سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1994ع

مضمون

صفحو :28

قاضي اياز مهيسر

 

هڪ PREMATURE ڪهاڻي

هُو هڪ عجيب فلاسفر هو، نهايت عجيب. چوندو هو: مون کي عجيب لفظ کان سواءِ ٻِي ڪابه شيءِ عجيب نه لڳي آهي. چون ٿا ته هڪ دفعي هُن ”عجب“ جي عنوان سان هڪ اهڙو عجيب نظم لکيو، جنهن جي ڇپجڻ سان دُنيا ڀر جي انقلابين کي هڪ عجيب خطرو لاحق ٿي پيو. جيتوڻيڪ اُن نظم ۾ هن انقلابين جو ڪو به ذڪر نه ڪيو هو، پر تنهن هوندي به هو مٿس ايڏو ته ناحق ناراض ٿيا جو مجبوراً هُن کي هڪ ٻيو نظم لکڻو پيو. ٻئي نظم ۾ هن هڪ عجيب مخلوق بيان ڪئي، جيڪا عجب جو هڪ عجيب خون ڪرڻ لاءِ عجيب رٿائون رٿي رهي. هئي. ڪجهه وقت کان پوءِ هن جو ٻيو نظم، ”عجب جو آخري نظم“ جي عنوان سان ڇپيو، جنهن ۾ هن انڪشاف ڪيو ته اُن کان اڳ ۾ جو اها عجيب مخلوق پنهنجي عجيب اِرادن ۾ ڪامياب ٿئي، جنهن ۾ هن عجب جو هڪ عجيب، نهايت خون ڪري ڇڏيو.

اُن ڏينهن کان پوءِ هن نظم لکڻ ڇڏي ڏنا، پر هن جي مڙني پڙهندڙن ۽ پبلشرن کي اُن عجيب قتل متعلق عجيب عجيب وسوسا ٿيڻ لڳا. هُن جي نظم لکڻ واري اوچتي فيصلي کي به نهايت عجيب سمجهيو ويو ۽ ڪن حُلقن ته عجيب عجيب نڪته چينيون به شروع ڪري ڏنيون. بهرحال ان سموري عجيب صورتحال کان واقف هوندي به هو چپ رهيو.

عجيب ڳالهه ته هن جي چپ کي به ڏاڍو عجيب ۽ سحر انگيز قرار ڏنو ويو، هڪ پبلشر ته ائين به چيو ته هُن جي خاموشي Pregnant Pause آهي ۽ اُن عجيب Pause ۾ نه ڄاڻ ڇا ڇا سرجي رهيو آهي، ۽ ان ۾ ڪو به تعجب نه آهي ته هو هڪ دفعو وري عجب جا نوان پهلو اُجاگر ڪندو. تعجب آهي ته صرف اِهو ته اُهي عجيب پهلو ڪهڙا هوندا؟

هُن عجيب فلاسفر کي دوربينين کان سخت نفرت هوندي هئي. چوندو هو اِنسان صرف هڪ ڪيفيت ۾ دوربينن ڏانهن مائل ٿي سگهي ٿو ۽ اُها ڪيفيت تڏهن حاصل ٿي سگهي ٿي، جڏهن هو پنهنجي آس پاس جي شين کان نابين ٿي چڪو هجي يا ٿيڻ چاهيندو هجي. نابيني دروبيني کي جنم ڏئي يا نه ڏئي، پر دروبيني نابيني کي جنم ضروري ڏيندي آهي، ۽ اُها نابيني ٿوري وقت لاءِ ٿورين شين لاءِ به ٿي سگهي ٿي ۽ گهڻي وقت لاءِ گهڻين شين لاءِ به.

هن عجيب فلاسفر جي خصلتن مان هڪ خصلت اها به هئي ته هو پنهنجي ڳالهه صرف هڪ دفعو ڪندو هو. (Once and for all!) ۽ هن جي عجيب شخصيت جو هڪ عجيب پهلو هي به هو ته هو قدرت جي صرف اُنهن عجيب شين کي پنهنجي فلسفي جي موضوع بڻائيندو هو، جيڪي هن جي اندر جي ڪنهن عجيب رڳ کي ڇُهي سگهڻ جي tendency رکنديون هيون.

هڪ دفعي ڪنهن ڍنڍ تان موٽندي هن پنهنجي دائريءَ ۾ لکيو: پکي خاموش پيغامبر آهن. مان اِها عجيب پيغامبري سمجهڻ ٿو چاهيان، جنهن جو مقصد صرف امن آهي. هن جي ڊائري عجيب عجيب احساسن سان چٽيل هوندي هئي، پر گهڻو ڪري احساس يا ته اڌورا هوندا هئا يا ايترا ته ڌنڌلا، جن مان دنيا جي خواب هجڻ جو هڪ عجيب عڪس نظر ايندو هو. مثلاً هڪ هنڌ لکيل هو: پوپٽ جي پرن تي ڪجهه ڪنهن ياد جا رنگ آهن ۽ ڪجهه ڪنهن فرياد جا. دل چيو چانهه نه پيان، اخبار نه پڙهان، ڪجهه گهڙيون پوپٽ ٿي وڃان. هڪ هنڌ درج ٿيل هو: يوڪلپٽس، اُداس ڪافي، لِٽمس پيپر، هيڊي شام! ۽ هڪ هنڌ نهايت ئي عجيب لکيل هو: ”غريب لفظ ڪيڏو نه غريب آهي!“

هڪ دفعي هڪ چيڪي ليڊي جرنلسٽ کي انٽرويو ڏيڻ دوران هن گهڻي سانت کان پوءِ چيو ته تو مان مون کي اُن چيڪي مٽيءَ جي مهڪ ٿي اچي، جنهن سان مان ننڍپڻ ۾ ننڍڙا ۽ عجيب مجسما ٺاهيندو هئس. اُن ڏينهن هن پنهنجي ڊائريءَ ۾ لِکيو: ”منهنجي هجڻ جي شڪ کي چيڪي مٽيءَ جي مهڪ نه ڄاڻ، جا يقين ۾ بدلي ڇڏيندي آ. شايد منهنجي هجڻ جو احساس چيڪي مٽي آهي.“

هڪ دفعي هن هڪ عجيب انڪشاف ڪيو ته اسان مان هر ٽئين ماڻهوءَ کي rabies جوVirus لڳي سگهي ٿو. ڪنهن ڪتي يا لومڙيءَ جي چڪ سان نه، پر ڪنهن نه ڪنهن شخص جي انڌي اعتماد ۽ Judge-mentalism سان ۽ گهڻو ڪري ان عجيب قسم جي rabies جو ڪم ٻڌندڙ جي سوچي سگهڻ جي صلاحيت کي مفلوج ڪرڻ هوندو آ ۽ جڏهن جڏهن به rabies جو تعداد وڌي ويندو آ ته ڪونه ڪو Public opinion ڪنهن رسالي جيان منظر عام تي اچي ويندو آ. هن وڌيڪ ٻڌايو ته Nazism جُون rabies اڊالف هِٽلر مان ٿينديون پوري reich تي ڪارن ڪڪرن جيان ڇائنجي ويون. هن چيو ته جي ڪنهن کي به ڇتي ڪتي وانگر ڦيريون پائڻ جو ڪو شوق نه هجي، ته سڀ کان پهين هن کي isms کان پاسو ڪرڻو پوندو يا شايد ڪا ismproof هيلمٽ پائڻي پوندي، جيئن ان ڦهلاءُ کي چڱيءَ طرح روڪي سگهجي.

هن جي ان عجيب انڪشاف تي ماڻهن جو رد عمل ڏاڍو عجيب هو. ٻئي ڏينهن جي اخبار جي هڪ هيڊنگ هيئن هئي:

”ازِم- پورف هيلمٽ ٺاهيندو ڪير؟“

اُن ڏينهن ئي چيڪي ليڊي جرنلسٽ پنهنجي پوري ٽيم سميت فلاسفر جي گهر اچي ڪڙڪي. اُن مهل هو سائي چانهه پي رهيو هو. چيڪيءَ جو پهريون سوال هڪ عجيب ڀؤنچال جيان آيو. ڪهڙي پڪ آ ته isms جي نشاندهي ڪري توهان پنهنجو ڪو ism منظر عام تي نه ٿا آڻڻ چاهيو؟ ۽ ڪهڙو ثبوت آ اوهان وٽ ته توهان جو ism، rabies نٿو ڦهلائي سگهي؟ الائي ڇو هن کي سائي چانهه نيري نظر اچڻ لڳي: هن چانهه رکي ۽ هڪ عجيب انداز ۾ مرڪي چوڻ لڳو: ”ازمس جي خلاف لکڻ ڪوازم ته نه آهي. توهان ان کي ازم قرار ڏيئي هڪ ڳالهه جي ته چٽي نشاندهي ڪري ڇڏي ته توهان کي rabies جو اثر ٿي چڪو آهي.“

”پر...... پر، اهو سڀ ڪجهه توهان جي ڪري ٿيو آهي!“ چيڪيءَ مُنجهندي چيو.

”پر منهنجي خيال ۾ اهو سڀ ڪجهه توهان جي پنهنجي susceptibility جي ڪري ٿيو آهي“. هُن مرُڪندي چيو.

”پر اِهو منهنجو رايو ناهي، گهڻائيءَ جو آهي“، چيڪي پنهنجي آخري پتو ڦٽي ڪيو.

”مان Public opinion تي يقين نه ٿو رکان“، هُن هڪ عجيب گنڀيرتا سان چيو.

پر ان ڏينهن جي عجيب ڳالهه اڃا ٻي هئي. گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ ليڊي جرنلسٽ هميشه لاءِ جرنلزم جي پچر ڇڏي ڏني. اهو سوچي ته هڪ ازِم جي پٺيان ڊوڙندي هن جي پنهنجي شخصيت ۽ آدرش گهڻا پوئتي رهجي ويا آهن.

“a sacrificial dummy”، هن جو پنهنجي اخبار لاءِ آخري ايڊيٽوريل هو، جنهن ۾ هن جرنلزم جو حشر نشر ڪري ڇڏيو. اُن ڏينهن کان پوءِ هوءَ صرف چيڪي هئي، اُها چيڪي جنهن جي صرف پنهنجي خوشبو ٿيندي آ؛ اُها چيڪي جا پنهنجي هجڻ جي شڪ کي يقين ۾ بدلي ڇڏيندي آ.

فلاسفر صاحب هڪ دفعو وري خاموش ٿي ويو، ۽ هڪ دفعو وري عجيب پيشنگويون بازار ۾ گرم مِرچائي پڪوڙن وانگر، پوش علائقن ۾ فش برگر ۽ Pizza وانگر، ۽ ريڊ لائٽ ڊسٽرڪٽس ۾ Prophylactics وانگر کپڻ لڳيون. پر هو سڀني کان بي خبر هڪ عجيب دنيا ۾ گم هو. دراصل گم ٿيڻ هن جي فطرت ۾ هو. هن دنيا ۽ پنهنجي وچ ۾ هڪ دلچسپ ۽ عجيب لڪير ڪڍي ڇڏي هئي، جيڪا هو پڻ ڪڏهن به نه ٽپندو هو پر دنيا کي ٽپڻ ڏيندو هو. هو هڪ ٽَيپسٽري ٺاهڻ ۾ مشغول هو، جنهن ۾ هن صرف ڪاري ۽ اڇي ڌاڳي جو استعمال ڪيو هو. اُها هڪ عجيب ٽيپسٽري هئي. هن چيو، ”دراصل ڪاري ۽ اڇي جو Combination ئي منهنجو ٿيم آهي ۽ هيءَ ٽيپسٽري racial prejudice جي ڳل تي هڪ زوردار چماٽ جو تصور آهي، ۽ في الحال مان ان تصور ۾ زنده رهڻ ٿو چاهيان.

هو پنهنجي تصور ۾ زنده رهيو، ۽ ماڻهو اُن تصوير ۾ زنده رهيا، جا جڳن کان کين ڏيکاري ويئي هئي، ۽ هنن پوريءَ سگهه سان اکيون کولي ڏسڻ چاهي هئي. مختلف عڪسن واري عجيب تصورbourgeois proletariat ۽ dictators جي عجيب ۽ غريب ڪشمڪش واري تصوير- رنگ، نسل، تهذيب، ذات پات وغيره وغيره جي عجيب رنگن واري، انسانن جي دلين ۾ خليج وجهندڙ تصوير. هو تصوير ۾ اکيون کپائي ويٺا هئا ۽ خليج مسلسل وڌي رهي هئي.

 

 

لياقت رضوي

 

امرتا جي سهيلي

تڪڙين اکين ۾ آيل منظر، لمحي لاءِ ڪاوڙ جي پٿر سان ٽڪرايو ۽ امرتا پنهنجي وارن کي جهٽڪو ڏيئي وڃڻ لڳي. هن جي سهيليءَ هن کي ٻڌائڻ چاهيو ته دوستيءَ ۾ جن ڳالهين تي روئڻ اچي، تن تي روئي ڏيڻ گهرجي. ڪٿي روڪيل لڙڪن جا انگور، اکين جي اوٽ ۾ خراب نه ٿي وڃن. پر امرتا کي جنهن وقت غصو ايندو آهي ته هوائون به پاسو ڪري لنگهي وينديون آهن ۽ هوءَ اهڙي وقت بلڪل تنها رهڻ چاهيندي آهي. تنهائي، جنهن جي لباس تي هن لاءِ شاعريءَ جا ستارا ٽانڪيل هوندا آهن. ڪڏهن به امرتا ڪونه سوچيو آهي ته اُن تنهائيءَ کي ماڻڻ لاءِ اڪثر هوءَ غصي جي گهٽي مان ئي ڇو گذرندي آهي!

بنا ڏسڻ جي امرتا پنهنجي سهيليءَ کي آرٽس فئڪلٽيءَ جي ڪاريڊور ۾ ڇڏي وڃڻ لڳي ٿي. امرتا (جنهن کي ڪرڪيٽ بلڪل ڪانه وڻندي آهي، پوءِ به ڪڏهن ڪڏهن هوءَ جاگرز Joggers پائي يونيورسٽي ايندي آهي، رڳو پنهنجي خوبصورتيءَ تي مغرور ڪونهي، بلڪ هوءَ پنهنجي ذهانت تي به پرائوڊ رهندي آهي. ڀلي هُن کي خبر نه هجي ته ذهين ماڻهن جو پڇتاءُ ڪيترا سمندر ٻوڙي سگهي ٿو.

ڄامشوري جي پٿرائين زمين امرتا جي پيرن تي ترڪڻيون چميون رکندي رهي ٿي. هوءَ تڪڙيون وکون کڻندي ڪار ڏي وڌي ٿي. برفاني طوفان ۾ گهيريل پکين جهڙيون هن جي سهيليءَ جون اکيون، هن کي روڪڻ جو رَسيون اڇلين ٿيون، پر هوءَ سمجهندي به ناسمجهيءَ مان نِوڙي، ڪار ۾ وهندي، دروازو زور سان بند ٿي ڪري ڇڏي. ڪار وڃڻ کان پوءِ به بند ٿيل دروازي جي رڙ، امرتا جي سهيليءَ جي دامن سان پڇتاءُ جيان چنبڙيل رهي ٿي. بي سبب بيوسي، ڪاريڊور کان ٻاهر گلن جي ڇانو ۾، ٽٽندڙ دوستي لاءِ الوداعي نگاهه پوکي ٿي. امرتا جي سهيلي اداس خوبصورتيءَ سان ان جاءِ کي ڏسي ٿي، جتي ٿوري دير اڳ ۾ ڪاوڙيل امرتا بيٺي هئي ۽ پوءِ غير محسوس سنجيدگيءَ سان مُڙي امرتا جي سهيلي پوائنٽ بس ڏي وڃڻ لاءِ ڪاريڊور مان ائين گذرڻ لڳي ٿي، جيئن چانهه جي باغ مان شام گذرندي آهي.

ڪار جنهن وقت سپر هاءِ وي تي پهچي ٿي، تيستائين امرتا جي ڪاوڙ هڪ نه لکيل نظم ۾ ائين آٺرجي ٿي وڃي، جيئن صاف برتن ۾ شفاف پاڻي آٺرجي ويندو آهي. گهر پهچڻ سان ئي امرتا کي، ميز تي پيل خالي پنا سڏين ٿا ۽ لکڻ کان اڳ ۾ امرتا ڪمري جو در ائين بند ٿي ڪري، جيئن ڪوئي ڪنفيشن- چئمبر جو در بند ڪندو آهي. لذيذ درد سان ڪرسيءَ تي وهندي امرتا پنهنجي تڪڙين اکين سان خالي پنن کي ڏسي، لکڻ شروع ڪري ٿي ۽ ڪير به ڪونه ٿو ڏسي ته جنهن مهل هُن تي شاعري نازل ٿيندي ٿي رهي، ان مهل هوءَ ڪيتري خوبصورت ۽ وڻندڙ لڳندي ٿي رهي. پنهنجي سهيليءَ تي نظم لکي ڇڏڻ کان پوءِ جلد ئي هوءَ ننڊ جي بادلن ۾ گهيرجي ٿي وڃي. شام ٿي رهي هئي ته امرتا جي اکين جو آسمان صاف ٿي ويو. پنهنجي سجاڳي ۾ ايندي هن کي پهريون خيال سهيليءَ تي لکيل نظم جي باري ۾ آيو ۽ هوءَ بوجهل سجاڳي مان اٿندي، پاڻ کي نه معاف ڪرڻ جهڙين نظرن سان ڏسڻ لڳي. توڻي جو هوءَ سوچي سگهي پئي ته ڇو اڄ هوءَ پنهنجي پياري ساهيڙيءَ سان هڪ غير اهم ڳالهه تي ايترو ناراض ٿي هئي، يا ڪٿي ائين ته ناهي ته شاعريءَ جي ڇري تکي ڪرڻ لاءِ، هوءَ دوستيءَ کي سِراڻ وانگر يوز ڪندي آهي. پر امرتا اهڙو ڪجهه به ڪونه سوچيو. ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته هوءَ پنهنجي سهيليءَ لاءِ پر خلوص آهي. ان ڪري هوءَ بنا ڪجهه ٻيو سوچڻ جي، ساهيڙيءَ ڏي فون ڪرڻ لاءِ پنهنجي شاعراڻي چيچ، ڊائل ۾ گهمائڻ لڳي ٿي.

پوائنٽ بس ۾ گهڻي رش هئڻ ڪري، امرتا جي سهيليءَ هاسٽل تائين پنڌ وڃڻ جو فيصلو ڪيو. آرٽس فئڪلٽيءَ کان مارئي هاسٽل تائين وڇايل پٿريلي زمين خاموشيءَ سان رستو ٺاهيندي رهي ٿي. امرتا جي سهيلي وک وک پاڻ کي عجيب ڪيفيت ۾ ويندي ڏسندي رهي ٿي. اڄ هوءَ ڪلاس ۾ انگريزيءَ جا نوٽس ۽ هڪ ڪتاب برننگ فائر “Burning Fire” کڻي آئي هئي. نوٽس هن صبح ئي پنهنجيءَ ڪلاس ميٽ کي ڏنا هئا، باقي ”برننگ فائر“ ڪتاب کان هر وقت هوءَ ننڍڙي ڇٽيءَ جو ڪم وٺي رهي هئي، جنهن ۾ ڪجهه اهڙا نظم به هئا، جيڪي هُن ٽِڪ مارڪ ڪيا هئا، جن کي هُن ڪئين ڀيرا پڙهيو هو ۽ هر ڀيري درد جي هڪ نئين لذت سان متعارف ٿي هئي. انگريزي شاعريءَ جي ان ڪتاب ۾ هڪ صفحي تي پينسل سان سنڌيءَ ۾ امرتا جي سهيليءَ جي هينڊ رائيٽنگ ۾ اُها آزاد نظم به لکيل آهي. جيڪو ڪلهه هُن مذاق ۾ امرتا لاءِ لکيو هو ۽ اڄ جنهن تان ٻنهي سهيلين جي وچ ۾ ڪاوڙ جو درياهه ڪاهي پيو.

امرتا جي سهيليءَ، ڪتاب جي ڇانو ۾ مارئي هاسٽل تائين جنهن حتمي فيصلي سان پهتي، سندس شعور، دير سوير ان فيصلي کان واقف ٿيڻو هو.

امرتا اجي سهيليءَ کي سنڌ يونيورسٽي ۾ آئي اٽڪل ست مهينا ٿيا آهن ۽ انهيءَ عرصي ۾ هوءَ فقط امرتا سان ئي دوستيءَ ڪري سگهي آهي. ٿورڙي عرصي ۾ ٻنهي جي ساهيڙپ، سموري ڪئمپس جو موضوع ٿي ويئي آهي. فئڪلٽيءَ ۾ اڪثر ٻيئي ڄڻيون گڏ هونديون آهن ۽ آرٽس فئڪلٽي ٻنهي کي ائين ڏسندي رهندي آهي، جيئن چنڊُ، پهاڙي ندين کي ڏسندو آهي.

ظاهري طرح امرتا هُن کان وڌيڪ ڪانفيڊنٽ ۽ خوبصورت لڳندي آهي، پر جيڪڏهن ڏسڻ واري اک هجي ته هوءَ ايتري خوبصورت آهي جو سمورا نانوَ هن لاءِ اڻپورا آهن.

سدائين هوءَ هڪ شفاف ۽ انوکي اعتماد سان هلندي آهي. هُن جي لوڏ مان معصوم بي اعتمادي ڇلڪندي رهندي آهي. هُن پنهنجي بيپرواهه اکين ۾ ٿورو مصنوعي خوف ملائي رکيو آهي ته جيئن ڪوئي سندس تنهائي کي غليظ نه ڪري سگهي.

ڪمري تي پهچڻ کان پوءِ به ڪافي دير تائين هوءَ پنهنجي ڪاوڙيل خيالن جون ڏوريون ڇڪيندي رهي. تذليل جو احساس، هن جي رڳن ۾ رت وانگر ڊوڙندو رهيو. هوءَ وسيع مطالعي ۽ تجربي جي باوجود به هڪ ڪمزور ڇوڪري آهي. مردن جي معاشري جو هڪ پرزو. ان جي باوجود به هُن وٽ زندگيءَ لاءِ هڪ سليقي مند  سوچ آهي، تنهنڪري ئي هوءَ جلدبازيءَ ۾ دوستين جي قائل ناهي. امرتا کي پهريون ڀيرو ڏسي البت هن جلد بازي ڪئي هئي، الائي ڇو! امرتا ۾ هن کي ڪائي بااعتماد ۽ پر خلوص ڇوڪري نظر آئي هئي ۽ پهريون ڀيرو هن تڪڙ ڪري امرتا سان دوستي ڪري ڇڏي هئي. گهڻو پوءِ هُن کي احساس ٿيو هو ته واقعي ماڻهو جا حواس، ماڻهو کي فريب ڏئي سگهن ٿا، پر اڃان تائين هوءَ اهو ڪونه سمجهي سگهي هئي ته حالتون ماڻهوءَ کي هلائين ٿيون يا ماڻهو حالتن لاءِ ذميوار آهي ۽ اهڙين ئي حالتن ۾ امرتا ۽ هن جي دوستي جون پاڙون پنهنجائپ جي زمين ۾ پختيون ٿينديون رهيون. باوجود متضاد خيالن ۽ سوچن جي ٻئي ڄڻيون ايتريون گهريون ساهيڙيون ٿي ويون جو.... ”پر اڄ کانپوءِ اهو سڀ ڪجهه ماضي ٿي ويندو“، جل ٿل ڳوڙهن ۾ هُن حيرانيءَ سان سوچيو. هن جي ته وهم ۽ گمان ۾ به ڪونه هو ته ائين هڪ ڏينهن ڄامشوري جي منجهند جو، هوءَ پنهنجن لڙڪن جي جل ۾، امرتا لاءِ ڪنهن حتمي فيصلي تي به پهچي سگهي ٿي. هڪ تعلق جي موٽ تي هوءَ دکي ڪانه ٿي، بلڪ پنهنجي ئي ڳوڙهن ۾ آلو سندس بدن، کيس برسيل بادل جيان لڳو ۽ گهڻيءَ دير تائين هوءَ پنهنجي لوڻاٺيل لڙڪن سان سانت جا رومال آلا ڪندي رهي، جن ۾ دک هو نه خوشي. خبر ناهي ڪهڙي وقت، ننڊ جي سُئي، هن جي آلن نيڻن کي ٽوپي ڇڏيو. توڻي جي سمهي پوڻ کان اڳ ۾ هُن ڪنهن خواب جي تمنا ڪانه ڪئي هئي، پر پوءِ به ننڊ کان پوءِ هڪ خواب، هن جي نيڻن تائين هليو آيو.

 

خواب

خالي فريم مان ديوار نظر ٿي اچي. هلڪي اوندهه ۾ ڪمرو، لڪ لڪوٽي راند ۾ لڪل ٻار وانگر ٿو لڳي، تنهن ۾ ديوار تي ٽنگيل خالي فريم کي پٺي امرتا ويٺي آهي. خبر نٿي پوي ته امرتا جي اڳيان اڏامندڙ سفيد ٽڪرا ڪاڳر آهن يا ڪبوتر، پر امرتا تِن کي ڪانه ڏسي رهي آهي. وڃايل نهار سان، امرتا ڄڻ خالي فريم مان ڪريل پورٽريٽ لڳي رهي آهي ۽ ٻاهران الائي ڪيتريءَ دير امرتا جي سهيلي ڪاوڙيل حيرانيءَ سان دروازو کڙڪائي رهي آهي.

دروازو بند رهي ٿو ۽ هُن جا معصوم هٿ رتورت ٿيڻ لڳن ٿا. دروازي کي ٽوڙڻ لاءِ هن جون اکيون، هيڏي هوڏي، ڪائي اهڙي شئي ڳولين ٿيون، جيڪا سڦل هجي پر ان لمجي ئي هُن جي ننڊ جون تارون ٽٽي ٿيون پون. سندس روم جي در تي ڪوئي ناڪنگ ڪري رهيو آهي. هوءَ ٽٽل خواب تي سوچڻ بجاءِ تڪڙ ۾ اٿي ڪمري جو در کولي ٿي.

روم ۾، ڄامشوري جي شام سان گڏ، سندس هاسٽل ميٽ جو آواز به داخل ٿئي ٿو: ”اوهان جي فون آهي.“ اڻپوري سجاڳي مان هوءَ هاسٽل ميٽ جو معذرت خواه شڪريو ادا ڪري، ڪمري ۾ موٽي، پوتي پائي، فون اٽينڊ ڪرڻ لاءِ نڪري ٿي.

هاسٽل ۾ فون جون سيٽ، توڻي جو هُن جي روم کان فقط هڪ مختصر ڪاريڊور ۽ چند ڏاڪن جي فاصلي تي رکيل آهي، پوءِ به اهو فاصلو هُن کي ڄڻ ته ڄامشوري کان دمشق لڳي ٿو، ڇو ته هن کي اندازو هو ته ڪنهن جي فون آهي.

۽ هُن جو اندازو درست نڪتو. جڏهن هن مائوٿ پيس ۾ هيلو ڪئي ته فون جي تارن ۾ امرتا جو آواز جاڳي پيو. امرتا پنهنجي صُبحڪي رويي تي ايڪسڪيوز ڪرڻ لاءِ فون ڪئي هئي ۽ ان سلسلي ۾ هوءَ امرتا جي پيشماني ۽ وضاحتون، ڪجهه دير صبر سان ٻُڌندي رهي ٿي. اڃا امرتا ڳالهائيندي ئي رهي ٿي ته اوچتو هُوءَ انتهائي سليقي سان رسيو رکي ۽ مانوس اجنبيت سان مُڙي واپس ڪمري ڏي موٽڻ لڳي ٿي.

روم ۾ اچي امرتا جي اڳوڻي سهيلي ڊريسنگ ٽيبل جي آئيني کي چئي ٿي: مختصر طرح ڏٺو وڃي ته مختصر طرح ڪڏهن ڏسي ئي نٿو سگهجي، پوءِ به ڪيترو مختصر طرح ڏسڻو ٿو پوي.

 

 

رفيق سومرو

 

درد جي دنيا

پروف ڏسندي ڏسندي هن مون ڏانهن ڏٺو، کيس چتائي ڏٺم. اٽڪل سٺ ورهين جي ڄمار جو پوڙهو، ويڪري ڇاتي، اڀا ڪلها، موڪرو منهن، بدن ۾ سگهارو ۽ اڇي ڀنڀي ڏاڙهي.

پروف ميز تي اڇلي اکيون مهٽيائين. ڪجهه دير اکيون ٻوٽي ڇڏيائين. اکيون کولي سگريٽ دکايائين. ٻه ٽي ڊگها ڪش هڻڻ کان پوءِ پڇيائين:

”پارٽ ٽائيم پروف ريڊر آهين؟“

”ها“، جواه ڏنومانس.

”گهڻا ڪلاڪ روز؟“

”جيستائين اکين ساٿ ڏنو.“

”ڇا؟“

”جيسين اکين آڏو ترورا نه ڇانئبا، تيسين پروف ڏسندو رهندس.“

”۽ اهي ترورا گهڻيءَ دير ۾ نچڻ شروع ڪندا؟“

”وڌ ۾ وڌ ٽن ڪلاڪن ۾.“

مون ڏانهن چتائي ڏٺائين، ڄڻ ماضيءَ جي اونهي کوهه ۾ ٽپو ڏنائين. منهن مون ڏانهن پر ذهن غير حاضر هوس، هڪدم منهن ڦيرائي ڇڏيائين، ڄڻ ٿڪل مسافر اڌ پنڌ تان موٽيو هجي.

بيزاريءَ مان چيائين ”پروف ريڊر ۽ ڪمپازيٽر جا ستارا هميشه گردش ۾ هوندا آهن.“ وراڻيم ”پر پروف ريڊر ۽ ڪمپازيٽر پاڻ ۾ دوست نه ٿيندا آهن.“

ڏاڍو ٺاهوڪو جواب ڏنائين. چيائين ”حقيقت ۾ ٻنهي جا ستارا هڪٻئي سان ٽڪرائجي ويندا آهن.“

هڪ دفعو وري پروف ڏسڻ ۾ گم ٿي ويو. پروفن تي ڇڪيل آڏين سڌين ليڪن سندس پريشان ذهن جي نمائندگي ٿي ڪئي.

پڇيائين ”گهڻو ملندو ٿئي؟“

”ٽي سو.“

”ٽي سو رپيا پارٽ ٽائيم.“ چيائين ”پنج سو رپيا فل ٽائيم. اٺ ڪلاڪ ڊيوٽي. پلس ٽي ڪلاڪ بيگر، واه ڙي زمانا!“

سڙڪ تان لنگهندڙ هڪ جيپ ۾ لڳل لائوڊ مان ڪجهه نعرن جا آواز آيا. هن انهن ڏانهن ڪوبه ڌيان نه ڏنو، ڄڻ لنوائيندو هجي. شايد اهي ساڳيا نعرا گذريل سڄي مهيني کان ٻڌندو رهيو هو، يا وري انهن سان ڪا يادگيري وابسته هئس. منهن ۾ پيل گهنج گهرا ٿي ويس.

انهن نعرن کان لنوائڻ لاءِ وٽس هڪ ئي هٿيار هو، ۽ اهو شايد سندس گهڻو ڳالهائڻ هو.

”ڪم ڪهڙو ڪندو آهين؟“ پڇيائين.

”هڪ رسالي ۾ ڪم ڪندو آهيان.“ (ڪوڙ ڳالهايم.)

”نالو؟“

”ڪاڪ محل!“

”تون ايڏانهن ڪيئن پڳين؟“

”مڙيئي سنگت جي مهرباني آهي.“

”ڪوڙ!“

”نه سائين!“

”ڀلا اتي ڪم ڪهڙو ڪرين؟“

”ڪڏهن پروف ڏسان، ته ڪڏهن هڪ اڌ مضمون جو ترجمو ڪيان.“

”ساڳيو ڪوڙ!“

”ڪيئن ڀلا!“

”خبر اٿئي ته ان رسالي کي هر ماه گهڻي جا اشتهار ملندا آهن؟“

”اٽڪل ويهن هزارن جا.“

”پوءِ توکي آفيس ۾ ڪيئن گهڙڻ ڏيندا!“

”سنگت ۾.“

”وري اهائي ڳالهه.“

”سائين سچ ٿو ڳالهايان.“

”ڀلا ڪجهه ان رسائي لاءِ لکيو به اٿئي؟“

”ڪڏهن به نه“، وراڻيم ”پر اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪڏهن ڪڏهن ڪا ڪهاڻي ڏيندو آهيان. اها به ان شرط تي ته بنا ڪنهن پوسٽ مارٽم جي ڇپين.“

”پوءِ ڪهڙو اجورو ملندو اٿئي؟“

”ڪڏهن ڪڏهن هڪ ڪامپليمينٽري ڪاپي.“

”ڪوڙ ئي ڪوڙ!“

مان ڦڪي کل کليس، ٽهڪ نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو.

پڇيم ”ته توهان جي ليکي سان ڪوڙ ٿو ڳالهايان؟“

”بلڪل.“

”ثبوت؟“

”تنهنجو هڪ ڪنگلي اداري ۾ پروف ريڊر هجڻ.“

هڪ ڀيرو وري ساڳي جيپ لنگهي. نعرا ۽ رڙيون، گوڙ مچي ويو. هن جي منهن ۾ گهنڊ پئجي ويو. اکيون جيرن وانگي ڳاڙهيون ٿي ويس. نڪ ڦنڊجي ويس. ڪاوڙ مان چپ ڦڙڪڻ لڳس. ڏند ڀيڪوڙجي ويس. ڀانيم ته کيس سياست کان سخت نفرت هئي. سگريٽ جا ڊگها ڊگها ۽ لاڳيتا ڪش هڻندي چيائين، ”ٻيلي سچ ٻڌاءِ ڪهڙو ڪم ڪندو آهين؟“

ڄڻ ته ان سوال جو جواب، هن جي پريشانين جو بچاءُ بند هو. جيڪڏهن جواب نه ڏيان ته هوند بند ڀڄي پوي، ۽ هو پريشانين جي وير ۾ لڙهي وڃي. جواب ڏيڻ ضروري سمجهيم ته ٻيو ڪوڙ ڳالهايم، چيم ”اسڪول ۾ ماستر آهيان.“

”هاڻي آيو آهين سِڌ تي!“

”اهو وري ڪيئن؟“

”ڳالهه پڌري پٽ آهي.“ چيائين ”ڪراچي جي ديو شهر ۾ ڪوبه پارٽ ٽائيم تي جيئرو رهي نٿو سگهي.“

دل ۾ آيم ته ٻڌايانس ته مان هن برڙ باڪاس شهر ۾ پارٽ ٽائيم تي جيئرو آهيان، پر ذهن جي ڪمانڊ دل جي احساس کي دٻائي ڇڏيو. سندس سادگيءَ تي کل به آئي ته رحم به.

هڪ اسٽيٽسڪس جي پروف جي اونڌي ڇپيل سگما کي سڌو ڪندي چيائين، ”ڪهڙي اسڪول ۾؟“

”ايوب خان ميموريل اسڪول ۾.“

”اهو وري ڪهڙي هنڌ آهي؟“

”گاڏي کاتي پراڻي رام باغ ۾.“

”پرائمري يا سيڪنڊري؟“

”سيڪنڊري.“

”اڄ ويو هئين؟“

”نه“

”ڇو“

”موڪلون آهن.“

”ڇا جون موڪلون؟“

”اليڪشن جون.“

منهن ۾ ساڳيو گهنڊ پئجي ويس. رڳون ڇڪجي ويس. ان مان پڪ ٿي ويئي ته کيس سياست کان سخت نفرت هئي ۽ ان نفرت جو تعلق ڪنهن دل ڏکوئيندڙ واقعي سان هو.

هڪدم پاڻ سنڀالي ورتائين. ”پر ماسترن جي اليڪشن جي دور ۾ هنگامي ڊيوٽي هنئي اٿائون!“

”ان لسٽ ۾ منهنجو نالو ڪونهي.“

”ڇو؟“

”ان لاءِ جو..............“ مون کان جواب نه ٺهيو.

منجهي پيس.

پاڻ جواب ڏنائين. چيائين ”ان لاءِ جو ماستر آهين ئي ڪونه!“

منهنجي ڪوڙين ڳالهين جو هو ڪنهن ماهر سرجن جيان پوسٽ مارٽم ڪندو رهيو ۽ ائين ڪرڻ سان سندس غم هلڪو ٿي ٿيو. هو ڳالهائڻ جي موڊ ۾ هو ۽ مون وٽ سواءِ سياست جي ڳالهائڻ لاءِ ڪجهه به نه هو. اليڪشن جو زمانو ويجهڙائيءَ ۾ ختم ٿيو هو. ماڻهن ڳالهائڻ شروع ڪيو هو. هرڪو پنهنجي راءِ جي اظهار لاءِ آتو هو. مان سياست تي ڳالهائڻ کان نٽائي رهيو هوس، ڇاڪاڻ ته مون اها ڳالهه ڪرڻ نٿي چاهي، جنهن سان هن جي دل ڏکي.

نئون ڪوڙ ڳالهايم. چيم ”مان حقيقت ۾ ايئرپورٽ تي هڪ فارورڊنگ ڪليئرنگ ڪمپنيءَ جو ايجنٽ آهيان.“

”پگهار گهڻي.“

”هڪ هزار!“

”ڪوڙ مٿان ڪوڙ!“

”اصل نه!“

”۽ ٻيو ڇا ڪندو آهين؟“

”پارٽ ٽائيم تي پروف ريڊر!“

”۽ ٻيو؟“

”ٻئي ڪم ڪرڻ جي ضرورت ئي ناهي.“

چيم ”ڪل ملائي تيرهن سو کڻندو آهيان.“

”هڪ ڪوڙ کي نڀائڻ لاءِ سو ڪوڙ ٺاهيندين!“

”هرگز نه!“

”ڀلا اڄ مال ڪليئر ڪرائڻ جو ڇونه ويو آهين، مسٽر ڪليئرنگ فارورڊنگ ايجنٽ!“

”اڄ ايئرپورٽ تان جلوس نڪرڻو آهي.“

”نوڪريءَ جو جلوس سان ڪهڙو واسطو؟“

”ساهه سڀ کي پيارو آهي.“

”۽ پيٽ؟“ چيائين ”تون وقت گذارڻ لاءِ هروڀرو ڪوڙ ٿو ڳالهائين.“

”ثبوت؟“

”تنهنجو قيوم آباد کان هيستائين پنڌ اچڻ!“

مان هن جي کُهري ۽ سخت لهجي مان تنگ اچي ويس. هن جي سوال مٿان سوال مون کي ڪيترائي ڪوڙ ڳالهائڻ تي مجبور ڪيو هو. مون فقط ان ڪري ڪوڙ ٿي ڳالهايو، ڇاڪاڻ ته هو ڳالهائڻ جي موڊ ۾ هو ۽ مون وٽ ڳالهائڻ لاءِ ڪجهه به نه هو.

”تنهنجي سوالن جي ڀرمار منهنجو مٿو ڦيري ڇڏيو آهي.“ منهنجو لهجو سخت ٿي ويو. بيزاريءَ وچان چيم ”تنهنجي آڏي پڇا مون کي مجبور ٿي ڪري ته مان ڪوڙ ڳالهايان.“

بس ايترو چوڻ هو ڄڻ هماليه رجي پيو. ٻه ڳوڙها ڳلن تان ترڪندا سندس مڇن وٽ ڦهلجي ويا. منهنجي سخت لهجي، هن جي دل ڀڃي ڇڏي. مان کيس غور سان ڏسڻ لڳس. دير تائين بُت بڻيو ويٺو رهيو. اوچتو بت ۾ حرڪت آئي. سٽ ڏيئي ٻانهن کان جهليائين. مان وائڙو ٿي ويس. وايون بتال ٿي ويون، اکيون ڦاڙي ڏسندو رهيس. هن جي گرفت ۾ محبت نه هئي، نفرت نه هئي، پنهنجائپ نه هئي ته ڌاريائپ به نه هئي. هن جي گرفت ۾ ڪا ڳالهه هئي، جنهن مون کي بدحواس ڪري ڇڏيو ۽ اها هئي ندامت ۽ افسوس. هن گرفت نه ڇڏي، مون ڇڏائڻ جي ڪوشش نه ڪئي. عجيب لطف هو ان گرفت ۾.

”مون کي معاف ڪر.“ گرفت ڍري ڪندي چيائين ”مون توکي رنجايو آهي.“

”اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي.“ مون سندس هٿ پنهنجي هٿ ۾ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي. هن هٿ پوئتي ڇڪي ورتو. منهن ڦيري ڇڏيائين. سندس اکين مان ڳوڙهن جي لار ڪنهن آلي ڪپڙي مان ٽمندڙ پاڻيءَ جي ڦڙ ڦڙ وانگر جاري هئي.

دل ڏري پئي ته بدن مان سيسڙاٽ نڪتو، جنهن ٿڌي ساهه جي شڪل ورتي ۽ هوا ۾ ڦهلجي ويو. چيم ”مان پنهنجي ڪئي تي پشيمان آهيان.“

”مون کي معاف ڪر!“ چيائين ”مون تنهنجي دل آزاري ڪئي آهي.“

”مون اوهان کي ڏکويو آهي.“ سندس ٻانهن پنهنجي هٿ ۾ سوگهي ڪندي چيم، ”مون حجت ڪئي هئي.“

”مون کي معاف ڪج.“ ساڳيو جملو ورجايائين.

چيائين، ”حقيقت ۾ منهنجي دل درد جي شدت سبب ويهي رهي هئي، ان ڪري مون ڳالهائي دل جي غار تان، سيفس جي پٿر جو بار گهٽائڻ ٿي چاهيو.“

مان کن لاءِ گنگ ٿي ويس. چاهيندي به ڳالهائي نه سگهيس، چيم، ”مون کي پنهنجو پٽ سمجهي منهنجي خطا معاف ڪيو!“

مون ڏانهن غور سان ڏٺائين. ڏسندي ڏسندي، لاشعوري طور تي ٻک وڌائين. سندس اکيون ٽانڊن جيان ٻري رهيون هيون.

”ڇا توهان کي پٽ ڪونهي؟“

”هو“ خلا ۾ گهوريندي چيائين، ”پر ڪلهه تائين.“

”جي!“

”ها. هُو نه فقط منهنجو پٽ هو“، چيائين ”پر ميڊيڪل جو شاگرد پڻ هو.“

”پر کيس ٿيو ڇا.“

”هو منهنجو ڪرنگهو هو.“ منهنجو سوال اڻ ٻڌو ڪندي چيائين ”منهنجو ڪرنگهو ڀڄي پيو. مان بي سهارو آهيان، لاچار آهيان.“

”ڇا هن توهان کي ڇڏي ڏنو آهي؟“

”نه.“

”ته ڇا ڪنهن ايڪسيڊنٽ ۾ گذاري ويو؟“

”نه.“ هن ان موضوع تي ڳالهائڻ نٿي چاهيو. درد جي شدت سبب ڦٿڪي اٿيو، ڄڻ ته دل جي منهن تي رکيل سفيس واري ڇپ کڻي پري ڦٽو ڪيائين. چيائين ”هُو تازن هنگامن ۾ مري ويو.“

”ڪٿي؟“

”لياريءَ ۾!“

درد جي اُڀريل سَٽ کي هلڪو ڪرڻ لاءِ ڪرسيءَ جي ٽيڪ تي مٿو لڳائيندي، هٿ ڊگها ڪيائين. سندس هٿ مان هڪ مروڙيل سروڙيل ڪاغذ ٽڪر ڇڏائجي ميز تي ڪريو.

هن جون اکيون ڇت ۾ کتل هيون.

مان ڪاغذ هٿ جي تريءَ سان سڌو ڪري پڙهڻ لڳس، جنهن ۾ لکيل هو: ”هن ليٽر ذريعي آفيس جي هر ملازم کي آگاهه ٿو ڪجي ته شهر ۾ ڪرفيو جي باوجود هو پنهنجي نوڪريءَ تي معمول مطابق حاضر رهن، ٻيءَ صورت ۾ کين نوڪريءَ مان ڪڍيو ويندو!“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com