تفسير آية بسم الله جو پهريون ورق
تفسير آية بسم الله جو آخري ورق
محمد کي مِهر منجها دعا سڀ ڪِجاهُ
ته ٿئيس شفاعت منجها بسم الله جو ڪو بهرو نصيبا
جو رساڻيس جنت ۾ پڻ لوُرئيسِ لقاءُ
تِہ ”خليفي“ کي خير سين ايمانُ ڪي عطا
ساڻِ مِڙني مومنين، جي ڪلمو ڪَهنِ ٿا.“ (19)
هن مخطوطي جو ڪاتب ميان محمد احسن آهي، جنهن هن نسخي کي اصل تان
21- رجب 1228هه/ 20- جولاءِ 1813ع تي نقل ڪيو.
تاريخي لحاظ کان، اهو زمانو ٽالپرن جي پهرئين
چوياريءَ جي ٽئين رُڪن مير ڪرم علي خان ٽالپر جو
هو.
ڊاڪٽر شيڪل جي مٿي بيان ڪيل عبارت مان اهو گمان ظاهر ٿئي ٿو ته
خليفي ميان محمد جو بسم الله جو اهو منظوم سنڌي
ترجمو ڄڻ جدا صورت ۾ آهي. ليڪن ان دور جي عالمن ۽
بزرگن جي قرآن پاڪ جي سورتن جي منظوم سنڌي ترجمن ۽
تفسيرن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ اسان انهيءَ راءِ جا
آهيون، ته بسم الله جو هيءُ منظوم ترجمو ۽ تفسير
ضرور ڪنهن سورت جي مُنڍ ۾ هوندو. انهيءَ سلسلي “،
”تفسير هاشمي“ يا ان کان پوءِ خليفي صاحب جي همعصر
عالمن جي تفسيرن ۾ اها ڳالهه واضح طور ڏسڻ ۾ اچي
ٿي ته هر عالم قرآن پاڪ جي سورت جي ترجمي ۽ تفسير
بيان ڪرڻ کان اڳ ۾، بسم الله جو ترجمو ۽ تفسير
بيان ڪيو آهي. خليفي صاحب جي والد مخدوم عبدالخالق
ٺٽويءَ جي استاد ۽ مرشد مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحه
پڻ پنهنجي ”تفسير هاشمي“ ۾ پهريائين بسم الله جو
ترجمو، تفسير ۽ ان جون برڪتون بيان ڪيون آهن. انهي
ڪري خليفي صاحب پڻ پنهنجي متقدمين خواه همعصر
عالمن ۽ بزرگن کان متاثر ٿي ضرور ائين ڪيو هوندو.
ازان سواءِ آية بسم الله جي ترجمي ۽ تفسير ۾، ان
الڳ رسالي جي پوري ٿيڻ جي تاريخ ۽ سن وغيره به نه
ڄاڻايو آهي. جيڪڏهن اهو ترجمو ۽ تفسير ڪنهن سورت
کان هجي ها، ته خليفو صاحب ان دور جي دستور موجب
رسالي جي منڍ يا آخر ۾ ان جي شروعات يا پوري ٿيڻ
جي تاريخ ۽ سال وغيره ضرور ڄاڻائي ها. جهڙيءَ طرح
خليفي صاحب پنهنجي ٻئي رسالي ”تفسير سورة الملڪ“ ۾
ڪتاب پوري ٿيڻ جي تاريخ ۽ سال صاف طرح سان ڄاڻايو
آهي:
پُنو ترجمون تبار(ڪ) جو منجهه مهيني محرما
سُن اڪاره سا ٽِرئانوئهون ستايَهم تاريخا(20)
ساڳئي وقت خليفي ميان محمد جي هڪ همعصر عالم ميان مهرو ولد
سرهيي سن 1206هه/ 1792ع ۾ 29 پاري ”تبارڪ الذي“ جو
”رغبة الطالبين“ جي نالي سان منظوم سنڌي ترجمو ۽
تفسير ڪيو. هن پڻ پنهنجي تفسير جي مُنڍ ۾ ان دور
جي عالمن جي رواج موجب، بسم الله جو ترجمو، تفسير
۽ برڪتون لکيو آهن. ميان مهرو لکي ٿو:
ته جي تفسير ڪرين تُون سيپاري تبار (ڪ) جي جو منجهه سنڌي لُغتا
ته وٺن نفع ماڙُو (ماڻهو( اُن سنڌي تفسير ڪَنا
ڪَنِ دُعا توکي منجهه درگاهه الله جي پَڙڻ (پڙهڻ)
پُڄاڻا
پوءِ جوڙئون مون تفسير تبارڪ جي کي ساڻ تفسير بسم
الله. (21)
تفسير جي آخر ۾ پڻ ان ڳالهه جي ٻيهر نشاندهي ڪيل آهي.(22)
اسان جي خيال موجب برٽش ميوزم وارن سنڌ جي ٻين عالمن جي ڪتابن
سان گڏ خليفي صاحب جي مذڪوره رسالن کي شايد ائين
ئي محفوظ ڪيو آهي، جيئن کين مختلف موقعن تي اهي هٿ
آيا آهن.
بهرحال انهيءَ مٿينءَ بحث کان پوءِ اسان جو گمان قوي ٿئي ٿو ته
خليفي ميان محمد جو هيءُ ”تفسير آية بسم الله“
امڪاني طرح ضرور ”تفسير سورة الملڪ“ سان شامل
هوندو.
2- تفسير سورة الملڪ: هيءُ قرآن پاڪ جي 29پاري الذي“ جي پهرين
سورة ”ملڪ“ جو منظوم سنڌي ترجمو ۽ تفسير آهي. هيءُ
تفسير ڪلهوڙن جي پوئين زماني جي قديم تفسيرن مان
هڪ آهي. هيءَ ترجمو ۽ تفسير، ٺٽي جي مشهور عالم
خليفي ميان محمد ان دور جي مروج سنڌي ۾ لکيو. هن
وقت تائين هن تفسير جي باري ۾ ڪنهن به عالم ڪو ذڪر
ڪونه ڪيو آهي. هن پوئين دور جي مشهور مؤرخ ۽ محقق
سيد حسام الدين راشديءَ پنهنجي مقالي ”ننگر ٺٽي ۾
تصنيف ۽ تاليف جو جائزو“ ۾ پڻ هن بزرگ جو احوال ۽
سندس تصنيفات جو ذڪر نه ڪيو آهي. (22) هيءُ تفسير
سنڌي زبان جي ڪلاسيڪي ادب جو هڪ ناياب شاهڪار آهي.
هن تفسير جي باري ۾ سڀ کان پهريائين مشهور انگريزي محقق ڊاڪٽر
شيڪل لنڊن جي برٽش ميوزم ۾ رکيل غير ملڪي زبانن جي
قلمي ڪتابن بابت پنهنجي مرتب ڪيل ڪئٽلاگ ۾، ذڪر
ڪيو آهي. ڊاڪٽر شيڪل لکي ٿو:
”ترجمو منظوم: سورة الملڪ“ (نمبر 67) از خليفو محمد: عربي شعر
ڳاڙهي مس سان چٽيل آهن. خليفو محمد، مخدوم محمد
هاشم جي مريد مولوي عبدالخالق جو پُٽ هو، جيڪو پاڻ
به مصنف هو. مصنف جو چوڻ آهي ته هيءُ ترجمو محرم
1193هه ۾ پورو ٿيو. خليفي محمد پورهيي جي ابتدا هن
ريت ڪئي آهي:
ساراهجي تِہ صاحب کي جِہ قادر مُڪو قرآن
مٿي مير محمد ڪارڻي جو شفيع سَڀَ جهان.“ (24)
ڊاڪٽر شيڪل هن قلمي نسخي جي باري ۾ ڄاڻايو آهي ته
هيءُ منظوم ترجمي تي مشتمل آهي. حالانڪ خليفي صاحب
ترجمي سان گڏ اُن جو تفسير به بيان ڪيو آهي. ساڳئي
وقت ڊاڪٽر قرآن پاڪ جي آيتن کي الائجي ڪهڙي خيال
سان ”عربي شعر“ ڪري سڏيو آهي، جو پنهجيءَ جاءِ تي
سندس علمي پستيءَ جو ثبوت آهي. هيءُ مخطوطو 63
صفحن تي پکڙيل آهي. پهرئين صفحي تي 9 سِٽون ۽ باقي
ٻين سمورن صفحن تي 11 سِٽون آهن. عربي – سنڌي ”خط
نسخ“ ۾ لکيل آهي. مخطوطي جي آخر ۾ ڪاتب جو نالو ۽
ان جي ڪتابت ٿيڻ جو سن وغيره ڄاڻايل نه آهن. خليفي
ميان محمد پنهنجي درو جي رواج مطابق مخطوطي جي آخر
۾ ڪتاب جي پوري ٿيڻ جي جي تاريخ ۽ سال هن ريت
ٻڌائي آهي:
تفسير سورة الملڪ جو پهريون ورق
تفسير سورة الملڪ جو آخري ورق
پُنو ترجمون تبار(ڪ) جو منجهه مهيني محرما
سَنُ اِڪاره سا ٽِرئا نوئِهُون سَتَايَهمِ تاريخا
جيڪو پڙهي هِن سنڌيءَ کي ڪِ سُهڻي سهد منجها
سو دُعا ڪـري ”محمد“ کي کڻي ٻئي هٿڙا. (25)
خليفي ميان محمد جي انهيءَ مٿينءَ عبارت مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته
پاڻ سورة الملڪ جو منظوم سنڌي ترجمو ۽ تفسير 27
محرم الحرام 1193هه/ 1789ع تي لکي پورو ڪيو
هئائين. جيئن ته خليفي صاحب پنهنجي زماني جو دستور
مطابق قرآن پاڪ هن سورة جو منظوم ترجمو ۽ تفسير،
مڪتبن ۽ مدرسن جي شاگردن لاءِ نصاب طور ۽ عام
ماڻهن جي سمجهڻ ۽ ان مان برڪت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيو
هو؛ ان ڪري اهو ممڪن آهي ته هيءُ قلمي نسخو نقل در
نقل ٿيندو آيو هجي. ان لحاظ کان، هن قلمي نسخي کي
مصنف جو اصل نسخو سمجهڻ به غلط ٿيندو.
ساڳئي وقت جهڙيءَ طرح ”تفسير آية بسم الله“ جي آخر ۾ ڪاتب
پنهنجو نالو ۽ ڪتابت جي تاريخ ۽ سن ڄاڻايو آهي، ان
طرح رسالي ۾ اهو نه ڄاڻايو ويو آهي. اهو ئي سبب
آهي، جو هن قلمي نسخي جي مطالعي مان ائين معلوم
ٿئي ٿو، ته هيءُ رسالو ڪنهن ڄاڻو ڪاتب جو ڪتابت
ڪيل نه آهي.
خليفي صاحب جي سنڌيءَ جو علمي ۽ ادبي جائزو
خليفي مخدوم ميان محمد پنهنجي دور جي وڏن عالمن وانگر مروج سنڌي
زبان ۾ ڪتاب لکڻ وارو مقصد ۽ اصولن تي عمل ڪندي،
ان ساڳئي انداز ۾ پنهنجي تصنيف ۽ تاليف جو سلسلو
جاري ڪيو. خليفي صاحب جي دور ۾ سنڌي عالمن وٽ
تصنيف ۽ تاليف لاءِ هيٺيان ٽي مکيه اصول مقرر ٿيل
هئا:
- پهريون ته هڪ عالم هر ڪنهن موضوع تي مڪمل طرح عبور حاصل هئڻ
گهرجي. ساڳئي وقت هر موضوع ۽ مضمون جي لحاظ کان،
ان بابت الڳ الڳ مسئلن جي پوريءَ طرح ڄاڻ هئڻ
گهرجي.
- ٻيو ته هڪ عالم لاءِ اهو به ضروري آهي ته هن کي عربي ۽
فارسيءَ سان گڏ پنهنجي مادري ٻولي سنڌيءَ تي به
پوري مهارت حاصل هجي.
- ٽيون ته هر موضوع کي سهڻي. صحيح ۽ عام فهم عبارت ۽ مضمون بيان
ڪرڻ جي ڏات هجي.
خليفي صاحب جي ”سنڌيءَ“ جي اڀياس مان اهو چٽيءَ طرح معلوم ٿئي
ٿو ته سندس ”سنڌي“ انهن مٿي بيان ڪيل ٽنهي اصولن
جي ڪسوٽيءَ تي پوري طرح ٺهڪي اچي ٿي. خليفي صاحب
کي هر موضوع ۽ مضمون جي بيان تي مڪمل دسترس حاصل
هئي. کيس عربي ۽ فارسيءَ سان گڏ سنڌي ٻوليءَ تي به
مڪمل عبور حاصل هو. ان ڪري هُن ”تفسير آية بسم
الله“ ۽ ”تفسير سورة الملڪ“ جي مضمون کي نهايت
احسن نموني ۾ بيان ڪيو آهي، جو ٿوري ڄاڻ رکندڙ
سنڌي ماڻهو به اُن کي آسانيءَ سان پڙهي ۽ سمجهي
سگهي ٿو.
منڍ ۾ بيان ڪيل ”مادري زبان سنڌيءَ ۾ تعليم ڏيڻ واريءَ تحريڪ“
جي مقبوليت جي اثر هيٺ ڪلهوڙن جي دور جي عالمن ۽
بزرگن، انهيءَ مقصد تحت پنهنجا ڪتاب ۽ رسالا“
”سنڌيءَ“ ۾ تصنيف ۽ تاليف ڪرڻ شروع ڪيا. خليفو
ميان محمد پڻ انهيءَ تحريڪ جو خاص مُهرو هو، ۽ هُن
”آية بسم الله“ ۽ سورة الملڪ“ جو منظوم ترجمو ۽
تفسير به انهيءَ مقصد ۽ اُصول پٽاندر ڪيو. سندس
اهو ڪارنامو پنهجي جاءِ تي هڪ اعليٰ ۽ صلاحيت وارو
آهي. قرآن پاڪ جي ترجمي ۽ تفسير جهڙي ڏکئي مضمون
کي هُن نهايت ئي ڪاميابيءَ سان سنڌي زبان ۾ بيان
ڪيو آهي. اسان هتي انهن ٻنهي رسالن جو علمي ۽ ادبي
جائزو بيان ڪريون ٿا.
1- مضمون:
تفسير آية بسم الله:- خليفي مخدوم ميان محمد جي هن رسالي ۾
بيان ڪيل مضمون، سندس موضوع جي نالي مان ئي صاف
ظاهر ٿئي ٿو ته هن رسالي ۾ ”بسم الله الرحمن
الرحيم“ جو سنڌي ترجمو ۽ تفسير بيان ڪيو ويو آهي.
خليفو صاحب کان اول انهن ٻنهي اسمن ”الرحمنٰ“ ۽
”الرحيم“ کي ڀلاين ۽ برڪتن سان هم ڪناري ڪري، نازل
ڪيو. انهن ٻنهي پاڪ اسمن کي جيڪو به دل جي
گهرائيءَ، صفائيءَ ۽ سچائيءَ سان هر وقت پڙهندو
رهندو؛ ته رب ڪريم هن جي رزق ۾ ڪشادگي فرمائيندو،
قبر ۾ سندس گناهن جي ڍال بڻجندو ۽ دوزخ جي باهه
کان به محفوظ رهندو. خليفي صاحب اُنهن سڀني ڳالهين
کي نهايت ئي صاف لفظن ۾ حديث جي ڪتابن ۽ مستند
راوين جي روايتن سان بيان ڪيو آهي. پاڻ چوي ٿو.
”هاڻي برڪاتون بسم الله جُون سُهڻو مومنا
آهي جِہ جي بي ۾ سڄي قرآن جي معنيٰ
ٿيو مشغول تِہ سِين آ ۽ (اوهان) سنجهي صبوحا
ته نه ڏئا ڏاتار دنيا ۾ اَهُکُ ڪو اَصُلا
آگي اول ۾ ڪتابت هن اُمت جي مُڪِي بسم الله
پڻ الرحمنٰ الرحيمِ جا اسم ٻئي ڀلا
اِتان سڃاڻي سَڀ ڪو ته آگو راضي آهه
ڪندو معاملو هن اُمت سين سَهُکو سَڀِنئا. (26)
خليفي صاحب آية بسم الله جو ترجمو ۽ تفسير بيان ڪندي ڪيترين ئي
جاين تي هن آيت جي فضيلت ۽ برڪت سان واسطو رکندڙ
ڳالهين لاءِ حڪايتون ۽ قصا بيان ڪيا آهن، جن جي
ڪري هن آيت جي باري ۾ پڙهندڙن جي دلين ۾ وڌيڪ
عقيدت ۽ اهميت پيدا ٿئي ٿي. ان سلسلي ۾ جيڪي
حڪايتون بيان ڪيون ويون آهن، تن مان ٻه مثال هيٺ
ڏجن ٿا:
(الف) حضرت عمر رضه جي خلافت جي دور جي تذڪرو آهي ته انهيءَ
زماني ۾ روم جي شهنشاهه کي مٿي ۾ سُور پيدا ٿي
پيو، ۽ اهو ڪيترين ئي دوائن ۽ حيلن سان دفع نه پئي
ٿيو. قيصر روم، حضرت عمر رضه کان ان بابت علاج
موڪلڻ لاءِ اسرار ڪيو. حضرت عمر رضه کي ٽوپي
ٺهرائي کيس رواني ڪئي، جنهن جو اندر ”بسم الله
الرحمن الرحيم“ جو اسم تحرير ٿيل هو. قيصر روم
جڏهن اها ٽوپي استعمال ڪندو هو ته مٿي جو درد دفع
ٿي ويندو هئس. آخر ۾، قيصر روم جي حڪم سان، ان
ٽوپي جي انهيءَ اصرار معلوم ڪرڻ لاءِ ان کي کوليو
ويو ته منجهائنس ”بسم الله الرحمن الرحيم“ جو اسم
تحرير ٿيل نڪتو.
(ب) هڪ يهودي نوجوان هڪ حسين و جميل يهودڻ تي عاشق ٿي پيو.
آخرڪار، اهي ٻيئي نوجوان مرد ۽ عورت، بسم الله جي
طُفيل، دينوي عشق جي چنبي کان آزاد ٿي، اسلام جي
دائري ۾ آيا.
اهڙيءَ ريت هن رسالي ۾ بسم الله جي برڪتن ۽ ڀلاين جي باري ۾
ڪافي مثال ڏنا ويا آهن. ان کان سواءِ، هن آيت
سڳوريءَ جي مضمون ۽ مفهوم کي نهايت ئي سهڻي نموني
۾ سمجھايو ويو آهي. خليفي صاحب جتي جتي حديثون
بيان ڪيون آهن، اُتي ان جو ترجمو پڻ نظم ۾ ڏيندو
ويو آهي. ترجمو ۽ تفيسر ڪندي، ڪيترن ئي مستند
ڪتابن، عالمن، مفسرن ۽ محدثن جا حوالا به ڏنا ويا
آهن، جھڙوڪ: حضرت ابوبڪر صديق رضه، حضرت عمر رضه،
حضرت عثمان رضه، حضرت ابن عمر رضه، حضرت ابن مسعود
رضه، اسرار الفاتحت وغيره.
جيئن ته خليفو ميان محمد هڪ وڏو جيد عالم هو. پاڻ تفسير، حديث ۽
فلسفي جو وڏو ڄاڻو هو. هُن آية بسم الله جي ترجمي
۽ تفسير ۾ تفسيرن ۽ حديث جي ڪتابن کان سواءِ قرآن
پاڪ جي ڪيترين ئي ٻين آيتن کي مضمون جي مناسبت طور
ڀراءَ ۾ ڏنو آهي؛ يعني آية بسم الله جو ترجمو ۽
تفسير ”تفسير باالقران“ ڪيو آهي، جنهن مان ظاهر
ٿئي ٿو ته خليفو صاحب تفسير جو علم مان بخوبي واقف
هو.
تفسير سورة الملڪ:- خليفي مخدوم ميان محمد هن رسالي ۾ قرآن
پاڪ جي اوڻٽيهين پاري جي پهرئين سورة ”الملڪ“ جو
منظوم سنڌي ترجمو ۽ تفسير بيان ڪيو آهي. خليفي
صاحب هن سورة جي ترجمي ۽ تفسير بيان ڪرڻ کان اڳ ۾،
مُنڍ ۾ تمهيد طور الله تعاليٰ ۽ رسول ڪريم صلي
الله عليه وسلم جي حمد ۽ ثنا کان پوءِ، هن سورة
جون فضيلتون ۽ برڪتون بيان ڪيون آهن، ۽ انهن کي
حديث جي روشنيءَ ۾ بيان ڪري اهو ثابت ڪيو اٿائين،
ته هيءَ سورة وڏيءَ حڪمت ۽ فضيلت واري آهي. جيئن
پاڻ چوي ٿو:
”سُهڻو ڀلايُون سُور(ة) تبار(ڪ) جون حديثون ڪنا
ته فرمائيو رسول رب جي عالمن اماما
ته آهي سُور(ة) قرآن ۾ ٽريهه آيتنئا
سا پڙهندڙ جي حق ۾ ڪندي شفاعتا
تان بخشيندو سبب تِہ سُور(ة) جي آگر قاري کا
تَبارڪ الذي بيده الملڪ سُورَ(ة) سُنهاري سا
حضرت ابو هُريري روايت ڪي سچي حديث اها
ترمذي ۽ نسائيءَ ۾ سا ڪڍي نهار جاهُ“ (27)
ان کان پوءِ خليفو صاحب هن سورة جي ڀلاين ۽ برڪتن تي اڃا به
وڌيڪ روشني وجهندي چوي ٿو ته هيءَ سورة پنهنجي
پڙهندڙن جي حق ۾ قبر ۾ ڇوٽڪاري جي باعث ٿيندي، ۽
روز محشر ۾ خداوند تعاليٰ جي سامهون اُن شخص جي
ڇوٽڪاري لاءِ جهڳڙو ڪندي ۽ نيٺ هن جي ڇوٽڪاري جو
سبب بڻجندي، ۽ الله تعاليٰ فرمائيندو ته اُن شخص
کي جنت ۾ داخل ڪريو*
ايترين فضيلتن ۽ برڪتن واريءَ سورة لاءِ خليفو صاحب تاڪيد ڪندي چوي ٿو ته ان
کي هر شخص ياد ڪري پڙهندو رهي ۽ اهو پنهنجي اولاد
۽ پاڙيسريءَ کي پڻ ياد ڪرڻ لاءِ زور ڀريندو رهي.
نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن هن سورة کي جمعي
جي ڏينهن صبح واري نماز ۽ خود جمعي جي نماز ۾
پڙهندا هئا. خليفي صاحب انهن فضيلتن ۽ برڪتن جو
بيان ڪندي، مضمون جي مناسبت سان اصحابي سڳورن جا
قصا ۽ حڪايتون به بيان ڪيون آهن.
ان کان پوءِ خليفو صاحب هن سورة جي سنڌي زبان ۾ ترجمو ۽ تفسير
لکڻ جو سبب ڄاڻائيندي لکي ٿو:
”جڏه فضل سُور(ة) تبار(ڪ) جو پڌرو ٿيو پيدا
تڏه ترجمو ڪِئم تهجو سهجو سنڌي واءِ
ته معنيٰ سُهڻي محبت سين پَرنِ (پڙهن) پرت
مـنجا.“ (28)
ان کان پوءِ خليفو صاحب هن سورة جي نازل ٿيڻ جو هنڌ بيان ڪندي
ٻڌائي ٿو ته هيءَ سورة مڪي پاڪ ۾ نبي ڪريم صلي
الله عليه وسلم جن تي نازل ٿي هئي ۽ هن ۾ ٽيهه
آيتون ٻه رڪوع آهن. ان بعد، هن سورة ۾ آيتن جي
لفظن جو ڳاڻيٽو ۽ منزلن جو ذڪر ڪيو ويو آهي.*
خليفي ميان محمد هن رسالي جي ابتدا ۾ انهن سڀني مٿي بيانن ڪيل
ڳالهين کان پوءِ پنهنجي اصل مقصد کي اُجاگر ڪرڻ
لاءِ هن صورة جو باقاعده ترجمو ۽ تفسير لکڻ شروع
ڪيو آهي. هر هڪ آية جو نهايت ئي سهڻي نموني ۽ آسان
ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي. هن ترجمي جي مطالعي
کان پوءِ اهو ذهن نشين ٿئي ٿو ته خليفي صاحب
هروڀرو تحت اللفظ جو ترجمو نه ڪيو آهي، پر مُرادي
معنيٰ وٺي پوءِ ترجمو ڪيو آهي ان کان پوءِ اُن جو
تفسير بيان ڪيو آهي.
خليفو صاحب جيئن ته گهري مطالعي جو صاحب هو ۽ ”اصول تفسير“ مان
به چڱيءَ ريت واقف هو، ان ڪري هن پنهنجي ترجمي ۽
تفسير ۾، مضمون جي لحاظ کان، قرآن پاڪ جي ٻين
لاڳاپو رکندڙ آيتن کي مثال طور بيان ڪيو آهي. ان
مان اسان جي مٿي ڪيل راءِ جي پٺڀرائي ٿئي ٿي ته
پاڻ ”تفسير باالقران“ جي اصول جو وڏو ڄاڻو هو ۽ ان
تي پورو پورو عمل ڪيو اٿائين.
خليفي صاحب پنهنجي ترجمي ۽ تفسير ۾ حديث جي ڪيترن ئي معتبر ۽
مستند ڪتابن، تفسيرن، عالمن، مفسرن ۽ محدثن جا
حوالا سند طور ڪم آندا آهن، جهڙوڪ: عبدالله بن
مسعود، ابوهريره (عبدالرحمان بن صخر)، امام حسين
عليه السلام ، عبدالله ابن عباس مُلقب ترجمان
القرآن، انس بن مالڪ، امام محمد بن مسلم، مصنف
عبدالرزاق، مسند بن حميد، الجامع الصحيح بخاري،
صحيح مسلم جامع ترمذي، سنن نسائي، معجم طبراني،
مستدرڪ حاڪم، سنن ڪبريٰ بيهقي، شعب الايمان
بيهقي، فردوس ديلمي، ابن عساڪر، الصحاح المختيار
ضيا القدسي، تفسير مدارڪ، الڪاشف عن حقائق التنزيل
وغيره.
خليفي صاحب هن ترجمي ۽ تفسير ۾ ڪيترن آسماني ستارن جهڙوڪ: زحل،
مريخ، مشتري، شمس، زهره، عطارد، قمر وغيره، قمر
وغيره جا نالا ڏيئي، انهن جي سمجهاڻي ڏني آهي.
انهيءَ مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته خليفو صاحب ٻين
علمن سان گڏ ”علم هيئت“ ۾ پڻ وڏي مهارت رکندڙ هو.
بهرحال ”سورة الملڪ“ جو هيءُ ترجمو ۽ تفسير هدايت سان ڀرپور
آهي. هن سموري ترجمي ۽ تفسير کي نهايت ئي سهڻي
نموني ۾ اول کان آخر تائين نباهيو ويو آهي. هن
رسالي جي مضمون کي ڏسي ان ڳالهه جو اقرار ڪرڻو پوي
ٿو ته خليفو ميان محمد پنهنجي دور جي وڏن منفرد
عالمن مان هڪ هو.
2- نظم جو سٽاءُ ۽ جوڙجڪ
خليفي مخدوم ميان محمد جي سنڌي نظم جي سٽاءُ ۽ جوڙجڪ جو فني
لحاظ کان جائزو وٺڻ سان اهو معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ
پنهنجي دور جي مروج سنڌي نظم جي ماڻ ۽ ماپن کان
بلڪل چڱيءَ طرح واقف هو. سندس والد ميان عبدالخالق
پڻ پنهنجي وقت جو هڪ ناميارو عالم ۽ سنڌي زبان جو
وڏو ماهر هو، جنهن ”مطلوب المومنين“ نالي هڪ ڪتاب
سنڌي نظم ۾ جوڙي تيار ڪيو، ۽ اُن کي سندس اُستاد ۽
مربي مرشد مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحه ڏاڍو پسند
ڪيو. مخدوم محمد هاشم رحه ان ڪتاب جو اصلاح ڪري،
ان کي پنهنجن ٻن ڪتابن ”زادالفقير“ ۽ ”راحة
المومنين“ سان شامل ڪري، ان دور جي درسي نصاب ۾
شامل ڪيو. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته خليفي ميان محمد
جي گهر ۾ خود انهيءَ قسم جي شاعري رائج هئي، جنهن
جو مٿس گهرو اثر پيو. خليفي صاحب ”سنڌيءَ“ جو
ڳوڙهو مطالعو ڪرڻ سان اهو صاف طرح ظاهر ٿئي ٿو ته
سندس ”سنڌيءَ“ تي انهن ٻنهي بزرگن جو اثر غالب
آهي. ازان سواءِ، خليفو صاحب پنهنجي دور جي همعصر
شاعرن ۽ عالمن جي جوڙيل سنڌي نظم جي ڪتابن مان به
چڱيءَ طرح واقف هو.
خليفي ميان محمد پنهنجي دور جي مروج ڊگهن نظمن يا ڪلمن واري
شاعريءَ جي روپ ۾ سنڌيءَ ۾ ”آية بسم الله ۽ ”سورة
الملڪ“ جي ترجمي ۽ تفسير کي قلمبند ڪيو آهي.
انهيءَ قسم جي شعر کي ”ڪبت“ ڪي چئبو آهي. (29) هن
قسم جو شعر ڊگهي نظم يا ڪلمي جي صورت ۾ لاڳيتو هڪ
ئي قافيي تي ٺهيل هوندو آهي. هن جو قافيو الف
اشباع، ”و“، ”ن“، ”آن“ ۽ ”ي“ وغيره تي ٻڌل هوندو
آهي. هن قسم جي نظم ۾ مصرعن جي تعداد تي ڪابه
پابندي نه هوندي آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن پنجن ڇهن مصرعن
کان پوءِ قافيو بدلجندو رهندو آهي. هن قسم جي نظم
جو بنياد ڇنڊوديا جي اصولن تي هوندو آهي ڪن عالمن
جو رايو آهي ته ان قسم جو طويل نظم، اصل ۾ نثري
نموني وارو نظم هو ۽ اهو اُن دور ۾ عام مقبول ٿيو.
دراصل هن قسم جي سنڌي نظم کي جڏهن هندي ڇند رچنا
جي اصولن تي پرکجي ٿو ته اهو معلوم ٿئي ٿو ته اهو
نظم پنهنجي سٽاءَ ۽ جوڙجڪ جي لحاظ کان هنديءَ جي
ڇند رايڻ، دڪپال ڇند ۽ ات بروا سان تعلق رکي ٿو.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي صاحب جو رايو آهي ته هندي شاعريءَ جي
صنفن مان ڇند رايڻ، دڪپال ڇند ۽ ات بروا طويل نظم
چيل آهن، ۽ سنڌ جي شاعرن پڻ انهيءَ نموني تي ڊگها
نظم جوڙيا آهن. (30)
خليفي صاحب جي سنڌي نظم جي سٽاءُ ۽ جوڙجڪ جي ترتيب جو جائزو وٺڻ
سان اهو بلڪل درست معلوم ٿئي ٿو ته سندس نظم جو
بنياد بڻائي، شروع کان آخر تائين قائم رکيو آهي.
خليفي صاحب قرآن پاڪ جي ”آية بسم الله“ ۽ سورة الملڪ“ جي ترجمي
۽ تفسير جي موضوع کان طويل نظم جي صورت ۾ پلٽيو
آهي. جيتوڻيڪ سندس نظم جو نمونو سادو آهي، پر ان ۾
جاذبيت، دلڪشي ۽ نغمگي سمايل آهي. خليفي صاحب
پنهنجي نظم ۾ موضوع جي لحاظ کان تسلسل قائم رکيو
آهي ۽ ان ۾ موزونيت قائم رکڻ لاءِ قافيي ۾ ”الف“
جو اضافي سهارو ورتو آهي:
”قدرة کي رب عظيم جي آهي سَکَ (سگهه) سُڀ ڪا
جي ڪو پري (پڙهي) اوڻيهه اکر بسم الله جا سين ادب
اخلاصا
ٿيندي پناه زبانين ڪنا ۽ ڍال تهم لاءِ
اکر اکر جا بسم الله جي هيڪڙي ايڏا مرتبا
ڪتاب ”اسرار لفاتحت“ ۽ لکيائي نُڪتا
پڻ آهي حضرت صديق ڪنا هنپر پچارا
ته جي ڪو پري (پڙهي) بسم الله کي سڃي سمد منجا
ته آگو ڏِئاريس آخرت ۾ درخت سندو طوبيٰ
ٿو ٽُٻيون ڏئي قِام ڏيہ (ڏينهن) مَنجہ جنت نعيما.“
(31)
”پڻ حضرت ابن مسعود ڪنا آهي روايتا
ته فرمايو رسول رب جي سيد سردارا
ته تبار(ڪ) سُور(ة) جا سا آهي مانع تا
ڪنا عذاب قبر جي پهجي (پنهنجي) پڙهندڙ کا
جو پري (پڙهي) سڀ ڪہ (ڪنهن) رات ۾ ته ڇُٽي عذابا
پڻ حضرت رافع ۽ ابو هُريري ڪنا آهي حديثا
ته فرمايو رسول رب جي حضرت محمدا
ته سچي سُور(ة) اسان اُتي آهي اُلٿِي جا
سا آهي تبار(ڪ) ڀلي ٽريہ آيتون يڪجا
سا آهي مانع قبرن ۾ ڪنا
عذاباً. (32)
خليفو صاحب اُنهي قسم جي سٽاءُ ۽ جوڙجڪ واري ڊگهي نظم ۾ ڪافي حد
تائين ڪامياب ويو آهي. جيتوڻيڪ اڪثر ڪري الف اشباع
وارو قافيو استعمال ڪيو اٿائين، پر ڪٿي ڪٿي ”آ“ جي
آواز جو ڪوبه فرق قائم نه رکيو اٿائين. ساڳئي وقت
”آن، ۽ ”آه“ جي بدران ”آ“ يا ڪٿي وري ”واءُ“ ۽ ”ء“
وغيره پڻ زائد ڪم آندو اٿائين.
مثال طور:
پوءِ ويئي پهجي کَرَ (گهر) ڏُوهُ (ڏانهن)، ڪري تعظيم بجاءِ.
(33)
ــــــ
هي سڀ آهين ٽولَ تولاءِ خالق خلقئا. (34)
ـــــ
”محمد“ کي مِهر منجها، دعا سڀ ڪجاه
ته ٿئيس شفاعت منجها بسم الله جي ڪو بهرو نصيبا
جو رساڻيس جنت ۾ پڻ لُورائيس لقاءُ
تِہ ”خليفي“ کي خيرسن ايمانُ ڪري عطا
ساڻ مڙني مومنين، جي ڪلهو ڪـهن ٿا. (35)
ــــــ
پڻ ڪي جَکَرو (جهڳڙو) قبر ۾، پهجي پرندر (پڙهندڙ) لاءِ
آهي سُر تبار(ڪ) اهڙي سکي ياد ڪجاهُ
ديلمي سَندَ پَهجي ۾، لڪي حديث سا
جڏهن فضل سُور تبار(ڪ) جو، پڌرو ٿيو پيدا
تڏه ترجمو ڪئم تهجو، سهجو سِندي واءَ
ته معنيٰ سُڻي محبت سين، پَرَنِ (پــڙهن)
پرت منجا (36)
خليفو صاحب جيئن ته عربي ۽ فارسي زبانن جو وڏو عالم هو ۽ کيس
انهن ٻولين تي تمام گهڻي دسترس حاصل هئي، انهيءَ
ڪري پاڻ پنهنجي نظم ۾ ڪيترين جاين تي قرآن پاڪ جون
آيتون، حديثون ۽ عربي ۽ فارسيءَ جا مقولا مثال
طور ڪتب آندا اٿائين. مثلاً:
فرمايو رسول رب جي خاتم الانبياء
من قال لاالہ الا الله مخلصاً خالصاً
دخل الجنة سهڻو حديث سا
ته جو مڃي هيڪڙائي رب جي، منجا اخلاصا
اُو ٿيندو داخل جنت ۾، سڻي ياد ڪجاهُ ... الخ (37)
ـــــــ
سي ست آسمان، عرش ۽ ڪرسي خالق خلقئا
پِئا ڦِرن کِرن (گهرن) قدرت سين، سندي سلطانا
وَڪُل في فَلڪَ يسبـحون اِتا پروڙ جاه ... الخ
(38)
انهيءَ مٿئين غير سنڌي عنصر جي ڪري سندس نظم جي ماترائن ۾ ڪافي
واڌ ڏسڻ اچي ٿي، ليڪن ان جي باوجود سندس نظم ۾
ميٺاج ۽ دلڪشيءَ ۾ ڪابه گهٽتائي نه ٿي اچي.
خليفي صاحب جي نظم ۾، خاص طرح سان ”تفسير آية بسم الله“ ۾ پنجن
ڇهن مصراعن تائين ساڳيو قافيو هلي ٿو؛ پر جڏهن
لفّظ ”بسم الله“ تي اچي قافيو ختم ٿئي ٿو، ته اتي
قافيي بدلجڻ ڪري ڪجھ تبديلي رونما ٿئي ٿي.
خليفي ميان محمد جڏهن ”آية بسم الله“ ۽ سورة الملڪ“ جو منظوم
سنڌي ترجمو ۽ تفسير لکيو ته ان وقت سندس اڳيان
اهوئي مقصد هو ته قرآن پاڪ جو آسان، عام فهم ۽
دلڪش نظم ۾ ترجمو ۽ تفسير ڪيو وڃي ته جئين مڪتبن ۽
مدرسن جا شاگرد ان کي پوريءَ طرح سان سمجھي ۽ ياد
ڪري سگھن.
انهيءَ سلسلي ۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحه ۽ خليفي صاحب جي والد
مخدوم عبدالخالق ٺٽويءَ جي نظم ۾ جيڪي شاعراڻيون
خوبيون ۽ بندشون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، اهي ساڳيون خليفي
صاحب جي نظم ۾ پڻ نمايان نظر اچن ٿيون. انهيءَ
لحاظ کان سندس نظم جو سٽاءُ، ترتيب ۽ جوڙجڪ اعليٰ
۽ بلند پايي جا آهن.
3- ٻوليءَ جو استعمال:
”مادري زبان سنڌيءَ ۾ تعليم ڏيڻ واريءَ تحريڪ“ جڏهن سنڌي ۾
ڪاميابي حاصل ڪئي، تڏهن سنڌ جي عالمن ۽ فاضلن
انهيءَ مٿئين نظريي کي قبول ڪندي ۽ انهيءَ اصول تي
ڪاربند رهندي، سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪتاب تصنيف ۽ تاليف
ڪيا. انهيءَ خيال سان ته عام ماڻهن ۽ شاگردن کان
علاوه گھٽ علم وارا به انهن ڪتابن جو مطلب ۽ مفهوم
چڱيءَ طرح سان سمجھي سگھن. خليفي ميان محمد پڻ
انهيءَ نظريي ۽ اصول پٽاندر پنهنجي ”سنڌيءَ“ ۾ نج
سنڌي ٻولي استعمال ڪئي آهي.
خليفي صاحب جي ”سنڌيءَ“ جي اڀياس مان اهو چڱيءَ طرح سان ظاهر
ٿئي ٿو ته هُن ”تفسير آية بسم الله“ ”تفسير سورة
الملڪ“ ۾ جيڪا سنڌي ٻولي استعمال ڪئي آهي، اها
موجوده سنڌي کان البت ٻئي نموني جي آهي. اهوئي
ڪارڻ آهي جو هن موجوده وقت ۾ اها ”سنڌيءَ“ پڙهڻ ۽
سمجھڻ ۾ ڪافي دقت محسوس ٿئي ٿي. ساڳئي وقت لفظن جي
صوفي ۽ نحوي بناوت پڻ انوکي نوعيت واري آهي. اهي
لفظ هن دور ۾ گھٽ استعمال ۾ اچن ٿا، ۽ انهن جون
معنائون به گھڻو ڪري متروڪ ٿي چڪيون آهن.
خليفي صاحب پنهنجي ”سنڌيءَ“ ۾ جيڪي سنڌي لفظ استعمال ڪيا آهن.
تن جي اُچارن ۽ موجوده اُچارن ۾ به ڪافي فرق اچي
ويو آهي. اهڙيءَ طرح، خليفي صاحب جي ”سنڌيءَ“ جو
مطالعو ڪندي، اسان کي ڪي ڳالهيون نظر اچن ٿيون، تن
جو هتي ذڪر ڪجي ٿو.
(الف) صرفي اصول ۽ لفظن جي غير سنڌي بناوت:
عربن جي دور حڪومت کان وٺي مغلن جي دور تائين، پهريائين عربي ۽
پوءِ فارسي زبان جو اثر زياده رهيو. جيتوڻيڪ
ڪلهوڙن جي دور ۾ به فارسيءَ جو غلبو رهيو، ليڪن
”مادري زبان سنڌيءَ ۾ تعليم ڏيڻ واري تحريڪ“وڌيڪ
موثر ٿي چڪي هئي. هن وقت تائين سنڌي ادب جي تاريخ
مرتب ڪندڙن اهو پئي ڄاڻايو آهي ته سنڌي صورتخطي
لکڻ جو رواج مخدوم ابوالحسن ٺٽويءَ وڌو ۽ اهو پڻ
ڏانهس منسوب پئي ڪيو ويو آهي ته هن عربي اکرن جي
ڀڃ گھڙ ڪري، ان ۾ پنهنجي طرفان ڪجھ نوان اکر جوڙي،
عربي- سنڌي الف- ب تيار ڪئي ۽ اهڙيءَ طرح سنڌي
زبان ۾ لکڻ جو رواج جاري ٿيو؛ ليڪن اهو ڪنهن حد
تائين غلط آهي. مخدوم ابوالحسن جي دور کان ڪافي اڳ
۾، سنڌ جي عالمن ۽ معلمن ”مادري زبان سنڌيءَ ۾
تعليم ڏيڻ واري تحريڪ“ جي اثر هيٺ عربي- سنڌي الف-
ب جو رواج وڌو ۽ مخدوم ابوالحسن ان کي ترقيءَ تي
پهچايو.
جيئن ته خليفو ميان محمد ڪلهوڙن جي دور جو عالم هو ۽ هن انهيءَ
مٿينءَ تحريڪ جي مقبوليت کان متاثر ٿي، پنهنجي
متقدمين عالمن جو اثر قبول ڪندي، ان مروج عربي-
سنڌي صورتخطيءَ ۾ پنهنجي ”سنڌيءَ“ جوڙي راس ڪئي.
عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان اڳ واري هندو دور ۾، سنڌ ۾ ديوناگري،
سنسڪرت يا پراڪرت يا ٻيون ڪي هندو نموني جون
صوتخطيون رواج هيٺ هيون، جن جو سنڌي ادب جي تاريخ
۾ ڪافي ذڪر ڪيو يو آهي. عربن جي دور ۾، مقامي
سنڌيءَ جا ڪيترائي لفظ عربي زبان سان گڏجي ملي ويا
۽ ان ڪري لفظن جي صحيح صورتخطي اڻپوري ۽ ناقص ٿي
پيئي. جيئن ته عربي آوازسنڌي نه هئا ان ڪري به
لفظن جي صورتخطيءَ ۾ بگاڙ اچي ويو.
خليفي ميان محمد پنهنجي زماني کان اڳ يا همعصر عالمن ۽ ليکڪن
وانگر عربي رسم الخط ۾ استعمال ٿيندڙ سڀيئي حرف
علت ۽ اعرابيون جھڙوڪ: زير، زبر، پيش، جزم ۽ شد
استعمال ڪيون آهن، ۽ ان سان سنڌيءَ جي ”ڊگھي گُڻي“
۽ ”ڇوٽي گُڻي“، حرف علت کي ”تنوينن“ جي ذريعي
تحريري صورت ڏني آهي. اهوئي سبب آهي جو خليفي صاحب
جي ”سنڌيءَ“ ۾ استعمال ڪيل رسم الخط ناقص ۽ اڻپورو
لڳي ٿو. خليفي صاحب جو هروڀرو اهو ڏوهه نه آهي.
سندس دور ۾ اهو رواج هو ته هر هڪ لکندڙ پنهنجيءَ
پنهنجيءَ پسند آهر حرفن کي ملائي لکندو هو، ان ڪري
خليفي صاحب ۽ سندس دور جي عالمن جي ”سنڌين“ ۾ اڪثر
ڪيترائي ساڳيا لفظ مختلف نمونن ۾ نظر اچن ٿا.
آوازن جي صورت ۾ به اهي الڳ الڳ ملن ٿا، مثلاً:
ق= ڪ- ص=ث، س-ح=هه- ض=ظ، ذ،ز-ج=جھ-ک=(ڪ) گھ، ڳ-ر=ڙ
انهيءَ کان سواءِ، خليفي صاحب پنهنجي ”سنڌيءَ“ ۾ حرف صحيح ۽ حرف
علت ۾ ڪو به فرق نه رکيو آهي،
مثلاً:
اُپٽاياءِ= اُپٽايائين، تاءِ: تائين، تن= تتي، ٽُٻي= ٽٻيون،
چياسُ= چيوسين/ چيائون، رسُو= رَسُون،=
منجائو= منجھائون، نعمت= نعمتون، نئاءِ= نئائين.
اهو مٿيون طريقو ظاهر ڪري ٿو ته خليفي صاحب جي ”سنڌيءَ“ ۾ غير
سنڌي عنصر سمايل آهي. اهي حرف علت ۽ اعرابون
انهيءَ ڪري استعمال هيٺ هيون، ته جيئن مدرسن ۽
مڪتبن ۾ پڙهندڙ شاگردن کي تعليم ڏيڻ وقت کين انهن
جو پورو مطلب سمجھ ۾ اچي سگھي. خليفي صاحب جي
”سنڌيءَ“ ۾ ڪيترائي اهڙا ٺيٺ ۽ نج سنڌي لفظ به ڏسڻ
۾ اچن ٿا، جن تي مٿي بيان ڪيل اعرابون ڏنيون ويون
آهن. ان کان سواءِ خليفي صاحب جي دور ۾، سنڌي لفظن
جي هِجي ۽ پدن تي ايترو توجهه نه ڏنو ويندو هو،
هرڪو عالم پنهنجي پنهنجي نموني لفظن جي هجِي پيو
استعمال ڪندو هو. خليفي صاحب به پنهنجي ”سنڌيءَ“
۾، اهڙن ڪيترن ٺيٺ ۽ نج سنڌي لفظن جي هِجي کي ظاهر
ڪرڻ لاءِ پنهنجيءَ پر ۾ انهن کي مختلف نمونن ۾ ڪتب
آندو آهي.
آن= اوهان، آو=اوهين،=آهن،
آه=. آهين، اکيا=اڳيان، اَولم= اول ۾، اونيہ= انهيءَ، اهري=
اهڙي، ڀُن= ڀُونءِ، تُن= تون، تهجي= تنهنجي، تهرو=
تهڙو=، تهس= تنهن سان، تهڪري= تنهن ڪري، تہ= تنهن،
پُتر= پُٽ، پَڌرو، پري= پڙهي، جانسِي=جيسين،
جَکَرو= جهڳڙو، جيري=ڄيري (باهه)، ڇوتائي= ڇُٽائي
(ڇڏائي)، خُوش= خوش، زبانين= زبانن، سَحي= صحيح،
سَکُوري، =سڳوري، سُنڃاني= سُڃاڻي، فرمائِيو=
فرمايو، فلاني=فَلاڻي، کر= گهر، کرار= گهرڙا،
کوريندا= کوڙيندا، مُن=، مون، مهجا= منهنجا، مهرس=
مهر سان، وَنڃن=وڃين، هاني= هاڻي.
(ب) نحوي اصول ۽ لفظن جي غير سنڌي بناوت:
خليفي ميان محمد جي ”سنڌيءَ“ ۾ جيڪي نحوي بناوتون استعمال ڪيل
ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، اهي پڻ موجوده دور جي سنڌي ٻوليءَ
کان ٻئ نموني جون آهن. جيئن ته ان دور ۾ سنڌي زبان
جو ڪوبه اهڙو مڪمل ۽ مستند گرامر تيار ٿيل نه هو،
ان ڪري هر ڪنهن عالم نحوي بناوتن جي سسلي ۾ پڻ
پنهنجو پنهنجو رستو اختيار ڪيو آهي، يا ڪٿي وري هڪ
عالم ٻئي کان متاثر ٿي نحوي بناوتون اختيار ڪيون
آهن.
خليفي صاحب جي ”سنڌيءَ“ ۾ پراڻي زماني جون ”حالتي پڇاڙيون“ ڏسڻ
۾ اچن ٿيون، جي هن وقت رواج هيٺ نه آهن. هن موجوده
دور جي سنڌي زبان ۾ انهن جي بدران ”ظرف“ يا ”حرف
جر“ ڪتب اچن ٿا. پراڻي زماني جي ”سنڌين“ ۾ ”عدد
واحد“ جي پڇاڙيءَ ۾ ”آءُ“ گهڻي استعمال ٿيل آهي،
جا پوءِ اڳتي هلي اها ”ئُون“ ڪتب ۾ آئي، اهڙا مثال
خليفي صاحب جي ”سنڌيءَ“ ۾ به ملن ٿا، مثلاً: هيجا=
هيج سان وغيره.
خليفي صاحب ”ئون“ کي ”عدد جمع“ ۾ به استعمال ڪيو آهي. مثال طور:
الينئون= اکين سانم ڪنئون= ڪنن سان وغيره.
خليفي صاحب پنهنجي ”سنڌيءَ“ ۾ ”ضمير متڪلم واحد“ جي ”حالت
اضافت“ ڪري استعمال ڪيو آهي. ”مهجو“ اصل ۾ ”مہ“
آهي، جنهن سان ”جو“ ”حرف جر“ ملائي ”مهجو“ ڪيو
ويو آهي. ساڳيءَ طرح ”ضمير حاضر واحد“ ۾ ”تهجو“
لفظ ۾ ”تہ“ سان ”جو“ ملايو ويو آهي. اهڙيءَ طرح
”ضمير موصول“ جو به استعمال ڪيو ويو آهي. خليفي
صاحب جي دور ۾ اڪثر ڪري ”س“ کي ”ه“ ۾ تبديل ڪيو
ويندو هو. جهڙيءَ طرح ”جِس“ پوءِ ”جِہ“ ٿيو ۽ هاڻي
”جنهن“ لکجڻ ۾ اچي ٿو، اهڙيءَ طرح ”تِس“ ڦري ”تہ“
ٿيو ته ”تنهن“ لکجڻ ۾ اچي ٿو ”ضمير مبهم“ پڻ ”ڪِس“
مان ”ڪہ“ ٿيو ۽ هن وقت ”ڪنهن“ استعمال ۾ اچي ٿو.
انهيءَ قسم جا ”ضمير“ به خليفي صاحب جي ”سنڌيءَ“ ۾
جابجا ملن ٿا. خليفي صاحب ”ضمير متصل“ جو به
استعمال ڪيو آهي، مثال طور: تهم پڙهيم، ساڻم ڪڻم
وغيره.
اهڙيءَ طرح خليفي صاحب پنهنجي ”سنڌيءَ“ ۾ ضميرن جو استعمال ڪيو
آهي، جي گهڻو ڪري اِسمن، حرفن، ظرفن، ۽ فعلن جي
آخر ۾ استعمال ٿيل آهن. اهي نشانيون ڪن ڪن هنڌن تي
اهڙي نموني ۾ ڪتب آنديون ويون آهن، جو نظم جي
عبارت پڙهڻ ۽ سمجهڻ ۾ ڪافي مونجهارو ٿئي ٿو.
ساڳيءَ طرح اهي نشانيون وري زمانن جي آخر ۾ به
استعمال ڪيل آهن، جن مان ضميرن جو صحيح مطلب نٿو
نڪري. ”فعل معروف“ ۽ ”زمان مضارع“ ۾ ”ضمير واحد
غائب“ جي آخر ۾ ”اِي“ گهٽجي ”۽“ ٿيو پوي، جنهن جو
هن وقت استعمال نه آهي، مثلاً: پوءِ، چوءِ، وغيره.
ڪٿي ڪٿي ”مرڪب فعل“ به ڪم آندو ويو آهي.
بهرحال، خليفي ميان محمد ٺٽويءَ جي ”سنڌيءَ“ جو مطالعو ڪرڻ کان
پوءِ اهو چوڻو پوي ٿو ته هن پنهنجي دور جي عام
مروج لفظن ۽ ماحول کان متاثر ٿي پنهنجي ”سنڌيءَ“ ۾
اسمن، ضميرن ۽ فعلن جو استعمال ڪيو آهي. خليفي
صاحب جي دور جا اڪثر عالم ۽ ليکڪ گهڻو ڪري ”لاڙ“
واري علائقي سان تعلق رکندڙ هئا ۽ خليفو صاحب خود
پاڻ به ”لاڙ“ جو هو، انهيءَ ڪري هن پنهنجي جوڙيل
”سنڌيءَ“ ۾ ”لاڙ“ واري ڀاڱي سان تعلق رکندڙ سنڌي
ٻولي استعمال ڪئي آهي.
حوالا
(1) بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر: ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“،
پاڪستان اسٽڊي سينٽر، ڄامشورو سنڌ، ڇاپو ٽيون.
1990ع، ص 339
(2) بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر: ”شاهه لطف الله قادريءَ جو
ڪلام“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، ڄامشورو سنڌ،
1968ع، ڏسو مقدمو 26
(3) مانڊوي، محمد غوثي شطاري:”گلزار ابرار“ (اردو) مترجم فضل
احمد جيوري، اسلامڪ ورڪ فائونڊيشن لاهور، 1395هه/
1975ع، ص 275
(4) بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر: ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“، ص
340
(5) ايضاً، ص 41- 340
(6) ايضاً، ص 342
(7) ايضاً، ص 350
(8) ايضاً،
(9) ميمڻ، محمد صديق، خانبهادر: ”سنڌ جي ادبي تاريخ“، ڀاڱو
پهريون، آر. ايڇ. احمد ائنڊ برادرس، حيدرآباد سنڌ،
ڇاپو نائون، 1967ع،ص 59 ۽ 60.
(10) آڏواڻي، ڀيرومل مهرچند: ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“، سنڌي ادبي
بورڊ، حيدرآباد سنڌ، ڇاپو ٽيون 1972ع، ص 28- 226
(11) مخدوم ابوالحسن: ”مقدمة الصواة يعني ابوالحسن جي سنڌي“،
مطبع ڪريمي، بمبئي، 1327هه/ 1909ع، ص122
(12) لاکو، غلام محمد: ”انڊيا آفيس لئبرري لنڊن ۾ سنڌي قلمي
ڪتاب“ (مقالو)؛ ڏسو ٽماهي ”مهراڻ“ حيدرآباد سنڌ،
نمبر 3 سال 1986ع، ص91، (هي مقالو، ڊاڪٽر ڪرسٽافر
شيڪل جي تيار ڪيل انگريزي ڪتاب
Catalogue of the Punjabi and Sindhi Manuscripts in the India office
Library کي بنياد بنائي لکيو ويو هو. شيڪل صاحب جو اهو ڪتاب سن 1977ع ۾
شايع ٿيو.)-
- بلوچ نبي بخش خان، ڊاڪٽر: ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“، ص 395
(13) ميمڻ، محمد صديق، خانبهادر: ”سنڌ جي ادبي تاريخ“، ڀاڱو
پهريون، ص 88
(14) لاکو، غلام محمد: ”انڊيا آفيس لئبرري لنڊن ۾ سنڌي قلمي
ڪتاب“ (مقالو)، ص 92
(15) ايضاً، ص 91
(16) ايضاً، ص 90
(17) برٽن، رچرڊ فرانسز: ”سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون“،
مترجم حمد حنيف صديقي، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد
سنڌ، 1971ع.
(18) لاکو، غلام محمد: ”انڊيا آفيس لئبرري لنڊن ۾ سنڌي قلمي
ڪتاب“ (مقالو)، ص 89
(19) مخدوم، محمد خليفو: تفسير آية بسم الله (قلمي سنڌي)، مملوڪ
برٽش ميوزيم لئبرري لنڊن، ص 21- 22
(20) مخدوم، محمد خليفو: ”تفسير سورة الملڪ“ (قلمي سنڌي) مملوڪ
برٽش ميوزيم لئبرري لنڊن، ص 63
(21) دَلُ مهرو: ”تفسير سيپاري تبارڪ جو يعني رغبة الطالبين“،
مطبع حيدري بمبئي، ص4
(22) ايضاً، ص 72- 571
(23) سيد حسام الدين راشدي: ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“، انجمن تاريخ
سنڌ ڪراچي سنڌ، 1981ع، ص 777 کان 808
(24) لاکو، غلام محمد: ”انڊيا آفيس لئبرري لنڊن ۾ سنڌي قلمي
ڪتاب“ (مقالو)، ص91
(25) مخدوم، محمد خليفو: ”تفسير سورة الملڪ“ (قلمي سنڌي)، ص62،
63
(26) مخدوم، محمد خليفو: ”تفسير آية بسم الله“ (قلمي سنڌي)، ص 1
کان 3
(27) مخدوم، محمد خليفو: ”تفسير سورة الملڪ“ (قلمي سنڌي)، ص 1-2
(28) ايضاً، ص 14
(29) سيد عبدالحسين موسوي ۽ محمد ابراهيم عباسي: ”سرهاڻ“، سنڌ
پرنٽنگ پريس حيدرآباد سنڌ 1958ع، ص 46، 64
(30) جوڻيجو عبدالجبار: ”سنڌيون“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي
ڄامشورو سنڌ، 1970ع، ص 22، 23
(31) مخدوم، محمد خليفو: ”تفسير آية بسم الله“ (قلمي سنڌي)، ص
8کان 10
(32 مخدوم، محمد خليفو: ”تفسير سورة الملڪ“ (قلمي سنڌي)، ص 4
(33) مخدوم محمد خليفو: ”تفسير آية بسم الله“ (قلمي سنڌي)، ص 16
(34) ايضاً، ص 17
(35) ايضاً، ص 22
(36) ايضاً، مخدوم، محمد خليفو: ”تفسير سورة الملڪ“ (قلمي
سنڌي)، ص 14
(37) ايضاً، ص 36
(38) ايضاً، ص 26
*
سنڌ
جي اڪثر قديم شهرن جهڙوڪ: ٺٽي، نصرپور، خدا
آباد، روهڙي، بکر، سکر، حيدرآباد ۽ سيوهڻ
وغيره جي قديم قبرستانن ۾، اهڙيون بيشمار
مزارون ملن ٿيون، جن جي پيلي يا سفيد پٿر تي
گجراتي ڪاريگرن جون نهايت ئي نفيس (حاشيو
هلندڙ) نموني ۾ قرآن پاڪ جون آيتون ۽
سورتون اُڪريل آهن، جن مان گهڻن تي ”سورة
الملڪ“ اُڪريل آهي. ان جو به صرف اهو ئي مقصد
آهي ته جيئن ان سورة جي طفيل قبرواري کي
ڇوٽڪارو ۽ سُڪون نصيب ٿئي ۽ روز محشر تائين
اُها ان لاءِ ڍال بڻجي.
|