سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1994ع

مضمون

صفحو :5

l

جبار ”تاثير“ سومرو

غزل

منهنجو حال ڏسي وئي آهي،
مون کان پاڻ پُڇي وئي آهي.

 

ڪيئن وساريان رات اُها جا،
مون وٽ رات رهي وئي آهي.

 

منهنجي دل جو چين کسي هوءَ،
مون کي سُور ڏئي وئي آهي.

 

مُرڪ ڦري مانڌاڻ مچائي،
مون کي لڙڪ ڏئي وئي آهي.

 

ڳالهين ڳالهين ۾ ويهي هوءَ،
مون کي ڇا ڇا چئي وئي آهي.

 

سوچون موڳيون ٿي پيون آهن،
مون کان ڏات رُسي وئي آهي.

 

هُن ۽ منهنجي پيار جي آخر،
شهر ۾ ڳالهه هُلي وئي آهي.

 

مان نه هُيس هوءَ منهنجي در تي،
پنهنجو نانءُ لِکي وئي آهي.

 

منهنجي لحد تي ڏيئو ٻاري،
آس جا گُل رکي وئي آهي.

 

ڇا چئجي ”تاثير“ اسان جي،
هر ڪا آس ڪُٺي وئي آهي.
                 
l

اسلم چنا

غزل

اوچتو جو واسطو ٽوڙي ڇڏيو،
دل جو ڄڻ ته حوصلو ٽوڙي ڇڏيو.

 

تنهنجون تحريرون جلائي رات مون،
ياد جو هر رابطو ٽوڙي ڇڏيو.

 

يا ملڻ جو هاڻ ڪو رستو ڪڍو،
يا اڳوپو آسرو ٽوڙي ڇڏيو.

 

خواب هڪڙو منهنجي هڙ ۾ هو لِڪل،
سو به تو مون کان کسيو، ٽوڙي ڇڏيو.

 

تنهنجي ڳوٺان اڳ ۾ ايندا هئا سلام،
تو اهو پڻ سلسلو ٽوڙي ڇڏيو.

 

ڪوڙ جو قانون، ڪانئر جي انا،
پاڻ کان جيڪي پڳو ٽوڙي ڇڏيو.

 

ڇا هو اسلم تنهنجي چهري تي لکيل،
ڇا ڏسي تو آئينو ٽوڙي ڇڏيو.
                      
l

الهورايو بوزدار

غزل

رات ٺري آ، هير گهلي پئي،
يادن جي ڪا دري کُلي پئي.

 

تارا سارا ترن فضا ۾،
هير ڇهي ٿي ڇاتي ڇلي پئي.

 

چنڊ به ڪونهي اوندهه آهي،
ننڊ به ڪنهن جي ڪڍ رُلي پئي.

 

ڏيئا ڏيئا ڏيهه سمورو،
موٽي ايندئنءَ، ڳالهه هلي پئي.

 

ها هوءَ آخر ايندي ڪڏهين،
شايد ايندي واٽ ڀُلي پئي!
                  
l

شيخ اسحق ”دانش“

غزل

پل پل تنهنجا پور پچاري،
ساجن توکي دل ٿي ساري.

 

دل جا دلبر وهم وساري،
وڃ ڪي گهڙيون مون سان گهاري.

 

بستر تي بيمار پيو هان،
وڃ تون جڏڙو جيءُ جياري.

 

ڳڻتيون ٽولا ٽولا ٺاهي،
آخر وينديون مون کي ڳاري.

 

ڪشتي هيڻي، توريءَ سائين،
ڪير آ جيڪو، پار اُڪاري.

 

پيار جو يار ڀرم رکجان نه ته،
وجهنديون لوڪ ميارون ماري.

 

کامان پڄران سورن ۾ ٿو،
ٻارڻ وئين تون ڪهڙو ٻاري.

 

سهڻي صورت وارا توکي،
اڄ ڀي ٿو ”اسحاق“ سنڀاري.

 

پيار جي پڙ ۾ عشق جي بازي،
تو جيتي مان ويٺس هاري.
                      
l

معصوم بُخاري

غزل

چور چپڙا پرين، ساز سهيسن سرن،
جُهومي محفل اُٿي، ٻول ٻهڪي ٻُرن.

 

تنهنجي گوهر فشاني، مٺي گفتگو،
تبسم مان موتي پيا ڄڻ ڇڻن.

 

رقص ساري فضا ٿي ڪري اُن گهڙي،
تنهنجي ٽهڪن جا جنهن ويل گهنگهرو وڄن.

 

رنگ ٿا هارجن، رس ٿي اوتجي،
تون ٿي ڳالهائين، پوپٽ اُڏيو ٿا اچن.
                         
l

رياضت ٻرڙو

قرب جي ڪاڪ ۾ پيار جا سلسلا،
چنڊ جي تاڪ ۾ پيار جا سلسلا.

 

ڇڏ ٻڌي زندگي، ڪين توکي ڇڏيان،
چاهه جي چاڪ ۾ پيار جا سلسلا.

 

وار جي ونگ ۾، رنگ جي انگ ۾،
۽ پرين پاڪ ۾ پيار جا سلسلا.

 

گيت پيارا ٻُرن ٿا هوا ۾ سدا،
هير جي هاڪ ۾ پيار جا سلسلا.

 

ڪلڪ ’رياضت‘ رکي، پکين ٿي چيو:
باک ۽ ماڪ ۾ پيار جا سلسلا.
                         
l

 

لياقت علي لياقت

غزل

حال مون کان زندگيءَ جو ڪين پڇ،
هر  خوشي  جي  خودڪشي  جو  ڪين پـڇ.

نفرتن جو مان زهر ويٺو پيئان،
مون کان منهنجي مئڪشي جو ڪين پڇ.

 

وقت مشڪل ۾ جو تنها ويو ڇڏي،
دوست تنهنجي دوستي جو ڪين پڇ.

 

شوق ناهي ۽ نه جيئڻ کان خفا،
زندگي هن هيکلي جو ڪين پڇ.

 

جنهن کي چاهيم، ڪين تنهن چاهيو ڪڏهن،
هر طرف جي دل لڳي جو ڪين پڇ.

 

سونهن سان آ منهنجي ازلي چاهنا،
هي تسلسل عاشقي جو ڪين پڇ.

گم رهي ٿو جو سدائين عشق ۾،
يار تنهن لياقت علي جو ڪين پڇ.
                         
l

 

مير حسن آريسر

غزل

ڪيتري هئي خوبصورت ڪيتري چنچل هئي،
ڪنهن گهڙي ناتر هئي ۽ ڪنهن گهڙي مومل هئي.

 

چنڊ جي اُجري جسم تي شبنمي بادل هيا،
يا ته ڪا پاتي پرين اڄ نيرڙي ململ هئي.

 

قافلو پنهنجي عشق جو هو اسونهون ۽ اڳيان،
دار يا منزل کان اڳ دؤر جي دلدل هئي.

 

ٿي جڳن جي جاڳ مون کي روز ماريندي رهي،
ڪنهن گهڙي جي اک جهپي سا ننڊ ڀي مقتل هئي.

 

ڪير مالهڻ واءُ سان گڏ ڪالهه واڙين ۾ گُهلي،
ڪير هئي جنهن جي ڪري هٻڪار ۾ هلچل هئي.

 

ڇو نه منهنجو غزل هوندو خوبصورت ۽ نفيس،
ڇو ته تنهنجي سونهن منهنجي خيال ۾ هر پل هئي.
                              
l

 

 

عزيز ڪنگراڻي

غزل

ياد هٻڪار کڻي آيندي آ،
تنهنجي مهڪار کڻي ايندي آ.

 

هر نئين سال خزان دردن جي،
کوڙ آزار کڻي ايندي آ.

 

هيڪلائي ۾ پرين راتين جو،
چاندني سار کڻي ايندي آ.

 

تنهنجي مون ڏانهن اچڻ کان نهڪر،
دار ماٺار کڻي ايندي آ.

 

آءٌ مايوس جڏهن ٿيندو هان،
زندگي پيار کڻي ايندي آ.

 

توسان هڪوار ملڻ جي حسرت،
سونهن سنسار کڻي ايندي آ.

 

مُرڪ تنهنجي بهارن وانگر آ،
روز گلزار کڻي ايندي آ.

 

گڏ گذارڻ جي خواهش هر هر،
نينهن نروار کڻي ايندي آ.

 

توسان گڏ هير ٿڌي جذبن جي،
ڇيڄ ڇمڪار کڻي ايندي آ.
                    
l

نواز خان زئور

نظم

ورونهن جي اجاڙ کي،
يا سونهن جي اجاڙ کي،
اسان سهي سگهون نه ڪئن!
پرين! حسن وٽان پري،
ڀلا رهي سگهون به ڪئن!
اسان ته قهر رات ۾
پرين! توهان جي تات ۾
پري ڇڏي سڄي دنيا
قدم قدم وڙهي وڙهي
سَٺو ته ڇا ڇا سَٺو
اسان ته ڪجهه نه ٿا چئون
وٺو رڳو وفا وٺو
ڌڪار گر اوهان ڏني
ميار ڇو اسان ڏيون؟
انڌار رهگذار ۽
دراز فاصلا هئا
مگر سڏيو پئي منزلن
قطار قافلا هئا
مگر اڳيان سڀن ڪنان
اسان ئي واٽ هئي وتي
ٻيا ته سرد ها پرين!
هزار درد ها پرين!
لتاڙجي ويا سڀئي
ٻِرانگهه ڪا جڏهن ڀري
ته واڙجي ويا سڀئي
اُڏي ته روح ڪِٿ اُڏي!
هي ڪائنات ڇاڙڪي
نفي ثبات ڇاڙڪي
جڏهن به پير پنڌ تي
وڌيا جو تنهنجي تاڙ ۾
ته ها شبد لتاڙ ۾
    ازل ابد لتاڙ ۾
    ازل ابد لتاڙ ۾
    ازل ابد لتاڙ ۾.
               
l

 

صفر ڪلهوڙو

وائي

وارن جو ڇنـڊڪو،

تتر   جو   ڀڙڪو،

ڳالهه مڙئي هڪڙي.

سازن ســاڻ   غزل،

روئڻ سان سڏڪو،

ڳالهه مڙئي هڪڙي.

تنهنجو نيڻ پرين،

ڪنهن جو پنجڪڙو،

ڳالهه مڙئي هڪڙي.

تنهـنجي نيڻ  اڏار،

دهـشت  يا  ڌڙڪو:

ڳالهه مڙئي هڪڙي.

در جي ٺڪ ٺڪ يا،

دلڙيءَ  جو ڌڙڪـو:

ڳالهه مڙئي هڪڙي.

l

متل جوڳي

وائي

ڦلـــــيون   ڦليون    اڪ

سرجي  پئي   ٿي سڪ

آئين ڇو نه اڃا پرين!

چوڏس مينهن اٺي جي،

مرڪــــي   آهي   مهڪ

آئين ڇو نه اڃا پرين!

اڀ جي آڳـر  تي  ڏس،

چــــنـــڊ   ٻــــــڌي آ  ٽـــڪ

آئين ڇو نه اڃا پرين!

ميندي  ڦوٽــهڙي    ۾

ورڻو هُئين  جو  پڪ

آئين ڇو نه اڃا پرين!

آئين ڇو نه اڃا پرين!...

l

سلميٰ پنهور

غزل

منهنجي اکڙين ۾ خواب ڪونهي ڪو،
چند سوالن جو جواب ڪونهي ڪو.

 

منهنجي هڪڙي خطا بس تولاءِ ڏُکي،
تنهنجين هيڏين خطائن جو حساب ڪونهي ڪو.

 

بس ڏکي ڳالهه آهي گذارڻ جيون،
ان کان وڌ ٻيو عذاب ڪونهي ڪو.

 

ڇا سندس رنگ آ، ڇا ته خوشبو مٺا،
هُن کان وڌ ڪوئي گلاب ڪونهي ڪو.

 

مان ته مرڪي ويٺس، بس اها ئي خطا،
هُن چيو تنهنجو جواب ڪونهي ڪو.
                           
l

منٺار سولنگي

غزل

هر ڏسا، هر موڙ تي طرفان آ،
وچ ۾ ڦاسي پيو انسان آ.

 

ڪيترو انسان ڪيو نقصان آ،
خود خدا ان ڳالهه تي حيران آ.

 

تون ته چمڪن ٿي سدائين چنڊ جان،
پر مِٺي پنهنجي وهي ويران آ.

 

زندگيءَ جي رڻ ۾ سمجهي ڇانَو جا،
منهنجي لاءِ شاعري شمشان!

 

ڀل پڙهو اتهاس جا سارا ورق،
روشني بس شاهه جو ديوان آ.

 

اڄ وري ”منٺار“ جي من ۾ متل،
بيوفا جي ياد جو طوفان آ.
                       
l

معشوق ڌاريجو

وائي

شال ملي تشــبيهه،

تو جيئن سندر ڪا

توتي گيت لکي وٺان.

ڪيڏو سندر لڳين،

چوڏهينءَ چنـــدرما!

توتي گيت لکي وٺان.

ڏاڍو دلڙي ٿي چوي،

منهنجي محبـــــوب!

توتي گيت لکي وٺان.

نيٺ ته کٽندي راتڙي،

اوشـــــا   جـــــي   آشـــا.

توتي گيت لکي وٺان.

l

 

الطاف آسي

گلن جي لاءِ خارن ساڻ ٿو ناتو رکڻ گهرجي،
ملي ڪيڏو نه صدمو پيار ۾ خوش ٿي سمهڻ گهرجي.

 

نه ڪي هيڪر نه ڪي ٻيهر نه ڪي ٽيهر مگر هر هر،
محبت درس آ جن جو، آڱڻ تن جي اچڻ گهرجي.

 

مٿينءَ دل سان جو کارائي ڪڪڙ ڇيلا پون سي ٻن،
کلي خوش ٿي جو کيڪاري، گهڙي ان وٽ رهڻ گهرجي.

 

صبح جي روشني، اُن رات جي اوندهه تان صدقو آ،
چوائي موڪلي محبوب سائين اڄ ملڻ گهرجي.

 

تمنائن جي پويان ڊوڙندي ٿڪجي مري پيو آ،
انهيءَ  ماڻهوءَ  کي  آخرڪار  ڇا  نالو  ڏيڻ  گهرجي؟

پرهه جي هير کان هيءَ پيار وارو هير سمجهان ٿو،
هزارين
 بار  بهتر  آ،  ڏيڻ  گهرجي  وٺڻ  گهــــــرجي.

پکي سڀ شام جي ويلا ورن ٿا جيئن واهيري،
ائين محبوب جي گهر ۽ گهٽيءَ پاسي وڃڻ گهرجي.

 

نه ڪر ”الطاف آسي“ آس پنهنجي مان نراسائي،
محبت ساڻ محنت کي سلهاڙيندي جيڻ گهرجي.
 
l

جاني اسحاق ملاح

وائي

سڀئي   ننڊ   اگهور،

آءٌ اڪيلو جاڳان پيو.

اچي پيا مون  من  ۾،

پرت تنهنجيءَ جا پور:

آءٌ اڪيلو جاڳان پيون.

پيهي  ويو   اکين ۾.

سَندءِ سِڪ  جو  سور:

آءٌ اڪيلو جاڳان پيو.

منهنجي احساسن کي،

ڏات  وٺي  وئــي  ڏور

آءُ اڪيلو جاڳا پيو.

جاني   جدائيءَ   ۾،

هڏ   هڏ  آهي  چور:

آءٌ اڪيلو جاڳا پيو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com