پروفيسر ڊاڪٽر ابراهيم خليل ”نقوي“
سنڌيڪار: غلام محمد لاکو
سچل جي فارسي ڪلام جا
اٺ قلمي نسخا
[نوٽ: سچل سرمست جي فارسي ڪلام جي مختلف قلمي نسخن بابت هڪ جامع
اڀياس، تازو سچل چيئر پاران نڪرندڙ ”آشڪار“ نمبر 4
۾ شايع ٿيو آهي. ان مقالي جو تت سنڌي پڙهندڙن جي
خدمت ۾ پيش ڪجي ٿو.]
هن ناچيز ڪليات حافظ عبدالوهاب سچل (فارسي) مرتب ڪيو آهي، جو فل
اسڪيپ جي اٺن سون صفحن تي مشتمل آهي. ان ۾ سچل جا
359 غزل، اٺ مثنويون، ۽ هڪ ٻيو غزلن جو مختصر
ديوان بنام ”ديوان خدائي“، متفرقات ۽ هڪ نثر پارو
به آهي، جنهن جو عنوان ”نڪته تصوف“ رکيو ويو آهي.
ٻه سؤ صفحن تي مشتمل مقدمو به لکيو ويو آهي، جنهن
۾ سندس سوانح ۽ ڪلام تي به تبصرو ڪيو ويو آهي. ان
مقصد لاءِ ڇپيل توڙي قلمي مواد جي ضرورت پيئي.
استعمال هيٺ آيل قلمي نسخن ۾ وڌيڪ ڀروسي جوڳو اهو
نسخو آهي، جو پنجاب يونيورسٽي لئبرريءَ جو سينگار
آهي ۽ ان جو فوٽو اسٽيٽ، سچل چيئر جي سرگرم ڪارڪن
۽ مشهور سچل شناس، جناب محمد علي حداد وڏيءَ ڪوشش
سان حاصل ڪري مون کي مهيا ڪيو. ٻيو مکيه نسخو اهو
آهي جو فقير غلام محمد قادريءَ قلمبند ڪيو هو ۽ هن
وقت ڊاڪٽر اياز قادريءَ جي ڪتبخاني ۾ آهي. ان جو
مون فوٽو اسٽيٽ ڪرايو آهي. هتي هنن ٻن قلمي نسخن
سميت سچل جي ڪلام جي ڪجهه ٻين مخطوطن جو تعارف
ڪرائجي ٿو.
w ديوان آشکار، مخطوط پنجاب، نمبر 2513-311-Vi-
PL، ملڪيت پنجاب يونيورسٽي لئبرري لاهور.
هن نسخي جي ڪاتب محمد نشان فاروقي فقير آهي. ابتدا ۾ نه مقدمو
آهي ۽ نه وري تقريظ يا پيش لفظ، جنهن ذريعي ڪاتب
جي سوانح، ذوق ۽ شوق، علم و فضل يا نسخي جي شروع
ٿيڻ جي تاريخ وغيره جي باري ۾ معلوم ٿي سگهي.
البته خاتمي جي تاريخ جي نشاندهي ٿئي ٿي. آخري
صفحي 215 تي هي عبارت آهي:
”هٰذاه الکتاب ديوان آشکار، محبت آثار، اشعار، محرم اسرار، نيکو
ديدوار، وحدت وثار، معرفت اطوار، ازدست حقير محمد
نشان فاروقي بتاريخ چهاردهم ماه رمضان 1244هه يوم
جمعه بوقت نيم پارس صورت تحرير يافت- “
هي نسخو سچل جي وفات کان پوءِ ٺيڪ سندس ٻي ورسيءَ جي موقعي تي،
جمعي جي ڏينهن 14 رمضان 1244هه (20- مارچ 1829ع)
تي محمد نشان فاروقي فقير لکي پورو ڪيو. هن عبارت
جي هيٺيان بلڪل آخر ۾ هڪ رباعي ۽ ٻه شعر درج آهن.
هن نسخي ۾ 318 فارسي غزل، 2 سرائڪي غزل، ۽ پوءِ 5
مستزاد، 22 رباعيون، 12 فرديات، 2 قطعا ۽ مختلف
مثنوين مان طويل اقتباس، صفحي 176 کان صفحي 214
تائين ڏنل آهن.
پروفيسر ڊاڪٽر عطا محمد ولد گل محمد حامي مرحوم ”نينهن جا نعرا“
۾ محمد نشان فاروقيءَ جي باري ۾ نوٽ لکيو آهي:
”محمد نشان ولد گل محمد فاروقي پنهنجي زماني جي
وڏو عالم، اديب ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. سن 1269
هجريءَ ۾ وفات ڪيائين. سندس ڪلام ناياب آهي. فقط
ٻه تاريخي قطعا ملن ٿا، جيڪي هن مير سهراب خان ۽
مرثيه گو شاعر محمد عالم اول جي وفات تي لکيا هئا.
سندس تصنيفات مان هڪ فارسي لغات (قلمي) راقم
الحروف وٽ محفوظ آهي“.
w ديوان آشکار، ڪاتب محمد شجاع فاروقي، تاريخ 7 رمضان 1252هه،
ملڪيت غوث محمد پيرزاده، سجاده نشين درگاهه ڪبير
محمد، نوشهره فيروز.
هي نسخو 227 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ 316 غزل آهن، ٻه سرائڪي
غزل به درج آهن. ٽي مستزاد، ’ساقي نامه‘ جون ڪجهه
رباعيون، ڪجهه فردياد ۽ مثنوي ”تارنامه“ جا 146
شعرن تي مشتمل آهي. ان کان علاوه ڪجهه ڪلام مختلف
عنوانن تحت به درج ڪيو ويو آهي. مثال طور تي
”دربيان ترک هستي گويد“، ”دربيان اعليٰ عزم“،
دربيان موحد و ملحد، ۽ ”دربيان کلام يکي حال ديگري
قال“ وغيره هي سلسلو صفحي 225 تائين هليو آهي.
آخري صفحو 226، جتي خاتمو هن ريت آهي:
”اين کتاب ديوان آشکار عشق و خمار بلکه سرامه ديدار آن يار
تصنيف حيرت هادي مرشد مکمل عارف بالله سچو بادشاهه
عليہ الرحمة قدس الہ سره العزيز ازدست فقير محمد
شجاع فقير فاروقي بتاريخ بيست هفتم ماه رمضان
1252هه صورت اتمام پذيرفت، بادشاه حضرت صاحبان
مشفقان سرتاج درويشان مونس و شامل حال طالبان دام
برکاته، نوشته شدعاقبت خيرباد.“
ڪاتب محمد شجاع فاروقيءَ 27 رمضان 1252هه برابر 5 جنوري 1837ع
خميس جي ڏينهن تي ڪتابت مڪمل ڪئي. ان جو مطلب ته
سچل جي وفات کان ڏهه سال پوءِ هي نسخو لکيو ويو.
آخر ۾ هي ٻه شعر درج آهن:
نوشته بماند سيه برسفيد
نويسنده رانيست فردا اميد
هرکه خواهد دعا طمع دارم
زانکه من بنـــده گـــنه گــارم!
هن کان پوءِ واري صفحي تي هڪ مثنوي ۽ هڪ يوناني (طبي) نسخو درج
ڪيو ويو آهي، جو ڪاتب پنهنجي يادداشت لاءِ لکيو
آهي ۽ ان جو سچل ۽ سندس ڪلام سان ڪوبه تعلق ڪونهي.
w ديوان آشکار خطي. ڪاتب فقير غلام محمد قادري گدا. تاريخ 9 محرم
1275هه، ملڪيت پروفيسر ڊاڪٽر اياز حسين قادري.
هي نسخو ”ديوان صائب“ جي حاشين تي درج آهي. خاتمي جي تاريخ ڏنل
ڪانهي. البته حاشيي جو نوٽ ذريعي ظاهر ٿئي ٿو ته
هي ڇنڇر ڏينهن عصر جي وقت مهيني ذو القعد 1274هه
(جون 1858ع) تي ختم ٿيو. صائب جي ديوان جي ضخامت
347 صفحا آهي ۽ مثنويون (رهبر نامہ ۽ تار نامه)،
رباعيون ۽ مستزاد وغيره، صفحي 294 تائين لکيل آهن.
سچل جو خاتمو هن ريت آهي:
”الحمد الله خوب شدبعون الملک الوهاب مستطاب نسخه ديوان آشکار
تصنيف حضرت مولانا خليفه صاحب فيض مناقب عاشقن
العاشقين عمده الواصلين جو الله خليفه سچيڏنه
درويش فاروقي قدس سره عليه الرحمة من مقام لاڙکانه
9 محرم 1275 هه تحرير يافت“-
مطلب ته هن نسخي کي فقير غلام محمد قادريءَ 9 محرم 1275هه تي
لاڙڪاڻي ۾ خاتمي تي پهچايو (خميس 19 آگسٽ 1858ع).
هي مخطوط سچل جي وفات 33 سال کان پوءِ لکيو ويو، ۽
مٿي ذڪر ڪيل ٻه نسخن جي ڀيٽ ۾ جديد آهي.
جيئن ته هي نسخو ”ديوان صائب“ جي حاشيي تي درج آهي، انڪري صائب
جي ديوان جي بنيادي حيثيت ۽ ”ديوان آشکار“ جي
ثانوي حيثيت ٿئي ٿي. وڌيڪ هي ته ”قادري نسخو“
نهايت بي ترتيب ڏسجي ٿو. مروجه طريقي جي برعڪس هن
۾ غزل رديف وارو حروف تهجيءَ جي قائدن موجب ڪونهن.
ڪٿي ڪهڙو رديف ڪٿي ڪهڙو رديف آيو آهي. پروفيسر
ڊاڪٽر اياز قادريءَ کان غلطي ٿي آهي، جڏهن پاڻ
پنهنجي مقالي“ ”سچل جو قلمي ڪلام“ ۾ لکي ٿو ته هي
نسخو اڻپور ۽ صرف رديف ميم تائين لکيل آهي
(ڪارروائي سچل نئشنل سيمينار، خيرپور 1982ع). هي
ڳالهه درست ڪانهي. هن نسخي ۾ رديف ”ن“ جا 25، ”و“
جا 12، ”هه“ جا 29، ”هه“ ۽ ”ي“ جا 39 غزل موجود
آهن. ڳالهه صرف عدم ترتيب جي آهي. جيئن ته آخر ۾
رديف ”م“ جا ڪجهه غزل ملن ٿا، انڪري جناب اياز
قادريءَ کان ٿورڙي غلطي ٿي آهي. ان جي باوجود به
هن نسخي جي پنهنجي اهميت آهي. ان جو سبب هي آهي جو
”نسخه قادري“جو ڪاتب ميان فقير غلام محمد قادري
”گدا“ خاص طرح سان سچل فقير جو منظور مريد ۽ ڀروسي
جوڳو خليفو هو. سندس والد فقير محمد صالح قادري،
سچل سرمست جي چاچي، سهري ۽ مرشد مـيان عبـدالـحق
قادريءَ جو مريد هو ۽ هن پـنهنجي مرشد جي حڪم تي
پـــنهنجو اباڻو وطن سڪرنڊ ڇڏي اچي لاڙڪاڻو وسايو
هو. هن گهراڻي جو سچل جي خاندان جـو سـچل سان دلي
واسطو ان درجي تائين هو جو بعد ۾ پاڻ کي ”قادري“
سڏايائون. گدا نه رڳو سچل جو مريد بلڪ عربي ۽
فارسي جو عالم به هو. شعر به چوڻو هو ته درس به
ڏيندو هو. ان ريت سندس ڪتابت معتبر ڏسجي ٿي، هن
خاندان جو سچل سان قـلبي ۽ روحانـي تعـلق مڃيل ۽
گدا جي علمي قابليت معتبر آهي. سڀ کان وڌيڪ ته هي
نسخو سچل جي حڪم تي لکيو ويو هو. فقير صاحب لکي
ٿو:
اين رساله گفته است سچو فقير
حڪم مارا کـرده آن پيران پير
w ديوان آشکار قلمي، ڪاتب فقير رضا محمد شاهه
سڀني نسخن ۾ هي وڌيڪ خوشخط پر ناقص ۽ پڻ ويجهي دور جو لکيل آهي.
هي نسخو 1925ع ۾ تيار ٿيو. هن جا آخري صفحا غائب
آهن پر وچ ۾ هڪ جاءِ تي مثنوي ”رهبر نامه“ جي
خاتمي تي هڪ عبارت آهي. ان مان نسخي جي شروع ٿيڻ
يا ختم ٿيڻ جي خبر نه ٿي پوي، پر پوءِ به زماني جو
پتو پئجي وڃي ٿو. عبارت هي آهي:
”ختم شد رهبر نامه بتاريخ دوم سوم ماه رجب المرجب سنه- هه
بتاريخ 28 جنوري 1925ع از دست فقير رضا محمد شاهه
سنگ درگاه شاهه دراز مطلب ته هي نسخو رضا محمد
شاهه 28- جنوري 1925ع مطابق 3/2 رجب تي لکيو. هجري
سال درج ڪونهي. انجمن ترقي اردو پاڪستان جي ڇپرايل
تقويم هجري وي عيسوي (1952ع) موجب 28 جنوري 1925ع
تي 4 رجب 1343 هجري ۽ ڏينهن اربع جو هو.
هي نسخو بسم الله الرحمن الرحيم سان شروع ٿئي ٿو. بسم الله جي
هيٺان هو الله آهي. بعد ۾ ڪلام جي عنوان سان 316
فارسي غزل ۽ ٻه سرائڪي غزل آهن. ان بعد صفحي 153
کان 5 مستزاد آهن. پوءِ ٽي صفحا ”ساقي نامه“ لاءِ
آهن. وري صفحي 160 کان مثنوي ”تارنامه“ شروع ٿي،
صفحي، 167 تي ختم ٿئي ٿي. ان کان پوءِ مختلف صفحن
تي متفرقات ملن ٿا. صفحي 179کان صفحي 184 تائين
”دردنامه“ درج آهي. صفحي 191 کان صفحي 223 تائين
مثنوي ”رهبر نامه“ ڏنل آهي. وري صفحي 228 کان ٻيو
مختصر ديوان (ديوان خدائي) درج آهي، جنهن ۾ 30 غزل
آهن. آخر ۾ مثنوي ”رازنامه“ آهي جا صفحي 248 کان
شروع ٿئي ٿي. هي مثنوي 926 شعرن تي مشتمل آهي پر
هن نسخي ۾ صرف 192 شعر لکيا ويا آهن. نسخو صفحي
258 تي ختم ڪيو ويو ۽ ان ريت مثنوي ”رازنامه“
اڻپوري رهجي ويئي.
چار ڇپيل ۽ چار اڻ ڇپيل نسخا سامهون رکي سچل جو فارسي ڪليات
مرتب ڪري سچل چيئر جي حوالي ڪيو ويو ۽ اشاعت جو ڪم
هٿ ۾ کنيو پئي ويو ته چار نسخا (قلمي) ملي ويا، ان
ڪري ڇپائيءَ جو ڪم روڪيو ويو آهي. ٻه وڌيڪ نسخا به
ملڻ جي اميد آهي. مذڪوره چئن نسخن جو تعارف به هت
ڏجي ٿو. هي نسخا پروفيسر ڊاڪٽر نواز علي شوق،
ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ محمد علي حداد صاحب جو ڪوششن
سان هٿ آيا آهن. انهن مان ٻه نسخا مبارڪ اردو
لئبرري محمد آباد سنجرپور ضلع رحيم يار خان جي سيد
مبارڪ شاهه کان مليا ۽ ٻه نسخا ملتان جي ڊاڪٽر مهر
عبدالحق صاحب کان مليا آهن.
w ڪاتب واحد بخش فقير، سن 1312هه.
هن نسخو ڏهرڪي ضلعي سکر سنڌ جي حڪيم محمد بخش صاحب چغتائيءَ
جولاءِ 1966ع ۾ هن ڪتبخاني کي عطيه طور ڏنو هو.
فقير واحد بخش 27 ربيع الثاني 1312هه برابر 26-
ڊسمبر 1894ع تي ڪتابت پوري ڪئي خاتمو صفحي 188 تي
هن ريت ڏنل آهي:
”هذه، (کذا) الکتاب ديوان آشکار محبت آثار دلاويز اشعار محرم
اسرار نيکو ديدار وحدت وثار معرفت اطوار ازدست
واحد بخش فقير بتاريخ بيست (کذا) هفتم ماه ربيع
الثاني 1312 يوم يکشنبه بوقت نيم پاس (کذا) صورت
تحرير يافت-“
ان بعد هڪ رباعي ۽ ٽي بيت آهن ۽ پوءِ واري صفحي تي ٽي شعر ۽ هڪ
رباعي (قلندر بادشاهه جي) آهي. هي نسخو 189 فل
اسڪيپ صفحن تي مشتمل آهي. سرائڪي غزل سچل جا
ڪونهن. ٻيو سمورو ڪلام هن شاعر نامدار جو آهي. سچل
جي ڪلام جو خلاصو هن ريت آهي. 315 فارسي غزل، 5
مستزاد، 22 رباعيون ۽ 16 فرديات آهن ان کان علاوه
146 شعرن تي مشتمل مثنوي ”تارناما“ به آهي. وڌيڪ
هي ته صفحي 162 کان صفحي 188 تائين متفرقات آهن.
مثلاً دربيان ترک هستي، درباين دم، و دربيان
خاموشي وغيره.
w ڪاتب حافيظ الله، سن 1322هه.
هي نسخو سيد مبارڪ شاهه جي چاچي جو هو. سرورق تي هي عبارت درج
آهي: ”بعون صناع مکين ومکان و فضلا خلاق زمين
ديوان هذا من تصنيف عمده واصلين زبده السالکين
حضرت صاحب المسمٰي به ديوان آشکار در 1322 هجريه
قدسيه حسب فرمائش جناب پير دستگير ادام الله
تعاليٰ ظله در مطبع خام نويسان وقوعه سنده مطبوع
گرديد“-
هن عبارت مان ظاهر ٿئي ٿو ته هي نَسخو ڇپيل آهي، پر ائين ڪونهي.
ڏسجي ٿو ته نسخو طباعت لاءِ بلڪل تيار هو پر ڪنهن
سبب ڇپجي نه سگهيو. ڪاتب حافيظ الله 29 ربيع
الاول 1322هه (13 جون 1904ع، سومر جو ڏينهن) تي
پير دستگير حضرت محمد شاهه صاحب جي حڪم سان هي
نسخو مڪمل ڪيو. خاتمي وارو ترقيمو هن ريت آهي:
”ديوان قوت روح عاشقان المسمي به ديوان آشکارا تصنيف قدره
السالکين زبده الواصلين خازن دافن دفينه طريقت
حضرت سچو قدس الله سره حسب فرموده جناب پير دستگير
پير محمد شاهه صاحب جيلاني دام الله فيض هم يوم
الدين بتاريخ 29 ماهه الاول 1322 هجري القدس بروز
سه شنبه بوقت عصر بقلم احقرالعباد من عبادالله
حافظ حفيظ الله حال سکونت پذير بستي بهوريواله
مسکن ملک پنجاب فقط“،
هن ترقيمي کان اڳ 310 فارسي غزل ۽ ٻه اردو فارسي زده سرائڪي آهن
۽ ان کان پوءِ چار مستزاد، 21 رباعيون، 12 فرديات
۽ 926 شعرن تي مشتمل مثنوي ”راز نامه“ ڏنل آهي.
ڏنل آهن. ٻي مکيه چيز ٽيهه اکري آهي جيڪا سٺ شعرن
تي مشتمل ڏسجي ٿي. هي هن نسخي جي اهيمت آهي، ڇو ته
ڇپيل يا اڻ ڇپيل نسخن ۾ اها ڏسڻ ۾ نٿي اچي. صفحي
223 کان صفحي 226 تائين نثري ٽڪرو آهي، جنهن ۾
صوفيانه مسئلا بحث هيٺ آيا آهن. پڄاڻيءَ تي صفحي
227 کان صفحي. 230 تائين سرائڪي، سنڌي ۽ اردو
ڪافيون آهن. هي نسخو 230 صفحن تي آهي ۽ واحد مخطوط
آهي، جنهن ۾ ڪاتب صفحن جا نمبر وڌا آهن. عام طرح
قلمي نسخن تي صفحن جا نمبر نه ٿيندا آهن.
w ڪاتب نصير فقير، سن 1328هه.
هاڻي جن ٻن نسخن جو ذڪر ٿيندو اهي ملتان جي ڊاڪٽر مهر عبدالحق
جي ملڪيت آهن ۽ انهن جي فوٽو ڪاپي جناب الياس عشقي
صاحب جي معرفت سچل چيئر کي ملي.
هڪ جو مالڪ ۽ ڪاتب نصير فقير آهي. هي نسخو اڱاري 25- ذي الحج
1328هه تي سچل سرمست جي وفات کان 86 سال پوءِ ختم
ٿيو. انگريزي ڪئلينڊر موجب اهو ڏينهن اربع جو ۽ 28
ڊسمبر 1910ع جي تاريخ هئي ڪتابت جي جاءِ معلوم
ڪانهي. 306 غزل، پنج مستزاد، ۽ صفحي 143 کان 156
تائين متفرقات ڏنل آهن. صفحي 157 تي نور بخش
”اسيري“ جو غزل آهي. هي نسخو فل اسڪيپ جي 157 صفحن
تي مدار رکي ٿو.
w ڪاتب محمد عارف، سن ڏنل ڪونهي.
ڪتابت جو ماڳ ۽ تاريخ معلوم ڪانهي. هن نسخي جو ڪاتب محمد عارف
آهي، جنهن بابت به گهڻي معلومات ڪانهي. هن ۾ 6.7
غزل، 22 رباعيون ۽ 15 مفردات آهن. نسخي ۾ 145 شعرن
تي مشتمل مثنوي ”تار نامه“ به ڏنل آهي. متفرقات به
اٿس. مثلاً داستان ديگر، دربيان اعليٰ عزم وغيره
هي مخطوط فل اسڪيپ جي 148 صفحن تي پکڙيل آهي.
محمد نشان فاروقيءَ وارو نسخو سچل فقير جي وفات کان ٻه سال پوءِ
لکيو ويو، ان ڪري ٻين سڀني نسخن جي ڀيٽ ۾ ان کي
برتري حاصل آهي، حامي مرحوم جي لکت موجب محمد نشان
فاروقي پنهنجي دور جو وڏو عالم، اديب ۽ شاعر هو.
پاڻ ڪجهه ڪتابن جو مصنف به هو ۽ هن نسخي جي
تياريءَ ۾ پورو جتن ڪيو اٿس. ان ڪري سندس نسخي کي
هر لحاظ کان فوقيت حاصل آهي.
ٻيو نمبر معتبر نسخو پروفيسر ڊاڪٽر اياز قادريءَ وارو ڏسجي
ٿو. جملي ڪوتاهين جي باوجود به ڪاتب جي علمي وجاهت
۽ سچل سان روحاني ۽ خانداني تعلق جي ڪري هي نسخو
به وڏي اهميت رکي ٿو. اڃا به وڌيڪ ته هي نسخو سچل
سائينءَ جي اشاري تي وجود ۾ آيو.
ڪوٽڙي ڪبير وارو نسخو قادري صاحب وارو مخطوطي کان قديم ضرور
آهي، پر سائينءَ جي خليفي ۽ عام مريد ۾ جيڪو فرق
هجڻ کپي، اهو فرق هنن ٻنهي نسخن ۾ به ڏسجي ٿو.
ڪاتب گهٽ ڄاڻ رکندڙ شخص هو. باقي نسخا سچل جي وفات
کان ستر اسي سال پوءِ لکيا ويا. شاهه وارو نسخو
ته ان دور جو آهي، جڏهن ”ديوان آشکار“ لکنوءَ ۾
ڇپجي رهيو هو. ڪاتبن بابت پڻ احوال معلوم ڪونهي،
ان ڪري پهريون ۽ ٽيون نسخو وڌيڪ معتبر ڏسجن ٿا.
حوالا
(1) پروفيسر ڊاڪٽر عطا محمد حامي: ”نينهن جا نعرا“ ص 30، ڪراچي،
1983ع.
(2) رشيد لاشاري: ”سچل سرمست“ اردو، صه 88-89، سلطان حسين اينڊ
سنز، ڪراچي، 1966ع.
(3) ابوالنصر محمد خالد صاحب: ”تقويم هجري و عيسوي“ انجمن ترقي
اردو پاڪستان 1952ع.
(4) حميد آخوند (مرتب): ”ڪارروائي سچل نئشنل سيمينار 1982ع“،
سچل اڪيڊمي خيرپور، 1983ع، |