سليم ميمڻ
ميان علي محمد قادري جون
ادبي خدمتون
اُهي اديب ۽ شاعر جن سنڌي ادب ۽ شاعري جي وڏي خدمت ڪري پنهنجو
نالو امر ڪري ڇڏيو آهي، تن ۾ علي محمد قادري جو
نالو به ذڪر جوڳو آهي. سندس علمي خدمتن جو ذڪر،
سنڌي ادبي تاريخ جو هڪ سونهري باب آهي. 1915ع کان
وٺي ننڍي کنڊ جي ورهاڱي تائين سنڌي عروضي شاعري جو
دور ميان علي محمد قادري جو دور هو. پاڻ ان دور جي
عظيم علمي ۽ ادبي شخصيت هو، جنهن سان ان دور جا
تمام گھڻا شاعر ۽ اديب وابسته رهيا.
ميان علي محمد ولد بهاءُالدين، تخلص ”قادري“، لاڙڪاڻي شهر جي
مشهور درويش فقير ميان محمد صالح جي ڀاءُ ميان رضا
محمد جو پوٽو هو. فقير ميان محمد صالح، ميان
عبدالحق درازي (جنهن جو سچل سرمست پڻ مريد هو) جو
مريد هو، ان ڪري هو سچل سائينءَ جو پير ڀائي هو.
پوءِ هو سچل سائينءَ جي مريدن ۽ خليفن ۾ شمار ٿيڻ
لڳو. ميان محمد صالح پنهنجي مرشد ميان عبدالحق جي
فرمائش تي لاڙڪاڻي لڏي آيو.
ميان علي محمد جي تعليم، سندس مامي غلام محمد ”گدا“ ولد فقير
محمد صالح جي نظر هيٺ ٿي. ميان غلام محمد ”گدا“ هڪ
وڏو عالم ۽ پارسي، سرائڪي، هندي ۽ سنڌيءَ جو وڏو
شاعر هو. هن خاندان جي پيري مريديءَ جو سلسلو سنڌ
۽ بلوچستان تائين پکڙيل هو. ميان علي محمد، ميان
غلام محمد سان گڏجي وقت بوقت پنهنجن مريدن وٽ
ويندو رهندو هو.
ميان علي محمد پنهنجي مامي جي چوڻ
تي شعر و شاعري ۾ طبع آزمائي ڪرڻ شروع ڪئي ۽ پارسي
غزل تيار ڪري اصلاح لاءِ سندس آڏو پيش ڪيو، جنهن
جو مطلع هو:
نشته بردرت اين داد خواهت،
زمد تها به اميد نگاهت-
پروفيسر رام پنجواڻي لکي ٿو: ”ميان غلام محمد غزل ٻڌي خوش ٿيو ۽
چيائين: شڪر ٿيو اسان جي اولاد ۾ وري هڪ شاعر پيدا
ٿيو.“
ميان علي محمد جيستائين زنده هو، تيستائين سندس اوطاق تي عالمن،
فاضلن، اديبن، شاعرن، سياستدانن، هندو توڙي
مسلمانن جي ڪچهري لڳل رهندي هئي. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ
مان عالم ۽ شاعر ڪهي اچي ساڻس ڪچهري ڪندا هئا، ڄڻ
هو مٺي پاڻيءَ جو هڪ اهڙو تلاءَ هو، جتي هرڪو
پنهنجي اڃ اجھائيندو هو. هو هڪ صاف دل صوفي هو،
جنهن وٽ ٻيائي ڪانه هوندي هئي. هندو توڙي مسلمان
سڀ کيس نهايت عزت ۽ پيار سان ڏسندا هئا ۽ سندس ادب
ڪندا هئا. هو پنهنجي محلي ۾ عيد جي نماز جي امامت
ڪندو هو. شهر جا سُني ۽ شعيا سڀيئي هن جي پٺيان
نماز ادا ڪندا هئا. هو ميان سخي قبول محمد اول
درازن واري جو مريد هو. کانئس فيض حاصل ڪرڻ ۽ سندس
خدمت ۾ گھڙيون گذارڻ خاطر وقت به وقت سندس خدمت ۾
وڃي حاضر ٿيندو هو. هڪ ڀيري ڪنهن ماڻهو کانئس پڇيو
ته اوهان مسلمانن جي ڪهڙي فرقي سان واسطو ٿا رکو،
ته ان کي يڪدم جواب ڏنائون:
ڪي سڏن سُني، ڪي شيعو ٿا چون سڀ عام خاص،
ڪي صفا صوفي سڏن منهنجو پڙهي هي خوش ڪلام
جوئي آهيان سوئي آهيان، جيئن چون مر پيا چون،
ٻارهـــن پـــنجــــن ۽ چـــئن جو قــادري
آهي غلام.
قادري، لاڙڪاڻي جي وڏي عزت واري نواب حاجي امير علي لاهوري سان
گڏجي ٻه ڀيرا حج ڪيو ۽ حرمين شريف ۽ ڪربلا معليٰ
جي زيارت کان مشرف ٿيو.
قادري پنهنجي شهر جي مسلمانن جي بهتري ۽ بهبودي لاءِ هر وقت
ڪوشش ۾ لڳو پيو هوندو هو. هو شهر جي سياست ۾ بهرو
وٺي سندن مشڪلاتن ۽ مسئلن کي دور ڪرڻ لاءِ پاڻ
پتوڙيندو رهندو هو. جڏهن کان وٺي لاڙڪاڻي شهر ۾
ميونسپل ڪيمٽي قائم ٿي هئي، هو ان جو ميمبر ۽ ڪنهن
نه ڪنهن ڪميٽيءَ جو چيئرمن چونڊبو هو.
قادري جون ادبي خدمتون:
ميان علي محمد قادري جي وڏي ادبي خدمت آهي سنڌ ۾ ”پهرين بِزم
مشاعره“ جو قيام. قادري کي شاعري ورثي ۾ ملي هئي.
سندس مامو ميان غلام محمد گدا ۽ نانو ميان محمد
صالح درويش پنهنجي وقت جا وڏا شاعر هئا. اهو سندن
ئي فيض هو جنهن قادريءَ جي طبع جو لاڙو شاعريءَ
ڏانهن ڪيو ۽ هو پنهنجي وقت جو وڏو استاد شاعر بنجي
پيو، جنهن کان سنڌ جي ڪيترن ئي شاعرن فيض حاصل
ڪيو.
ميان علي محمد قادري جي اوطاق تي وقت به وقت شعر ۽ سخن جون
محفلون ٿينديون رهنديون هيون، جنهن ۾ لاڙڪاڻي شهر
۽ ضلعي جي شاعرن جھڙوڪ نواز علي نياز جعفري، حاجي
محمود خادم، ميان غلام سرور فقير، حافظ عبدالله
عبد، مولوي محمد عاقل، ”عاقل، مولوي محمد عظيم
شيدا ۽ ڪشنچند بيوس کان سواءِ سنڌ جا ناميارا شاعر
شمس الدين بلبل، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، ڊاڪٽر
عبدالمجيد صديقي، محمد هاشم مخلص، حافظ محمد احسن،
جمع خان غريب ۽ ٻيا شريڪ ٿيندا هئا.
رئيس شمس الدين بلبل 1915ع ۾ جڏهن لاڙڪاڻي ۾ هفتيوار ”خير
خواهه“ اخبار جو ايڊيٽر هو، تڏهن ميان غلام محمد
قادري جي ڪچهرين ۾ شريڪ ٿيندو هو. حاجي محمود خادم
پنهنجي ڪارگذارين ”اسان جون ناچيز خدمتون“ ۾ لکي
ٿو ته ”رئيس بلبل جي صلاح ۽ ٻين بزرگن جي همتائڻ
سان لاڙڪاڻي ۾ 1915ع جي بهار وارن ڏينهن ۾ بزم
مشاعره جو بنياد وڌو ويو.“
بزم مشاعرن جو باني ميان علي محمد قادري هو، تنهنڪري هن کي
”باباءِ بزم مشاعره“ جي لقب سان ياد ڪيو ويندو
آهي. بزم مشاعره جو صدر ميان علي محمد قادري ۽
سيڪريٽري حاجي محمود خادم هو.
پيرحسام الدين راشدي ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ ۾ لکي ٿو ته ”بزم
مشاعره لاڙڪاڻي کان اڳ سنڌ ۾ اخبارن ۾ مشاعرا
ٿيندا هئا. لاڙڪاڻي ۾ جڏهن مشاعرو شروع ٿيو ته اهو
’عوامي مشاعرو‘ ٿي پيو، جنهن جا دروازا هر ڪنهن
لاءِ کليل هئا، جنهن ۾ هرڪو شاعر ۽ سامعين وڏي
خوشيءَ سان شريڪ ٿي سگھندو هو. هر مشاعري لاءِ
سنڌي ۽ اردو طرح ڏني ويندي هئي. مصرع طرح جو اعلان
مشاعري ۽ اخبارن ۾ ڪيو ويندو هو ۽ شاعرن ڏانهن
ڪارڊ رستي اطلاع موڪليو ويندوهو. مشاعري ۾ سڄي سنڌ
مان شاعر اچي گڏ ٿيندا هئا. داد سُخن ڏيندا ۽
وٺندا هئا.“
محمد بخش واصف، لاڙڪاڻي جي مشاعري ۾ داد سخن جو ذڪر ڪندي چوي
ٿو:
”کڻي نقدِ غزل تون ڀي، خريدِ داد لئه هل دل
ٻڌان ٿو لاڙڪاڻي ۾ ته البت شعر خواني آ.“
بزم مشاعره لاڙڪاڻي جو اهو اثر نڪتو جو سڄي سنڌ ۾ بزم مشاعره
قائم ٿي ويا. اهڙيءَ طرح عروضي شاعري ۽ غزل سنڌ جي
ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر ۾ پهچي ويو، جنهن ڪري سنڌ ۾
ڪيترا ئي غزل گو شاعر پيدا ٿيا.
ميان علي محمد قادري جي ٻي وڏي خدمت هئي سنڌ ۾ ”سنڌي ادبي
ڪانفرنس“ ڪوٺائڻ جو پايو وجھڻ.
بزم مشاعره لاڙڪاڻي سنڌ ۾ وڏي مقبوليت حاصل ڪري ورتي هئي، ۽ هي
بزم مشاعرو سنڌ جي شاعرن جي دلچسپي ۽ توجهه جو
مرڪز ٿي پيو هو. ميان علي محمد قادري کي سنڌ جي
شاعرن جي شعرو شاعري سان ايڏو چاهه ڏسي لاڙڪاڻي ۾
هڪ ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنس يا سنڌ مشاعرو ڪوٺائڻ جو
خيال پيدا ٿيو. بزم مشاعره لاڙڪاڻي جا سرگرم ڪارڪن
ميان غلام سرور فقير، نواز علي نياز علي نياز
جعفري، حاجي محمود خادم، ڊاڪٽر عبدالمجيد صديقي ۽
امير الدين همدم به سندس خيال جي تائيد ڪئي.
ڪانفرنس جي ڪم کي ڪامياب بنائڻ لاءِ ساڻس مڪمل
تعاون ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
هي ڪانفرنس 25 ۽ 26 ڊسمبر 1921ع تي لاڙڪاڻي ۾ ڪوٺائي ويئي. هن
ڪانفرنس جو باني مباني ۽ استقباليه ڪميٽيءَ جو
چيئرمن ميان علي محمد قادري هو. ڪانفرنس جي صدارت
مرزا قليچ بيگ ڪئي. مرزا قليچ بيگ پنهنجي ڊائريءَ
۾ ان ڪانفرنس جو مختصر احوال هن ريت بيان ڪيو آهي:
24- ڊسمبر:
ڏينهن واري گاڏيءَ ۾ لاڙڪاڻي ويس، جتي سنڌ جي شاعرن جي پهرين
ڪانفرنس ٿيڻ واري هئي ۽ مون کي ان جو پريزيڊنٽ
مقرر ڪيو ويو هو. منوچهر ۽ ٻيا ڪيترا ماڻهو اسٽيشن
تي حاضر هئا، جن گلن جا هار وڌا ۽ پروسيشن ۾ شهر
وٺي ويا ۽ منزل تي پهتاسون.
25- ڊسمبر:
ڪانفرنس شروع ٿي. راڳ ۽ رپورٽون پڙهيون ويون ۽ مان مختصر جواب
ڏنو. شام جو سبجيڪٽ ڪميٽيءَ جي ميٽنگ هئي. آءُ نه
ويس. مون کي ڪارگذريءَ کان واقف ڪيو ويو.
26- ڊسمبر:
شروع ۾ منهنجي تقرير ٿي ”شعر جي شرافت ۽ شان بابت“. پوءِ طرح
وارا غزل پڙهيا ويا. ڏينهن جو کاڌو مدرسي ۾ سڀني
ملي کاڌو، شام جو سڀني جي تصوير ڪڍي ويئي.
هن ادبي ڪانفرنس جي مشاعري جي طرح ”ستارو منهنجي قسمت جو اوهان
جي مهرباني آ.“ اها طرح مرزا قليچ بيگ طرفان ڏنل
هئي.
ميان علي محمد قادري جي ٽين اهم خدمت هئي 1925ع ۾ ”گلدسته سنڌ“
ماهوار رسالي جو اجراءُ. هونئن ته ماهوار رسالن
ڪيترو وقت اول نڪرڻ شروع ڪيو هو، پر اهي گھڻو ڪري
نثر تائين محدود هئا ۽ ڪن رسالن ۾ ڪي شعر تبرڪ طور
شايع ڪيا ويندا هئا، مگر ”گلدسته سنڌ“ سنڌ ۾ سنڌي
زبان جو اهو پهريون رسالو هو، جيڪو صرف شعرو
شاعريءَ لاءِ وقف هو.
رسالي جي سرورق مٿان ”الشعراءِ تلاميذالرحمان“ جا لفظ لکيل هئا.
ان جي هيٺان رسالي جو نالو ”گلدسته سنڌ.“ ان جي
هيٺان ميان علي محمد قادري جو هي شعر لکيل هو:
عجب رنگين گلن سان گڏ ٿيل آهي هي گلدسته
رگِ دل شاعرن جي سان ٻڌل آهي هي گلدسته
هي تحفو سنڌ جي دانشورن لئه آهي گلدسته
گلن مضمون رنگين سان گڏيل آهي هـــــي گلدسته
سندانن ۽ دانائن جي محفل جو هي زيب آهي
طبح تفريح تن جي لئه رکيل آهي هي گلدسته
ڪرن ٿا قدر هن جو قادري ارباب معنيٰ جا
اياڻن لئه اجايو گڏ ٿيل آهــي هي
گــــلدسته.
هن رسالي سنڌ ۾ غزل کي وڌيڪ مقبول بنايو ۽ سنڌي غزل جي معيار کي
بلند ڪيو.
قادري جون تصنيفون:
ميان علي محمد قادري جون ننڍيون وڏيون ڪيتروين ئي تصنيفون آهن،
جن مان ٽن کي وڌيڪ اهميت حاصل آهي، ڇاڪاڻ ته انهن
مان هر ڪا تصنيف پنهنجي وقت جي سنگ ميل آهي. انهن
پنهنجي وقت ۾ سنڌي ادب ۾ وڏي جاءِ والاري ۽ اديبن
تي وڏو اثر وڌو آهي، اُهي آهن:
داستان حسن عشق، (2) مثنوي ليليٰ مجنون، (3) ديوان قادري.
سنڌ ۾ انگريزن جي اچڻ کان پوءِ سنڌ ۾ سنڌي اسڪولن جي قائم ٿيڻ
سان سنڌيءَ ۾ علمي ۽ ادبي ڪتابن پڙهڻ جو شوق پيدا
۽ ان دور ۾ ٻين زبانن خاص طرح فارسي ۽ اردو مان
سنڌي ۾ قصيدن ۽ داستانن ترجمو ڪرڻ جو رواج پڻ پيو،
جنهن ڪري الف ليليٰ، حاتم طائي، ممتاز دمساز، چار
درويش، امير حمزه وغيره، قصا ۽ داستان سنڌيءَ ۾
ترجمو ٿيا. پر اهو سهرو ميان علي محمد قادريءَ جي
سر تي آهي، جنهن سنڌيءَ ۾ پهريون قصو اصلوڪو، ”حسن
عشق“ جي نالي سان لکي سنڌي ادب ۾ اصلوڪن داستانن
لکڻ جو بنياد رکيو. ميان علي محمد قادريءَ هن
داستان لکڻ جو سبب ڪتاب جي مهاڳ ۾ هيئن بيان ڪيو
آهي: ”گھڻن دوستن ۽ رفيقن، عزيزن، انيسن، جليسن
محفل محبت جي چيو ته ڪيترا شاعر شيرين زبان فصيح
اللسان، علميت ۽ قابليت جي گھوڙي کي مضمون رنگين ۽
فارسي سنگين جي سازو سامان سان سينگاري حسن ۽ عشق
جي ميدان ۾ تيز فهمي ۽ چالاڪي جو چهبڪ چکائي ڊڪائي
ڊوڙائي گوئي سبقت جي کڻي ويا آهن. هاڻي جيڪڏهن سخن
جي سمنڊ کي صاف سنڌي زبان جي سامان سان سينگاري ڪن
ڪن فارسي هندي بيتن جي سازن سان موزون ڪري حسن ۽
عشق جي ميدان ۾ جولان ڏيندا ته اڄوڪي سخن جي سوارن
۽ تماشبينن وٽ گوئي اڳرائي جي کڻي پسند خاطر
پوندو.“
جيئن ته ميان علي محمد قادري صوفي مسلڪ جو بزرگ
هو، تنهن ڪري هن حسن عشق جي قصي ۾ به مجاز جي پردي
۾ تصوف جون ڳالهيون ڪيون آهن.
قصو جو هيرو شهزادو عشق آهي ۽ قصي جي هيروئن شهزادي حسن بانو
آهي، جي زماني جون تڪليفون ۽ رنج ڏک ۽ ڏاکڙا، فراق
۽ هجر جو وقت گذاري آخر وصل سان همڪنار ٿين ٿا.
هي قصو 1906ع بمطابق 1323هه منشي پوڪرداس تاجر ڪتب شڪارپور سنڌ
شايع ڪيو آهي. هن قصي جي شايع ٿيڻ جون تاريخون ان
وقت جي وڏن عالمن ۽ اديبن، مولوي محمد عاقل
”عاقل“، شمس الدين ”بلبل“ ۽ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي
ڪڍيون آهن:
مولوي محمد عاقل
تو عاقلي سن تاريخ اين ڪتاب غريب
لڳو ڪه قصه شادي شهزادو عشق (1323هه)
شمس الدين بلبل
خرد به بلبل از بهر سال هجري گفت
عزيز وصل عجائب ڪتاب حسن عشق (1323هه)
ميان فتح محمد صغير سيوهاڻي
تاريخ حسن و عشق بمقطع نگر صغير
معلوم داري ار تو از آثار رازِ عشق.
ناز و ڪرشمئه عشق و زيب نعيم حسن (1323هه)
زاري و شور آه و سوز گداز عشق (1323هه)
ميان علي محمد قادري جي ٻي عظيم تصنيف آهي ”مثنوي ليليٰ مجنون.“
هي مثنوي ميشرس ويڙهو مل کٽڻ مل، پبلشر لاڙڪاڻه
1929ع ۾ ڇاپي پڌري ڪئي آهي.
ليليٰ مجنون جي عشق جو داستان ايران هند ۽ سنڌ ۾
نهايت مشهور ۽ مقبول آهي، جنهن کي ايران ۽ برصغير
جي ڪيترن ئي شاعرن پنهنجي نوع ۽ انداز ۾ بيان ڪيو
آهي. سنڌ ۾ اهو شرف ميان علي محمد قادري کي حاصل
آهي، جو هن ان کي سنڌي زبان ۾ نهايت سليس ۽ وڻندڙ
نموني نهايت رواني ۽ پختگيءَ سان بيان ڪيو آهي. هو
ڪتاب جي تصنيف بابت لکي ٿو: عرب جو عاشق جانباز
مجنون نالي جنهن جي عشق جي راز جھان ۾ ولولو وجھي
ڇڏيو آهي، جنهن جو قصو فارسي زبان ۾ نظم جي صورت ۾
مولانا عبدالله متخلص هاتفي ۽ مولانا نظامي صاحب
لکيو آهي، جنهن کان
اهل سنڌ گھڻو ڪري غير واقف ۽ نا آشنا آهن، گھڻن دوستن جي فرمائش
کي منظور ڪري اهل سنڌ جي دلچسپي ۽ مشغلي لاءِ
سمورو قصو سنڌي نظم ۾ ليکيو ويو.“
هي قصو بيان ڪندي ميان علي محمد قادري ليليٰ مجنون جي درد انگيز
داستان کي نهايت پر اثر ۽ رقت انگيز انداز ۾ بيان
ڪيو آهي.
ليليٰ مجنون جي موت تي ماتم ڪندي قادري صيفي عشق ڏانهن اشارو
ڪندي چوي ٿو:
بقا ناهي حسينان جھان کي،
نه ٿي عاشق اي دل حسن بتان تي.
ٿيڻ عاشق انهَيءَ تي گھرجي هردم
نه ٿي فاني هجي هر وقـت قائم.
ميان علي محمد قادري جي ٽين شاهڪار تصنيف آهي ”ديوان قادري.“ هي
ديوان 1939ع ۾ قادري پرنٽنگ پريس لاڙڪاڻي مان سندس
وفات کان سال کن اڳ شايع ٿيو هو.
ميان علي محمد قادري پنهنجي وقت جو استاد شاعر ۽ علم عروض جو
ماهر هو. سنڌ جا عالم ۽ شاعر سندس علم ۽ شاعري جي
بلندي جو اعتراف ڪندڙ هئا. ڪيترن شاعرن سندس فيض
سان پنهنجي جھولي کي ڀريو ۽ پاڻ پنهنجي وقت جا وڏا
شاعر بڻجي ويا. پير علي محمد راشدي ”اُهي ڏينهن
اُهي شينهن“ ۾ سندس شاعريءَ جي استاد هجڻ جو
اعتراف ڪندي لکي ٿو: ”ميان علي محمد قادري شاعريءَ
جو شغل ڪندو ٿي رهيو، نه فقط صورت بلڪ سيرت ۾ به
بزرگ هو. فارسي خواهه سنڌي ڪلام گھڻو ڇڏيائين.
سندس هم عمر شاعر کيس استاد ڪري مڃيندا هئا.“
قادري ”بزم مشاعره“ لاڙڪاڻي جو صدر هو. حاجي محمود ”خادم“ اهو
ذڪر ڪندي سندس عروض جي قابليت جو اعتراف هيئن ڪيو
آهي:
اسان جو لاڙڪاڻو آهه ڄڻ هڪ سنڌ جي محفل
اسان جي بزم آهي سنڌ ۾ ڄڻ شمع محفل جي
پريزيڊنٽ وزنن سان کنيو ويٺو ترازو آهه،
سندس بحـــر فصاحت کي نه صورت آه ساحل جي
ديوان قادري ۾ غزلن سان گڏ مثلث، مسدس، مخمس ۽ قطعات پڻ ڏنل
آهن. قادري جي سموري ڪلام تي مجاز کان زياده تصوف
جو رنگ ڇانيل آهي. سندس ڪلام ۾ سنڌوءَ جي ڇولين
واري رواني، لاڙڪاڻي جي پاڻي جھڙو ميٺاج ۽ ماهر
وينجھار واري پختگي آهي. سندس ڪلام پڙهڻ سان انسان
جي دل دنيا جي موهه جا ٻنڌڻ ٽوڙي حقيقي محبوب سان
وڃي ملي ٿي. پير حسام الدين راشدي ”هو ڏوٿي هو
ڏينهن“ ۾ سندس غزل بابت چوي ٿو: ”سندس غزل نهايت
ادب ۽ خاموشي سان ٻڌو ويندو هو. هڪ اڌ بيت توحيد ۽
نعت ۾، چند سٽان پنجتن پاڪ جي تعريف ۾، ڪجھ نڪتا
اخلاق جا ۽ ڪي سبق تصوف جا، ڪڏهن ڪڏهن عشق جي چاٽ
به اچي ويندي هئي.“
ڊاڪٽر اياز قادري ”سنڌي غزل جي اوسر“ ۾ سندس شاعريءَ تي هيئن
تبصرو ڪيو آهي: ”قادري جي شاعري سانوڻ جي مينهن جي
انهن بوندن مثل آهي، جن جي ڪرڻ سان ڌرتيءَ تي هڪ
وڻندڙ خوشبو چوطرف پکڙجي ويندي آهي. هو بنيادي طرح
غزل جو شاعر آهي. هن جي دل ۽ دماغ تي حقيقي محبوب
۽ سندس پيارن جي محبت ڇانيل آهي، تنهن ڪري سندس
ڪلام تصوف جو آئينو آهي.“
سنڌ جو هيءُ عظيم استاد شاعر، باباءِ بزم مشاعره 10- نومبر
1940ع تي صبح جو دنيا جي بزم کي هميشه لاءِ الوداع
چئي هليو ويو. سندس وفات تي ڏک جا مرثيا ۽ وفات
جون قطع تاريخون لکيون ويون.
حڪيم فتح محمد سيوهاڻي سندس وفات تي سترنهن قطع تاريخون لکيون،
جن مان ڪجھ هي آهن:
شاعر بي مثال جامع ڪمال (1359هه)
شاعر بي مثال طوطي مقال (1359)
مددي ڪتاب
رام پنجواڻي: مضمون ”حڪيم علي محمد قادري“، ”سـنڌو“
ماهوار، نومبر 1936ع.
حاجي محمود خادم: ”اسانجون ناچيز خدمتون“ (مضمون) قادريه پرنٽنگ
پريس، لاڙڪاڻو 1954ع.
پير حسام الدين راشدي: ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“، سنڌي ادبي بورڊ،
حيدرآباد، 1977ع.
جمع خان غريب: ”اديب سنڌ“، ماهه اپريل، 1941ع.
علي محمد قادري: ”حسن عشق“، منشي پوڪر داس تاجر ڪتب شڪارپور،
1906ع.
علي محمد قادري: ”ليليٰ مجنون“، ويڙهومل کٽڻ مل، بوڪ سيلر
لاڙڪاڻو، 1906ع.
پير علي محمد راشدي: ”اُهي ڏينهن اهي شينهن“، سنڌي ادبي بورڊ،
1966ع.
ڊاڪٽر اياز قادري: ”سنڌي غزل جي اوسر“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي،
ڄامشورو، جون، 1982ع.
مرزا قليچ بيگ: ڊائري (قلمي) ملڪيت مرزا اعجاز بيگ ڪراچي.
علي محمد قادري: ”گلدسته سنڌ“ (اخبار) ماه اپريل، مئي، 1926ع
قادري پرنٽنگ پريس لاڙڪاڻو. |