سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1994ع

مضمون

صفحو :24

 

هريڪانت

 

ٿڪل مسڪراهٽ

 

ٽيليگرام جو نيرو ڪاغذ ڏسي من ۾ اَڻٽر خلاف سانڍيل اُميدون پرزا پرزا ٿي ويون. لڳو شايد.... انديشو صحيح نڪتو.

ڇايا هاڻ نه رهي هئي. تار ۾ اهو ئي سنديش هو. هڪ وڏي گهٽنا جي ننڍي سوچنا.

اڻٿيڻي ڪانه ٿي هئي. جيڪي ٿيو هو ان جي ڪلپنا مون تڏهن ئي ڪري ڇڏي هئي، جڏهن ساڻس آخرين دفعو ملڻ لاءِ اچانڪ بمبئيءَ پهچي ويو هوس.

اهو شايد جون جو پهريون هفتو رهيو هوندو. چؤماسي جا مينهن شروع ٿيڻ لڳا هئا. ٽرين ۾ رات ڀر جاڳندي، اڻ لکي آڻچٽي آپراڌ ڀاوَ هيٺ دريءَ مان وڻن جي ڪارن نچندڙ پاڇن کي تڪيندي الائي ڪيئن پنج سؤ ڪلوميٽر ياترا طئي ڪئي هئم. پوءِ تڪڙو تڪڙو ٽئڪسيءَ ۾ ويهي باندرا اِسٽيشن کان ڪارٽر روڊ پهتو هوس. اَٺ منزلي عمارت جي آخرين فلور تي هن جي فلئٽ جي سامهون وڃي بيهڻ کان پوءِ به وشواس ئي نه پئي ٿيو ته ڇايا سان ساکياتڪار ٿي سگهندو ۽ کيس ان ئي روپ ۾ ڏسي سگهندس، جنهن ۾ شايد پنج سال اڳ دهلي ڇڏڻ وقت ڏٺو هوم.

اکروٽي رنگ جي دروازي تي پتل جي نيم پليٽ چمڪي رهي هئي، سندس ڊيڊيءَ جي نالي جي اکيون نيم- پليٽ جي آخرين اکرن تي اَٽڪي پيون....

”ڊي ايس. پي.... (رٽائرڊ)...“ من ۾ هڪ تصوير اُڀري آئي. شينهن جي اکين واري هڪ جاندار شخص جي. مون ٻيو دفعو بزر دٻايو.

بلڊنگ جو گورکو چوڪيدار جيڪو منهنجي ننڍڙي سوٽ ڪيس کڻي لفٽ ملائي مون سان گڏ مٿي آيو هو، ان شايد منهنجي فڪرمندي محسوس ڪري ورتي. هٻڪي هٻڪي ٻڌايائين ته ڪالهه ”ديديءَ“ جي طبيعت تمام خراب ٿي ويئي هئي. ٻه دفعا ڊاڪٽر کي سڏايو ويو هو. ڪئنسر جو ڪوئي علاج نه نڪتو آهي صاحب؟ ڪمال آهي...

لڳو گورکي مون کي مُڪ هڻي ڪڍي. مان ان اوچتي حملي لاءِ هرگز تيار ڪونه هئس. ان ڌڪ منهنجو اَپرڌڀاوَ  وڌيڪ ڀاري بڻائي ڇڏيو. ڇايا کي ڪئنسر آهي! سندس بلڊنگ جي چوڪيدار کي خبر آهي ۽ مون کي...! ڏوهه منهنجو ئي هو. پنهنجي ڌُن ۾ رهندي گذريل پنهنجن سالن کان مون ساڻن سمپرڪ ئي ڪهڙو رکيو هو.

دروازي پٺيان  ڀاري آهٽ. ڪوئي ڌيري ڌيري اڳيان وڌندو پئي آيو. ڪلف ۾ چاٻي گهمڻ جو آواز. دروازي جي گِهميل ڪاٺ جو اَڻوڻندڙ چيڪاٽ ۽ پوءِ هن جي پيءُ سان ملاقات. سفيد گهاٽين ڀِرُن سان لڳ ڀڳ ڍڪيل ٻه اکيون، جن کي مٿي کڻڻ بنان ئي هن ٿڪل آواز ۾ پڇبو، ”ڪير؟“

مان اڳيان وڌي کيس پيرين پيس.

”مون سڃاتو ڪونه.....“ هن مجبوريءَ مان چيو: لڳو سندس نظر ڪافي ڪمزور ٿي ويئي هئي.

”مان آهيان ڊئڊي... مان...“  ڇايا سان پنهنجائي قائم ٿيڻ بعد مان به کيس ڊئڊي ئي سڏيندو هوس.

”اڇا..... تون آهين..... اَندر اَچ نه....“

هن گهر ۾ منهنجي آواز جي سڃاڻپ قائم آهي سوچي خوشي ٿي. ليڪن سندس ننڍڙي جملي جو پهريون حصو ٻئي حصي جي ڪيترو قريب هو، مون سمجهڻ پئي چاهيو. پر هن جي مُڙي هلڻ شروع ڪرڻ تي مان به سندس پٺيان هلي پيس.

غفا جهڙي سوڙهي اونداهي ڪاريڊار مان لنگهي هو ساڄي پاسي مڙيو، جتي وچولي طبقي جي بيٺڪ هئي. درين تي پڙدا چڙهيا پيا هئا، ان ڪري اُتي ڪافي اونداهه هئي. سامهون ديوان سان گڏ لئمپ اسٽينڊ  ڀرسان ڪجهه روشني هئي. هڪ گهيري ۾ محدود. سائيڊ ٽيبل تي رکيل اَئش ٽري ۾ اَڌ جليل سِگار پيو هو، جنهن مان اَڃا به هلڪو هلڪو دونهون پئي نڪتو. لڳو هو ڪافي وقت کان جاڳيل هو يا شايد رات ڀر سمهيو ئي ڪونه هو ڪمري ۾ هڪ رهسيميه واس هو، جيڪو بارش جي ڏينهن ۾ بند درين وارن مڪانن ۾ اڪثر ٿيندو آهي.

عجيب نمرتا سان هن مون کي صوفا تي ويهڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ ديوان تي ويهي سگار کڻي ان کي وري دکائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. پل ڀر لاءِ سندس چهري تي پيل لائيٽر جي پرڪاش ۾ مون ڏٺو، سندس روشن اکيون جيڪي هر وقت هر ڏسا ۾ اُتساهه سان ڏسنديون رهنديون هيون، وساڻل ۽ هيسيل هيون. شايد هن ڀانپي ورتو نه لڳاتار ڏسي رهيو هوس.

”سٺو ڪيئه جو آئين.. نه ته.....“ چئي هو چُپ ٿي ويو، هونئن به هو وات سان گهٽ ۽ اکين سان وڌيڪ ڳالهائيندو هو. اسين سندس اکين جي ڀاشا سمجهي وٺندا هئاسين. اسين يعني ڇايا ۽ مان، شروع کان ئي.

”ڇايا.... ڪيئن آهي...؟“ مون پڇيو.

“NO hope” ڪافي دير کان پوءِ هن جواب ڏنو ۽ ڄڻ پنهنجو پاڻ سان ڳالهائيندي ڌيمي آواز ۾ چيائين، ”مان سوچيان پيو....“

ڇا پيا سوچيو.....؟

شام جون دونهون شايد سندس ڦڦڙن ۾ هليو ويو. هو بُريءَ طرح کنگهڻ لڳو. ڪافي دير کان پوءِ ساهه سنڀاليندي هن اُن ئي انداز ۾ چيو، ”هاڻي ڪجهه نه “It is too late perhaps

”ڪٿي آهي؟“

”هن ڪمري ۾. هن ٻيڪڙيل دروازي ڏانهن اشارو ڪيو. تون ساڻس ملي سگهين ٿو. ليڪن ننڊ هجيس ته جاڳائجانس نه. ڪالهه سڄو ڏينهن ڀوڳيو اَٿائين....“

”ڊاڪٽر...؟“

”ٻه دفعا آيو هو. سور اڀرندو اٿس ته ڄڻ سؤ سؤ وڇون هڪئي وقت ڏنگڻ لڳندا اٿس. سندس ڦٿڪڻ.....“

هو وري چپ ٿي ويو.

ڪجهه دير بعد پاڻ سنڀاليندي ٻڌايائين:“ ”ڊاڪٽر انجيڪشن هڻي ويندو اٿس ته ڪجهه آرام ملندو اٿس، پر ٿوري وقت لاءِ...“

”ڇا سچ پچ...؟“

”ها... ڪئنسر....“

”ڪٿي؟“

”آنڊي ۾.“

”کيس خبر آهي؟“

”اسان ٻڌايو ڪونه اٿس. ليڪن هر هفتي ٽاٽا انسٽيٽيوٽ ۾ وڃڻ جو مطلب هوءَ نه سمجهندي هوندي، ائين نه سمجهڻ گهرجي.“

”ڪاليج“

”اپريل تائين پڙهائيندي رهي. وئڪيشن ۾ ئي خبر پيئي. في الحال موڪل تي آهي. پر ڏاڍو ضد ڪندو آهي وڃڻ جو....“

”من اِسٿتئي ڪيئن اَٿس؟“

هن جي اکين ۾ اوچتو چمڪ اچي ويئي. گلو صاف ڪندي وشواس ڀرئي نوع ۾ چيائين ”پوليس آفيسر جي ڌيءَ آهي. رليف ملندي ئي مون کي آٿت ڏيڻ ويهندي آهي.“

سندس سگار شايد وسامي ويو. ان کي آئش ٽري تي ڇنڊڪو ڏيئي وري لائٽر ٻاريائين.

”ڏسانس؟ شايد جاڳي هجي.“

هن اجازتي انداز ۾ ڪنڌ دروازي ڏانهن موڙيو.

مان اُٿي کڙو ٿيس ۽ دٻيل قدمن سان ڪمري ۾ هليو ويس.

ڇايا جي ڪمري ۾ بيٺڪ کان به وڏيڪ اَنڌيرو هو. شروع شروع ۾ ڪجهه به نظر نه آيو. مان بيهي رهيس.

ڌيري ڌيري ڪمري جي هر چيز منهنجين اکين ۾ آڪار وٺڻ لڳي. سڀ کان پهرين هڪ ويڪرو پلنگ ۽ اُن تي سفيد چادر ويڙهي پيل هڪ آڪرتي. ڪيڏي ننڍي ٿي لڳي. گويا ڏهن ٻارهن سالن جو ٻار هجي. وشواس ئي نه پئي آيو ته هوءَ ڇايا ٿي سگهي ٿي. پلنگ جي ڀرسان هڪ ننڍو ڪپ بورڊ. ان تي ڪجهه اڌ ڀريل اَڌ خالي شيشيون. پاڻيءَ جي جڳ. کاٻي طرف هڪ شوڪيس. اِسٽيريو ڪئسيٽ ڊيڪ. اُن جي آسپاس پکڙيل ڪجهه ڪئسٽس پلنگ جي سامهون ديوار لڳ ٻه صوفا چيئرس.

ڌيري ڌيري سڀ چٽو ٿيڻ لڳو. مان چپ چاپ سندس سامهون ويهي رهيس. هوءَ ته آرام سان سمهي پيئي هئي. بيماريءَ سندس چهرو وڪرت ڪونه ڪيو هو. نيم انڌيري ۾ به اُهو پهچاڻ کان پري ڪونه لڳو. گهٽ ۾ گهٽ سندس چهري تي بيماريءَ جو خاص اثر نظر نه آيو.

اُن کي ڏسي لڳو هوءَ بيڪار دهلجي ويا آهن. اَصل ۾ ماڻهو کي بيماريءَ کان وڌيڪ بيماريءَ جي چيتنا کائي ڇڏيندي آهي. مانسڪ سطح تي هار قبولڻ کان پوءِ هو ٽٽڻ شروع ڪندو آهي. ڇايا جي چهري تي اهڙو ڪوبه اُهڃاڻ نه هو. ڪجهه ٿڪاوٽ اَوس هئي، جيڪا آتم سنگهرش جو سڀاويڪ نتيجو پئي لڳي. هن هار ڪانه مڃي هئي. مون کي وشواس ٿي ويو. من ئي من ۾ چئي ويٺس:

“My Brave girl”

”اڙي..... تون .....؟“

بلڪل ساڳيو آواز ۽ اهوئي انداز. عرصي بعد ٻڌڻ کان پوءِ ان جي پنهنجائپ گم ڪانه ٿي هئي. اکيون کوليندي ئي چيائين، ”مان سپنو ته نه پيئي ڏسان....!“

”ڇهي ڏس“

مان اٿي سندس ڀرسان پهچي ويس ۽ پنهنجو هٿ وڌائي ويهاڻي تي رکيم. هن آهستي آهستي پاسو ورائي پنهنجو هٿ منهنجي هٿ تي رکيو ۽ اکيون بند ڪري ڇڏيائين.

”تنهنجو هٿ ايڏو ٿڌو ڇو آهي؟“  اکيون بند هوندي ئي هن پڇيو.

”منهنجو هٿ ٿڌو ڪونه آهي. تنهنجو هٿ گرم آهي.“ مون جواب ڏنو.

”ڪٿي ڪا اَسمانتا ضرور آهي. نه؟“

”شايد.....“

”تون ويهين ڇو نه ٿو“

مان هن جي پلنگ جي ڪناري تي ويهي رهيس.

سندس بستري مان دوائن جي بوءِ اچي رهي هئي. هلڪي

”ڇا پيو سوچين؟“

”ڪجهه نه.“

”توکي هتي جي بوءِ وڻي نه” سچ سچ ٻڌائج.“

ڪمال آهي! هوءَ اڃا به منهنجي ويچارن جي آهٽ تائين سڃاڻي وٺي ٿي.! مون سوچيو.

”ويجهڙائيءَ ۾ مون کي ايڏيون ته انجيڪشن لڳيون آهن، ايتري ته اِسپرٽ مکي ويئي آهي، جو مان خود اِسپرٽ بڻجندي پئي وڃان.“

مون سندس اکين ۾ ڏٺو جتي هڪ ٿڪل شرارت نظر آئي.

”گهٻراءِ نه، اِسپرٽ بڻجي تنهنجو پيڇو ڪانه ڪنديس. بڻيس به ته وڻ بڻجنديس ٻئي جنم ۾ ....“

”چئين ڇا پيئي!“

”توکي پهاڙ وڻندا آهن نه. مان ٻئي جنم ۾ ڪنهن هل اِسٽيشن تي وڻ بڻجنديس. اُتي ته ايندين نه؟“

”ڇايا...“ سندس وار کنڊرائيندي مان ايترو ئي چئي سگهيس.

”ڪڏهن آئين، توکان اهو پڇڻ ته وسري ئي ويو.“

”ٿورو ئي اڳ.“

”ڪٿان؟“

”احمد آباد مان.“

”هاڻي اُتي آهين ڇا؟“

”نه مائونٽ اَبوءَ مان موٽندي ويو هوس. هڪ ڪارخاني ۾ تنهنجو ڀاءُ گڏجي ويو، جيڪو ليبر آفيسر آهي. ان ئي تنهنجي باري ۾ ٻڌايو. هڪدم هليو آيس.“

”ٿئنڪ يُو چوانءِ؟“ هن جي چپن تي شرارت ڀري مسڪراهٽ هئي. هڪ ٿڪل مسڪراهٽ.

ڇايا کي ان طرح کلندو ڳالهائيندو ڏسي لڳو مون کي سندس باري ۾ جيڪو ڪجهه ٻڌايو ويو آهي، سو ڪوڙ آهي، غلط آهي. سچ ۽ صحيح آهي ته صرف سندس مسڪراهٽ آهي جيڪا اڃا به آهي ۽ لڳ ڀڳ اهڙي ئي آهي، جهڙي ورهيه اڳ ڪلاس روم ۾ ليڪچر ڏيندي ڪامن ورم ۾ مختلف وشين تي بحث ڪندي يا ڪافي هائوس ۾ ساهتيه چرچا ڪندو هوءَ پکيڙيندي رهندي هئي.

”دهليءَ ۾ ئي آهين؟“

”دهلي ته تنهنجي اُتي هوندي ئي ڇڏي ويو هوس.“

”اڙي ها....ڪاليج مان اِستعيفا ڏيئي تون ڪلڪتي هليو ويو هئين...“

”ان بعد ڪافي ياترائون ڪيون اٿم.“

”ڪٿي پهتو آهين؟“

”ڪٿي به نه.“

”مطلب؟“

”گذريل مهيني ستين نوڪري ڇڏي ڏنم.“

”ڪٿي؟“

”دارجيلنگ ڀرسان چانهه جي کيت ۾.“

”راڄنيتيءَ جي ليڪچرار جو چانهه جي کيت سان ڪهڙو واسطو؟“

”پارٽيءَ جو حڪم هو، پنهنجو پارٽ پورو ڪري هليو آيس.“

”چئبو تنهنجون اُهي ئي حرڪتون جاري آهن اڃا...“

”تون ڊئڊيءَ جي ڀاشا ڪڏهن ڳالهائڻ لڳي آهين!“

”او... ساري ....“ هوءَ اچانڪ چپ ٿي ويئي ۽ ڪٿي گم ٿي ويئي. ڪافي دير بعد ڄڻ دور دکان ڳالهائيندي چيائين، ”ڊئڊيءَ جي اثر کان انڪاري ٿي ڪانه سگهنديس. خاص ڪري جڏهن کان ممي نه رهي آهي. ڀائر ٻئي ايندا آهن ڪڏهن ڪڏهن، دستور نباهڻ، ڊئڊي ئي خيال رکندو آهي منهنجو. ڏاڍي چنتا ڪندو آهي. ڪلاڪن جا ڪلاڪ گم سم ويٺو هوندو آهي. اڪيلو لڪي لڪي روئندو آهي ۽ پاڻ ئي پنهنجا ڳوڙها اگهندو آهي.....“

مون کي لڳو، سندس ان حالت ۾ منهنجو به يوگدان هو، شايد. وري اُهوئي اَپراڌ ڀاوَ.

”ممي کي ڇا ٿيو هو؟“

”اهو ئي پراڻو دم. بمبئيءَ جي گهميل آبهوا ۾ وڌيڪ تيز ٿي ويس. دهليءَ کي ڏاڍو ياد ڪندي هئي ۽ توکي....“

”.....“

”چانهه پيتي آهي؟“

”اڃا ڪٿي......“

هن پنهنجو ساڄو هٿ مٿن کان ديوار تي ڦيريندي پلنگ ڀرسان بٽڻ دٻايو.

شام ٿيڻ  لڳي هئي. اسين بالڪنيءَ ۾ هليا وياسين. ڇايا مون سان گڏ ئي بيٺي هئي. ٻئي هٿ ريلنگ تي رکي دور سمنڊ ڏانهن نهاريندي.

سندن بلڊنگ سمنڊ ڪناري سڙڪ جي اهڙي اَڌ گول موڙ وٽ آهي جو بالڪنيءَ ۾ اچڻ تي ٽن پاسن کان سمنڊ نظر ايندو آهي. هوا جي رخ  پٽاندر هڪ ئي ڏس ۾ هلندڙ لهرن کي ڏسندي چرپر جو اَنڀؤ پئي ٿيو. لڳو ٿي اسين ڪنهن سامونڊي جهاز جي ڊيڪ تي بيٺا آهيون ۽ جهاز ڌيري ڌيري هلي رهيو آهي، اُڄاتل ياترا تي.

”اڃا به لنبيون لنبيون ياترائون ڪرين؟“

”مان ته هن وقت به پاڻ کي ياترا ۾ پيو سمجهان. هتي بيهي توکي ائين نٿو لڳي؟“

”اهڙيون ياترائون پاڻ کي ٺڳڻ سمان آهن. لڳندو آهي هلون پيا، ليڪن هوندا آهيون اُتي جو اتي... هل ويهون هلي. مان ٿڪجڻ لڳي آهيان.“

مان سندس هٿ وٺي بيڊ جي ڪرسين ڏانهن وڌيس. هڪ به قدم گڏ هلي هوءَ بيهي رهي. مون کي سهاري جي ضرورت ڪانه آهي.“ هن شرارت ڀرئي انداز ۾ چيو، ”ليڪن، تنهنجو هيئن گڏ گڏ هلڻ اَڄ به سٺو پيو لڳي... هل...“

اسين آمهون سامهون ٿي ويٺاسين. خاموش، صرف لهرون ڳالهائي رهيون هيون.

”لهرن کي به پنهنجي ڀاشا ٿيندي آهي.... توکي خبر آهي”“ ڇايا گم سم انداز ۾ چيو ۽ منهنجي جواب جو انتظار ڪرڻ بنان چوندي ويئي ”مان سندن ڀاشا سندن ويدنا سمجهڻ لڳي آهيان. اڌ رات جو جڏهن ننڊ نه ايندي اٿم ته هتي اچي بيهندي آهيان ۽ سندس ڳالهيون ٻڌندي آهيان. سندن کِلڻ سندن روئڻ صاف صاف ٻڌڻ ۾ ايندو آهي. تون هليو ته ڪونه ويندين؟“

مون ڪو جواب نه ڏنو.

”رهندين نه، ٻڌاءِ؟“

”سڀاڻي وڃڻو پوندو.“

”بس؟“

”.....“

”هتان ڪيڏانهن ويندين؟“

”واپس احمد آباد، اُتي جو ڪم اڃا اُڌورو آهي.“

”.....“

”جلد ئي وري ايندس. تون ٺيڪ ٿي رڃ ته توکي سملي وٺي هلندس. سنِو فال ڏيکارڻ سچ.....“

”سچ؟ پوءِ مزاق نه ڪر.“

.سچ کي تون مذاق ٿو سمجهين؟“

”نه” مذاق کي سچ سمجهي ويهندو آهيان ڪڏهن ڪڏهن“. مون اهو پرسنگ اڳتي وڌائڻ نٿي چاهيو. ڇاڪاڻ ته مون کي سچ جي خبر هئي.

ڇايا شايد منهنجي مجبوري سمجهي روتي ۽ پاڻ ئي وشيه بدلائي ڇڏيائين. ”دور اُفق وٽ هو جهاز ڏسين ٿو؟“ سمنڊ ڏانهن آڱر سان اشارو ڪندي هن پڇيو.

”ٿورو مٿيون حصو نظر اچي ٿو.“

”ٻڌائي سگهندين اُهو اَچي پيو يا وڃي پيو؟“

”شايد اچي پيو.“ مون ڌيان سان ڏسڻ بعد چيو.

”نه. اِهو وڃي پيو.“ هن خاطري سان چيو.

”توکي ڪهڙي خبر؟“

”اُن طرف کان ڪڏهن ڪنهن جهاز کي ايندي ڪونه ڏٺو اٿم. صرف ويندي ڏٺو اٿم.“

”هتي ويهي اهوئي ڏسندي رهندي آهين؟“

جواب ۾ هن صرف هڪ لنبو ساهه کنيو ۽ منهنجو هٿ پڪڙي ورتو، زور سان.

بمبئيءَ ۾ اُها منهنجي آخرين شام هئي.

تار جو نيرو ڪاغذ اڃا به منهنجي هٿ ۾ آهي. تڏهن به وشواس نٿو ٿئي ته هاڻ نه رهي آهي.

من وري هڪوار بمبئيءَ هليو وڃي ٿو ۽ ڪارٽر روڊ تي اَٺين منزل واري اُن فلئٽ جو بزر دٻائي سوڙهي اونداهي ڪاريڊار مان گذرندو ڊرائنگ روم مان ٿيندو اسپرٽ جي بوءِ واري ڪمري ۾ اِسٽيريو ڊيڪ تي پکڙيل ڪئسيٽس ۾ قيد اُداس آوازن کي ٻڌندو بالڪنيءَ ۾ ويهي رهي ٿو، جتي لهرن جا آواز ٻڌڻ ۾ ايندا آهن، ليڪن انهن جي ڀاشا سمجهڻ واري ڇايا هاڻ اُتي ڪانه آهي.

 

 

T

 

گهٽنا:-                           واقعو، حادثو

سوچنا:-        اطلاع

ڪلپنا:-                           تصور

اپراڌڀاوَ:-                         گناهه جو احساس

ياترا:-                             سفر

وشواس:-                        ويساهه، اعتماد       

ساکياتڪار:-                    ملاقات، مکا ميلو      

سمپرڪ:-                        واسطو،تعلق، لاڳاپو    

رهسيميه:-                       پراسرا، راز ڀريو.         

پرڪاش:                         روشني                 

ڀاشا:                              ٻولي، زبان                   

امن اسٿتي:-                     ذهني ڪيفيت

آڪار:-                            شِڪل

آڪرتي:-                          شڪل، وجود

وڪرت:-                          ڦٽائڻ، بگاڙڻ

چيتنا:-                            شعور، ڄاڻ

مانسڪ:-                         ذهني

ساهتيه:-                           ادب

راڄنيتي:-                         سياست

يوگدان:-                          حصو

انڀؤ:-                              تجربو

ويدنا:-                             دک

پرسنگ:-                         سلسلو

وشيه:-                             موضوع

 

l

مُراد علي مرزا                          [ناول جو باب]

 

سامي سِڄَ وڙاءُ

 

پنهنجي پياري پٽ لطيف جي اوچتو غائب ٿي وڃڻ جي ڪري شاهه حبيب ڏاڍو ويڳاڻو ٿي پيو. لطيف کي هر هنڌ، هر پاسي ڳولي لهڻ لاءِ هن گهڻائي جتن ڪيا. هن کي اوسي پاسي ۽ جهر جهنگ ۾ ڳوليو؛ سندس ساٿي ۽ مريد به لطيف کي هر هنڌ، ڳوٺن ۾، وستين ۾ ڳوليندا رهيا، پر ڪٿان به، ڪنهن وٽان به ڪا به اهڙي خبر نه آئي جيڪا شاهه حبيب جي ٻرندڙ هانوَ تي ڇنڊو وجهي سگهي. هن کي نه گهر ۾ آرام ٿي آيو نه گهر کان ٻاهر. سندس دل ۾ هر وقت اهائي اُڻ تڻ هئي ته لطيف آخر ويو ڪيڏانهن! لطيف اهڙو هو ته ڪونه. سڀني جو ادب ڪري، ڳوٺ وارا به کيس ڀانئين، سندس عزت ڪن. هو طبيعت جو ڪيڏو نه ماٺيڻو آهي! پوءِ آخر ڪهڙو سبب آهي جو ويٺي ويٺي غائب ٿي ويو. ”ڇا ڪٿي خوانخواسته...... ڌڻي تعاليٰ کيس پنهنجيءَ امان ۾ رکي آئون به ڇا ڇا نه پيو سوچيان! پر منهنجي دل نه ئي هجي. منهنجو لطيف سلامت آهي؛ اهو مون کي يقين آهي؛ منهنجي دل اهوئي ٿي چوي پر هو ڪٿي آهي؟ ڪهڙي حال ۾ آهي؟ آخر موٽي ڇو نه ٿو اچي؟ ڇا هو اسان کان رُسي ويو آهي؟ پر ڇو؟“ اهڙا ۽ اهڙي قسم جا ٻيا ڪيترائي سوال هر وقت شاهه حبيب جي ذهن کي پيا ڌونڌاڙيندا هئا. هو يا ته ماٺ ڪيو پيو سوچيندو هو يا وري مصلو وڇائي. تسبيح کنيو پيو ورد ڪندو هو. ان جي ڪري هن جي دل کي ٿورو آرام ملي ويندو هو، پر وري جيئن ئي پنهنجي ڀيڻ ۽ گهر واريءَ تي نظر پوندي هئس ته سندس دل نپوڙجي ويندي هئي؛ اندر ۾ هڪ اڻڄاڻ آنڌ مانڌ کيس ولوڙڻ لڳندي هئي ۽ سارو جسم ست ڇڏي ويندو هوس.

جڏهن کان لطيف گهر مان هليو ويو هو تڏهن کان بزرگ خاتون کي به ماٺ وڪوڙي ويئي هئي. هن نه ڪنهن سان ڳالهايو ٿي نه وري ڪنهن ڏانهن اک کڻي ڏٺو ٿي. هوءَ سڄو ڏينهن مصلي تي ويٺي ماٺ ڪيو تسبيح پئي سوريندي هئي. کيس ائين پيو محسوس ٿيندو هو ڄڻ ته پاڻ گهر ۾ اڪيلي ٿي پئي آهي ۽ هوريان هوريان سندس هانءُ کاڄندو پيو وڃي. لطيف جي والده به هن جي اڳيان وڃڻ کان پاسو ٿي ڪيو. ”متان ائين نه ٿئي ته ڪنهن وقت جيجان مون کان لطيف جو پڇي! پوءِ آءُ هن کي ڪهڙو جواب ڏيندس؟“ هن دل ۾ سوچيو. هوءَ پنهنجي ڏک کي بزرگ خاتون کان لڪائڻ لاءِ هر وقت ڪنهن نه ڪنهن ڪم لڳي پئي هوندي هئي. پر جڏهن دل بنهه ڀرجي ايندي هيس تڏهن گهر جي ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ سڀني کان لڪي ٻه ٽي ڳوڙها ڳاڙي پنهنجي هانوَ تي ڇنڊو وجهندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن مائيءَ جنان جي مٿس نظر پوندي هئي ته هوءَ وٽس اچي دلداري ڏيڻ لاءِ پنهنجي زبان مس کوليندي هئي ته هوءَ سندس وات تي هٿ رکي چُپ رهڻ جو اشارو ڪندي هيس ته متان بزرگ خاتون نه ٻڌي وٺي. اهڙيءَ ريت گهر جي سڀني ڀاتين کي نه ڏينهن جو چين هوندو هو نه رات جو آرام. هر وقت سندن اندر ۾ اهائي اڻ تڻ هوندي هئي ته لطيف ڪٿي آهي؟ گهر ڇو نه ٿو اچي؟

شاهه حبيب جو ننڍڙو گهر هاڻي سچ پچ ته واسامي ۾ وڪوڙجي ويو هو، جتان رکي رکي هلڪن سڏڪن ۾ ٿڌن شوڪارن جا اَڻ لَکا آواز اڀري فضا ۾ پکڙجي ويا. گهر جي ڀاتين جي اها بيوسي ۽ لاچاري ڏسي شاهه حبيب پاڻ کي ئي ڏوهي پيو سمجهندو هو. ”اهي ته گهر- ويٺيون زائفائون آهن. اهي ويچاريون لطيف کي ڪيئن ٿيون ڳولي سگهن؟“ اهو خيال شاهه حبيب کي ويتر ويڳاڻو ڪري ڇڏيندو هو ۽ ماٺڙي ڪري گهر مان نڪري اچي اوطاق ۾ ويهندو هو ۽ دروازي مان ٻاهر پيو گهوريندو هو. اتي به سڄڻ خان جي هجڻ ڪري سندس دل کي ٿورو ڏڍ ٿيندو هو، پر هاڻي ته سڄڻ خان  به رات جو ئي ورندو هو. هو هر روز فجر جي نماز پڙهي ڳوٺان نڪرندو هو ۽ هر هنڌ پيو لطيف جي پڇا ڪندو هو. هن به ڪو ڳوٺ، ڪا واهڙ ۽ ڪا رستي نه ڇڏي هئي. هو سَج لڙئي واپس ڳوٺ ضرور ورندو هو جو شام حبيب جو به اونو هوندو هو هوس.

هڪڙي ڏينهن سڄڻ خان کي واپسيءَ ۾ دير ٿي ويئي ۽ جڏهن ڳوٺ پهتو ته رات ٿي ويئي هئي. هو سڌو اوطاق ۾ آيو. اتي شاهه حبيب اڳواٽ ئي ويٺو هو. وڏيرو احمد خان ۽ ڪي ٻيا ڳوٺاڻا به اتي ويٺا هئا. جڏهن کان لطيف ڳوٺ مان هليو ويو هو تڏهن کان سڄي ڳوٺ ۾ ڄڻ ته ماتم هو. لطيف هوندو هو ته هر رات اوطاق ۾ رونق لڳي پئي هوندي هئي، ڳوٺاڻا پيا ڪچهريون ڪندا هئا ۽ لطيف جا ساٿي راڳائي اتي سندس ڪلام ڳائي پيا خوشيون ورهائيندا هئا. پر هاڻي اوطاق مان نه سازن ۽ سُرن جا آواز ايندا هئا ۽ نه ڳوٺاڻن جا ٽهڪڙا ٻڌبا هئا. هاڻي تيل ڏيئَن جي جهڪي ۽ هئڊي روشنيءَ ۾ اتان رڳو ماٺ پئي جهاتيون پائيندي هئي. ماڻهن کي سمجهه ۾ ئي نه ايندو هو ته ڇا ڳالهائجي! ويتر جو شاهه حبيب کي ڏسندا هئا ته ما‎ٺ ڪيو ڪنڌ جهڪايو ويٺو آهي يا وري رکي رکي اوسيئڙي واري نظر سان دروازي مان ٻاهر پيو ڏسي ته هنن جي هانوَ کي لهس اچي ويندي هئي ۽ ٿڌا ساهه کڻي پنهنجا ڪنڌ جهڪائي ڇڏيندا هئا.

”السلام عليڪم!“ سڄڻ خان اوطاق ۾ ايندي چيو ۽ ڪلهي تان بوڇڻ لاهي. ان سان منهن اگهندي هڪ پاسي ٿي ويٺو.

”وعليڪم السلام!“، اوطاق ۾ ويٺل سڀني وراڻيو ۽ هن ڏانهن نهاريو.

سڄڻ خان هاڻي وڏي ڄمار جو ٿي ويو هو. سونهاري ۽ شهپر ڪپهه جهڙا اڇا ٿي ويا هئس ۽ ڀرن ۾ به اڇا پئي ڏٺس. هٿن ۾ اڻلکو لرزو هوس ۽ ڏسڻ مهل اکين کي چنجهو ڪرڻو ٿي پيس. پر ڦڙتائيءَ ۾ ڪوبه فرق نه آيو هوس. ڏيئَن جي جهڪي روشنيءَ ۾ سڄڻ خان جي مُنهن تي گنڀيرتا ۽ ٿڪ کي ڏسي ڪنهن کي به کائنس ڪي پڇڻ جي همت نه پئي ٿي. البت وڏيري احمد خان جي همت ڪري هن کان لطيف جي باري ۾ پڇا ڪئي.

”وڏيرا!، اڄ اتر پاسي جا سڀئي ڳوٺ پڇايا اٿم“، ايترو چئي سڄڻ خان ماٺ ٿي ويو.

شاهه حبيب ڪنڌ مٿي کڻي سڄڻ خان ڏانهن نهاريو وري ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو. ”ڪيڏو نه سٻاجهو انسان آهي. نه اٿس لالچ نه اٿس طمع، پيو خدمت ڪري. ڌڻي کيس اجر ڏيندو.“

”اَبا سڄڻ خان، هاڻي تون ڪنهن پاسي به نه وڃ. تو پنهنجو فرض نڀايو. انسان جون واڳون ڌڻي تعاليٰ جي هٿ وس آهن، جيڏانهن ورائيندو ان پاسي وڃڻو آهي هن کي. اسان جي سڀئي ڪم هُن مالڪ جي حوالي آهن،“ شاهه حبيب اشهد آڱر مٿي ڪندي چيو. ”ڌڻي تعاليٰ جو هر حڪم اکين تي. صبر ۽ شڪر کان سواءِ هاڻي ٻيو ڪو چارو ئي ڪونه ٿو ڏسجي“.

”سبحان الله!“ وڏيري احمد خان کي ٿڌو شوڪارو نڪري ويو.

”سڀ ڪم ڌڻي تعاليٰ جي وس آهن. انسان جي ڪهڙي حقيقت جو قضا کي آڏو اچي. پر رب جي رحمت کان نا اميد به نه ٿيڻ گهرجي. قبلا سائين! منهنجي دل ته چوي ٿي ته ننڍو سائين هنن ئي پٽن ۾ آهي. الله ڪندو ته جلد ئي اچي اوهان سان ملندو“.

”آمين، ثم آمين!“ سڀني هڪ آواز ٿي چيو.

وري ماٺ ٿي ويئي. اوطاق ۾ تيل جي ڏيئن جي ڦڪي روشني ڏڪڻ لڳي. وڏيري احمد خان چوڌاري نهاريو. سڀني جا ڪنڌ هيٺ هئا هن جو هانءُ لڏي ويو. شاهه حبيب جي ڏکائتي صورت تي ڳڻتيءَ ۽ فڪر جي دَزَ چڙهيل هئي. سونهاريءَ ۾ اڇاڻ پکڙجي ويئي هئس ۽ ڳل هئڊا ٿي ڏٺا.

وڏيرو احمد خان اهو سوچي اوطاق ۾ آيو هو ته شاهه حبيب کي ضرور وندرائبو، جيڪو پٽ جي وڃڻ کان پوءِ هڪ وقت ماٺ ڪيو ويٺو آهي. پر کيس ڪابه ڳالهه نه ٿي سجهي. اڃا هو انهيءَ ڳڻ ڳوت ۾ هو ته سڄڻ خان اچي ويو ۽ هاڻي کيس ڪنهن ٻيءَ ڳالهه ڪرڻ جو ڄڻ ته بهانو ملي ويو. ”ڀلا سڄڻ خان! اوسي پاسي جي به ڪا خبر آندي اٿئي؟“ وڏيري احمد خان جو آواز اوطاق جي ماٺ ۾ ٻُرڻ لڳو.

”وڏيرا! ٻيو ته سڀ خير آهي، پر نصرپور جي سرڪاري ڪامورن خبرون پئي ڪيون ته هندستان جي بادشاهه اورنگزيب جو لاڏاڻو ٿي ويو آهي.“

”انالله وَاِنا عِليہ راجعون“ سڀني جو مُنهن مان نڪري ويو ۽ سڀئي سڄڻ خان ڏانهن ڏسڻ لڳا.

”ڀلا بادشاهه سلامت وفات ڪڏهن ڪئي؟“ وڏيري احمد خان پڇيو.

”ڏينهن ۽ تاريخ جي ته ڪابه خبر ڪونهي، پر چيائون پئي ته ويجهڙائي ۾ لاڏاڻو ڪيو اٿس.“

”بلي! بلي! سڀ دم گذر“، وڏيري احمد خان چيو. ”بابو مرهيات مون کي چوندو هو ته تون اڃا پنجن ڇهن ورهين جي ڄمار جو هيئن جو اورنگزيب بادشاهه تخت تي ويٺو هو. بابو چوندو هو ته مغل بادشاهن ۾ اهو ڏاڍو سخت ۽ ڪرڙو بادشاهه هو. بادشاهه جي هر وڏي ماڻهوءَ جي خبر هئس ۽ هر ماڻهو هن کان ڊڄندو ۽ ڪن هڻندو هو. مسلماني ته ڪير کانئس سکي. وڏو ديندار، روزي نماز جي پابند ۽ تهجد گذار هوندو هو. هن ڪافرن ۽ بي دين ماڻهن جو پوز بند ڪري ڇڏيو هو. وري ايماندار ۽ سچار به اهڙو جو بادشاهه ٿي ڪري پنهنجي روزي قرآن شريف لکي پاڻ ڪمائيندو هو. خلق خدا جي ته هن کي زنده پير ڪري ليکيندي هئي.“

”سائين! بادشاهه ويندو به سڌو جنت“، هڪ ڳوٺاڻي چيو.

”پر ادا، بابو مرهيات هڪڙيءَ ڳالهه جو ڏاڍو ڏک ڪندو هو.“

”اها وري ڪهڙي سائين!“ هڪ ٻئي ڳوٺاڻي غور سان پڇيو.

”ادا، بابو مرهيات چوندو هو ته بادشاهه سلامت ديندار مسلمان ته بروبر آهي، پر پنهنجي پيءُ کي بادشاهي ڪوٽ ۾ قيد ڪري ۽ وڏي ڀاءُ شهزادي دار شڪوه سان جنگ جوٽي، هن کي قتل ڪرائي پاڻ ملڪ جو بادشاهه ٿي ويٺو. هن اهو چڱو ڪم ته نه ڪيو قبلا سائين!“ وڏيري احمد خان شاهه حبيب ڏانهن ڏسندي چيو، جيڪو اڃا تائين ماٺ ڪيو ويٺو هو.

”اَبا، زندگي ڪڇونءَ جي رفتار سان اڳتي پئي وڃي. پَل پَل جو حساب ٿيندو پيو هلي، جيڪو پَل گذري وڃي ٿو، اهو وري موٽي نه ٿو اچي. انسان جيڪا به وک کڻي ٿو، اها کيس قبر ڏانهن گهليندي پئي وڃي. حضرت علي سائين ته اهو ئي فرمايو آهي“. شاهه حبيب جو آواز رات جي سانت ۾ ٻرڻ لڳو. ”ماڻهو جيڪر گذريل پَل کي موٽائي ته هوند سج به اڀرندي جي بدارن الهندي کان اُڀري. پر اها قيامت جي نشاني ٿيندي. اڳيان عدل جي تارازي هوندي ۽ دل وٽ ڪوڙ جي ڪو ليکو ئي ڪونهي. وٽس سچ ۽ حقيقت جو وکر هوندو. زندگيءَ جو سچ، موت جو سچ.“

اوطاق ۾ ماٺ ٿي ويئي. ڪنهن به ڪين وراڻيو. ڏيئَن جي ڦڪي روشني هڪ ڀيرو وڏي ڏڪڻ لڳي.

”ميان احمد خان! تنهنجي والد بزرگوار جو چوڻ صحيح هو“، شاهه حبيب ٿوري ويرم رکي وري چيو ”روزا ۽ نمازون بيشڪ ڀلو ڪم، پر اصل ڳالهه ڪا ٻي آهي. خدا تعاليٰ جا انسانن تي، پوءِ کڻي اهي بادشاهه هجن يا رعيت، ڪي حق هوندا آهن جن کي حقوق الله چئجي ٿو. ٻيا وري انسان جا حق آهن جن کي حقوق العباد ٿا چون. روزا، نمازون ۽ ٻيا ڪم حقوق الله آهن، جيڪي انسانن کي ادا ڪرڻ گهرجن. حقوق العباد جو مطلب وري اهو آهي ته بندن جا جيڪي حق آهن، اهي ادا ڪجن. جيڪڏهن اهي حق پورا نٿا ٿين ته پوءِ بندو ڀلي کڻي ڪيتريون به نمازون پڙهي ۽ روزا رکي، هن جي اها عبادت قبول نه ٿيندي. هاڻي اوهين پاڻ امين ٿيو. جيڪڏهن بادشاهه اورنگزيب حقوق الله ۽ حقوق العباد ٻنهي جي فرض ادائي ڪئي آهي ته سبحان الله. البت هڪ ٻي ڳالهه آهي. جيئن فارسيءَ جي هڪ سگهڙ چيو آهي ته، ”رُموزِ مملڪتِ خوش خويش خسروان دانند“، يعني پنهنجي ملڪ جا راز بادشاهه پاڻ ڄاڻن، ٿي سگهي ٿو ته اورنگزيب بادشاهه جيڪي ڪيو ان جو به ڪو ڪارڻ هجي.“

”سبحان الله! ڪهڙي نه عقل جي ڳالهه ڪئي اٿو مرشد سائين!“ وڏيري احمد خان پاسو ورائيندي چيو. ”حاڪمن جون ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون آهن، جن جي عام کي ته ڇڏيو پر خاص ماڻهن کي به ڪا ڄاڻ نه هوندي.“

”البت اوهان جي والد مرهيات جو چوڻ صحيح هو. هندستان جي تخت تي پهريون حق شاهجهان بادشاهه جي وڏي فرزند شهزادي دارا شڪوه جو هو. اهو شهزادو وڏو عالم ۽ صوفي منش هو. جيڪڏهن هندستان جي بادشاهت کيس ملي ها ته ڏکڻ هندستان جا مرهٽا ايترو زور نه وٺن ها ۽ نه وري خلق خدا جو ايترو خون خرابو ٿئي ها.“

”بس قبلا سائين! انسان جي نصيب ۾ جيڪي لکيل آهي، اهوئي ٿيندو“، وڏيري احمد خان شاهه حبيب کي ڳالهائيندو ڏسي دل ئي دل ۾ خوشي ٿيندي وراڻيو. ”هاڻي خبر نه آهي ته هندستان جي تخت تي ڪير ٿو ويهي؟“

”مرشد سائين! نصرپور ۾ اها ڳالهه پي هلي ته اورنگزيب جو وڏو پُٽ بهادر شاهه هندستان جي تخت تي ويٺو آهي.“، سڄڻ خان ٻڌايو.

”ٻڌوَ نه“، شاهه حبيب سڀني ڏانهن ڏسندي چيو. ”اورنگزيب بادشاهه پنهنجي وڏي پٽ بهادر شاهه کي پنهنجو جانشين مقرر ڪيو هوندو تڏهن ته هو تخت تي ويٺو آهي. شاهجهان بادشاهه به پنهنجي وڏي پٽ شهزادي داراشڪوه کي پنهنجو جانشين مقرر ڪيو هو، پر اورنگزيب هن کي تخت تي ويهڻ نه ڏنو ۽ پيءُ کي قيد ڪري، ڀاءُ سان جنگ جوٽي، هن کي مارائي پاڻ تخت تي قبضو ڪري ويٺو.“

”پر مرشد سائين! ان جو مطلب ته اهو ٿيو ته اورنگزيب بادشاهه عقلمند هو جو اهڙو بندوبست ڪري ويو جو سندس جيئري ته ڇڏيو پر سندس مُئي پڄاڻان به تخت تي قبضي ڪرڻ لاءِ ڪو دنگو فساد نه ٿيو ۽ خلق خدا جي خون خرابي کان محفوظ رهي“، وڏيري احمد خان چيو.

”بيشڪ، تون سچ ٿو چوين ميان احمد خان! اڳتي ڏسجي ته ڇا ٿو ٿئي. ڌڻي تعاليٰ شل سڀني کي پنهنجي حفظ و امان ۾ رکي.“

”آمين، ثم آمين“، سڀني چيو.

وري ماٺ ٿي ويئي. وري شاهه حبيب ڪنڌ هيٺ ڪري ڪنهن سوچ ۾ پئجي ويو. سڄڻ خان به ماٺ ۾ هو جو وٽس چوڻ لاءِ ٻيو ڪي به نه هو. البت وڏيرو احمد خان پاسا ورائڻ لڳو ۽ ٿڌا شوڪارا ڀرڻ لڳو. اوچتو هن پنهنجي ساڄي پاسي نوجوان عرس ساند کي ڏٺو جنهن جي ڀر ۾ هن جا سنگتي نقي بخاري ۽ هاشم علوي به ويٺا هئا. وڏيري احمد خان ساڄي ڀر جهُڪي عرس ساند جي ڪن ۾ ڪي چيو.

”مرشد سائين!“ عرس ساند هٿ ٻڌي، اکيون هيٺ ڪري چيو.

شاهه حبيب ڪنڌ مٿي کڻي هن ڏانهن نهاريو، ”چئو اَبا“.

”قبلا سائين! اجازت هجي ته ننڍي سائينءَ جو ڪلام ڳايون.“

”مرشد سائين! اڄ ته اجازت ڏيو. ننڍي سائينءَ جي ڪلام ٻڌڻ لاءِ دل ڏاڍو ماندي آهي اسان جي.“ وڏيري احمد خان حجت ڪئي ته ٻين ڳوٺ وارن به ليلايو.

شاهه حبيب ڪنڌ جي اشاري سان اجازت ڏني ۽ عرس ساند ٿورو سري اڳتي ٿي ويٺو. هن هلڪي کنگهڪار ڪري گلو صاف ڪيو ۽ آلاپ ڪرڻ لڳو. نقي بخاري ۽ هاشم علوي هن جو ساٿ ڏنو:

ائين اچي پَسو، جيڏيون! هي جو وَههُ منهنجي جندڙي.

پائيءَ وَيڙا پيرَ ۾، منجهان کِرس کسو،
                                      ائين اچي پَسو.

ڏيئي وِيڙا ڏاههِ کي، سورن جو سَرسو،
                                      ائين اچي پَسو.

آئون ڏوريندي اُنِ کي، ڏيئي تَنَ تَسو،
                                      ائين اچي پَسو.

ساءُ نه آيان سورَ جو، هاڻي ٿيون هَسو،
                                      ائين اچي پَسو.

متان وهو ويسريون! رڙِهو تي رَسو،
                                      ائين اچي پَسو.

مُندائتي مينهن جئَن، ويرو تارَ وَسو،
                                      ائين اچي پَسو.

رات جي سانتيڪي ماحول ۾ عرس ساند ۽ ساٿين جي سريلي ۽ سوز ڀرئي آواز جو پڙاڏو اوطاق ۾ ٿيندو رهيو. سڀئي هر مصرع تي ڪنڌ لوڏيندا رهيا ۽ ٿڌا شوڪارا ڀريندا رهيا. شاهه حبيب پنهنجو سڄو هٿ پيشانيءَ تي رکيو ڪنڌ هيٺ ڪيو ويٺو هو. سندس اکين مان ڳوڙها هوريان هوريان ڪرندا سونهاريءَ ۾ جذب ٿيندا رهيا.                   [هلندڙ]

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com