ڊاڪٽر سيد اسلم
سنڌيڪار: محمد قاسم سومرو
پير حسام الدين راشدي
رمز شناس شخصيت
مون کي اهو چڱيءَ طرح ياد ڪونهي ته سيد حسام الدين راشديءَ جو
نالو سڀ کان اول ڪڏهن ٻڌو هئم، پر جيئن نالو آهستي
آهستي ڪنن تي پيو، ٺيڪ ان وقت دل تي نالي جا نقش
به آهستي آهستي گھرا ٿيندا ويا. هاڻي جڏهن پنهنجي
يادگيريءَ تي زور ڏيان ٿو ته ماضيءَ جا واقعا هڪ
هڪ ٿي سامهون اچن ٿا ۽ ان طرح خبر پوي ٿي ته پير
حسام الدين راشدي جو نالو ڪنهن جي معرفت ٻڌو هئم.
شاهد احمد دهلوي پنهنجن خطن ۾ راشدي خاندان جو ذڪر
جنهن خلوص ۽ محبت سان ڪيو آهي، ان مان هن خاندان
جي اهل علم سان دلي لڳاءُ تي سٺي روشني پوي ٿي.
شاهد احمد دهلويءَ تي پير صاحب جو لکيل خاڪو پڙهيم
ته شاهد احمد سان گڏ پير صاحب جي پروقار ۽ پرڪشش
شخصيت جو اندازو به ٿيم. شاهد احمد تي هن کان وڌيڪ
خوبصورت، ڀرپور ۽ سهڻو جائزو اڃا تائين ڪنهن ٻئي
نه لکيو آهي. ان خاڪي پڙهڻ سان نه رڳو شاهد احمد
دهلويءَ جي شخصيت متعلق انس پيدا ٿيو، بلڪ خاڪه
نگار جي پرسوز ۽ رمز شناس شخصيت جو به اڻ مٽ نقش
دل تي قائم ٿي ويو. انهيءَ پوري خاڪي ۾ ورهاڱي کان
پوءِ نئين دنيا (پاڪستان) آباد ٿيڻ سان، هندوستان
جي ناميارن علمي مرڪزن جي تباهي ۽ مشهور علمي
ماڻهن جي اجڙڻ جي تقدير کي نهايت پرسوز انداز ۾
چٽيو ويو آهي. راشدي صاحب ”مقالات محمد شفيع“ تي
جيڪو پيش لفظ لکيو آهي، ان جي پڙهڻ سان سچ ته وڏي
ذهني آسودگي ملي ٿي. اهڙي تحرير اسان جي ادب مان
روز بروز ختم ٿيندي پئي وڃي. ان جو مکيه سبب هي
آهي ته پير صاحب کي فارسي ادب تي حيرت انگيز قدرت
حاصل هئي. فارسي ادبي لفظن ۽ شعرن کي استعمال ڪري،
پنهنجي تحرير ۾ ميٺاج پيدا ڪرڻ جو جيڪو ڍنگ راشدي
صاحب کي هو، اهو اڄوڪي زماني ۾ تمام گھٽ اديبن کي
نصيب آهي.
مون کي ان ڳالهه جي اعتراف ڪرڻ ۾ ڪو به عار محسوس نه ٿو ٿئي ته
مون پير صاحب کي گھڻو نه پڙهيو آهي. ليڪن جو ڪجھ
به پڙهيو اٿم، ان ذريعي سندس اعليٰ علمي ۽ ادبي
شخصيت سامهون اچي ٿي. جڏهن مختلف ماڻهن جي ذريعي
سان آءٌ پير صاحب کان واقف ٿيس ۽ ڪڏهن ڪڏهن کين
زيب النساء اسٽريٽ ۾، حميد ڪاشميريءَ جي دڪان جي
اڳيان چهل قدمي ڪندي ڏسندو هئس، تڏهن سندس شخصيت
کان پوري ريت آگاه ٿي ويس. ڊگھو ڪڻڪ رنگو جسم ۽
ڪاري عينڪ جي سونهن، واقعي هڪٻئي سان ٺهڪندڙ هئا.
کين ڏسڻ سان قديم تهذيب ۽ عرب تمدن جي هم آهنگي
محسوس ٿيندي هئي. سندس پسنديده لباس ميٽوڙي رنگ جي
شلوار قميص ۽ ان تي واسڪيٽ پهريل هوندي هئي. سندس
باوقار شخصيت هميشه متاثر ڪندڙ هئي. ڪڏهن ڪڏهن
رستي پنڌ ۾ آمهون سامهون دعا سلام ٿي ويندي هئي،
پر مصروف زندگيءَ سبب سندس مجلس ۾ وڃڻ جو موقعو نه
ملي سگھيو. مون کين ٽي. ويءَ تي ثقافت جي باري ۾
تقريري مباحثي دوران، عالمن ۽ اديبن توڙي سامعين
جي قطار ۾ ڏٺو هو. بحث جي دوران کيس آخري مغل دور
جي باري ۾ روايتن جي برعڪس گفتگو ڪندي ڏٺو ۽ ٻڌو
ويو. ابن انشاءَ جي چوڻ موجب پاڻ امير خسرو تي ٿيل
مذاڪري ۾ هن ”شاعر ڪبير“ کي ”غريب خسرو“ بنائي
ڇڏيائون. اهڙين ڳالهين ٻڌڻ جي باوجود به مون لاءِ
سندس محبوب شخصيت جي باري ۾ ڪو فرق نه آيو ۽ نه
وري سندس بي لاگ صاف سٿريون ڳالهيون ٻڌڻ سان طبيعت
تي ڪو بار محسوس ٿيو. بلڪ سچ ته هي آهي جو ساڻس
شناسائي پيدا ڪرڻ ۽ کيس سڃاڻڻ جي خواهش اڃا به وڌي
ويئي. پير صاحب کي جڏهن ٻيهر دل جي تڪليف محسوس ٿي
۽ پروفيسر مشتاق حسن جي معرفت منهنجي علاج هيٺ آيو
ته اسپتال جي مشغول زندگيءَ، سندس بيماري ۽ خود
منهنجي مصروفيت سبب، ساڻس تفصيلي ڪچهريءَ جو موقعو
به ملي نه سگھيو. منهنجي ساڻس ڳالهه ٻولهه صرف خير
و عافيت تائين محدود هوندي هئي. ان صورتحال جي
باوجود به هڪ معالج ۽ مريض جو جيڪو پاڻ ۾ گھرو
تعلق رهي ٿو، ان جي لذت جو اندازو هڪ درد مند
ڊاڪٽر ئي ڪري سگھي ٿو. سندس علمي قابليت ۽ سنجيده
طبيعت دل تي گھرو اثر ڇڏيو. طبيعت سڌرڻ بعد اسپتال
ڇڏي پير صاحب گھر پهتو ۽ شڪريي جو خط به لکيائين.
ان کان پوءِ جڏهن پير صاحب مون وٽ آيو ته بلڪل
سنجيدو ۽ خاموش طبيعت ڏسبو هو. ليڪن علم سان علم
جو جيڪو گھرو تعلق آهي، ان جو اثر مون تي به نقش
ٿي ويو. منهنجي ڪتاب ”قلب“ تي سندس تعجب ۽ مسرت جو
اظهار اڃا تائين مون کي ياد آهي. کيس ان ڳالهه تي
حيرت هئي ته اهو سڄو ڪتاب انگريزي اکرن جي استعمال
کان سواءِ ڪيئن لکيو ويو آهي. پير صاحب منهنجا
مضمون وڏي دلچسپيءَ ۽ شوق سان پڙهيا، جا ڳالهه مون
لاءِ فخر جو باعث آهي.
پير صاحب جڏهن علاج لاءِ لنڊن وڃڻ وارو هو ته مون وٽ طبي چڪاس
لاءِ آيو هو. ان زماني ۾ منهنجي ”قلب“ نالي ڪتاب
جي رونمائيءَ واري تقريب ٿيڻ واري هئي. جيئن ته هن
ڪتاب ۾ سندس گھڻي دلچسپي هئي، ان ڪري منهنجي پڻ
اها ڀرپور خواهش هئي ته ان ۾ شريڪ ٿين. ليڪن افسوس
ته هڪ دوست هٿان موڪليل ڪارڊ کين ملي نه سگھيو ۽
ائين ڪتاب پيش ڪرڻ کان محروم رهجي ويس. ان وچ ۾
پاڻ علاج لاءِ لنڊن وڃي چڪا هئا. اميد هئي ته يورپ
مان علاج ڪرائي پاڻ صحتياب ٿي موٽندو ليڪن ارمان
جو ائين نه ٿيو ۽ موٽيو ته طبيعت ويتر خراب ٿي چڪي
هئي. هڪ ڏينهن شام جو پروفيسر ذڪي حسن مون کي سندس
معائنو ڪرڻ جو حڪم ڪيو. ڪجھ دير کان پوءِ پاڻ ئي
وٺڻ آيو. راشدي صاحب کي ڏسڻ لاءِ جڏهن سندن گھر
پهتس ته کيس ڏسي مون کي دلي صدمو پهتو. پاڻ تمام
گھڻو ڪمزور
ٿي ويو هو ۽ سندس سمورو جسم بجليءَ جي جھٽڪن سبب سڙي ويو هو.
مٿي جا وار ڇڻي چڪا هئا. کاڌو خوراڪ ختم ٿي چڪو هو
۽ اٿڻ ويهڻ به مشڪل هو. ان ۾ ڪو به شڪ نه هو ته
سندن زندگيءَ جو ماڻ ڀرجي آيو هو ۽ پاڻ به هن دنيا
مان اداس ٿي چڪو هو. ان وقت سندس وڏو ڀاءُ پير علي
محمد راشدي به ڀرسان ويٺو هو. طئي ٿيو ته کيس
اسپتال داخل ڪري آخري ڪوشش ڪري ڏسجي، ليڪن خدا کي
ڪجھ ٻيو منظور هو. اسپتال ۾ هر ممڪن ۽ بهتر کان
بهتر طبي امداد پهچائي ويئي. پروفيسر مشتاق حسن ۽
پروفيسر سيد شوڪت علي سان مستقل مشورا ڪيا ويا، پر
سندس حالت سڌرڻ بجاءِ ويتر بگڙندي ويئي. آخرڪار
نيم بيهوشيءَ واري حالت پيدا ٿي. سڏ ڪبو هو ته
اکيون کولي ڏسندا هئا پر انهن مان اجنبيت ۽
حيرانگي بکندي هئي. ٿوري دير تائين سڃاڻڻ جي ڪوشش
ڪندو هو ۽ جلدي اکين ۾ اجنبيت بجاءِ سڃاڻپ واري
حالت ايندي هئي. سڃاڻپ شرط سندن سمورو چهرو خوشي ۽
مسڪراهٽ سان ٻهڪڻ لڳندو هو. ائين محسوس ٿيندو هو
ڄڻ ويراني ۾ بهار اچي وئي آهي. اها ڳالهه اڄ به
مون لاءِ حيرت جو باعث آهي ته ان وقت سندس چپن تي
مسڪراهٽ ڪيئن ايندي هئي ۽ اها پر جوش مرڪ آخر
تائين برقرار
هئي.
وفات کان هڪ ڏينهن اڳ جڏهن کين ساهه کڻڻ ۾ سخت تڪليف ٿي رهي
هئي، تڏهن طبيعت پڇڻ تي صرف ايترو چيائون ته ٺيڪ
آهيان ۽ ڪنهن به قسم جي شڪايت ڪانهي. مون کي
موجوده معاشري ۾ سندن برداشت جي قوت ۽ استقامت تي
حيرت رهي. اسان جي ملڪ کان ٻاهر انگلينڊ وغيره ۾
ته اها روايت آهي ته مرڻ وارو شخص به اهو چوندو
آهي ته ٺيڪ آهيان ۽ انهيءَ کان به وڌيڪ بهتر ٿيڻ
گھران ٿو. ليڪن هن ملڪ ۾ مون کي راشدي صاحب جھڙا
ماڻهو تمام گھٽ سجھن، جن بيماري ۽ تڪليف جي حالت ۾
ائين چيو هجي ته مان هاڻ بهتر آهيان.
جنهن ڏينهن وفات ڪيائون، صبح جو مون کانئن پڇيو ته پير صاحب
ڪهڙو حال آهي، تڏهن ايترو چيائون ته ”هاڻي ٿڪجي
پيو آهيان“ ان وقت علامه رشيد ترابيءَ جو هي شعر
زبان تي تري آين.
ائڍ رسم حيات تهک گياهون
اب کتنه نفس کا فاصله هڍ |