سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1994ع

مضمون

صفحو :30

شگفته شاهه

 

فتح

رابيل ايئر ڪنڊيشنڊ ڪوچ ۾ داخل ٿي ته ڪا مناسب سيٽ ڳولي ويهڻ لاءِ نظرون گهمائڻ لڳي ته اوچتو آپا مهروءَ تي نظر پيس، جنهن جي ڀر واري سيٽ خالي هئي، هوءَ تيزي سان ڪوچ جي ان آخري حصي ۾ موجود سيٽ ڏانهن وڌي.

”آپا مهرو!“ هن چيو

”هان!“ مهرو، جيڪا اخبار پڙهڻ ۾ محو هئي، تنهن رابيل جي سڏ تي اخبار تان نظرون هٽائي نظر جي عينڪ جي ٿلهن شيشن مان رابيل ڏانهن نهاريو.

”اسلام عليڪم!“ رابيل چيو.

”وعليڪم السلام. تون شايد.....‎“

”آپا آءٌ رابيل آهيان.“

”اوهه! ها رابيل! ڪهڙا حال آهن؟ ويهه ويهه هتي.“ آپا مهرو ڀرو واري خالي سيٽ ڏانهن اشارو ڪيو ته رابيل سيٽ تي ويهي رهي.

”آپا! ايترن سالن کان پوءِ اوهان سان اڄ اوچتو ملي سچ پچ ته ڏاڍي خوشي پيئي ٿئي.“ رابيل جي خوشي سندس ٻهڪندڙ چهري مان ظاهر ٿي رهي هئي.

اوچتو ڪوچ جو دروازو لاڪ ڪيو ويو ته آهستي آهستي ڪوچ هلڻ لڳي. آپا مهرو سندس ڀر ۾ ڪوچ جي شيشي مٿان لڳل پردو ٿورو هٽايو ۽ ان مان ٻاهر ڏسڻ لڳي. ايستائين جو جڏهن ڪوچ نوابشاهه شهر جون حدون پويان ڇڏي نيشنل هاءِ وي تي ڊوڙڻ لڳي ته آپا مهرو شيشي مٿان پردو ڏيئي ڪجهه دير چپ رهي ۽ پوءِ رابيل کي چيائين: 

”رابيل! تون نوابشاهه ۾ اڄ ڪيئن؟“

”آپا سحر کي نوابشاهه جي ميڊيڪل ڪاليج ۾ ائڊميشن ملي آهي، سو اڄ پهريون ڀيرو آئي هئي، انڪري منهنجي دل چيو ته آءٌ پاڻ کيس پهريون ڀيرو هاسٽل  ڇڏي اچان. خوابن جي منزلن ڏانهن مسافرن کي سندس پهرين اسٽيشن تان دُعائن جي سواريءَ ۾ چاڙهي پنهنجي هٿن سان موڪل گهرجي نه،“ رابيل چيو ته سندس اکين ۾ هلڪو پاڻيءَ جو پردو نظر آيو.

”اوهه! ته تنهنجي ننڍي ڀين سحر ميڊيڪل ڪاليج ۾ پهچي ويئي. ويري گڊ! رابيل! تون وڏي حوصلي واري ڇوڪري آهين. تو پنهنجي ڀيڻ ڀاءُ جي بهتر مستقبل لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي آهي. ڀلا تنهنجن ٻنهي ڀائرن جو ڇا ٿيو؟“

”وڏو ڀاءُ بئنڪ ۾ مئنيجر آهي ۽ شهزاد انٽر سائنس جو امتحان ڏيڻ وارو آهي.“

”۽ تنهنجي پڙهائي ڪيستائين پهتي؟“

”آپا، مان زولاجي ۾ ايم. ايس. سي ڪرڻ کان پوءِ في الحال ته هڪ پرائيوٽ اسڪول ۾ جاب جوائن ڪئي آهي ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ ليڪچرر شپ لاءِ ڪميشن جو فارم پڻ ڀريو اٿم. الله مالڪ آهي.“

”تمام سٺو.“

آپا مهرو ايترو ڳالهائي وري اخبار پڙهڻ شروع ڪئي. رابيل سيٽ جي بيڪ تي مٿو رکي، اکيون بند ڪري پنهنجي بدن کي ڪجهه ڍور ڪري ڇڏيو ته ڄڻ ٿڪاوٽ ۾ ڪجهه آرام ملي پيس. سندس ذهن پوئتي ورڻ لڳو.

آپا مهرو، جنهن جو پورو نالو مهرالنساءِ هو، ڪاليج جي زماني ۾ کين باٽني پڙهائيندي هئي. ان وقت هن جي عمر چالهين کان مٿي هوندي. هوءَ بنهه عام نقشن واري، رنگ جي سانوري ۽ ڪجهه ٿولهه ڏانهن مائل هئي. ٿلهي عينڪ جي شيشن پويان نظر اندر سندس ننڍڙيون ننڍڙيون اکيون هر قسم جي جذبي کان عاري نظر اينديون هيون. هوءَ بي انتها بدمزاج هوندي هئي ۽ پنهنجي شاگردياڻين سان بيحد سختيءَ سان پيش اچڻ ڪري انهن ۾ انتهائي غير مقبول هوندي هئي. هوءَ جڏهن ڪاوڙ ۾ ايندي هئي ته پوءِ ڀلي استاد هجن يا شاگرد، پٽيوالا هجن يا ڪو ٻيو، سندس زبان جي تيرن کان پاڻ بچائي نه سگهندا هئا. پر پوءِ به سڀ ساڻس درگذر ڪندا هئا ۽ ڪوشش ڪري سندس چيو مڃيندا هئا ۽ کيس پرچائڻ جي ڪوشش به ڪندا هئا، ڇو ته سڀني کي خبر هئي ته هن تمام سخت ۽ اڪيلائيءَ جي زندگي گذاري هئي. سندس ماءُ پيءُ  هڪ ئي وقت روڊ ايڪسيڊنٽ جي ڪري گذاري ويا هئا ته ان وقت گهر ۾ هوءَ ئي سمجهه ڀري هئي ۽ سندس ٽي ڀائر اڃا ڪافي ننڍا هئا، انڪري هن سخت محنت ۽ جدوجهد سان نه رڳو پڙهائي جاري رکي پر ننڍن ڀائرن جي پرورش پڻ ڪيائين. هن ان سموري جدوجهد ۾ ڇا ڪجهه ڀوڳيو هو، ساڻس ڪهڙا حالات پيش آيا، اهي سڀ ڄاڻندا هئا، ان ڪري ئي سڀ سندس بدمزاجيءَ جي باوجود، همٿ ۽ جاکوڙ ڪري سندس عزت به ڪندا هئا. هوءَ حد درجي جي خوددار ۽ ضدي پڻ هئي. ڀائرن کي پڙهائي لکائي، پنهنجن پيرن تي بيهاريائين ۽ سندن گهر آباد ڪرايائين. جڏهن اهي سندس مدد ڪرڻ ۽ سندس سهارو بڻجڻ جي قابل ٿيا ۽ کيس پاڻ وٽ رهائڻ چاهيائون، پر هن انڪار ڪيو. هن شادي به ڪانه ڪئي. ائين سخت  زندگيءَ ۽ اڪيلائيءَ سندس مزاج ۾ پڻ سختي ڀري ڇڏي هئي. کيس درگذر ڪرڻ جي باوجود گهڻا ماڻهو سندس زبان جي ڪاٽ ۽ بدمزاجيءَ جي ڪري کيس ناپسند ڪندا هئا.

هڪ ڀيري، فري پيريئڊ ۾، جڏهن رابيل ڪاريڊور ۾ پيل بينچ تي ويهي ڪجهه لکڻ ۾ مصروف هئي ته آپا مهرو سندس اڳيان لنگهي هئي. هوءَ پنهنجي ئي ڌيان ۾ ويٺل هئي، انڪري کيس خبر نه پيئي ته هوءَ سندس اڳيان لنگهي هئي، جو اوچتو ئي آپا مهرو موٽي آئي ۽ کيس تيز لهجي ۾ مخاطب ڪندي چيائين:

”اسٽينڊ اپ!“

رابيل جي هٿ مان جرنل هيٺ ڪري پيو ۽ هوءَ بلڪل پريشان ٿي ويئي.

”جي ميڊم!“ هن ڏڪندي ڏڪندي چيو.

”اوهان کي ايترو احساس به هاڻي نه رهيو آهي ته استاد جو وڌيڪ نه سهي پر ڪجهه ته احترام ڪجي. هاڻي اوهان استاد جي لاءِ احترام ۾ اٿي بيهڻ به پسند نٿيون ڪريو! حد ٿي وئي آهي! اسان به ته اوهان جيتريون هونديون هيوسين. اسان نه فقط انهن استادن جو احترام ڪنديون هيوسين جيڪي اسان کي پڙهائيندا هئا، پر جيڪي نه پڙهائيندا هئا انهن کي به پري کان ايندي ڏسي اصل اٿي بيهنديون هيوسين. پوءِ چون ٿا ته اڄڪلهه استاد ٻارن کي سٺي طرح نٿا پڙهائين. اڙي! شاگرد به سندن عزت ته ڪري ته پوءِ ئي سندن به دل چوي نه. پر اڄڪلهه جا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ته پاڻ کي الائي ڇا ٿا سمجهن؟  استاد ته سندس جهڙا نوڪر هجن. عزت ڪرڻ ته ڄاڻن ئي ڪونه.“ ”آپا مون کي خبر نه پيئي ته اوهان وڃو پيا.“ ”فيشن جي، گهمڻ جي، فلمن ۽ ٽي وي ڊرامن جي خبر پوي ٿي، باقي ٻي ڪنهن ڳالهه جي خبر نٿي پوي. شرم نٿو اچي اوهان ڇوڪرين کي! ٻڏي مرو.“ آپا مهرو اڃا به الائي ڇا ڪجهه چوندي رواني ٿي ويئي.

”هونهه! شاگرد عزت نٿا ڪن. ڪيئن ڪندا؟ عزت ڪبي ڪانهي، پر ڪرائبي آهي. استاد به گهٽ ۾ گهٽ سٺي زبان ته استعمال ڪري. استاد ائين ڳالهائيندا ته شاگرد به اهو ئي ڪجهه سکندا نه!“ ڪا شاگردياڻي، جيڪا آپا مهروءَ کان اڳئي ئي سڙي ويٺي هئي، اهو چوندي گذري ويئي ۽ رابيل جيڪا اڳي ئي بد حواس ٿي چڪي هئي، پنهنجا ڪتاب ۽ پَٽ تي پيل جرنل کڻي بينچ تي ٻيهر ويهي رهي ۽ ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي. پر بي عزتيءَ جي احساس ڪري سندس دل ڀرجي آئي. هوءَ لڙڪ اکين ۾ روڪي ڪم ڪرڻ لڳي. ان ڏينهن کيس آپا مهرو زهر سمان لڳي هئي ۽ هن دل ۾ سوچيو هو ته ”جيڪڏهن هن ڏکن سان ڀريل زندگي گذاري آهي ته ان جو مطلب اهو به ڪونهي ته هوءَ انهن ڏکن ۽ محرومين جو حساب هر ماڻهو کان وٺندي رهي.“

انهن ئي ڏينهن ۾ رابيل جي زندگيءَ ۾ به ڪي اهڙيون تبديليون آيون جو هوءَ صفا پريشان ٿي ويئي. سندس  سڄي گهر جو چرخو سندس پيءُ جي ڪمائيءَ تي هلي رهيو هو، جيڪو سٺي پوسٽ تي هو، جو اوچتو هڪ ڏينهن آفيس ۾ ڪم ڪندي کيس دل جو دورو پيو. دل جي دوري مان ته هو بچي ويو هو پر پوءِ هو ايڏو بيمار ۽ بددل ٿي ويو جو وقت کان اڳي رٽائرمينٽ وٺي ڇڏيائين. ان مهل هن کان سواءِ ٻيو ڪير به گهر سنڀالڻ جي قابل نه هو. رابيل کان وڏو هڪ ڀاءُ هو جيڪو ايم. ڪام ڪري رهيو هو ۽ رابيل پاڻ اڃا ڪاليج ۾ پڙهي رهي هئي. ٻه ننڍا ڀاءُ ڀيڻ اڃان اسڪول ۾ پڙهي رهيا هئا، ته سندن پيءُ جي بيماريءَ ۽ رٽائرمينٽ ڪري گهر جون حالتون خراب ٿيڻ لڳيون. سندس ماءُ زيور وڪڻي، گهر جون ضرورتون پوريون ڪري رهي هئي. رابيل گهر جي حالتن ڪري ايڏي ته پريشان ٿي جو نه ته پڙهائيءَ ڏانهن توجهه ڏئي ٿي سگهي ۽ نه ئي ڪنهن کان مدد وٺي ٿي سگهي. ائين آهستي آهستي هوءَ صفا خاموش رهڻ لڳي ۽ پنهنجي ساهيڙين کان پڻ پري رهڻ لڳي. ۽ جڏهن به کيس فري پيريئڊ ملندو هو يا رسيس  ٿيندي هئي ته هلي ويندي هئي ۽ ڪتابن جي انبار ۾ هوءَ به ڪو ڪتاب کولي زوري ڌيان ان ڏانهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي هئي. پر اڪثر کيس ناڪامي ٿيندي هئي. هڪ دفعي جڏهن لئبرريءَ جي ڪنڊ واري پاسي ٻيو ڪير به نه هو، هوءَ هڪ ڪتاب کولي ڪاپيءَ تي نوٽس وٺي رهي هئي ته اوچتو ئي وري سندس دل ڀرجي آئي ۽ هو ڪتاب ۽ ڪاپي بند ڪري ٻيئي هٿ مٿي تي رکي ويهي رهي ۽ باوجود روڪڻ جي ڪوشش ڪرڻ جي به لڙڪ سندس اکين مان لڙي آيا ته آپا مهرو جيڪا ڪجهه پرڀرو ڪتابن جي شوڪيس وٽ بيٺل هئي ۽ ڪجهه دير کان يڪو سندس حرڪتون ڏسندي رهي هئي، هن وٽ آئي هئي ۽ چيائين:

”ڇوڪري! آخر توسان مسئلو ڇا آهي؟“

بس، آپا مهروءَ جو ايتروئي چوڻ هو ته هوءَ اصل اڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳي. آپا مهرو، جيڪا بدمزاج ۽ چڙچڙي هئي، اها ئي آپا مهرو ان وقت بلڪل بدلجي ويئي. هن کيس ڀاڪر ۾ ڀريندي چيو:

”رليڪس! پٽ! ائين ڪبو آهي ڇا. ايڏي  وڏي ڇوڪري ائين روئيندي آهي ڇا؟ مون کي ٻڌاءِ، ڇا ٿيو آهي؟“ تڏهن رابيل کيس سموري ڳالهه ٻڌائي هئي.

”پريشانيءَ جي ڳالهه ضرور آهي، پر رابيل! بابا! جيڪڏهن ائين دل لاهي ويهندينءَ ته پوءِ مسئلا ڪيئن حل ٿيندا؟ توکي ته خوش ٿيڻ گهرجي ته الله سائين تنهنجي پيءُ کي نئين حياتي بخشي آهي. ڀلي جيڪڏهن هو ڪمائي ڪرڻ جهڙو ناهي رهيو، پر پوءِ به اوهان لاءِ ڏڍ ته آهي، ڇپر ڇانَو ته آهي ماءُ پيءُ ٻيو ڪجهه ڪرڻ جي قابل به نه رهن، پر پوءِ به آسرو ته هوندا آهن. اولاد لاءِ دُعا جو دَرُ هوندا آهن. مون کان پُڇ ته ماءُ پيءُ  بنا مون پاڻ کي ڪيڏو اڪيلو ۽ بي سهارا سمجهيو هو. تون ته خوش قسمت آهين ته سندن سايو تنهنجي مٿان آهي ۽ تون چاهين ته تون پنهنجي گهر کي سهارو ڏيئي سگهين ٿي ۽ تون اڪيلي به ڪانه آهين. توسان گڏ ته تنهنجو وڏو ڀاءُ به آهي. پاڻ کي سنڀال ۽ ائين دل نه لاهه.“

آپا مهرو پيار، پنهنجائپ ۽ خلوص سان چيو ته رابيل حيران ٿي کيس ڏٺو ته ڇا اها ساڳي آپا مهرو هئي. اکڙ ۽ جهيڙاڪ!

۽ پوءِ، ان ڏينهن کان پوءِ آپا مهرو ته رابيل کا ڄڻ ڇپر ڇانو بنجي ويئي. هن کيس قدم قدم تي حوصلو ڏنو، پيار ڏنو ۽ پڙهائيءَ ۾ پڻ هر قسم جي مدد ڪئي هئي ۽ سڀ کان وڏو احسان اهو ته هن سندس وڏي ڀاءُ ارشد کي ڪجهه چئو چوا ڪرائي هڪ پرائيويٽ اداري ۾ پارٽ ٽائيم جاب وٺرائي  ڏني هئي. پڻ رابيل کي به به ٽي ٽيوشنس وٺرائي ڏنيون. اهڙيءَ طرح هو پنهنجي گهر جي خرچ ۽ پيءُ جي بيماريءَ جي علاج کي منهن ڏيڻ جهڙا ٿيا هئا. پر ان دور کان وٺي رابيل جي سڄي شخصيت ۾ ئي ڄڻ تبديلي اچي ويئي هئي. هو حد کان وڌيڪ سنجيده ۽ خاموش رهڻ لڳي هئي. حالتن کيس وقت کان اڳ ئي الاهي وڏو ڪري ڇڏيو هو. هوءَ فري پيريئڊ ۾ گهڻو ڪري لئبرريءَ ۾ هلي ويندي هئي ۽ پوءِ يا ته ڪورس جي ڪتابن پڙهڻ ۾ لڳل هوندي هئي يا وري ٻيا ڪتاب هٿ ۾ هوندا هئس. انهن ئي ڏينهن کان کيس ادب پڙهڻ جو پڻ چاهه وڌي ويو هو. کيس جڏهن به آپا مهرو ڪتاب پڙهندي ڏسندي هئي ته چوندي هئي:

”ڇوڪري! ايڏا ڪتاب نه پڙهندي ڪر. اجايو ٿي پنهنجو مٿو خراب ڪرين. هونءَ به ڇوڪريون ڪيڏا به اُٺ ڪتابن جا ڇو نه پڙهي وٺن، کين ڪرڻو ته اهو ئي ٿانو ٻُهاري آهي. مڙس جي خدمت ڪرڻ ۽ ٻار پالڻا آهن ۽ هي ادبي ڪتاب مرڳو ئي چٽ ڪري ڇڏيندءِ.“

”نه آپا! ڪتاب ته شعور ڏيندا آهن، ۽ شعور وري جيئڻ جو ڍنگ سيکاريندو آهي.“ هوءَ کلي چوندي هئي. ڪڏهن وري آپا مهرو سندس سنجيدگيءَ ۽ خاموشي تان کيس ٽوڪيندي هئي: ”ڇوڪري! ايڏو خاموش ۽ سنجيده نه رهندي ڪر، نه ته چَري ٿي پوندينءِ. اسان کي ڏس. ايڏو ڪجهه سٺو آهي، پر پوءِ به کلون ٿا، ڳالهايون ٿا ۽ تو ايڏي ننڍي عمر ۾ ئي پاڻ کي ائين ڪري ڇڏيو آهي!  ڪجهه ڳالهاءِ، ڳالهاءِ، هيءَ خاموشي پاڳل ڪري ڇڏيندءِ.“

ائين وقت گذرندو ويو. رابيل ڪاليج ڇڏي يونيورسٽي پهچي ويئي، پر پوءِ هوءَ آپا مهروءَ سان ملڻ ڪاليج ضرور ويندي هئي. ڪجهه عرصي کان پوءِ رابيل کي خبر پيئي ته آپا مهرو پنهنجو ٽرانسفر ڪرائي ڪراچي هلي ويئي هئي. ان کان پوءِ سندس ملاقات سالن تائين هن سان نه ٿي سگهي هئي ۽ هينئر کيس هوءَ اوچتو ڪوچ ۾ ملي هئي کيس احساس ئي نه ٿيو ته ڪيترو وقت گذري ويو!  ڪوچ تيزيءَ سان حيدرآباد ڏانهن ڊوڙي رهي هئي.

”رابيل! ڪافي پيئندينءَ!؟“ اوچتو آپا مهروءَ کيس مخاطب ڪيو ته هوءَ پنهنجن پُورن مان نڪري آئي ۽ هاڪار  ڪيائين ته آپا، مهرو ٿرماس  مان ڪافي ڪڍي هڪ مگ کيس ڏنو ۽ ٻئي ۾ پاڻ پيئڻ لڳي.

”آپا، اوهان جو نوابشاهه اچڻ ڪيئن ٿيو؟“ رابيل پڇيو.

”اسان جا ڪي پري جا مائٽ هتي رهن ٿا، سو انهن جي هڪ شاديءَ جي دعوت اٽينڊ ڪرڻ آئي هيس ۽ هاڻي حيدرآباد ۾ پنهنجي پراڻي ڪليگ ڏانهن پيئي وڃان. رات اتي ترسندس ۽ صبح جو ڪراچي هلي وينديس.“

”آپا، اوهان ته حيدرآباد ۾ سيٽ هئا، پوءِ اوچتو ڪراچي ڇو ويا؟“

”بس رابيل! اڪيلائي عذاب بنجي ويئي هئي. ڀائرن ۽ ڀاڄاين جي در تي وڃڻ مون کي سٺو نه لڳو، سو ڪراچيءَ ۾ منهنجي هڪ تمام پياري ۽ پراڻي وقت کان ساٿ ڏيندڙ ساهيڙي رهي ٿي. سندس گهر وارو گذاري ويو ته هوءَ اڪيليءَ ٿي ويئي. هڪ پٽ اٿس، جيڪو انگريزياڻي پرڻجي ولايت وسائي وڃي رهيو، سو آءٌ هن وٽ هلي ويس ۽ اتي اسان ٻنهي گڏجي ريڊي ميڊ گارمينٽس جو دڪان کوليو آهي. ائين هڪ پاسي اسين ٻئي هڪٻئي جي اڪيلائيءَ جو سهارو بنجي پياسين ته ٻئي پاسي جيئڻ جو آسرو پڻ ڪري ورتوسون. ڪنهن جا محتاج ته ڪونه آهيون.“

”آپا! سچ پچ ته اوهان وڏي حوصلي واريون آهيو. آءٌ پاڻ به جڏهن به همت هارن لڳندي هيس ته هميشه اوهان جو مثال منهنجي اکين آڏو ايندو هو ته مون کي به حوصلو ملي پوندو هو. ”رابيل چيو ۽ پوءِ هو ڪيتري ئي دير ڳالهائينديون رهيون: هر موضوع تي، پراڻين ڳالهين تي، ايستائين جو سندن سفر جو ڪافي حصو کٽي چڪو هو ۽ هو حيدرآباد جي ويجهو پهچي ويا هئا، ته آپا مهرو کائنس پڇيو:

”ڀلا شادي ڪڏهن ٿي ڪرين؟ ڪو رشتو آيو اٿئي يا نه. نه ته منهنجي نظر ۾ آهن ڪجهه گهر.“

”آپا، منهنجو مڱڻو ٿي چڪو آهي ۽ هو شاديءَ لاءِ پڻ تڪڙ ڪن پيا، پر مون انڪار ڪري ڇڏيو آهي.  اڃا منهنجي مٿان الاهي ذميواريون آهن. آءٌ ته مورڳو سوچيان ٿي ته شادي ڪندس ئي نه.“

”نه، نه! خبرداري جو ائين سوچيو اٿئي! ڪوبه رشتو، ڪوبه ماڻهو ڪنهن جو ناهي. جن ڀائرن ۽ ڀيڻ جي لاءِ تو ايڏي قرباني ڏئين پئي، اهي ته اڳتي هلي پنهنجن پنهنجن گهرن جا جا ٿيندا. پوءِ يا ته سڄي عمر ڀاڄاين جي خدمت ڪندي ۽ انهن جا ٻار پالي گذري وينديءِ يا جيڪڏهن اڪيلي رهئين ته اڪيلائيءَ جو عذاب ماري رکندئي. مون کان پڇ ته اڪيلائي ڇا هوندي آهي.“ آپا مهرو چيو.

”آپا اوهان پاڻ سوچو. منهنجو وڏو ڀاءُ ارشد شاديءَ وارو آهي. سندس ٻار ٻچا آهن ۽ خرچ گهڻا اٿس، پوءِ به هو اسان کي سپورٽ ڪري پيو. پر اڃا سحر کي ڊاڪٽر بنجڻ لاءِ وقت ۽ خرچ کپي ٿو ۽ شهزاد ته اڃا انٽر به ڪانهي ڪئي. پوءِ آءٌ شادي ڪري کين ائين ڪيئن ڇڏي هلي وڃان؟“

”ڇو، ڇا تنهنجي مڱيندي کي تنهنجي حالتن جي خبر ڪانهي؟“

”آپا! هن کي سڀڪجهه خبر آهي ۽ هن ته اهو به سوچيو آهي ته شاديءَ کان پوءِ هو به مون سان گڏجي منهنجي ذميوارين ۾ منهنجو هٿ ونڊرائيندو پر...“

”پر وَر  ڪجهه به ڪونهي، ڇوري، ياد رک، گذري ويل وقت موٽي ناهي ايندو ۽ هر گذرندڙ ڏينهن تنهنجي عمر ۾ اضافو ڪري رهيو آهي. ٻيا سڀ ڪم ٿيندا رهندا. انشاء الله تنهنجا ننڍا ڀاءُ ڀيڻ پنهنجي منزل ماڻيندا. تون شادي کان پوءِ به هنن جوساٿ ڏيئي سگهندينءَ ۽ تنهنجو ڀاءُ ارشد به سمجهه وارو ۽ ذميوار ماڻهو آهي هو به پنهنجو فرض نڀائي پيو. بس تون شادي لاءِ يڪدم ها ڪر ۽ وڌيڪ دير نه ڪجانءِ ۽ ها! مون کي شاديءَ ۾ نه سڏائيه ته اصل جهڙو ٿيندو.“

”آپا! ڇا اوهان شاديءَ کي ايڏو ئي ضرور سمجهو ٿا؟“

”بلڪل! ڇو ته اسان جنهن معاشري ۾ رهون پيا، اتي اڪيلي عورت جي زندگي ڪنهن عذاب کان گهٽ ناهي. قدم، قدم تي آزمائشون آهن، کيس ڪنهن پل به سک نصيب ڪونهي.“ آپا ائين چوندي ڪجهه اداس ٿي ويئي.

”آپا پوءِ اوهان پاڻ شادي ڇو نه ڪئي؟“ رابيل ڊڄندي ڊڄندي کائنس اهو سوال پڇيو، جيڪو سالن کان سندس ذهن ۾ اٽڪيل هو، پر هوءَ ڪڏهن به ڊپ کان آپا مهرو کان پڇي نه سگهي هئي. آپا مهرو پهرين ته ڪجهه دير خاموش رهي. ڪوچ حيدرآباد جي حدن جي ويجهو ٿيندي پيئي ويئي. آپا مهرو دريءَ جي مٿان پردو سرڪائي پاسيرو ڪري ڇڏيو ۽ ڪجهه دير ٻاهر ڏسندي رهي ۽ پوءِ ٿڌو ساهه کڻي رابيل ڏانهن متوجهه ٿي: ”رابيل! مون کي خبر آهي ته آءٌ انتهائي سادي شڪل جي عورت آهيان. جڏهن آءٌ نوجوان هيس ته منهنجي لاءِ ڪجهه مائٽيون آيون. جيئن ته گهر ۾ ڪو وڏو نه هو، ان ڪري، ان معاملي ۾ مون کي پاڻ منهن  ڏيڻو پيو هو. هڪ ڀيري هڪ مرد مون کي سڏي مون کي رجيڪٽ ڪري ڇڏيو ۽ جڏهن ٻيو ڀيرو ائين ٿيو ته منهنجي اندر ۾ ڪا شيءِ ڄڻ ڀَڄندي ڀُرندي محسوس ٿي! مون کي ائين محسوس ٿيو ته شايد آءٌ مڪمل عورت ڪونه آهيان.“ آپا مهرو ايترو چئي چُپ ٿي ويئي ۽ رابيل ڌيان سان سندس ڳالهه ٻڌندي رهي. آپا مهرو وري ڳالهايو: ”رابيل! هي مرد عورت جي روح کي، هن جي اندر کي نه ڏسندا آهن. هنن جي لاءِ عورت فقط رنگ ۽ روپ حُسن ۽ جسم جو نالو آهي.  هو اهونه ڏسندا آهن ته هو مامتا به آهي، هوءَ پيار جي طالب ۽ پيار ڏيندڙ هستي به آهي. سو، جڏهن ٻن مردن کي مون کي ٺُڪرايو ته منهنجي عورتپڻي کي الاهي ٺيس پهتي. منهنجي عزت نفس مجروح ڪئي ويئي ۽ مون کي محسوس ٿيو ته آءٌ مڪمل عورت ڪونه آهيان. پوءِ مون اهو سچيو ته اهو سڀڪجهه تڏهن ٿيو جڏهن مون پاڻ کي ڪمزور ۽ ضرورت مند محسوس ڪيو جو سهارا ڳولهڻ لڳي هيس. بس پوءِ مون پنهنجي مٿان هيڻائپ جو اهو خول لاهي ڦٽو ڪيو ۽ فصيلو ڪيم ته هاڻي شادي نه ڪنديس.“

”پر آپا! سڀ ماڻهو ته هڪجهڙا ڪونه هوندا آهن، نڪوئي سڀ مرد عورت جي ظاهر حسن تي ئي مرندڙ هوندا آهن.“ رابيل چيو.

”ها پٽ! مان ڄاڻان ٿي. ٿي سگهي ٿو ته مون کي سٺا ماڻهو به ملي پون ٿا ۽ منهنجي شادي به ٿي وڃي ها، پر رابيل! منهنجي دل ان مهل ٽوڙي ويئي ۽ منهنجي عزت نفس ان مهل مجروح ڪئي ويئي، جنهن وهيءَ ۾ ڇوڪرين جو دليون شيشي کان به وڌيڪ نازڪ هونديون آهن ۽ سندن خواب انڊلٺ جي رنگن کان به سهڻا هوندا آهن. بس، پوءِ پنهنجي خوابن جي سهڻن رنگن مٿا ڪارنهن ڦِرندي ڏٺم ۽ دل جو شيشو چور ٿيل ڏٺم ته آءٌ ڪمزور ۽ هيڻائپ جون حدون ٽپي آزاد ٿي ويس. مون پنهنجي عورتپڻي جي نفي ڪئي ۽ پوءِ مون پاڻ کي عورت نه سمجهيو، پر مرد بنجي حالتن کي منهن ڏنو. وقت ۽ حالتن مون کي بدمزاج ۽ ڇڙوڇڙ بنائي ڇڏيو ۽ منهنجو اعتماد ماڻهپي تان عام طرح ۽  مردن کان خاص ڪري کڄي ويو. منهنجي رويي جي ڪري ماڻهو منهنجو نالو ٻُڌندي ئي ڪنن تي هٿ رکندا هئا. پر رابيل! ائين نه ڪريان ها ته هن معاشري ۾ جي نه سگهان ها، ڇو ته هتي ڪمزور ماڻهوءَ کان جيئڻ جو حق کسي قدم قدم ٿي مشڪلاتون کڙيون ڪيون وينديون آهن.“

”پر آپا! پاڻ کي ايڏو پٿر ته نه بنايو ها. ٿي سگهي ٿو ته ڪوبه سٺو ماڻهو اوهان جي خوبين ۽ خامين سميت قبول ڪري وٺي ها.“ رابيل چيو

”مليو هو هڪ شخص، جنهن ۾ مون کي منهنجي خوبين ۽ خامين سميت قبول ڪرڻ جو حوصلو هو. هو واقعي هڪ سٺو انسان هو ۽ ان مون کي پروپوز ڪيو. ۽ مون کي خبر هئي ته اهو منهنجي شادي ٿيڻ جو آخري موقعو هو. ڇو جو اهو منهنجي زندگي ۽ عمر جو اهو دور هو جنهن کان پوءِ مون جهڙي معمولي شڪل جي عورت لاءِ هونءَ به موقعو نه هوندو آهي.“

”پوءِ؟“ رابيل تجسس مان پڇيو.

”مون کيس انڪار ڪري ڇڏيو. ان جي باوجود ته هو منهنجي زندگيءَ ۾ ايندڙ پهريون ۽ آخري مرد هو جيڪو مون کي سٺو لڳو هو.“ آپا مهروءَ ايترو چيو ته ڪوچ هڪڙي جهٽڪي سان بيهي رهي. هو حيدرآباد پهچي چڪا هئا. آپا مهرو ۽ رابيل ڪوچ کان ٻاهر آيون ۽ روڊ ڏانهن وڃڻ لڳيون. رابيل کي اڻ تڻ ٿيڻ لڳي ته هو آپا مهروءَ کان پوري ڳالهه پڇي.

”آپا مهرو! اوهان آخر انڪار ڪيو ان شخص سان شادي ڪرڻ کان، جنهن کي اوهان خود به چاهيو هو.“ رابيل روڊ جي ڪناري هلندي هلندي پڇيو.

”پنهنجي اندر جي عورت کي، جيڪار مري چڪي هئي يا وري ماري ويئي هئي، هن کي ٻِيهر حياتي بخشڻ لاءِ.“

”ڇا مطلب؟“

”رابيل! مون توکي ٻڌايو هو ته جڏهن ٻن مردن هڪ عورت کي گهٽ سمجهي ٺڪرايو هو ته هن جو عورتپڻو ۽ عزت نفس مجروح ٿيا هئا.“ ايترو چئي آپا مهرو پري کان ايندڙ هڪ رڪشا کي هٿ ڏنو.

”مون ٻڌايو هو ته مون پنهنجي مٿان هيڻائپ جو خول لاهي ڦٽو ڪيو هو. هاڻي مون وٽ ٻه رستا هئا: يا ته هن شخص سان شادي ڪري وري ٻيهر پنهنجي اندر جي ان عورت کي زندهه ڪريان ها جيڪا ڪمزور هئي ۽ کيس ڪنهن مرد  جو سهارو کپيو ٿي يا ته ان عورت کي زندهه ڪريان، جيڪا پنهنجي ڀرپور عورتپڻي سان نروار ٿئي ها ۽ پاڻ کي اڻپوري عورت سمجهڻ بجاءِ ايڏي ڀرپور ۽ مڪمل عورت سمجهي جو هڪ مرد جي محبت کي کي ٿڌو هڻي ٺڪرائي سگهي ٿي.“ رڪشا ويجهي ايندي ٿي ويئي.

”رابيل مون هُن شخص کي ٺڪرائي ان عورت جو بدلو روتو، جنهن کي ٻن مردن ٺڪرايو هو. سدس انا کي مجروح ڪيو ويو هو. ها، مون جنهن سان محبت ڪئي ان کي ئي ٺڪرايو، انڪري جو ائين ڪرڻ سان هڪ عورت مڪمل عورت بنجي ويئي ۽ سندس انا ۽ عزت نفس کيس موٽي ملي. سندس اندر جي مري ويل عورت ٻيهر زنده ٿي ويئي، پر ڪمزوري يا هيڻائپ جي خول ۾ ويڙهيل عورت نه، پر هوءَ هاڻي مڪمل ۽ ڀرپور عورت هئي، جنهن لاءِ ڪنهن مرد کي ٺڪرائڻ ڪا وڏي ڳالهه نه هئي. ها اهائي ئي من جي فتح هئي. ها رابيل! محض هڪ عورت جي فتح لاءِ.“ ائين چئي هو رڪشا  ۾ ويهي رهي ۽ رابيل ڏانهن هٿ لوڏيندي هوءَ رڪشا جي دونهن ۽ گوڙ سميت آهستي آهستي هن جي نظرن کان غائب ٿيندي ويئي، پر سندس اکين مان لڙيل اهي لڙڪ اتي روڊ تي بيٺي رابيل کي ڪيتري ئي دير اکين آڏو ڦرندا رهيا؛ جيڪي هن ايڏي وقت ۾  پهريون ڀيرو پنهنجي نظر جي عينڪ جي ٿلهن شيشن پويان، دسندس ننڍڙين ننڍڙين اکين مان لڙندي ڏٺا هئا، جيڪي سدائين بي تاثر رهنديون هيون پر ان مهل انهن ۾ اهو تاثر ۽ درد هو، جنهن کي فقط ڪا عورت ڏسي ٿي سگهي ۽ محسوس ڪري ٿي سگهي. رابيل پوءِ آهستي آهستي هلندي پنهنجي ماڳ ڏانهن ويجهي ٿيندي ويئي. هوءَ وڌندي رهي.

 

غلام مصطفيٰ سولنگي

 

رُڃ ۾ وڃايل گيت

هن ڀيري ماستر سارنگ ان ڇوڪريءَ جي ڳائڻ جي ڳالهه ڪڍي ته مون کي ائين لڳو ڄڻ سُريلن گيتن وانگر منهنجو وجود به هوا ۾ پکڙجي ويو هجي ۽ مان خيالن ۾ ان ڳوٺ ۾ پهچي چڪو هوس، جنهن ۾ اها ڳائڻي ڇوڪري رهندي هئي ۽ جتي سُريلن گيتن جو واهيرو هو. مون نه ته اهو ڳوٺ ڏٺو هو ۽ نه ئي وري ان ڳائڻي ڇوڪريءَ کي. جنهن جي باري ۾ ماستر سارنگ واتان ٻڌي مان ڄڻ ته ساڻس سونهون ٿي ويو هوس. ماستر سارنگ جڏهن به حيدرآباد موڪل تي ايندو هو ته ان ڳائڻي ڇوڪريءَ بابت ڪجهه نه ڪجهه ضرور ٻڌائيندو هو ۽ سندس آواز جي ٻين مشهور ڳائڻين جي آواز سان ڀيٽ ڪري بنا ڪنهن هٻڪ جي سندس آواز کي سڀني کان وڌيڪ سٺي هجڻ جو فيصلو ڏئي ڇڏيندو هو.

ان ڇوڪريءَ جي خوبصورت آواز جو ٻڌي منهنجي دل جون تارون چُرڻ لڳنديون هيون، پر اهي تارون ٿوريءَ ئي دير ۾ بيهجي وينديون هيون، ان ڪري جو اها ڇوڪري منڊي هئي ۽ لٺ تي گهمندي هئي. سندس ان معذوريءَ جو سوچي مون کي ان مور جو خيال اچي ويندو هو، جنهن جا کنڀ ته رنگن جو هڪ جهان هوندا آهن، پر سندس پير ميرا.

سندس اونداهي آئيندي جو سوچي منهنجي هانءُ ٻُڏي ويندو هو. هوءَ لٺ جي ٽيڪ تي انهن وادين ڏانهن وڌي رهي هئي، جتي پهرين ئي سندس ٻه ڀينر پهچي چڪيون هيون. هوءَ پنهنجي ڀينرن کي ڏاڍي حسرت ۽ مايوسيءَ وچان گهوريندي هئي، جن جي مٿن تي چانديءَ اچي قبضو ڄمايو هو ۽ سندس زندگين ۾ بهارن اچڻ جي ڪابه اميد ڪانه هئي. اهي گهڙيال ۾ لڳل ڪانٽن وانگر ڏينهن ۽ رات جي وچ ۾ لٽڪي رهيو هيون.

ماستر سارنگ ٻڌائيندو هو ته هوءَ اُسر ويلي اٿي ڳائڻ شروع ڪندي هئي. سندس آواز ۾ ايڏو ته درد هوندو جو ڳائڻ مهل سندس اکين ۾ آلاڻ اچي ويندي هئي. شايد اها آلاڻ سندس وساريل ارمانن جو ٻيو روپ هو.

ماستر سارنگ بدليءَ جي سلسلي ۾ شهر آيو ته ڳالهين دوران ان ڇوڪريءَ جي گيتن بابت ٻڌائڻ لڳو ۽ مون کي چيائين، ”يار! ڪڏهن مون سان ڳوٺ هلجانءِ ته ان ڇوڪريءَ جا گيت ٻڌرائيندوسانءِ.“ منهنجي دل ۾ به ان ڇوڪريءَ جي آواز ٻڌڻ جي تمنا ننڍڙين ننڍڙين ڪڪرين وانگر ڪٺي ٿي گهري ٿيندي پئي ويئي. ڪڏهن ڪڏهن اڪيلائيءَ ۾ ان ويچاري منڊڙيءَ جو سوچي  مان چُپ ٿي ويندو هوس ۽ سندس آئيندي تي ويچاريندي منهنجي خيالن تي وڄ ڪرڻ لڳندي هئي.

ان منڊڙيءَ جو پيءُ ان ئي اسڪول ۾ پٽيوالو هو، جتي ماستر سارنگ پڙهائيندو هو. گهرواريءَ جي مرڻ کان پوءِ ڳڻتين ۽ پريشانين جي بار سان سندس چيلهه چٻي ڪري ڇڏي هئي. غربت جي ڪري هو پنهنجي ٻن وڏين ڌيئرن جي شادي به نه ڪرائي سگهيو هو. اهي ٻئي ڀينر جوانيءَ جون بهارون چوڙي چڪيون هيون ۽ هاڻي سندن لاءِ سرءُ ئي سرءُ هئي سترهن سالن جي منڊڙي ڳائڻي جوانيءَ جي بهارن مان لنگهندي پن ڇَڻ طرف وڌي رهي هئي. ماستر سارنگ ٻڌائيندو هو ته اهو پوڙهو پٽيوالو رات جو روزانو دير دير تائين شاهه سائين جو رسالو پڙهندو رهندو هو ۽ پڙهائيءَ دوران هو اکين تان عينڪ لاهي پنهنجي ڀرسان سُتل ٽن جوانين کي گهُورڻ لڳندو هو. سندس اکين مان ڳوڙها سانوڻ جي مينهن وانگر ٽم ٽم ڪرڻ لڳندا هئا ۽ آهستي آهستي سندس چهري جي گهنجن ۾ گم ٿي ويندا هئا.

ڪجهه وقت کان پوءِ ماستر سارنگ سرڪاري ڪم ڪار سانگي شهر آيو. ڪم ڪار مان واندو ٿي جڏهن هو وڃڻ لڳو ته مان هميشه جيان کيس ڇڏڻ اسٽيشن تائين ويس. اسان پليٽ فارم تي بيٺي گاڏيءَ جو انتظار ڪري رهيا هئاسين ته اوچتو هڪ پوڙهي ماستر سارنگ جي ڪُلهي تي هٿ رکيو ۽ پوءِ ڏاڍي پيار ۽ ادب مان ساڻس هٿ ملائي پڇيائين. ”سائين....! ڪم ٿي ويو ۽ اڄ هلو پيا نه ڳوٺ؟“

پوڙهي سان حال احوال ڪرڻ کان پوءِ ماستر سارنگ کيس منهنجو تعارف ڪرائيندي چيو ته هي ڪهاڻيون لکندو آهي ۽ ڪتابن جو دڪان به هلائيندو آهي ۽ جڏهن ماستر سارنگ ٻڌايو ته هي پوڙهو اسان جي اسڪول ۾ پٽيوالو آهي ۽ سندس ڌيءَ ڏاڍو سٺو ڳائيندي آهي ته مان سمجھي ويس ته هي ان منڊڙيءَ جو پيءُ آهي. پاڻ ڏاڍي سِڪ ۽ اُڪير وچان ڳالهائڻ لڳو. ڳالهه ٻولهه ڪندي هو مونکي ائين ٿي ڏسڻ لڳو جيئن ڪو مجبور ۽ لاچار هڪ لاپرواهه ۽ غمن کان آجي ماڻهوءَ کي تڪيندو هجي.

مون کيس صلاح ڏني، ”چاچا توهان پنهنجي ڇوڪريءَ کي موسيقيءَ جي باقاعده تعليم ڏياريو نه ...! هوءَ سُٺو ڳائي ٿي، ان ڪري جلد ئي ترقي ڪري وٺندي.“

موٽ ۾ چيائين، ”اهو ته صحيح آهي. پر پُٽ مان ته هڪ غريب پٽيوالو آهيان. تيرهن چوڏهن سون مان ڇا ٿو ٿئي. زمانو ڏاڍو زور آور ٿي ويو آهي. چڱا ڀلا هُنر وارا به ڌڪا کائيندا پيا وتن. زماني جي رفتار تيز ٿي وئي آ ٻچا!“

مان کيس وڌيڪ ڪجھ چوڻ بدران ان منڊڙي بابت سوچڻ لڳس. ايتري ۾ ريل گاڏي به پوڙهيءَ جي زندگيءَ وانگر آهستي آهستي اچي پليٽ فارم تي بيٺي. اسان ٽئي هڪ دٻي ۾ وڃي ويٺاسين. ڪجھ دير کان پوءِ گارڊ سيٽي وڄائي ته مان کانئن موڪلائي هيٺ لهي آيس ۽ ايستائين پليٽ فارم تي خيالن جي دنيا ۾ گم بيٺو رهيس جيستائين ريل گاڏي منهنجي نظرن کان اوٽ ٿي وئي.

مهيني ڏيڍ کان پوءِ ماستر سارنگ جو خط مليو. لکيائين ته، ”مان سي. ايس. ايس. جي امتحان جي تياريءَ جي سلسلي ۾ ڇهن مهينن جي موڪل وٺي حيدرآباد اچي رهيو آهيان ۽ ان کان پهرين ڳوٺ اچي سگهين ته اچ. پوءِ شايد وري اهڙو موقعو ملي الائي جي نه...“

خط ملڻ جي ٽئين ڏينهن مان تيار ٿي اسٽيشن تي آيس ۽ ان ڳوٺ وڃڻ واري ٽرين ۾ سوار ٿيس. اڪيلو هئس، پر ڳوٺ وڃڻ ۽ سُريلا گيت ٻڌڻ  جي سُندر احساس بوريت کي ويجھو اچڻ ئي نه ٿي ڏنو. مان خيالن ئي خيالن ۾ ڳوٺ پهچي ويو هوس ۽ ان منڊڙيءَ جا گيت ٻڌڻ لڳو هوس ۽ پوءِ کيس دلجاءِ ڏيڻ لڳو هوس،”چري ڇوڪري! خدا توکي آواز جي جادوگري ڏني آهي، پوءِ به تون مايوس ٿي گذارين. ڏس ته سهي، بهارون تنهنجو آواز ٻڌي بيهجي ٿيون وڃن ۽ غمگين دليون تنهنجي گيتن کان زندگيءَ جي خيرات پنن ٿيون.“

ڪا اسٽيشن آئي ۽ ٽرين جي جهٽڪي مون کي خيالن جي ڌُٻڻ مان ڇڪي ٻاهر ڪڍيو . درپن مان ايندڙ هوا منهنجي احساسن جي گرميءَ کي ٿڌو ڪري رهي هئي.

۽ آخر مان پنهنجي ماڳ تي پهچي ويس. اسٽيشن کان نڪري ماستر سارنگ جي ٻڌايل پيچرن تي هلڻ لڳس. پري پري تائين پکڙيل واريءَ جون ڀٽون ڪنوارين ڇوڪرين وانگر مون کي ڏسي مُسکرائي رهيون هيون ۽ ڳوٺ جي ٻاهران ٽالهيءَ جا وڻ ڄڻ منهنجي آجيان لاءِ بيٺا هئا، مان اسڪول کان ٿورو پرڀرو ٺهيل ڪجهه ڪمرن طرف وڌيس. موڪل جو ڏينهن هو، ان ڪري ماستر سارنگ گهر ۾ ئي هو. مون کي اوچتو ڏسي کائنس رڙ نڪري ويئي. رسمي حال احوال کان پوءِ پڇيو مانس، ”يار! ڪٿي رهندو آهين، تون واري اسڪول جو پوڙهو پٽيوالو؟“  ”هن ڀِت جي پريان پوڙهي جو گهر آهي.“ ماستر سارنگ هڪ ڀڳل ٽُٽل ڀِت ڏانهن اشارو ڪندي ٻڌيو. امان ان ڀِت تي نظر ڦيرائي. ڊَڀ ۽ ڪانڊيرا ڀت جو گهيراءُ ڪيو بيٺا هئا.

”يار! هاڻي ته اسان ڪو گيت ٻُڌڻ لاءِ سِڪون پيان. گيت رُڃ ۾ وڃائجي ويا آهن.“ ماستر سارنگ ٻڌايو.

مون کائنس پُڇيو، ”ڇا مطلب؟“

وراڻيائين، ”اها ڇوڪري وڃائجي وئي آهي. اڄ چوٿون ڏينهن اٿس.“

”ڪجهه ٻڌاءِ ته سهي مون کي به، ڇا ٿيو ان کي؟“ مون بي چين ٿيندي پڇيو.

ماستر سارنگ ڏکارو ٿيندي ٻڌايو، ”چار ڏهاڙا اڳ صبح جو هوءَ پنهنجي گهر ۾ درد ڀريا گيت ڳائي رهي هئي ۽ سڏُڪا سندس آواز جي تسلسل کي زوريءَ ٽوڙي رهيا هئا. هوءَ چڱي دير تائين پري واريءَ طرف ڏسندي رهي، سوچيندي رهي ۽ روئيندي رهي.“

مان ته تيار ٿي اسڪول هليو ويس ۽ منجهند جو جڏهن موٽي آيس ته خبر پيئي ته هوءَ گهر ۾ ڪانه هئي ۽ پوڙهو پٽيوالو روئهارڪي آواز ۾ پُڇي رهيو هو ته ”ڪٿي منهنجي منڊڙيءَ کي ڏٺو! ڪنهن ٻڌايو ته هوءَ پري واريءَ جي دڙن ڏانهن وڃي رهي هئي ۽ ڪنهن ٻڌايو ته هوءَ کوهه وٽ بيٺي هئي. پر هوءَ ڪٿي به ڪانه هئي.“

”يار! هوءَ آخر گهران ڇو نڪري ويئي؟“  مون ماستر سارنگ کان پُڇيو. پاڻ ٻڌايائين، ”ڪالهه پڻس ٻڌايو پئي ته ڀرواري ڳوٺ ۾ رهندڙ سندس ڀائٽيو ان منڊڙيءَ سان شادي ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو هو. پر گذريل هفتي هن بنا ٻڌائڻ جي هڪ ٻي ڇوڪريءَ سان شادي ڪري ڇڏي ۽ شايد اها خبر ٻڌي هن کي صدمو پهتو هو.“

اهو ٻڌي منهنجا وائيسر ئي ڦري ويا. مون جهڙي حساس ماڻهوءَ لاءِ اتي وڌيڪ ترسڻ ذهني عذاب کان خالي نه هو. ماستر سارنگ ڏاڍو روڪيو، پر مان اتي نه رهڻ جو فيصلو ڪري چڪو هوس.

 ور وڪڙ چارن تان هلندي منهنجي خيالن ۾ ڪجهه سُريلا گيت جاڳيا ۽ وري جلد ئي سُمهي پيا. مون کي ائين لڳو ڄڻ ان ويچاري منڊڙيءَ جا گيت هڪ خواب هئا ۽ سندس وجود هڪ رُڃ!.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com