سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

 

صفحو :2

”شاعر هِن لوڪَ کي پرلوڪَ سان ملائڻ واري هڪ ڪَڙي آهي.هو مِٺي پاڻيءَ جو اُهوچشمو آهي، جنهن مان اُڃايل رو‎حَ پنهنجي پياس پوري ڪن ٿا. هو سُندرتا جي درياههَ ڪناري، تازن ڦَلن سان ڀرپور وڻ آهي، جنهن مان بکايل دليون سَير ٿين ٿيون. هو شاعريءَ جي لامُن تي اُڏامندڙ بلبل آهي، جا مٺا مٺا گيت ڳائي دل جي خالي ڪُنڊن کي ميٺاج جي رس سان ڀري ٿي. هو اُنهيءَ سفيد بادلَ سمان آهي، جو ڳاڙهيءَ شفق جي ڪناري تان اُٿي، وڌندو اچي ٿو، ۽ پوءِ سڄي آڪاس ۾ ڦهلجي وڃي ٿو؛ برسات جي روپ ۾ وسي ٿو، ته زندگيءَ جي باغيچي کي گلزار ڪريو ڇڏي، ۽ هر هنڌ مُکڙيون ٽڙيو پون. هو خدا جو موڪليل فرشتو آهي، جيڪو انسانن کي سندس پيغام پهچائي ٿو. هو ڌرتيءَ تي ڦهلجي ويندڙ روشني آهي، جنهن تي ڪڏهن به انڌڪار اُپڙي نٿو سگهي. هو محڪم ارادي وارو آهي، جو پريم ۽ سنگيت جي ديويءَ کان پنهنجو پرڪاش حاصل ڪري ٿو.

”هيءُ اهو ئي شاعر آهي، جنهن کي زندگيءَ ۾ ڪير ڪو نه سڃاڻي، ۽ هِن دنيا کي ڇڏڻ بعد، جڏهن هو پنهنجي حقيقي ديس طرف هليو وڃي ٿو، تڏهن سندس پوڄا شروع ٿي وڃي ٿي. ها، هيءُ اهو ئي شاعر آهي، جو انسان کان هڪ هلڪيءَ مُرڪا بنا ٻيءَ ڪنهن به شي جي تمنا نٿو رکي؛ ۽ هيءُ اهو ئي آهي جنهن جون سرد آهون آڪاس ۾ سُندر روپ ڌارڻ ڪري اُڏامنديون رهن ٿيون، ليڪن انسان هن کي روٽيءَ ۽ ڪپڙي ڏيڻ ۾ به ڪنجوسائي ڪن ٿا.

”اي شاعر، آخر ڪيستائين تون انهن کي شانَ مانَ سان شاهي محلَ ٺهرائي ڏيندين، جن ڌرتيءَ جي مٿاڇري کي خون جي ڇنڊن سان لعل ڪري ڇڏيو آهي! آخر ڪيستائين تون ظالمن، هتيارن، ۽ آزاد انسانن کي غلام بنائڻ وارن کي نظر انداز ڪندو رهندين؛ ۽ ڪيستائين انهن ڪمزورن ۽ مجبورن کي وساريندو رهندين، جيڪي سدائين تنهنجيءَ سوڀ لاءِ سڪندا رهن ٿا!“

_خليل جبران

 

وکر جو سو وهاءِ (شاعري)

بيت

مخدوم محمد زمان ’طالب المولى‘

 

نينهن واريءَ نماز جو، ٿيو عشق امام،

نه ڪو اُٿڻ ويهڻ ٿئي، نه ڪو آهه قيام،

سجدو ۽ سلام، پنهنجو ڪيوسون پاڻ کي.

جن پنهنجو پاڻ فنا ڪري، الله ڪيو اثبات،

ڪل شيءِ محيط آهي، تنين کي تجلات،

هردم آهن حيات، هو مرد مرن ئي ڪين ڪي.

ٽُٻي هڻي پاڻ ۾، جهاتي جن پاتي،

تنين جي ڇاتي ’طالب‘ گنج گُهَرَ جو.

اِئين جيئري جيءُ، جيئن مرڻ کان پوءِ نه مرين،

جامُ جيئڻ جو، اي ’طالب‘، هاديءَ هٿان پيءُ،

وهم وساري ويهه تون، وحدت واري ويءُ،

مردُ مَچي تون ٿيءُ، محبت جي ميدان ۾.

مرد ٿي ميدانَ ۾، موت جنين ماريو،

پرين سان پاريو، تنين قول قرارَ سان.

سا ڪا ٻولي ٻول، جنهن سان راءُ ريجهائيين،

ڳجهه اندر جي ڳالهڙي، ڳهلو ٿي مَ ڳول،

ڪانڌُ تنهنجي ڪول، تون وڃين ڇو وڻڪار ۾.

ادا اٿي الله کي، ڪي ڳَهلا ڳوليندا،

پنهنجو پاڻ پِٿون ڪري، ڪي رليا روليندا،

جي وجود ووڙيندا، اهي پسندا پاڻَ ۾.

پڳَههَ ڇوڙي هليا، پيا پنڌ پري،

ٻيڙو ٻاجهارن جو، وطن شال وري،

سامونڊي سهڻا سدا، مَنَ اچن قرب ڪري،

تهان پوءِ مَري، ملي هيءَ مهجور تن.

ڪهڙي منهنجي ڪَلَ، ’طالبَ‘ طبيبن کي،

هي هي، منجهه هڪل، نٿا پهچڻ پل ۾.

نه ڏکن ۾ ڏُٻرا، نه سَنرا منجهه سُکن،

’طالب مولا‘ مرد سي، لڪيو ڪين لڪن،

پر لڀن منجهه لَکن، ڪي ڪي عاشق اهڙا.

نه غمن ۾ غمگين، نه خوشين ۾ خوشحال،

’طالب مولا‘ مرد سي، ڪن قرب ۾ ڪمال،

پر اهڙا مرد محال، ڪي ڪي ڏسبا ڏيهه ۾.

ڍول جنين جو ڍَڪُ، سي ڪئن اگهاڙيون ٿينديون،

تنين ڪيو ترڪ، ٻنهي جهانن کي.

 

آڏو آهين پاڻ کي، پنهنجو پاڻ ئي پاڻ،

انهيءَ ئي اهڃاڻ، پاڻُ لهندين پاڻَ ۾.

وڙهندڙ سان نه وڙهجي، ماٺيڻن سان ماٺ،

مَن کي محبوبن جي، محبت سان پيو ماٺ،

ته ڪين پوندين ڪاٺ، نڪي ويندين وِترو.

اونهي هن عميق ۾، تارُو ٿي تون تَرُ،

ڇڏي خوف خطر، ترقي ڪر تون تار ۾.

اڳياڙي سڀڪو ڪري، پڇاڙي ڪو ڪو،

ساٿي سهڻو سو، جو پرت پڄائي پانهنجي.

 

 

عبدالجبار ’شام‘

وايون وڃڻ جون، ڪر نه سونهارا سپرين،

منهنجو تون هي تون، ٻيو در ڳوليان ڪنهن جو.

 

وڃڻ جون وايون، ڪر نه سونهارا سپرين،

الا، ڪيئن آيون، اوهان جي اندر ۾.

 

وايون سڀ وسار، جي وڇوڙي واريون،

صاحبَ ٻه ٽي ڏينهڙا، گهايل ساڻ گذار،

محب ٻيو ميسار، اکر تون اندر مان.

 

اڱڻ اسان جي اچي، پير پرين پاتا،

مون سي سُڃاتا، سيڻ پنهنجا سرتيون.

اچيو پاڻ مِلن، اڱڻ مٿي سپرين،

اؤکو وريو واءُ جو، ڪٽر ڪوئي پين،

ڪڏهن ايئن چون، ’ڪريو ماٺ ملڻ کان‘

عيد به ڏٺيسون، ڏٺاسين ماتام،

منهنجو من مدام، عاري محرم عيد کان.

هر شي ۾ ڏس حاڪم منهنجو، دوست مٺو دلدار،

پاڙيندو پاڻ اچي، پنهنجا قول قرار،

ساريان سپرين جا، هر هر حرف هزار،

اهکو ’عبدالجبار‘ چئي، وِرهه سندو واپار،

ساجن لهندم سار، اچي قرب ڪمال سان.
 

مير محمد ’ميرل‘ جويو

هڪ ڏينهن ميڪون ’ماهي‘ آکيا، هوش تيڏا هي ڪِٿان؟

-آکيُم تو سان جِٿان

آکِيُس شعر سنجيده ڪٿان راز واليان سي رِٿان؟

-آکيُم تو سان جِٿان

آکِيُس سِٽان سوز فراقِي سهيڙيل ڪِٿ سَٿان؟

-آکيُم تو سان جِٿان

آکِيُس ڪنهن نَل پيچ پيوئِي ڳُتل دل ديان ڳُتان؟

-آکيُم تو سان جِٿان

ڪيهي هنڌ تَئين هوت ڏٺا هي، جنهن ڪَڻ پاندِئين جهُتان؟

-آکيُم تو سان جِٿان

آکِيُس وَسدَئِين ڪيهي ويڙهي، اِٿان ڪين اُٿان؟

-آکيُم تو سان جِٿان

آکِيُس مئن تان ملڪ ملڪ وچ هر هنڌ وسدا وَتان!

-آکيُم تو سان جِٿان

آکِيُس قدم بڙها ڪر، ’ميرل‘، پڇتي هٽين متان!

-آکيُم تو سان جِٿان

 

 

هڪ ڏينهن آکيُم ’ماهي‘ ڪون، مئن عرض ڪران جي مَنين

-- آکِيُس منٿ تيڏي مئن مَني.

ڪر قبول ڪمِيڻي ڪون مئن ڪوجهي توڙي ڪِنين.

-- آکِيُس منٿ تيڏي مئن مَني.

گهول ٿِيوان مئن ڍول تيتون، گولي ڪُون جي گهِنين

-- آکِيُس منٿ تيڏي مئن مَني.

آوِين، دل پِرڀاوين، ڀورل، ڀيرا تون نا ڀَنين

-- آکِيُس منٿ تيڏي مئن مَني.

ور وسيلا هي هڪ تيڏا، وسارين نا وَنِين.

-- آکِيُس منٿ تيڏي مئن مَني.

سوران والي سيج خالي تي، ساري رات مئن رُنِين.

-- آکِيُس منٿ تيڏي مئن مَني.

چولا پوتي پُرزي پُرزي، چيهاڙيان ٿَئِي چُنيِين.

-- آکِيُس منٿ تيڏي مئن مَني.

ٻال جَتِي ڪنون ٻانهي هان، هُڻ ڇورا ڪر نا ڇنِنِ

-- آکِيُس منٿ تيڏي مئن مَني.

ٻئي در ديکڻ ڇوڙ ڏيتي، هُڻ پاس تيڏي آ پِنِين

-- آکِيُس منٿ تيڏي مئن مَني.

قبول ڪرو اِهي عرض ’ميرل‘ دي پيش پِرين سڀ هِنِين

-- آکِيُس منٿ تيڏي مئن مَني.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com