ڀر منهنجي کٽولي تي مٿان،
چنڊ گهوريو ٿي عجب مان اي اديون.
نيهن آيو مينهن وانگر، هاءِ هاءِ،
پيو ٽڙي دل جو گلستان اي اديون.
حاصلِ صد زندگي، آهي اگرچه،
بي وفا آ عمر انسان اي اديون.
هي سڪوتِ شام ۽ هي ڪونجڙيون،
هي اڪيلو روحِ انسان اي اديون.
سنڌ جو هي شاعرِ يڪتا ”اياز“،
آهه ڪنهن جي لئه غزل خوان اي اديون
(1).
-
ڪوئي انتي جو امڪان،
سڏ پڙاڏو ٻئي حيران.
تڙڦي ٿي تهذيب اڃا،
ڪيڏو وحشي آ انسان.
ساڳيا پاپيءَ جا پنجوڙ،
ساڳيو زر جو آ زندان.
ساڳيو ڏاڍي جو ڏهڪاءُ،
هيڻو اڳ جهڙو حيران.
جاري ساڳي جنگ جدل،
عاري ساڳيو امن امان.
ميخاني ۾ پيو نه پتو،
ٻاهر رات هيو طوفان
(1).
-
عبداللطيف ”راز“ بلڙائي
]12
ڊسمبر 1923ع –
[
عبداللطيف ولد عبدالستار ڪوريجو تخلص ”راز“ جي
ولادت ڳوٺ درويش ضلع ٺٽي ۾ ٿي. پر سندس حياتيءَ جو
گهڻو وقت ٽنڊي محمد خان ۾ گذريو. سندس نوڪري پوليس
ڊپارٽمينٽ ۾ هئي، جتي ترقي ڪري اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر
پوليس ٿيو.
شعر شاعري ۾ ”بسمل“ ٽکڙائي ۽ مخدوم محمد زمان
طالب الموليٰ جي شاگردي اختيار ڪيائين.
کيس شاعري سان نهايت گهڻي محبت هئي، بزمِ خليل
حيدرآباد جي مشاعرن ۽ سنڌ جي مختلف ادبي ڪانفرنسن
۾ شوق سان شريڪ ٿيندو هو. بزم طالب الموليٰ جو
سرگرم ڪارڪن هو ۽ ٽنڊي محمد خان ۾ بزم بسمل جو
بنياد وڌو هئائين، جنهن جي ماتحت طرحي مشاعرا
منعقد ٿيندا هئا.
هن جا هيٺيان ناول ۽ افسانن جا ڪتاب شايع ٿيل
آهن: گناهه (ناول 1952ع)، شرابي (ناول 1952ع)، بک
۽ بيڪاري (افسانا 1952ع)، گلبدن (افسانا). افسوس
جو سندس نظم جو ڪوبه ڪتاب هن وقت تائين شايع ٿي نه
سگهيو آهي.
راز غزل جو شاعر هو، سندس شاعري جو رنگ قديم
هو. سندس غزل جي زبان رنگين، انداز بيان دلڪش ۽
وڻندڙ هو.
ڪلام جو نمونو
ورد آهي برزبان آهه و فغان توکان سواءِ،
مثل دشمن آهه ٿيو سارو جهان توکان سواءِ.
اُن ستمگر کي خدارا ايترو چئجان وڃي،
مهربان سڀڪو ڏسان نامهربان توکان سواءِ.
ڇو وساريو آهه تو وعدو وفا جو جان من،
ڪيئن گذاريندو حياتي ناتوان توکان سواءِ.
ڇو ڏئين ٿو ”راز“ کي تون ايترو رنج و الم،
جنهن جون اکيون ٿيون هن آبِ روان توکان سواءِ
(1).
-
اٿم جهوري سڄڻ تنهنجي وڇوڙي جي اڃا تائين،
نه پهچي ٿو سگهان ڪنهن پر پرين تنهنجي نشان تائين.
حقيقت سڀ کلي پوندي، ڪري ڏس آزمائش تون،
عدوءَ جي عشق جي دعوا اٿئي بس امتحان تائين.
ڪيو مشهور مون توکي، نه ڪر برباد مون کي تون،
سندءِ شهرت ٿي وابسته سندم نام و نشان تائين.
عبادت آهي ڪرڻي ٿي طريقا ٿيا جدا آهن،
وڃي زاهد ٿو مسجد ۾، اسين ڪوءِ بتان تائين
(2).
-
سيد لطف علي ”منظور“ نقوي
]17
مئي 1924ع) -
[
سيد لطف علي شاهه ولد سيد حسين علي شاهه نقوي
جو شجرو حضرت مخدوم جهانيان جهان گشت سان ملي ٿو.
سندس ولادت ٽنڊي جهانيان ۾ ٿي. مئٽرڪ جو امتحان
پاس ڪرڻ کان پوءِ حڪيم عبدالڪريم عباسي وٽ طب
پڙهيو. ان کان پوءِ طب جي تعليم لاءِ دهليءَ ويو،
جتان ”ڪامل الاطباءِ“ جي سند حاصل ڪيائين. کيس
فنونِ لطيفه سان دلچسپي رهي آهي. مصوري، موسيقي ۽
شاعري جو سٺو ڄاڻندڙ آهي، سندس خاندان ۾ ڪيترا
شاعر ٿي گذريا، تنهن ڪري شاعري کيس ورثي ۾ ملي
آهي. ”منظور“ شاعري جي گهڻو ڪري سڀني صنفن ۾ طبع
آزمائي ڪئي آهي، مگر کيس غزل ۾ ئي بلند درجو حاصل
ٿيو آهي. غزل سندس دل جي گهراين مان نڪتل اهو آواز
آهي جيڪو ٻين دلين کي متاثر ڪري ڇڏيندو آهي. سندس
غزل ۾ قديم رنگ سان گڏ جديد رنگ جو ميلاپ آهي،
جنهن ڪري سندس غزل پڙهڻ ۽ ٻڌڻ ۾ مزو هوندو آهي.
گهڻو ڪري ”منظور“ پنهنجو ڪلام پرلطف ترنم سان
پڙهندو آهي.
”منظور“ گهڻن سالن کان ريڊيو پاڪستان سان
وابسته آهي جتي ريڊيو ٻڌندڙن لاءِ هر ڪنهن قسم جو
ادب لکيو اٿائين. هو بزم خليل حيدرآباد جي خاص
رڪنن مان هڪ آهي.
ڪلام جو نمونو
آخر شبِ فراق جي تارن کي ڇا ڪريان،
توکان سوا حسين نظارن کي ڇا ڪريان.
هي رنگ گل جو عڪس جلائي ٿو زخمِ دل،
مان هن چمن جي دوست شرارن کي ڇا ڪريان.
باقي سرور آهه اڃا تنهنجي بزم جو،
مان بادههِ صفا جي خمارن کي ڇا ڪريان.
غم تنهنجو آهه منهنجي حياتي جو ماحصل،
بيگانئهِ خوشي ٿي قرارن کي ڇا ڪريان.
منظور هاڻ آههِ طلاطم جو انتظار،
ڪشتيءَ کي ڇا ڪريان ۽ ڪنارن کي ڇا ڪريان.
-
هي عڪسِ حقيقت عڪس اگر آهي ته حقيقت ڇا هوندي،
جلون ڏي ڏسو جلون ڏي ڏسي، سوچيو ته قيامت ڇا هوندي.
بيگانئه قسمت کي آخر قسمت سان شڪايت ڇا هوندي،
جنهن دل جو سهارو تون نه هجين تنهن دل جي حقيقت ڇا هوندي.
زندان جي فضا کان ڪجهه پڇجي زنجير کان ڪجهه معلوم ڪجي،
جو هوش ۾ دامن چاڪ ڪري تنهن مست جي وحشت ڇا هوندي.
آهن جي تسلسل مان سمجهو هر آهه سان دل ڇڪجي ٿي اچي،
تسڪين جي صورت هي آهي تڪليف جي صورت ڇا هوندي.
منظور ستم پرور سان ڀلا هن غم جي شڪايت ڇا معنيٰ،
جنهن دل ۾ خدا جو ڊپ ناهي تنهن دل ۾ مروت ڇا هوندي.
-
|