انيس انصاري
اڪبر اعظم ۽ سنڌ
اڪبر بادشاهه جي سنڌ ۾ ڄمڻ بابت ته اختلاف آهي ئي ڪونه. اختلاف
رڳو ان ڳالهه تي آهي ته عمرڪوٽ ۾ جنهن جاءِ تي
اڪبر جي ڄم جي هنڌ جو پٿر هنيو ويو آهي سو واقعي
اهو ئي هنڌ آهي جتي اهو ڄائو هو؟ ڪئپٽن معين الدين
پنهنجي ڪتاب ”
SINDH- LAND OF LEGENDS“
۾ لکيو آهي ته اڪبر بادشاهه جي ڄمڻ جو هنڌ سندس
پيدائش جي حقيقي جاءِ تي نه آهي. هن ڊاڪٽر ايشوري
پرشاد جي همايون جي تاريخ جو حوالو هنريت ڏنو آهي:
”همايون جي لشڪر کي جي تڪليفون ڏسڻيون پيون، تن
سندس نظم ۽ نسق ٽوڙي ڇڏيو. اهو همايون لاءِ نيڪ
قدم هو جو عمر ڪوٽ جي راڻي پرشاد، جو هڪ جوڌو
راجپوت هو، پنهنجي قوم جي مهمانوازيءَ جون روايتون
برقرار رکندي همايون کي سندس ماڻهن سان گڏ تاريخ
22 آگسٽ 1542ع تي پنهنجي گاديءَ جي هنڌ ۾ داخل ٿيڻ
جي اجازت ڏني. همايون جا پوئلڳ بعد ۾ ٻن ٻن، ٽن ٽن
ماڻهن جي جٿن ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ايندا رهيا.“ ڊاڪٽر
پرشاد وڌيڪ لکيو آهي ته، ”ستن هفتن تائين همايون
اتي رهيو. بعد ۾ هو جوڻ طرف روانو ٿي ويو، جيئن
ڏکڻ سنڌ تي قبضو ڪري سگهي.“ ان وڌيڪ ڏيکاريو آهي
ته 11 آڪٽوبر 1542ع تي همايون روانو ٿيو ۽ پنهنجي
گهرواري حميده کي راڻي جي محل ۾ ڇڏيائين، جو ان
آدرشي مهمان نواز انهن لاءِ خالي ڪيو هو. چئن
ڏينهن کان پوءِ 15 آڪٽوبر آچر ڏينهن ٻار پيدا ٿيو،
جو بعد ۾ دنيا ۾ اڪبر جي نالي سان مشهور ٿيو.“
همايون نامي ۾ گلبدن بيگم لکيو آهي ته ”راڻي، شهنشاهه جو عزت
ڀريو آڌر ڀاءُ ڪيو. کيس قلعي ۾ وٺي ويو جتي کيس
رهڻ لاءِ بهترين جاءِ ڏني، پر ان جي ماڻهن (لشڪر)
کي هن قلعي کان ٻاهر جايون ڏنيون. حميده بانو ڀريي
پيٽ سان هئي. بادشاهه جي وڃڻ جي ٽئين ڏينهن 4 رجب
المرجب 949هه آچر جي صبح جو سوير شهنشاهه جهان جو
اجهو ۽ فاتح جلال الدين محمد اڪبر غازي پيدا ٿيو.“
باوجود ان حقيقت جي ته اڪبر ڪوٽ ۾ اندر پيدا ٿيو هو، سندس ڄمڻ
جو نشان شهر کان هڪ ميل پري هنيو ويو آهي. اهو اتي
ڇو هنيو ويو، ان لاءِ لب تاريخ سنڌ جو مصنف خداداد
خان لکي ٿو ته ”بادشاهه جوڌپور جي راجا جي غداريءَ
ڪري ان کان ناراض ٿي جيسلمير جي رستي عمرڪوٽ ۾
داخل ٿيو ۽ راڻي هن جي عزت افزائي لاءِ قلعو خالي
ڪري بادشاهه جي حوالي ڪيو. پر پهرين منزل بادشاهه
جي قلعي کان ٻاهر هئي ۽ بعد ۾ قلعي کي رونق
بخشيائين. مير محمد معصوم بکريءَ جي چوڻ مطابق ان
جاءِ تي آچر ڏينهن رجب المرجب 949 هه جي پنجين
تاريخ مطابق 1543ع، محمد اڪبر بادشاهه بلقيس زمان
حميده بانو بيگم کي تولد ٿيو. سنڌ جو ٻيو نمبر
ڪمشنر سر بارٽل فرئير سال 1269 هه مطابق سال 1853ع
۾ اتي ويو ۽ پراڻي وقت جي ماڻهن کان پڇا ڪرڻ بعد
قلعي جي اتر ۾ هڪ ميل جي مفاصلي تي محمد اڪبر
بادشاهه جي ڄمڻ جي پٿر هنيو.“
مٿين حقيقت کان سواءِ همايون نامه (ڇپائيندڙ سنگ ميل پبليڪشن) ۾
جا پراڻي تصوير ڇپيل آهي، تنهن ۾ پڻ اڪبر جو ڄمڻ
ڪوٽ جي اندر ڏيکاريو ويو آهي.
هن مسئلي تي جناب غلام محمد لاکي پنهنجي مضمون ”عمرڪوٽ- چند
تاريخي مسئلا“ ۾ عالمانو بحث ڪري ثابت ڪيو آهي ته
اڪبر جو جنم قلعي جي اندر ٿيو هو ۽ نه ٻاهر. ان
سلسلي ۾ لاکي صاحب تاريخ شاهدين سان گڏ پنهنجي
مشاهدي تي ڀاڙيندي اهو لکيو آهي ته: ”اڪبر جي جاءِ
پيدائش واري چبوتري وٽ ڪوبه پراڻو شهر، قلعو ۽ ڪوٽ
نه هو. ميداني مشاهدو ڪندي خبر پوي ٿي ته اتي ڪنهن
به قديم بستي يا قلعي جا باقيات موجود نه آهن.“
اها به تاريخي حقيقت آهي ته اڪبر جي والد همايون جي شادي حميده
بانو بيگم سان سنڌ ۾ ئي ٿي. ان جو ذڪر گلبدن بيگم
”همايون نامه“ ۾ تفصيل سان لکيو آهي.
جسٽس (رٽائرڊ) مشتاق قاضي صاحب پنهنجي انگريزي ڪتاب
THE ANCIENT TOWN OF SINDH- “PATT” ۾ هڪ عنوان ”همايون جو عشق ۽ شادي“، همايون نامي جي حوالي سان
تفصيل سان لکيو آهي، جنهن جو مختصر احوال هي آهي
ته جڏهن همايون پاٽ ۾ پنهنجي ماٽيلي ڀاءُ هندال
سان اچي مليو ته اتي هندال جي استاد مير بابا دوست
جي ڌيءُ کي ڏٺائين جا چوڏهن ورهين جي هئي، جنهن جو
شجرو شيخ احمد جام زندهه پيل سان پئي مليو. حميده
چوڏهينءَ جي چنڊ جهڙي سهڻي ۽ ڪنول جي گل وانگر پاڪ
هئي. سمجهه ۾ سندس ڪو ٿاني ڪونه هو. همايون حميده
بانوءَ سان شادي ڪرڻ پئي گهري، پر مرزا هندال
انڪار پئي ڪيو. بعد ۾ همايون پنهنجي ماٽيلي ماءُ
دلدار بيگم جي ڪوششن بعد ان ۾ ڪامياب ٿيو هو.“
جناب مشتاق قاضي لکي ته ته جمادي الاول 948 هه (مطابق سيپٽمبر
1541ع) ۾ همايون جي شادي حميده بانوءَ سان پاٽ ۾
ٿيڻ طئي ٿي. شهنشاهه مير ابوالبقا کي گهرائي ٻه لک
نقد ڏنا ته شاديءَ جو بندوبست ڪري. شهنشاهه شاديءَ
بعد ٽي ڏينهن پاٽ ۾ گذاريا ۽ ان بعد پنهنجي ڪنوار
سان گڏ بکر ڏانهن روانو ٿي ويو. پاٽ ۾ شاديءَ جي
دوران جوڙي کي شهر جي ولين جون دعائون نصيب ٿيون.
حميده، همايون جي انهن ڏکين ڏينهن ۾ وفادار سانئڻ
ثابت ٿي ۽ سندس شڪستن ۽ تڪليفن ۾ ڀاڱيوار. عمرڪوٽ
۾ حميده بانوءَ کي 5 رجب 949 هه (1542ع) ۾ جلال
الدين محمد اڪبر پيدا ٿيو. ان طرح اڪبر بادشاهه جو
رڳ ريشي ۾ سنڌ جي پاڻي ۽ خوراڪ جو اثر موجود هو.
ڇا اڪبر جي موت ۾ پڻ سنڌ جي سڌي يا اڻسنڌي طرح واسطو آهي؟ ان
سلسلي ۾ ڪتاب
“A DUTCH CHRONICLE
“OF
MUGHEL INDIA ۾ لکيل آهي ته ان وقت بادشاهه (اڪبر) فيصلو ڪيو ته سنڌ ٺٽي جي
اڳئين حاڪم مرزا غازي ولد مرزا جاني کي زهر جي
گولي کارائجي. ان ڪري جو ان بهادر شاهه اسير جي
اڳئين حاڪم سان گفتگو ڪندي، ان ڄاڻ هوندي به ته.
دشمن کيس رهيا آهن، اظهار ڪيو هو ته جي ”منهنجو
ٺٽو تنهنجي اسير وانگر مضبوط هجي ها ته مان هن
نموني اڪبر جي دٻاءُ هيٺ به گذاريان ها.“ (اهڙا
غرور ڀريا جملا ان استعمال ڪيا هئا). اڪبر پنهنجي
حڪيم کي سڏيو ۽ کيس ٻن ساڳي شڪل ۽ مقدار جي گولين
تيار ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جن مان هڪ ۾ زهر وجهجي ۽ ٻي
اها هجي جا دستور موجب بادشاهه روزانو کائيندو هو.
هو (اڪبر) حمام ۾ هو ته کيس ٻئي گوليون ڏنيون
ويون. ان مقصد سان ته مرزا کي زهريلي گولي ڏيندو ۽
ٻي گولي پاڻ کائيندو. گولين وٺندي هٿ ۾ ٻئي گوليون
گڊ مڊ ٿي ويو، ان ڪري زهريلي گولي ڀل ۾ پاڻ
کاڌائين ۽ پنهنجي دوا واري گولي مرزا غازيءَ کي
ڏنائين. رات جو جنهن وقت زهر اثر ڪرڻ لڳو ته کيس
پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو ۽ ان ڪري پنهنجي سڀني
طبيبن کي سڏايائين، جيئن ڪوشش ڪري هو ترياق ۽ ٻين
ذريعن سان کيس بچائين. پر جيڪي به دوائون انهن
استعمال ڪيون سي بيڪار ثابت ٿيون، جو زهر اڳي ئي
سندس نسن ۾ هڏهن ۾ اثر ڪري چڪو هو ۽ سڄي جسماني
سرشتي ۽ آنڊن تي اثرانداز ٿي چڪو هو.“
اڪبر جي موت لاءِ ايڊورڊ ٽيري پنهنجي سفر نامي
“EARLY TRAVELS IN INDIA”
۾ لکيو آهي: ”هن (اڪبر) جي موت بابت چيو وڃي ٿو ته
ماڻهن تي ناراض ٿيڻ بعد سندن روح کي بدن جي قيد
مان آزاد ڪرڻ لاءِ کين زهريلي گولي کارائيندو هو ۽
پاڻ دوا جي گولي استعمال ڪندو هو. اتفاق سان هن
زهر جي گولي کاڌي جنهن ڪري کيس خوني پيچش ٿي پئي،
جنهن کيس ختم ڪري ڇڏيو.“ ان ڪتاب جي حاشيي ۾ لکيو
ويو آهي ته ڪن ڪتابن ۾ اهو ذڪر مرزا غازي ولد جاني
بيگ لاءِ آيو آهي پر راجپوتن جي روايت موجب اها
زهر جي گولي امير جي راجا مانسنگهه لاءِ هئي (ٽاڊ
جو راجسٿان) هربٽ ۽ منوچيءَ وري ساڳيو ذڪر ٻئي
انداز ۾ ڪيو آهي.
ماثرالامراءِ جلد 3 ۾ مرزا جاني بيگ لاءِ اهو واقعو منسوب ڪيو
ويو آهي. مصنف لکي ٿو ته ”هڪ ڏينهن ڪنهن مجلس ۾
مرزا جاني بيگ چيو ته اهڙو قلعو جهڙو اسير جو آهي،
مون وٽ هجي ها ته سو سالن تائين به نه ڏيان ها.
”دشمنن اها ڳالهه بادشاهه تائين پهچائي. بادشاهه
ان ڳالهه کان غمگين ٿيو ۽ ان زماني ۾ فوت ٿي ويو.
ماثرالامراء اڪبر جي غم ۾ مرڻ جو ذڪر ته ڪيو آهي
پر زهر جي گوليءَ جو بيان ان ۾ نه آيو آهي.
گولي کارائيڻ واري قصي ۾ ڪيتري حقيقت آهي، تنهن لاءِ اهو لکڻ
ڪافي آهي ته ٺٽو مرزا جاني بيگ جي زماني ۾ اڪبر جي
قبضي ۾ آيو هو. ان ڪري ڊچن ۽ انگريزن جو ان
ڪهاڻيءَ کي مرزا غازي بيگ ڏانهن منسوب ڪرڻ هڪ غلطي
آهي. ماثرالامراء البت اهو لکيو آهي ته مرزا جاني
بيگ اهي لفظ استعمال ڪيا هئا، جن تي بادشاهه غمگين
ٿيو هو، پر زهر جي گوليءَ جو ذڪر ان ۾ ڪونه آهي.
ڏسجي ٿو ته اها ڳالهه به يورپي عالمن مغل بادشاهه
لاءِ ائين استعمال ڪئي آهي جيئن ٻيون ڳالهيون.
حوالا
- A Duch Chronicle of Mughal India
- Sindh- A Land of Legends, by Moeenuddin.
- Early Travels in India Edited by: W. Foster.
- Hemayun Nama by Gul- Badan Begum.
- Ancient Town of Sindh, “Paat”, by Justice (Rtd) Mushtak
Kazi.
- لب تاريخ سنڌ: خداداد خان
- تاريخ معصومي: مير محمد معصوم بکري
-شاهنواز خان: ماثرالامراء جلد سوم
- غلام محمد لاکو: ”عمرڪوٽ: چند تاريخي مسئلا“- ”مهراڻ“ 2/
1986ع.
|