ليکڪ هيڪلائي سبب پاڻ اورڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هن جو مثال ان
ڏورانهين تاري وانگر آهي، جيڪو اشارا موڪليندو رهي
ٿو. ليکڪ نه ٻڌائي ۽ نه سيکاري ۽ نه ئي حڪم ڪري
ٿو، بلڪ معنيٰ جا، احساس جا ۽ مشاهدي جا ناتا قائم
ڪرڻ چاهي ٿو.
- جان اسٽئڪ بئڪ
منهنجو خيال آهي ته لکڻ بيحد مشڪل ڪم آهي، پر جيڪو به ڪم احتياط
سان ڪيو وڃي، مشڪل هوندو آهي. ڪنهن ڪم کي ڪاملتا
سان راس ڪرڻ ئي امتيازي ڳالهه آهي. اديب خود پسند
۽ نرگسي طبيعت جا مالڪ هوندا آهن. اهي پنهنجي پيڙا
کي وڌائي بيان ڪندا آهن. پر جيڪا شيءِ آءٌ گهڻي
پسند ڪريان ٿو، اها آهي ڪم کي انتهائي خوبصورتيءَ
سان ڪرڻ.
- گارشيا مارڪيز
اياز قادري
قصو هڪ عشقباز جو
”جهڙيءَ طرح وڻ کي پاڻيءَ جي، ڪار کي پيٽرول جي، ڏيئي کي تيل جي
ضرورت هوندي آهي. اهڙيءَ طرح انسان کي عشق جي
ضرورت هوندي آهي. عشق ئي آهي ماڻهو جو ماڻهوءَ کي
بنائي ٿو. جنهن انسان جي زندگيءَ ۾ عشق پير نٿو
پائي، انهيءَ انسان جي حياتي ڍورن مثل ٿئي ٿي. نه
سندس کلڻ ۾ خوشي، نه سندس روئڻ ۾ راحت. سڄي زندگي
خچرن وانگر کائي، گڏهن وانگر هينگي، هن دنيا ۾
جهڙو آيو اهڙو هليو وڃي ٿو.“ ڪليم اهي لفظ شفيق کي
اهڙي انداز ۾ چيا، جيئن ڪو گُرو پنهنجي شاگرد کي
گيتا جو گيان يا جيئن ڪو عالم پنهنجي معتقد کي دين
جو درس ڏيندو هجي يا فلاسافيءَ جو استاد سقراط ۽
بقراط جو فلسفو سمجهائيندو هجي.
ڪليم اهي لفظ چئي ٿوري دير خيالن ۾ ائين گم ٿي ويو جيئن ڪو
سوامي اکيون ٻوٽي پنهنجي ڌيان ۾ گم ٿي ويو هجي
ٿوري ويرم کان پوءِ، هن وري اکيون ائين کوليون ڄڻ
هن کي سڃاڻپ جي اٿاهه ساگر مان املهه ماڻڪ ۽ موتي
مليا هجن. ٿورو مرڪي وري چيائين، ”شفيق! تنهنجي
زندگيءَ ۾ بهار تڏهن ايندو جڏهن عشق ايندو. جيئن
وڻن ۾ رنگ برنگي گل ٽڙي پوندا آهن، چو طرف سرهاڻ
ڇانئجي ويندي آهي، جنهن سان دل ۽ دماغ کي راحت ۽
خوشي ملندي آهي، اهڙيءَ طرح عشق انساني زندگيءَ کي
باغ بهار بنائي ٿو ڇڏي. هن جي خيالن ۾ راحت، هن جي
ڳالهائڻ ۾ راحت ۽ هن جي ساهه ۾ راحت هوندي آهي.“
ڪليم يونيورسٽيءَ جو تيز ۽ تڪڙو شاگرد هو. ڳالهائڻ ۾ ڀَڙ،
پنهنجي مطلب جي ڳالهه سَوَن نمونن ۾ پيش ڪندو، چرب
زبانيءَ سان اڳلي کي قائل ڪري وٺندو. شڪل صورت جو
موچارو، لٽي ڪپڙي جو ٺاهوڪو. عشق جي راند جو
آزمودگار. جهڙيءَ ريت زميندار ڪار، فلم ايڪٽر لباس
۽ سياستدان سياسي پارٽي جلد جلد تبديل ڪندا رهندا
آهن، اهڙيءَ طرح يونيورسٽي ۾ ڪليم سان وقت به وقت
نئين گرل فرينڊ نظر ايندي هئي.
”مگر عشق ٻن قسمن جو ٿيندو آهي. هڪ جيڪو ڪيو ويندو آهي، ٻيو
جيڪو ٿي ويندو آهي. جيڪو ڪيو ويندو آهي ان لاءِ
پيسن جي ضرورت هوندي آهي. پيسو محبت جون باقي
منزلون پاڻهي طي ڪري وٺندو آهي، يا ان ۾ ڪاميابي
لاءِ عقل ۽ همت جي ضرورت هوندي آهي. عقل محبت جي
شطرنج جون سڀ چالون مات ڪري وٺندو آهي ۽ همت سان
هٿ وڌائي محبوب کي حاصل ڪري وٺبو آهي.“
شفيق هڪ سعادتمد شاگرد وانگر ڪليم جي ڳالهه ٻڌي ۽ دل ۾ هنڊائڻ
لڳو. هو هڪ سادو سودو جوان هو. ڪا ڳالهه هن جي دل
۽ دماغ ۾ ويهجي ويئي ته ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ
چريائپ جي حد تائين حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. هو
اڃا ويهن سالن جو مس هو. يونيورسٽيءَ ۾ آنرس جي
پهرين سال ۾ هو يونيورسٽيءَ ۾ ئي هن جي ڪليم سان
دعا سلام ٿي هئي، جا اڳتي هلي واقفيت مان ڦري
دوستي ۽ دوستي مان ڦري گرو ۽ چيلي جي لاڳاپي
واريءَ حد تائين وڃي پهتي هئي. شفيق پنهنجن دوست
جي پئسن سان ئي پنهنجي فرينڊس ۽ گرل فرينڊس جي
خوشامد ۽ خاطر تواضع ڪندو هو. ڪيلم ان ۾ خوش هوندو
ته شفيق جي ڪري يونيورسٽي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين
سان هن جي دوستي ٿي رهي هئي.
ڪليم جڏهن پنهنجي تقرير پوري ڪئي ته شفيق رڙ ڪري چيو، ”ڪليم!
يار مون عشق ڪيو آهي.“ هن اهي لفظ اهڙي انداز ۾
چيا ڄڻ هو هارايل جوئاري هو جنهن ريس ۾ وقت به وقت
مختلف گهوڙن تي داءُ لڳايو هجي ۽ هر ڀيري هارايو
هجي ۽ هاڻي پنهنجي هارايل گهوڙن ۽ رقم جو آڱرين تي
حساب ڪندو هجي.
”هڪ ڀيرو نه ٽي ڀيرا.“
”ٽي ڀيرا!“ ڪليم حيرت مان چيو ”هاڻي ائين سمجهه ته تون عشق جون
ٽي منزلون اڳتي وڌيون آهن. ٽي ڏاڪا مٿي چڙهيو
آهين.“
شفيق پنهنجي عشق جو داستان هڪ ماهر قصه گو وانگر هيئن بيان ڪيو:
”پهريون ڀيرو مون پنهنجي پاڙي ۾ عشق ڪيو. ڀت سان لڳو لڳ ڀت، گهر
سان لڳو لڳ گهر ۾. ان گهر ۾ نجما رهندي هئي. نجما
اهڙي سهڻي ته نه هئي جنهن کي من موهيندڙ چئجي.
رنگ جي سانوري، چپ ٿلها، اکيون ننڍيون پر جوان
هئي. مون دل ۾ چيو ته جي عشق ڪرڻو آهي ته ڪوجهي ۽
سهڻي جو ڪهڙو سوال. جڏهن ماڻهو ڪنهن سان عشق ڪرڻ
لڳندو آهي ته وقت گذرڻ سان جيئن عشق پختو ٿيندو
ويندو آهي ته محبوب جي بدصورتي به خوبصورتي ڏسڻ ۾
ايندي آهي، هن جو هر عيب سهڻو ۽ هن جي هر خامي
خوبي لڳند آهي. سو وقت گذرڻ سان نجما به مون کي
موهيندڙ لڳڻ لڳي ۽ هن جي هر ادا ۾ دل فريبي ڏسڻ ۾
اچڻ لڳي. هن کي موسيقيءَ سان ڏاڍو پيار هو. هر وقت
ٽيپ تي مختلف ڳائيندڙن جا گانا ٻڌندي رهندي هئي.
ڪچا ۽ پڪا ٻئي. هلڪن ڦلڪن گيتن کان وٺي ٺُمري ۽
دادري تائين. مئڊم نورجهان، لتا، شمشاد بيگم،
رفيع، ڪشور ڪمار کان ويندي استاد ڇوٽي غلام علي ۽
بڙي غلام علي تائين. مون سوچيو زهر کي زهر سان
ماربو آهي. جنهن سان عشق ڪجي ان کي ان ڳالهه سان
جيتجي جيڪا هن کي پسند هجي. مون کي پتو هو ته هن
کي راڳ پسند آهي سو هن جي دل راڳ سان ئي جيتي ٿي
سگهيس. سوال پيدا ٿيو ته آءٌ راڳ ڪهڙي وقت ڳايان.
جو منهنجي دل جو آواز هن جي ڪنن تائين پهچي. ڇاڪاڻ
ته هن جي گهر ۾ سڄو ڏينهن ٽيپ رڪارڊر وڄندو رهندو
هو تنهنڪري مون کي صرف پرڀات جو وقت مليو ٿي جنهن
وقت مان راڳ ڳائي، هن جي دل تي جادو ڪري هن کي
پنهنجو بنائي سگهيس ٿي. هونئن به پرڀات جو وقت
رياض جو وقت آهي: ان وقت زاهد عبادت ۾، شاگرد
ڪتابن ۾، باڊي بلڊر ڪستر ۾ ۽ وڏا وڏا اُستاد ڳائڻ
وارا راڳ جي رياض ڪندا آهن.
پرڀات ويل راڳ ڳائڻ تي بابو انڪري خوش هو جو هونئن ننڊ جي ڪري
هن جي نماز اڪثر قضا ٿي ويندي هئي پر هاڻي هو
آسانيءَ سان وقت ئي نماز تي پهچي ويندو هو. امڙا
انڪري خوش هئي جو هوءَ سويل اٿي گهر ڀاتين جي
ڊيوٽيءَ تي وڃڻ کان اڳ نيرن تيار ڪري سگهندي هئي،
منهنجا ننڍا ڀاءُ ڀيڻ انڪري خوش هئا. جو وقت سر
تيار ٿي اسڪول جي ويگن جو انتظار ڪرڻ لڳندا هئا.
گهر جي سڀني ڀاتين جڏهن مون کي ڏٺو ته آءٌ هر روز صبح جو سوير
اُٿي راڳ ٿو ڳايان ته پهريان ته سڀ حيران هئا. اما
ڊڄي ويئي هئي ته شايد مان ڪنهن ڳوري وڻ هيٺان
لنگهيو آهيان، يا ڪنهن قبرستان ۾ ڪنهن پير فقير جي
بي ادبي ڪري ويٺو آهيان، يا ڪنهن اولياءَ يا درويش
کي پُٺي ڏني اٿم جو مون تي ڪنهن بدروح جو واسو ٿي
ويو آهي. پر ٿورن ڏينهن کان پوءِ سندن دماغ ۾ اها
ڳالهه اچي ويئي ته آءٌ جو هر ورز مسلسل نهايت شوق
۽ چاهه سان راڳ جو رياض ڪيان ٿو، سو يقياً مون کي
ڪنهن موسيقيءَ جي مقابلي ۾ حصو وٺڻو آهي. منهنجي
ماءُ ته باسون باسڻ لڳي ته موسيقيءَ جي مقابلي ۾
مون کي پهريون نمبر ملي. هيڏانهن آءٌ پنهنجي راڳ
سان نجما کي پنهنجو بنائڻ جا جتن ڪندو رهيس.
راڳ جي رياض هلندي مان بيمار ٿي پيس. راڳ ۽ آلاپ بند ٿي ويو.
مان سوچڻ لڳس ته هاڻي جڏهن مان محبت جو ميدان فتح
ڪرڻ وارو هوس تڏهن هي رخنو مون کي نانگ ۽ ڏاڪڻ
واري راند وانگر ڏنگي نوانوي واري خاني ۾ ڌڪي هڪ
واري خاني تي اچي نه بيهاري.
هڪ ڏينهن بيماريءَ جي بستري تان اُٿي جڏهن مان صحن ۾ آيس ته
پاڙي واري گهر مان آواز ٻڌم. نجما پنهنجي ڀيڻ کي
چئي رهي هئي، ”ڪجهه ڏينهن کان ڪهڙو نه سڪون رهيو
آهي، جڏهن کان شفيق جون گڏهن واريون هينگون اچڻ
بند ٿيون آهن، تڏهن کان صبح جو ڪهڙي نه سک سان
سمهيا پيا آهيون.“
سندس ڀيڻ وري کلي وراڻيو، ”هينگون به ڪي هينگون! وتائي فقير جي
گڏهه کان به وڏيون.“
ان تي نجما چيو، ”شفيق کي شل گلي جي ڪينسر ٿئي، جيئن سڄو پاڙو
اُن آزار کان آجو ٿئي.“
ڪليم ٿورو سنجيده ٿي چيو، ”پوءِ نجما تنهنجي هٿن مان ويئي. تون
عمر ڀر اُن سان عشق نٿو ڪري سگهين.“
”ها! مون پنهنجي دل تي پٿر ٻڌي سندس آرزو ۽ راڳ جو رياض ڇڏي
ڏنا.“
”تو ٻيو عشق ڪيئن ڪيو؟“
”تون ميري کي ته سڃاڻين.“
”ها، ديٽ ڊاگ گرل.“
”جيڪا هر روز ڪتي جي پٽي کي جهليو پسار تي نڪرندي آهي. مون کي
ميري جي سانوري رنگ ۽ اڀريل جوانيءَ ۾ مصر جي
شهزادين واري سونهن ۽ ڪلوپيٽرا واري ڪشش نظر آئي.
منهنجي دل هن ڏانهن ائين هلي ويئي جيئن چقمق ڏانهن
لوهه. مون چيو ته هاڻي جي عشق ڪرڻو آهي ته ان ڊاگ
گرل سان ڪرڻو آهي. جيڪا پاڻ ته سهڻي آهي پر ان جو
ڪتو به سهڻو آهي. هر روز ان کي پسار ڪندي ڏسندو
هوس ۽ ذهن ۾ ان کي حاصل ڪرڻ جون ترڪيبون سوچيندو
هوس.. ڄڻ آلجبرا جي اهڙي حساب ۾ اچي منجهيو هوس
جنهن جو حل هٿ نه ٿي آيو. هڪڙي ڏينهن مون کان رڙ
نڪري ويئي. ميري جي ويجهو ٿيڻ جو حل هٿ اچي ويو.
مون کي ان ڏينهن اهڙي خوشي ٿي جهڙي نيوٽن کي ڪشش
ثقل جي ٿيوري حاصل ڪرڻ سان ٿي هوندي.
”مون سوچيو ته هوءَ هميشه ڪتي سان گڏ هوندي آهي، ان جو مطلب ته
هن کي ڪتن سان پيار آهي. هاڻي ان جو پيار به ڪتي
سان ئي حاصل ڪبو. جيئن شام جو هوءَ ڪتو ساڻ ڪري
پسار تي نڪرندي آهي تئين پاڻ به هر روز ڪتي سان گڏ
سير تي نڪربو. ڊاگ گرل ۽ ڊاگ بواءِ. هڪٻئي جي ڪتن
ڏانهن ڏسندا. ڪتن جي واکاڻ ۾ اکيون مٿي کڻندا.
اکيون اکين سان ملنديون. مرڪنديون چپن تي تبسم
پکڙبو. ڪتن جي اصل نسل بابت ڳالهيون ٿينديون.
اهڙيءَ ريت پهرين منزل طي ٿيندي. اڳتي هر روز شام
جو هوءَ پنهنجي ڪتي سان ۽ مان پنهنجي ڪتي سان گڏ
نڪرنداسين، گڏجي واڪ ڪنداسين ۽ دنيا جھان بابت ٽاڪ
ڪنداسين ۽ پوءِ هڪ ڏينهن هڪٻئي جا ٿي وينداسين.“
ڪليم خوشيءَ مان ٽپو ڏئي شفيق جو هٿ جھليو ۽ اُن کي چمندي
چيائين، ”واهه استاد، واهه! ڪهڙي نه رٿ رٿي هُيئه.
پنهنجي استاد يعني مون کي به مات ڏئي وئين. پوءِ
تو ڇا ڪيو؟“
ڪليم جو منهن سياري ۾ لٿل درياهه جھڙو ٿي ويو. شفيق وري رڙ ڪئي.
”ڪا گڙ ٻڙ ته نه ٿي. تو ڪتو ته هٿ ڪيو نه؟“
”ها! ها!“
”واهه! واهه؛ پنئه ٻارنهن“ شفيق خوشيءَ مان رڙ ڪئي.
”مون وڏا جتن ڪري هڪ ڪتو هٿ ڪيو. ڪتي جي ڳچيءَ ۾ پٽو وجھي، پٽي
کي هٿ ۾ جھلي، رستي جي موڙ وٽ سندس اچڻ جو انتظار
ڪرڻ ڳلس. پري کان هوءَ پنهنجي ڪتي سان گڏ ايندي
نظر آئي. جڏهن هوءَ منهنجي ويجھو آئي، تڏهن منهنجي
ڪتي کي ڏسي مرڪي. مان ڀي مرڪيس. اکيون اکين سان
مليون، منهنجو هٿ ڍلو ٿي ويو. منهنجي ڪتي هن جي
بلٽري تي حملو ڪري ڏنو. ميري جو ڪتو ڪوڪاٽ ۽ ميري
رڙيون ڪرڻ لڳي. جيستائين مان پنهنجو هوش ۽ پنهنجي
ڪتي کي سنڀاليان، منهنجي ڪتي هن جي ڪتي کي زخمي
ڪري وڌو. هوءَ رڙيون ڪري چوڻ لڳي. ”يوفول. مان
توکي ڏسي رهندس، مان توکي ڪورٽ ۾ ڇڪيندس، مان ٿاڻي
۾ رپورٽ ڪندس.“ هوءَ رڙيون ڪندي رهي ۽ مان پنهنجو
ڪتو ڪاهيون، جان بچايو اچي گهر نڪتس.“
ڪليم پنهنجي مٿي تي چنبو وهائي ڪڍيو.
شفيق چيو، ”منهنجي ٿوري غفلت ڪري، ٺهيل ڪم ڊهي پيو.“
پنهنجي ٽئين عشق جو قصو ٻڌاءِ.“
شفيق ٿورو هٻڪندي، ٿورو شرمائيندي پنهنجي ٽئين عشق جو داستان هن
طرح شروع ڪيو:
”اسان جي محلي ۾ ميونسپل ڪميٽيءَ طرفان هڪ جهاڙو واري ايندي
هئي. پنهنجي سانوري رنگ سيٽيل جسم، اکين جي ڪٽورن
۽ چپن جي ٿلهائي مان ائين لڳندي هئي، ڄڻ اجنتا جي
اپسرا. هن پنهنجي ٻهاري سان نه صرف اسان جي محلي ۽
گهٽيءَ جي صفائي ڪئي پر منهنجي دل تي ٻهارو گهمائي
ويئي. ڄڻ منهنجي دل نه هئي پر رستي جو ڪچرو هئي.
دل ۾ پهريان هندو مسلم جو خيال پيدا ٿيو، پر هن جي
ٻهاري ان کي به صاف ڪري ڇڏيو. اندر مان آواز آيو
”عشق نه پڇي ذات.“ مون چيو عشق ئي ته آهي جو دين
ڌرم جون ديوارون ڊاهي محبتن کي ملائي ٿو. ننگ
ناموس، لڄ حيا جا سڀ لينگها لاهي ٿو. عشق ئي آهي
جنهن وٽ اوچ نيچ جو فرق نه آهي. مان گهران نڪرندو
هوس ته گنگا کي جهاڙو ڏيندي ڏسندو هوس. هوءَ مٿو
مٿي ڪري چوندي هئي صاحب سلام. هن جي سلام مون کي
موهي ڇا ماري ڇڏيو. هر روز هوءَ مون ڏانهن ڏسندي
هئي ۽ روز مان عشق جي ڌٻڻ ۾ هيٺ ڦاسبو ويندو هوس.
هن کي حاصل ڪرڻ جي راهه نٿي ڏسڻ ۾ آئي. هن سان
ڳالهائڻ جي سگهه نه پئي ٿي. هڪڙي ڏهاڙي ٽي. وي تي
هڪڙي ماڻهوءَ کي تقرير ڪندي ٻڌم. ’انسان جيستائين
همت نه ڪندو تيستائين ڪنهن ڪم ۾ ڪامياب نه ٿيندو،
همت جي فلسفي تي سوچيندو رهيس ۽ نيٺ سوچيم ته گنگا
کي حاصل ڪرڻو آهي ته همت کان ڪم وٺڻو پوندو. جي ڪو
همت ڪري آسمان تائين پهچي سگهي ٿو ته مان ڀي همت
ڪري گنگا کي چئي سگهان ٿو ته مون کي توسان عشق ٿي
ويو آهي. هر عورت مردانگي پسند هوندي آهي. منهنجي
دليري ۽ همت جنهن سان آءٌ مخاطب ٿيندس ڏسي گنگا به
مرڪي ڏيندي.“
”تو همت کان ڪم ورتو.“
”ها، ورتو.“
”ڇا ٿيو؟“
”ڏاڍا ٻهارا لڳا، گاريون مليون! گوڙ ٿيو، ماڻهن جي مڙڻ کان اڳ
ڊوڙ پائي ڀڄي ويس.“
”اڙي ائين عشق ڪبو آهي! ڪنهن جي راضپي کان سواءِ ڪنهن ڏانهن هٿ
وڌائبو آهي. اناڙي، صفا اناڙي آهين. تون عشق ڪرڻ
جي معاملي ۾ صفا ڄٽ آهين. هاڻي تون عمر ڀر عشق ۾
ڪامياب ٿي نٿو سگهين.“
ڪليم ڪاوڙ مان شفيق کي چيو.
شفيق جو منهن روئڻهارڪو ٿي ويو، ”استاد! ائين نه چئه. منهنجي دل
نه جهور، منهنجي اميد نه ٽوڙ. جي مان عشق نه ڪندس
ته پوءِ جيئرو ڪين رهندس.“
”ته ٻڌ، جي تون عشق جو اهڙو ئي طالب آهين، جهڙو ڪامورو رشوت جو،
ڪارخانيدار بليڪ مارڪيٽنگ جو ۽ ڊاڪٽر بيمارن جو ته
پوءِ تون انتظار ڪر جيستائين توکي عشق ٿي وڃي.“
”عشق ٿي وڃي؟“
”ها! عشق ٿي وڃي.“
”ڪڏهن ٿيندو.“
”تون چاهيندي ته جلدي ٿي ويندو.“
سو سچ پچ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ شفيق کي عشق جي کپر کائي وڌو.
کاڌو به اهڙو جو هن کي حال کان بيحال ڪري ڇڏيائين.
ڪنهن شاعر جي قول موجب ته عاشق جون ڇهه نشانيون
آهن: آه سرد، رنگ زرد، چشم تر، انتظاري، بي قراري،
دربدر. اهي سڀ ڳالهيون شفيق ۾ پيدا ٿي ويون، بلڪ
ان کان به وڌيڪ هن جو من کاڌو کائڻ، ڪپڙا پهرڻ،
ڪتاب پڙهڻ ۽ يونيورسٽي وڃڻ ۾ نٿي لڳو. سڄو ڏينهن
پنهنجي ڪمري ۾ پوريو ٿي رهيو يا ڪنهن جي پورن ۾
سودائن وانگر رستي هلندو ٿي رهيو.
ڪليم جڏهن ڪجهه ڏينهن شفيق کي يونيورسٽي ۾ نه ڏٺو ته هو هن وٽ
ويو. ڏٺائين ته ميرن ڪپڙن ۾، ڪنڌ هيٺ ڪيوڪنهن خيال
۾ گم آهي، ايتريقدر جو هن کي ڪليم جي اچڻ جو به
پتو نه پيو. ڪليم جڏهن هٿ هن جي ڪلهي تي رکيو ته
شفيق ائين ڇرڪ ڀريو جيئن ڪنهن هيروئني جو نشو ٽٽي.
ڪليم کي ڏسندي ئي شفيق رڙ ڪئي. ”مون کي عشق ٿي ويو
آهي.“ هن اها ڳالهه هن کي ائين ڪئي جيئن ڪا عورت
پنهنجي پهرين پيٽ ٿيڻ جي ڳالهه خوشيءَ مان ڪندي
هجي.
”توکي مبارڪ، وڏي وڏي مبارڪ هجي.“ ڪليم هن کي پرجوش لهجي ۾ چيو.
”هن جي هڪ ئي گهور گهائل ڪري ڇڏيو.“
”عشق جي زخم تي پٽي نه ٻڌجانءِ، ان کي ڇڪڻ ڏي. پر هوءَ آهي
ڪيئن؟“
”الا! هن جي سونهن جي ڪهڙي ساراه ڪريان. هن جون اکيون نه آهن،
ڄڻ شراب جا پيالا آهن جن کي ڏسي گنهگارن ته ڇا وڏن
وڏن زاهدن ۽ عابدن کي به نينهن جا نشا چڙهي وڃن ۽
بي خود ٿي الاهو. الاهو بجاءِ هن جي نالي جو ذڪر
ڪندا وتن. هن جا چپ گلن جون اُهي اڻ ڇهيل مکڙيون
آهن جن تي ماکيءَ جون مکيون گلن جو ڏوڪو کائي ڪڏهن
ڪڏهن ڦيرا پائڻ شروع ڪن ٿيون، هن جي ڪارن وارن جي
سرهاڻ تي ڀؤنر ڀُلجي ڦرندا رهن ٿا.“
”بس بس! عشق توکي ماڻهوءَ مان شاعر بنائي ڇڏيو آهي. جي تنهنجو
اهو حال رهيو ته قصيدي چوندڙ شاعرن کي به مات ڏيئي
ويندين. سنڌ جي سمورن ادبي رسالن جا ايڊيٽر تنهنجي
ڪلام لاءِ تنهنجي گهر جا ڦير! پيا ڏيندا.“
”دوست! مان شاعري نٿو ڪريان. حقيقت ٿو بيان ڪريان.“
”جنهن جي حسن جي ايتري واکاڻ ٿو ڪرين، ان جو نالو ڇا آهي؟“
”ان جو نالو ڪيئن ظاهر ڪريان. حسن کي ڪئين بي پرده ڪريان. عشق
آويءَ وانگر اندر دکندو رهي ته چڱو، ٻاف ٻاهر نڪتي
به ڪچائي ٿي ويندي.“
”يارن کان ڪهڙو پردو.“ ڪليم چيو، ”اول سڀ ڪجهه ٻڌايو هئين..“
”اول عشق ڪندو هوس. هاڻي عشق ۾ پاڻ کان پردو ڪجي ته به چڱو توکي
خبر هئڻ گهرجي ته مان صوفي آهيان، صوفي عشق جي راز
کي فاش نه ڪندا آهن.“
* * * *
هڪڙي شام شفيق پنهنجي محبوب جي خيالن ۾ گم، ۽ دنيا جي ڳالهين
کان بيخبر، ڦٽ پاٿ ڏيو ويو ٿي ته هن جي ڪنن تي هڪ
ڪڙڪيدار آواز پهتو، ”ڇوڪرا! مٿو مٿي ڪر. اکيون
کول. هيڏي ڏس ته توکي من جي مراد ملي.“ هن جو خيال
ائين ٽٽي ويو ڄڻ اوچتو ڪنهن گاڏيءَ اچي سندس اڳيان
بريڪ هنئي هجي. هن مٿو مٿي ڪري ڏٺو ته ٻه اکيون جن
۾ طلسمي ڪشش هئي، هن ڏانهن تيز تيز نگاهن سان
گهوري رهيون هيون ۽ هن کي هيٺ ڦٽ پاٿ تي چادر
وڇائي ويٺل فقير ڏانهن ڇڪي رهيون هيون. انهن ۾
اهڙو رعب هو جو اهو هن جي سموري شخصيت تي ڇائنجي
ويو. هن جا قدم بي اختيار ان طرف وڌيا جتي اهو
فقير ويٺو هو. فقير شفيق جي چهري کي اهڙي غور سان
ڏسي رهيو هو جيئن ڪو نفسيات جو ماهر پنهنجي مريض
جي چهري جو مطالعو ڪندو آهي.
”ڇوڪرا، ڇو پريشان آهين؟“
شفيق جي وات مان هڪ اکر نه نڪتو.
”عشق ٿيو اٿئي.“
شفيق کان ڇرڪ نڪري ويو. ”هن فقير کي ڪئين خبر پيئي ته مان عشق ۾
گرفتار آهيان!“ شفيق دل ۾ سوچڻ لڳو.
”فقيرن کي سڀ خبر آهي، مايوس ٿيڻ جي ڪا ڳالهه نه آهي، تون اتي
پهتو آهين جتي تون جيڪو چاهيندين سو پائيندين.“
شفيق وري به ماٺ رهيو. هن کي ائين محسوس ٿيڻ لڳو ڄڻ ملنگ جون
تيز نگاهون هن جي قميص پار ڪري، ڇاتيءَ ۾ سوراخ
ڪري، اندر ۾ گهڙي هن جي دل جو احوال پڙهي رهيون
هيون.
”تون جنهن جي عشق ۾ گرفتار آهين ان جي نالي ۾ ’ر‘ جو حرف آهي.
جيئن رخسانه، زرينه، خورشيد، نالن ۾ ’ر‘ آهي |