انور ”فگار“ هَڪڙو
”سنڌو“- آڳاٽو مشهور ادبي رسالو
(هڪ تعارف)
سال 1932ع جي شروعات ۾ جديد سنڌي ادب جي ترقيءَ لاءِ هڪ تحريڪ
هلي. هن ادبي تحريڪ جي ابتدا هڪ علم دوست مسٽر
بولچند وسومل راجپال جي طرف کان هڪ ٿي. جيتوڻيڪ هن
تحريڪ جا محرڪ سمورا هندو اديب هئا، مگر بعد ۾
مسلمان اديب به هن ۾ شامل ٿي ويا. مسٽر بولچند
راجپال ميان جي ڳوٺ تعلقي شڪارپور جو رهندڙ هو ۽
زميندار طبقي سان تعلق رکندڙ هو. جيئن ته هو ڪافي
دولتمند ۽ علم ادب سان دلچسپي رکندڙ هو، ان ڪري هي
شوق کيس ادبي دنيا ۾ وٺي آيو. هن پنهنجي دولت جو
وڏو حصو ادبي خدمت جي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. هن
”ماڊرن رويو“ ۽ ”چاند“ هندي رسالي جي طرز تي
سنڌيءَ ۾ هڪ وڏو حصو ادبي مصور رسالي شايع ڪرڻ جو
پختو ارادو ڪيو. هن نيڪ ڪم کي عملي جامو پهرائڻ ۾
هن جي چند دوستن همت افزائي ڪئي ۽ آخرڪار ”سنڌو“
جي نالي سان هڪ ماهوار رسالو شڪارپور مان شايع ٿيو
(1)، جنهن سنڌي ٻوليءَ جي علم ادب کي ترقي وٺرائڻ
۽ ان کي نوان موڙ ڏيڻ ۾ تمام وڏو ۽ بنيادي ڪردار
ادا ڪيو. ورهاڱي کان اڳ هي واحد سنڌي معياري ادبي
رسالو هو، جو سنڌ جي سمورن اديبن جي لکڻين سان
سينگارجي منظر عام تي ايندو هو.
ماهوار رسالي ”سنڌو“ جو اسي صفحن تي مشتمل پهريون پرچو، ميگزين
سائيز ۾ پهرين جنوري 1932ع تي مسٽر بولچند وسومل
راجپال جي ادارت ۾ ”شيام سندر پرنٽنگ پريس
شڪارپور“ مان ڇپجي، ”سنڌو آفيس“ شڪارپور مان پڌرو
ٿيو هو. پهرين پرچي ۾ مسٽر بولچند وسومل مهتممي
نوٽ ۾ هن طرح پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو هو:
”سنڀرندي سال ٿيا. پي پور پچايم ته ڪو وڏي پيماني تي رسالو
ڪڍان. چوندو هوس ته هجي سنڌيءَ ۾ ۽ منجهس ڪٺي به
هر جنس اچي ٿئي. هندو خواه مسلمان، پرش خواه ناري،
شهري خواه راهڻي، زميندار خواه ڪمدار ۽ زيردست
خواه علمدار جي خيالن کي هڪ ڳٽڪي ۾ ڪٺو ڪري
سنڌڙيءَ جي شيوا ۾ لڳائڻ جا پيو خواب لهندو هوس.
مخزن سان شوق اصل کان اٿم. انگريزيءَ ۾ ”ماڊرن
رويو“، هنديءَ ۾ ”چاند“، ”سرسوتي“ ۽ ”ماڌري“ ۽
اڙدو ۾. ”همايون“، ”ادبي دنيا“ وغيره رسالا بنا
رخني جي پيو پڙهندو هوس ۽ اڃا تائين پڙهندو اچان.
هر ڪنهن پرانت کي زور ڏسي پنهنجي سنڌڙيءَ جي حالت
جي اندر ۾ گهاءُ اچي ويندو هو ۽ چوندو هوس ته سنڌ
جي ستارن کي چمڪڻ جي وجهه ڏيڻ لاءِ ڪو ڪارائتو
رسالو مڙيوئي ڪڍندس اڄ اهو سدورو ڏينهن اچي ويو
آهي، جڏهن پنهنجي مراد برصواب ڏسي اندر وارو پيو
ڦولهارجي ۽ شاد ٿئي. وري جو سڀ ڪنهن سڄڻ دلاسا ۽
آٿت ڏنا آهن ته هر وقت همراهي ڪندا، تنهن ته
منهنجي اتساه کي ٻيڻو ڪيو آهي. ساڌو واسواڻي ته ور
ور ڪري چيو ته ايها. مخزن ”سنڌو“ منهنجي آهي ۽ نه
تنهنجي. برادرم منوهرداس لڏ ته ٿو ڏئي پر لڏائي
به، تنهن سان شامل اٿس. ڊاڪٽر گربخشاڻي پارن ته نه
فقط مدد جو انجام ڪيو آهي، پر ائين به چوڻ ڪيو آهي
ته بنا چندي جي مخزن قبول نه ڪبي، پر پئسا ڏيئي
پڙهبي. انهن سڀني ۽ ٻين ڪيترن بزرگن، هڪ جيڏن ۽
پاڻان ننڍن جي همٿائڻ تي حوصلو رکي هيءُ مهتممي
قلم هٿ ۾ کنيو اٿم. هي ڪچي لڱين ڪومل بدن ”سنڌو“
اڄ جنم وٺي سنڌ جي شيوا ۾ پاڻ ارپي ٿو.“ (2)
سنڌوءَ جي اشاعت تي سنڌ جي پڙهيل لکيل طبقي جو ڀرپور خير مقدم
ڪيو ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ ان کي غير معمولي مقبوليت
حاصل ٿي. آهستي آهستي هيءُ علمي مخزن سنڌي ادب تي
ڇائنجي ويئي. (3). سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان سمپادڪ
ڏانهن مڃتا پتر ۽ آفرين ناما پهچڻ لڳا. مختلف
اخبارن ان تي سمالوچنا ڪئي، هن هيٺ اهڙا رايا
مختصر طور پيش ڪجن ٿا.
”سنڌو“ سنڌيءَ جي شائقن جون بيشڪ سڪون لاهيندي. آءٌ به اهڙي
مخزن لاءِ اکيون پايو ويٺو هوس ۽ اڄ ”سنڌو“ ڏسي مس
دل ڍائي اٿم، شال سنڌو کي وڏي حياتي نصيب ٿئي.،
(شيوڪ موٽواڻي) ”سنڌو آبزرور“ لکيو ته:
“The first January number of Sindhu received by
us a few days back gives promise of supplying a
long- felt want of decent magazine in Sindhi,
which will be the medium for focusing the
fugitive thoughts of good writers in sindhi. The
number is illustrated and the fronts piece is in
bright colour. The magazine deserves a wide
circulation.”
مرزا نادر بيگ لکيو:
“I must congratulate upon sindh’s get up and
matter. It is just the kind of thing, which l
felt was wanted for a very long time.
”فرنٽيئر گزيٽ“ لکي ٿي:
”سنڌو مخزن جو رنگ ڍنگ نرالو، ليکڪ لذيذ ۽ ٻولي سپڪ ۽ سوادي. هر
هڪ سنڌ واسي هندو مسلم لاءِ عام طرح ڪرائتي آهي.“
”سندر ساهتي“ لکي ٿي:
”سنڌو شاندار ماهياني مخزن نڪرندڙ آهي. ملڪي ۽ سماجڪ مسئلن،
صحت، وديا ۽ ٻين هنرن تي عمدا مضمون اٿس. سنڌ
واسين کي سنڌو جو قدر ڪرڻ گهرجي، ائين نه ٿئي جو
هي منوهر مکڙي قدردانيءَ جي هير بنا ڪومائجي
وڃي.“(4)
سنڌو جي سندر اشاعت سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ واسي ڇڏي. ٿوري عرصي اندر
رسالو هر گهر ۽ لئبرري ۽ هر پڙهيل ڪڙهيل پرش ۽
ناري جي هٿن تائين پهتو. هرڪو ان کي ساهه سان
سانڍيندو رهيو ۽ هر ايندڙ اشاعت جو اوسئيڙو ڪندو
رهيو. هڪ سال جي اندر سنڌ ۾ سنڌو جي وڏي شهرت ٿي
ويئي. هڪ سال گذرڻ تي ڪوي ڪشنچند بيوس ”سنڌو“ کي
هيئن ساراهيو:
تنهنجي هڪ سال ۾ جا صورت تصوير بڻي،
سا نزاڪت ۽ نظاري جي نگاهن ۾ وڻي.
پنهنجي کيتيءَ جو تو چانڊاڻ ۾ گوهر پوکيا.
آهه سنڌو جي سخا خاص به کٽين سان گهڻي.
تو تصاوير رنگين ساڻ چٽو پاڻ چٽيو
سون منڊيءَ ۾ جڙي آه ڇا هيري جي ڪڻي!
تنهنجي مضمون جو هر رنگ طراوت سان ٽمي،
لال رخسار تان خوبين جو پوي خون ڇڻي!
جان تنهنجي مان نوان جوهر ٿيا جلوه نما،
تنهنجي مستڪ تان بکي ماه منور جان مڻي.
آهه سنڌو جي مثل تنهنجي درياه دلي؛
پنهنجي مقدار ۾ نقصان جي ڳڻ تو نه ڳڻي.
تواتر سنڌ ۾ هاست جو ڪيو مان مٿي.
جا اتر سنڌ، ڏکڻ سنڌ جي پيرن جي پڻي.
جن گهڻي توتي شروع ٿي ڪئي خنده زني،
تن جي دل ۾ به ڪييءِ نيٺ وڃي هنڌ هڻي.
تنهنجي ڪشتي تي ڪري باد مخالف نه اثر،
سخت طوفان ۾ جهري شال نه اولي جي اڻي.
ڪئن سندءِ زلف پريشان اي بيوس ٿيندو.
آهه هٿ ڪامل مشاط جـي ڦيرڻ لئه ڦڻي. (5)
ايڊيٽر: بولچند وسومل راجپال
چندو چار روپيه قيمت: ڇهه آنا
”سنڌو“ رسالو سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي واڌاري لاءِ
هڪ منظم تحريڪ ٿي اڀريو. ان جو ايڊيٽر مسٽر راجپال
هڪ پڙهيل ڪڙهيل ماڻهو هو. هن نه رڳو سنڌي ادب جي
مطالعي تائين پاڻ کي محدود رکيو، پر اردو هندي ۽
انگريزي کان سواءِ مرهٽي ۽ گجراتي ادب جو به گهرو
مطالعو ڪيو هو. هو ”سنڌو“ کي پنهنجي ڪمائيءَ جو
ذريعو بنائڻ بدران ٻوليءَ جو شيواڌاري بڻائي شايع
ڪندو هو. مسٽر بولچند راجپال ”سنڌوءَ“ جي اشاعت
سان گڏ ”اداره سنڌو“ پاران ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ
جيڪي ڪارائتا ڪم ڪيا، سي اتهاس ۾ امر رهندا. جنوري
1932ع ۾ سنڌو جو پهريون پرچو پڌرو ٿيو ته آڪٽوبر
مهيني ۾ هن شڪارپور ۾”پهرين سنڌي ساهت سميلن“
سڏائڻ جو سڏ ڏنو. پنهنجي انهيءَ سپني کي ساڀياوان
بنائڻ لاءِ هو سنڌ جي سڀني اديبن، شاعرن ۽ دانشورن
سان رابطو قائم ڪندو رهيو ۽ کين سهڪار لاءِ وينتي
ڪندو رهيو. سندس ڪوششن آخر رنگ لاتو ۽ ”پهرئين
سنڌي ساهت سميلن“ جي تاريخ مقرر ڪئي ويئي. تاريخ
مقرر ٿيڻ تي هن ”سنڌو“ جي فيبروري 1933ع جي انڪ جي
مهتممي نوٽ ۾ لکيو:
”اسين گذريل آڪٽوبر (1932ع) کان ڏسندا آيا آهيون ته سنڌ ۾ ”سنڌي
ساهت سميلن“ ٿيڻ کپي. هندستان جو ٻيون ٻوليون
سنڌيءَ کان گهڻيون نڪري ويون آهن ۽ جنهن رفتار سان
انهن ٻولين جي انتي ٿيندي رهي ٿي، سا نيٺ کين ڪنهن
ڏينهن اوج تي آڻيندي ۽ سندن ڳڻ دنيا جي مکيه ٻولين
۾ ڪئي ويندي.
”اسان جي راين جي سنڌ جي ڪيترن ودوانن پٺڀرائي ڪئي. اسان پنهنجي
دوستن پروفيسر شيوارام ڦيرواڻي. آغا غلام نبي
”صوفي“، ڊاڪٽر ليلارام ڦيرواڻي ۽ پروفيسر تاراچند
گاجرا وغيره سان ڪانفرنس جي ڳالهه چوري، جي صاحب
پڻ ان ڳالهه ۾ متفق راءِ ٿيا ته ڪانفرنس شڪارپور ۾
ڪوٺائجي. هينئر اسان کي ظاهر ڪندي ڏاڍي خوشي ٿئي
ته شڪارپور ۾ سنڌ ساهت جو پهريون ميڙ 15- 16 اپريل
1933ع تي ڊاڪٽر گربخشاڻي جي زير صدارت ٿيندو، جنهن
موقعي تي ساري سنڌ جا ودوان جي اچي ڪٺا ٿيندا.
مکيه سوال ڪانفرنس اڳيان هي ايندو ته ”سنڌي ساهت
سڀا“ کي پڪي پايي تي بيهارجي ۽ ان جي انتظام
باتربيت رٿجي. سنڌي ساهت سڀا جو جوڙجڪ اهڙي رٿڻ
کپي جيئن اها بوجو نه ٿئي، بلڪ پنهنجو خرچ پاڻ
لاهي. هڪ مرڪزي لئبرري ٺهڻ کپي، جنهن ۾ سنڌي ۾ سڀ
ڇپيل ڪتاب جمع رهن. ”سستو ساهت منڊل“ برپا ٿيڻ
کپي، جيئن اجمير ۾ هندي ڪتابن جو آهي. ان مان اهو
فائدو رسندو جو هر هڪ سنڌ واسي کي دنيا جا سٺا
ڪتاب سستا پهچائي سگهبا. اهڙيون ڪاميٽيون ٺهڻ کپن
جو سڄو سال هيٺين ڳالهين جي کوجنا ڪنديون رهن ۽
جڏهن ٻي ڪانفرنس ٿئي، تڏهن ڪيل ڪم جو تفصيل پيش
ڪن.
1. سنڌي ٻولي جي تاريخ جي کوجنا.
2. سنڌي ٻولي
3. سنڌ جي تاريخ جي کوجنا
4. وگياني لفظن جي لغت ڪاميٽي.
اهي ٿوريون ڳالهيون آهن، جن تي ڪانفرنس کي ويچار ڪري ڪو عملي
پروگرام رٿڻ کپي. اميد ته سنڌ جا ودوان ۽ عالم
جڏهن ڪانفرنس ۾ اچن، تڏهن انهن ۽ ٻين ڳالهين تي
ويچار ڪري اچن.“ (6)
”سنڌي ساهت سميلن“ کي بهترين نموني ڪامياب بنائڻ لاءِ سلڇڻو
سمپادڪ بولچند راجپال سنڌي دانشور وٽ ويندو رهندو
هو ۽ کانئن مفيد مشورا حاصل ڪندو رهندو هو. ان
دوران هو ”سنڌو“ جي هر پرچي ۾ ”سنڌي ساهت سميلن“
جي باري ۾ ڪجهه نه ڪجهه ضرور لکندو هو. مارچ
1933ع جي پرچي ۾ لکيائين ته ”اڄ اسان جي لاءِ
سوني جو سورج اڀريو آهي، جو سالن جا سپنا سچو روپ
وٺي، سيني اندر سانڍيل سڪون پيا لاهين. ٿورن مهينن
جي ڳالهه آهي، جو ”سنڌو“ ”ساهت سميلن“ جو سر
آلاپيو. آواز پکڙيو ۽ اعتبار ئي نه ڪرڻ جيتري ٿوري
عرصي اندر سمورو مانڊاڻ منڊجي ويو. اسان سنڌو جي
پاران ۽ شهر شڪارپور جي طرفان سڀني مهمانن جي
آجيان ٿا ڪريون، نماڻي سنڌ جا نونهال، ڀلي آيا،
جيءُ آيا ۽ نچ آيا.“ (7)
سنڌي ساهت سميلن جون تياريون زور شور سان ٿيڻ لڳيون. شڪارپور
کان علاوه ٻاهريان ليکڪ به ان اوسيئڙي ۾ هئا ته
ڏسجي ڪير ڪير ٿو هن پهرين ”سنڌي ساهت سميلن“ ۾ اچي
شريڪ ٿئي؟ سنڌو کان علاوه ٻيون ڪيتريون ئي اخبارون
هن سميلن جون خبرون شايع ڪنديون رهيون، جنهن ڪري
سيملن جي غير معمولي شهرت ٿيندي رهي. ان ڪري هر هڪ
ادب سان انسيت رکندڙ جي دل ۾ اها چاهت جاڳي ته
”ساهت سميلن“ ۾ شرڪت ڪجي. ڪي اخبارون اجائي مخالفت
به ڪنديون رهيون، جن ”ساهت سميلن“ جي منتظمين کي
هڪ طرف صدمو رسايو ٿي ته ٻئي طرف وڌيڪ ڪم ڪرڻ لاءِ
اتساهيو. آخر مقرر ٿيل پروگرام جو وقت اچي ويو ۽
15 اپريل 1933ع تي ”پهرين سنڌي ساهت سميلن“
شڪارپور ۾ مسٽر ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي جي صدارت ۾
ٿي. پروگرام موجب ”ساهت سميلن“ جي صدارت نامياري
اديب ۽ محقق ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي صاحب کي
ڪرڻي هئي، مگر اوچتو پنهنجي پٽ جي ناچاڪيءَ سبب
بمبئيءَ ويل هو.
ان شايان شان ” پهرين سنڌي ساهت سميلن“ جو احوال مسٽر بولچند
راجپال هن طرح لکيو آهي: ڪيترن ڏينهن کان سنڌ جي
وايو منڊل ۾ سنڌي ساهت سميلن جا ڪڪر گجگوڙ ڪندا ٿي
رهيا. نيٺ گجي گجي گذريل ايسٽر جي ڏينهن ۾ اُڀ
ڦاٽو. اميدن کان وڌيڪ برسات پيئي. جي سميلن ۾ حاضر
هئا، تن دل تي پياس ٻجهائي. ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته
سميلن ڏاڍو ڪاميابيءَ سان ختم ٿيو. ان لاءِ اسان
شڪاپور نواسين کي خاص طرح ۽ سڄي سنڌ جي هندو مسلم
جنتا کي عام طرح مبارڪون ٿا ڏيون.
”هيٺين صاحبن کي اسان مبارڪون ٿا ڏيون ڇاڪاڻ ته ڪانفرنس کي
سوڀاري ڪرڻ ۾ سندن وڏو هٿ هو: مسٽر آغا غلام نبي
صوفي، ديوان ٺاڪرداس ناگراڻي، پروفيسر تاراچند
گاجرا، شيوارم لالا، مسٽر محمد حنيف صديقي، مسٽر
گوبند رام ناٿاڻي، مسٽر ڀوڄراج ناگراڻي، پروفيسر
شيوارا، ڦيرواڻي ۽ ماستر چترومل گوڪلاڻي. ڪانفرنس
۾ جي ٺهراءَ پاس ٿيا، سي مختصراً هيٺ ڏجن ٿا:
1- هن ڪانفرنس جو ٺهراءُ آهي ته ڪانفرنس جي ڪم ڪار ۽ عام طرح
سنڌي ساهت جي ڪم ڪار هلائڻ لاءِ هڪڙي دائمي سڀا
پڪيءَ طرح شڪارپور ۾ برپا ڪجي، جنهن جو نالو
ٿيندو”سنڌي ساهت سڀا“ ۽ جنهن جو مقصد ٿيندو سنڌي
ساهت جو واڌارو.
2. مئٽرڪ کان وٺي باقائدي ايف- اي، انٽر آرٽس ۽ ايم- انٽر آرٽس
۽ ايم- اي تائين سنڌي پاڙهي وڃي.
3- انگريزي ڪتابن وانگر نظم جون ڪتابڙيون نثر کان الڳ رکيون
وڃن. جن ۾ درج ڪيل نظم شاگردن جي درجي موافق هئڻ
گهرجي.
4- جنهن صورت ۾ سنڌي ٻولي جي چالو صورتخطيءَ ۾ ڪيتريون
بيقاعدگيون رهجي ويون آهن، جن ۾ ڦير ڦار آڻڻ جي
ضرورت آهي، تنهن صورت ۾ ٺهراءُ ٿو ڪجي ته هيٺين
صاحبن جي ڪاميٽي مقرر ٿئي. انهيءَ مراد سان اهي
صاحب ويچار ڪري صورتخطيءَ ۾ جوڳيون درستيون ۽
ضروري ڦيرڦار ڏسين ۽ عمل ۾ آڻڻ لاءِ اُپاءُ
ٻڌائين. 1. مسٽر ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي 2.
مسٽرلالچند امر ڏنو جڳتياڻي. 3. مسٽر آغا غلام نبي
صوفي، 4. ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي .5. ڊاڪٽر
عمر بن محمد دائود پوٽو.
5. شاهه ڀٽائي جي رسالي ۾ ڪم آندل لفظ درسي ڪتابن ۾ شامل ڪرڻ،
جيئن ٻوليءَ جي ذخيرو وڌيڪ نظر اچي.
6- سنڌ ۾ ڇپيل ڪتابن جي مڪمل لسٽ تيار ڪرڻ.
7- جتي جتي سنڌي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي، اتي اسڪولن ۽ ڪاليجن قائم
ڪرڻ جو بندوبست ڪيو وڃي.
8- ناٽڪ منڊلين کي عرض ٿو ڪجي ته اهي سنڌي ناٽڪ ڪن ۽ بچيل خرچ
مان سنڌي ڪتاب ڇپائين. تاريخ 17 اپريل 1933ع تي
ڪاروباري ڪاميٽي جي گڏجاڻي ٿي. (8)
شڪارپور ۾ سنڌ ۾ ٿيل هن پهرين ”سنڌي ساهت سميلن“ لاءِ مسٽر
بولچند راجپال جون ڪيل بي لوث خدمتون تاريخ ۾ ڪڏهن
به فراموش ٿي نه ٿيون سگهن، سنڌي ساهت سميلن جي
اعلان کان اڳ ”سنڌو“ شيام سندر پرنٽنگ پريس لکي در
شڪاپور مان ڇپجي پڌرو ٿيندو هو. بعد ۾ مسٽر بولچند
راجپال سُڪ پُل روڊ (شڪارپور) تي پنهنجي ”راجپال
پرنٽنگ پريس“ قائم ڪئي. سنڌو آفيس“ ۽ راجپال
پرنٽنگ پريس سُڪ پُل روڊ تان منتقل ڪري لکيدر جي
اوڀر ۾ پراڻي فوجداريءَ جي سامهون سيٺ نارائن
سنگهه بجاج جي جاءِ ۾ آندي ويئي، پنهنجي پريس ۽
ڪاروبار هئڻ ڪري راجپال صاحب ڪتابن جي اشاعت لاءِ
”سنڌو ساهتيه منڊل“ جي نالي سان هڪ اشاعتي ادارو
برپا ڪيو، جنهن جي پاران هو ڪتاب پڻ شايع ڪندو
رهيو. شروع ۾ مسٽر شيورام ڀاڳچند لالا جو هڪ ڪتاب
ٽالسٽاءِ جون اخلاقي ڪهاڻيون شايع ڪيون ويون، جنهن
۾ ٽالسٽاءِ جون رڳو اٺ آکاڻيون شامل ڪيون ويون
هيون جلد ئي ”ٽالسٽاءِ جو جيون چرتر ۽ آکاڻيون“
نالي ٻيو ڪتاب پڻ پڌرو ڪيو ويو، جو به شيوارام
لالا جو هو.
ماهوار رسالي ”سنڌو“ جي ٻن رسالن جي اشاعت کان پوءِ ٽئين سال جي
پهرين پرچي (جنوري 1934ع) ۾ سمپادڪ پنهنجي مالي
گهوٽالي جو ذڪر ڪندي لکيو ته: ”سنڌو“ جي مالي حالت
لاءِ لکڻ کان اسان گهڻو ڪري پئي نٽايو آهي. ”سنڌو“
جي بيهڪ، ڇپائي، پنو، ترنگيون مورتيون ۽ انيڪ بلاڪ
وغيره خرچ جو جنسي فوٽو آهن. سچ ته ائين آهي ته
سنگتين جي چوڻ موجب اسان گهر ڦوڪي ڏياري پئي ڪيو
آهي. پنجويهه مهينا سانده بنا ڪُرڪڻَ ڪيٺائڻ جي
اڪيلي سر نقصان کي منهن پئي ڏنو آهي. پر وقت آيو
آهي، جڏهن سنڌي جنتا قدم اڳڀرو کڻي، رسالي جي مالي
تنگي دور ڪري، اسان گذريل ٻن سالن اندر قريبن ٽي
هزار انهيءَ آهوتي ۾ وڌا آهن.“ (9)
مارچ 1935ع کان ”سنڌو“ رسالو نامياري مفڪر ۽ تعليمي ماهر
پروفيسر شيوارام ڦيرواڻيءَ جي ڪوششن سان سنڌ جي
اسڪولن لاءِ منظور ڪيو ويو. جنهن ڪري هر هڪ اسڪول
۾ سنڌو باقاعده پهچڻ لڳو.
تعليم کاتي جي اهڙي سهڪار سنڌو ۾ ڄڻ ساهه وجهي ڇڏيو ۽ سنڌو اڳي
کان اڳرو ٿي پيو ان ڪري سنڌو جي هر هڪ اشاعت جي
ٽائٽل ڪور تي ”تعليم کاتي جي منظور ڪيل سنڌي ۽
انگريزي اسڪولن ۽ ڪاليجن لاءِ“ جا لفظ ڇپيل هوندا
هئا.
آڪٽوبر 1935ع تائين ”سنڌو“ شڪارپور مان شايع ٿيندو رهيو ۽ پوءِ
ان کي ”ميان جي ڳوٺ“ (تعلقي شڪارپور) منتقل ڪيو
ويو. آڪٽوبر 1935ع جي پرچي جو مهتممي نوٽ ئي
”شڪارپور سان الوداع“ جي سري هيٺ لکيو ويو هو:
”چار سال ٿيا ته ”سنڌو“ ڪڍڻ جي ارادي سان شڪارپور ۾ پير پاتم.
نه مال ملڪيت، نه سنگتي نه ساٿي هوندي به شڪارپور
۾ آيس، سو قسمت جو کيل سمجهڻ گهرجي. انهن چئن سال
اندر شڪارپور نواسين، جنهن سڪ ۽ پريم سان ورتاءُ
ڪيو، سو وسرڻ جو نه آهي. جيسين زندگي آهي، تيسين
سندن اها مهرباني نه وسرندي. انسان حالتن جي هٿ وس
آهي. هن وقت ملڪي حالتن ۾ ڦيري اچڻ سبب ائين ڏسڻ ۾
اچي ته شڪارپور ڇڏڻ ۾ ئي فائدو آهي. ڪيتري قدر
پنهنجو خيال صحيح آهي، سو ايندڙ وقت ئي ثابت ڪندو.
شڪارپور ڇڏي وڃڻ جي ارادي ڪرڻ ڪري، ڪيترن سڄڻن کي
دک ٿيو آهي. 15 آڪٽوبر 1935ع ڌاري پريس شڪارپور
مان کڄي ”ميان جي ڳوٺ“ تعلقي شڪارپور ۾ ويندي،
جتان ئي آئينده سنڌو مخزن نڪرندي رهندي.“ (1)
”سنڌو رسالي جي سندر اشاعت ۽ بي مثالي ادبي خدمتن جي اعتراف ۾
ڪراچي ۾ ڪوٺايل جون 1936ع واري ”ساهتيه ڪانفرنس“ ۾
”سنڌو“ جي سمپادڪ بولچند راجپال کي شاباس ۽
مبارڪون ڏنيون ويون. اها ساهتيه ڪانفرنس مسٽر محمد
صديق ميمڻ جي صدارت ۾ ٿي هئي.”سنڌو“ مئي 1939ع
تائين ڪل ٽي سال ۽ ست مهينا ميان جي ڳوٺ مان شايع
ٿيڻ کان پوءِ جيڪب آباد منتقل ڪيو ويو. جيڪب آباد
۾ ”راجپال پرنٽنگ پريس“ جو نالو مَٽائي ”ڀارت
پرنٽنگ پريس“ رکيو ويو. جيڪب آباد منتقليءَ سبب
”سنڌو جي اشاعت ۾ ڪجهه ڏينهن جو وقفو پئجي ويو،
جنهن ڪري جون، جولاءِ ۽ آگسٽ 1939ع جو گڏيل پرچو
نڪتو. ٽن مهينن جو گڏيل اهو پرچو، جيڪب آباد مان
شايع ٿيل سنڌو جو پهريون پرچو هو. ميان جي ڳوٺ
کان جيڪب آباد منتقليءَ جو سبب ڄاڻائيندي بولچند
راجپال لکيو هو ته ”سخت گهرو مجبورين ۽ ڀاءُ جي
ديهانت ســبب سنڌو آفيس ۽ پريس جيڪب آباد آندي
ويئي آهي.“ (11) ساڳئي سال 1939ع جي آڪٽوبر مهيني
۾ جيڪب آباد جو نوجوان ليکڪ ماڌو داس شوالو مل
”سنڌو“ جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. مسٽر ماڌو داس شوالي
مل جي مقرريءَ تي بولچند راجپال سرهائيءَ جو اظهار
ڪندي لکيو آهي ته ”سنڌو“ جي ايڊيٽريءَ جو بوجو
جنوري 1932ع کان سيپٽمبر 1939ع تائين اڪيلي سر کڻڻ
بعد هينئر مون سان ڀاءُ ماڌو داس شوالو مل جيڪب
آباد نواسي شامل ٿيو آهي. پنهنجي گهرو لاچارين ۽
مجبورين ۽ مشغولين سبب اڪيلي سر ”سنڌو“ جو ڪاروبار
هلائڻ منهنجي لاءِ هڪ ڏکي ڳالهه ٿي پيئي. اهڙي وقت
ڀاءُ ماڌو داس جي سنڌو جي ايڊيٽري بوجي ۾ مدد هڪ
آب حيات جي مثل آهي. هن پريتم نه فقط لکڻ ۽ سنڌو
سنڀالڻ جو بار کنيو آهي، پر سنڌو جي کوٽ ۾ پڻ ڀاڱي
ڀائي ٿيڻ قبوليو اٿس. اهڙي تن من ۽ ڌن جي نشڪام
شيوا لاءِ مان سندس شڪر گذار آهيان. (12)
آڪٽوبر 1939ع ۾ ”سنڌو“ سان گڏ ساهتيه منڊل“ ۽ ٻين ڪتابن جي وڪري
لاءِ سنڌو آفيس ڀرسان ”ڀارت بوڪ ڊيپو“ پڻ کوليو
ويو. جيڪب آباد ۾ ”سنڌو“ اهڙي ئي رنگ ڍنگ سان شايع
ٿيندو رهيو، جهڙيءَ طرح اهو اڳ شڪارپور ۽ ميان جي
ڳوٺ مان نڪرندو هو. جيڪب آباد ۾ اداره سنڌو ۾
انتظامي لحاظ کان تبديلي آئي، ڇاڪاڻ جو مسٽر ماڌو
داس شوالي مل جي اچڻ ڪري مسٽر بولچند راجپال کي
وڏي هٿي ملي. هو دلجمعيءَ سان پنهنجي زمينداري ڪمن
۾ بهرو وٺڻ لڳو.
سال 1942ع سنڌو جي تاريخ جو اهم سال آهي. جنوري 1942ع ۾ نوجوان
ڪوي هري درياني دلگير به ”سنڌو“ جو ٽيون ايڊيٽر
مقرر ٿيو. مسٽر هري درياني اچڻ تي اداره سنڌو ۾
سرهائي آئي، جنهن جو اظهار هيئن ڪيو ويو: مسٽر هري
درياني (دلگير) سنڌ جي پر سڌ شاعر کي ڪير نه
سڃاڻي؟ اڄ هن پنهنجي دلڪش شعرن ۽ مڌر ترانن سان
سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ غلغلو پيش ڪيو آهي. ”سنڌو“ سان
هميشه سندس خاص دلچسپي پئي رهي آهي. اهڙو ڪو ڇِڊو
پرچو هوندو، جنهن ۾ هن جو نظم درج ٿيل نه هوندو.
اسان کي هاڻ ظاهر ڪندي بلڪل خوشي ٿي ٿئي ته هن
نوجوان دَوست ”سنڌو“ جي نظمي ڀاڳ
“Section” جو ايڊيٽر ٿي، سنڌي ساهتيه جي خدمت ڪرڻ ۽ سنڌو جي سوڀيا سرس
ڪرڻ جو بار پاڻ تي هموار ڪيو آهي. “ (13)
جنوري 1942ع ۾ ”سنڌو ساهت منڊل“ جو نئون جوڙ جڪ عمل ۾ آيل، جنهن
کي اداري پاران هيئن ظاهر ڪيو ويو: ”سنڌو پنهنجا
سک جا ڏهه سال گذاري يارهين ۾ پير پاتو آهي.
انهيءَ عرصي ۾ تن ۽ من جي تڪليف کان سواءِ ڪيترو
نه ڌن ان تي خرچ ٿيو آهي. انهيءَ خرچ ۽ کوٽ جي
پورائي لاءِ پبلڪ کان ڪارو پئسو به ڪونه ورتو ويو
آهي. سمورو خرچ ڪارپردارن، خاص ڪري مسٽر بولچند
راجپال پئي ڀريو آهي. هاڻي پهرين جنوري 1942ع کان
هڪ امانتي بورڊ ٺاهيو ويو آهي، جنهن کي ”ڀارت
پريس“ ۽ سنڌو“ سپرد ڪيل آهن. ڀارت پريس جو سامان،
جنهن ۾ مسٽر بولچند راجپال جي اوائلي ڏنل سامان
کان سواءِ گذريل اڍائي سالن ۾ ڏيڍ هزار روپين جو
وڌيڪ سامان پريس جي فائدي مان ورتل آهي. سنڌو فنڊ
۾ اٽڪل 1500 روپيه ڏيئي چڪا آهن، جنهن ۾ مسٽر
بولچند راجپال ۽ مسٽر ماڌوداس سوالو مل هرهڪ 500
روپيه ڏيئي چڪا آهن. باقي کوٽ به ڀري سنڌو کي کوٽ
کان آجو ڪري نئين بورڊ کي ڏنل آهي. انهي بورڊ جي
چيئرمن مسٽر بولچند راجپال رهندو ۽ سيڪريٽري مسٽر
ماڌو داس بورڊ جي ميمبر شپ مڪمل ڪرڻ بعد هڪ امانت
ٽرسٽ جو مسودو تيار ڪري رجسٽر ڪرايو ويندو. وڌيڪ
قاعدا اهو بورڊ ٺاهيندو، جنهن جا مقصد هيٺينءَ ريت
ٿيندا:
1- سنڌو رسالو هلائڻ.
2- پريس جدا جدا ليکڪن جا دستخط ڪري ڇپائڻ .
3- پريس کي وڌائي اعليٰ پيماني تي آڻڻ.
4- سنڌي ساهت جي ترقيءَ لاءِ سڀ ممڪن اپاءُ اختيار ڪرڻ.
5- قومي شڪتين جي وڌاري ۽ پنگتي نظام جي بهتريءَ جي خيال کان ڪي
به رسالا يا اخبارون ڪڍڻ
اهي صاحب جي 300 ٽي سؤ روپيه منڊل کي ڏين، تن کي مربي
(Patron) سمجهيو ويندو ۽ جيڪي صاحب 100 هڪ سؤ روپيه منڊل کي ڏين، تن کي
حياتيءَ ڀر ميمبر سمجهيو ويندو. (14)
اڳتي هلي ”سنڌو ساهت منڊل“ جي تاحيات ميمبرن جا نالا ظاهر ڪيا
ويا، جي هن ريت آهن:
1- مسٽر بولچند وسومل راجپال، جيڪب آباد 2- مسٽر شيوارام
ڀاڳچند لالا، جيڪب آباد 3- مسٽر ماڌوداس شوالومل،
جيڪب آباد 4- مسٽر رحيم بخش خان ولد بهادر الهه
بخش جيڪب آباد 5- ڊاڪٽر دولترام چئنومل ڀاٽيا،
جيڪب آباد 6- پروفيسر شوارام ڦيراڻي، شڪارپور 7-
مسٽر ڪشن سنگهه حشمت سنگهه دوداڻي وڪيل، جيڪب
آباد 8- مسٽر متيرام آڏواڻي، مئنيجنگ ڊئريڪٽر پاور
هائوس جيڪب آباد 9- ڊاڪٽر ڪشنچند، شڪارپور 10-
پروفيسر ڀوڄراج هوتچند ناگراڻي، شڪارپور 11- مسٽر
منو هرداس ڪوڙو مل کلناڻي، ڪراچي 12- ڌرمداس
ريلومل کتري، پرنسپال ماڊل هاءِ اسڪول، سکر (15)
”سنڌو ساهت منڊل“ لاءِ مسٽر راجپال جيڪو امانت جو مسودو
(Trust deed) لکي ڏنو، سو سنڌو جي پاٺڪن لاءِ پڻ آگسٽ 1942ع ۾ ٽرسٽي نامو جي
عنوان هيٺ پڌرو ڪيو ويو، جنهن جو مختصر متن هن طرح
آهي.
”اقرار ٿو ڪريان ۽ لکي ٿو ڏيان ساڻ هوش عقل پنهنجي مان سيٺ
بولچند ولد وسومل عمر اٽڪل 38 ورهيه هندو ذات
راجپال ڪم زمينداري ويٺل اصل ميان جو ڳوٺ تعلقه
شڪارپور حال رهگذر جيڪب آباد ۾ جئن مان اقراري سال
1939ع جي جولاءِ مهيني ۾ پريس ۽ سنڌو آفيس شهر
جيڪب آباد ۾ آندي ۽ جاري ڪئي پريس جو نالو اصلوڪي
”راجپال پريس“ مان ڦيرائي ”ڀارت پريس“ رکيم، ڇاڪاڻ
جو جيڪب آباد ۾ اچڻ وقت مون اهو پڪو خيال ڪري ڇڏيو
هو ته اها پريس منهنجي شخصي ملڪيت ٿي ڪين رهندي،
مگر جلد پبلڪ ٽرسٽ ڪري سپرد ڪندس. انهيءَ ڪري مون
پريس جو نالو ڀارت پريس ”ڀارت پريس“ رکيو ۽ اڍائي
سالن جي عرصي ۾ يعني 31 ڊسمبر 1941ع تائين اها
”ڀارت پريس“ جي نالي سان هلندي آئي آهي. ”سنڌو
آفيس“ تي شخصي نالو ڪونه جو تنهن ڪري اها ساڳي
”سنڌو آفيس“ جي نالي سان سڏجي ٿي. پريس جو سامان ۽
سموري ملڪيت/ 3110 ورپيه جي آهي، سا تاريخ پهرين
جنوري 1942ع کان وٺي ”سنڌو“ ٽرسٽ بورڊ جي حوالي
ڪئي اٿم. 20 جنوري 1942ع کان وٺي مان اقراري يا
منهنجي وارثن جو ڪوبه حق واسطو مٿي ڄاڻايل سموري
ملڪيت سان ڪونه رهي ۽ نه رهندو. اها ملڪيت سنڌو
ساهت منڊل جي ٿي چڪي. ان پڌرائي کان پوءِ مان لکي
ٿو ڏيان ته ”سنڌو“ يا ڀارت پريس تي منهنجو ڪوبه حق
ڪين آهي ۽ نه رهندو. اهڙيءَ طرح منهنجي وارثن يا
ٻئي ڪنهن به ماڻهوءَ جو حق واسطو يا دعويٰ دخل نه
رهندو. ”سنڌو ساهتيه منڊل“ ان مقصد جي پابندي
رهندو ته ان پروگرام سنڌي ٻولي جي ترقي رهي ۽ سنڌو
ساهت منڊل هڪ ادبي سوسائٽي ٿي رهي، جنهن جو سياست
سان ڪوبه واسطو نه رهي. ۽ پروگرام ۾ ڪوبه فرقي وار
خيال نه رکي ۽ قومي ذرشٽي سان سنڌي علم و ادب جي
شيوا ڪندي رهي. بولچند وسومل راجپال،“ (16)
جون 1942ع ۾ مسٽر هري درياني دلگير اوور سيئر جي نوڪري ملڻ ڪري
ايڊيٽوريل بورڊ تان دستبردار ٿي ويو ۽ 16 آگسٽ
1942ع تي مسٽر ماڌو داس شوالو مل جيڪب آباد ۾
تقريري ڪندي گرفتار ڪيو ويو. کيس اڍائي سال جيل ۽
پنج سؤ روپيه ڏنڊ جي سزا ڀوڳڻي پيئي. انهن ٻنهي
ساٿين جي عدم موجودگيِءَ سبب وري مسٽر بولچند
وسومل راجپال اڪيلو رهجي ويو. هڪ طرف هو اڪيلائيءَ
جي ڪري اٻاڻڪو ٿيو ته ٻئي طرف ملڪي حالتن ۽ سنڌ ۾
آيل ٻوڏن ڪري کيس ڪافي دشواري درپيش آئي. هن زماني
۾ مخزن جو ظاهري ۽ باطني شان گهٽبو ويو. ڪاغذ جي
گراني ڪري ان جي ضخامت ۾ به ڪمي ٿيندي ويئي. اهو
ئي سبب هو جو مسٽر بولچند راجپال پهرين مئي 1943ع
تي ”سنڌو ساهت منڊل“ جي سموري آفيس پريس سميت جيڪب
آباد کان وٺي ميان جي ڳوٺ کڻي آيو. ميان جي ڳوٺ ۾
”سنڌو“ ”ٽرسٽ بورڊ“ جي حوالي سان رهيو ۽ 23- اپريل
1944ع تي ميان جي ڳوٺ ۾ ”سنڌو ساهتيه منڊل“ جي
آفيس ۾ منڊل جي پهرين ميٽنگ سڏائي ويئي، جنهن ۾
مسٽر بولچند راجپال کي 31 ڊسمبر 1964ع تائين ٽرسٽ
بورڊ جي چيئرمن چونڊيون ويو ۽ مسٽر ڌرمداس کتي کي
1944ع لاءِ ٽرسٽ بورڊ جو سيڪريٽري چونڊيو ويو. ان
پهرئين ميڙ ۾ اهو به طئي ڪيو ويو ته بورڊ جي هر
ميمبر کي هر مهيني چاليهه ورپيه پگهار ڏيڻ ۾
ايندو. هر سال جنوري مهيني ۾ سنڌ جي وڏن شهرن ۾
”سنڌو“ جي ليکڪن، ميمبر ۽ گراهڪن جا جلسا ڪيا وڃن.
هر هڪ شهر ۾ ”سنڌو ساهت ڪلب“ کولجي، جنهن جي سهاري
هيٺ مها پرشن جا ڏهاڙا ملهايا وڃن ۽ ساهت تي ليڪچر
ڪرايا وڃن. ياد رهي ته ”سنڌو ساهت منڊل“ جو اهو
پهريون ميڙ جيڪب آباد ۾ ٿيو، جنهن ۾ اهو ٺهراءُ
پاس ڪيو ويو ته ”ڀارت پريس“ بند ڪري ”سنڌو آفيس“
شڪارپور ۾ کولجي(19)، مگر اڳتي هلي بورڊ کي ان
ٺهراءُ تان دستبردار ٿيڻو پيو. آڪٽوبر 1946ع جي
اشاعت ۾ اهو ظاهر ڪيو ويو ته جنوري 1947ع کان وٺي
”سنڌو“ هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”ميان جي ڳوٺ“ بجاءِ ڪراچيءَ
مان شايع ٿيندو. ساڳئي پرچي ۾ سنڌو جي سڀاپتي ۽
سمپادڪ بولچند وسومل راجپال ”سنڌو“ جي سمپادڪ جي
قلمدان ڇڏڻ جو فيصلو ڪري، اهڙي پڌرائي ڪئي هئي. ڇو
ته هو گهرو مجبورين سبب ”ميان جو ڳوٺ“ ڇڏي ڪراچي
وڃڻ لاءِ تيار نه هو 20 ڊسمبر 1946ع جو آخري پرچو
مسٽر بولچند وسومل راجپال جي مهتممي ۾ ميان جي ڳوٺ
مان پڌرو ٿيو.
جنوري 1947ع کان ”سنڌو“ مسٽر ماڌو داس شوالو مل جي ايڊيٽريءَ ۾
ڪراچي جي ”جنتا پرنٽنگ پريس فريئري روڊ“ مان ڇپجي،
”سنڌو ٽرسٽ بورڊ آفيس فريئر روڊ ڪراچي ”مان پڌرو
ٿيو. ڪراچي ۾ ”سنڌو“ جولاءِ – آگسٽ 1947ع تائين
شايع ٿيو ۽ ملڪي ورهاڱي ٿيڻ کان پوءِ اهو بند ٿي
ويو.
سنڌو رسالي جي مٿينءَ ڪٿا کان پوءِ ان جي غير فاني علمي ادبي
خدمتن لاءِ ائين لکڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه آهي ته سنڌ
جي علمي ذخيري ۾ سنڌو وڏو واڌارو آندو. سنڌي ٻولي
جي ادبي تاريخ ”سنڌو“ جي ذڪر کان سواءِ اڌوري ۽
اڻپوري ٿيندي. پهرين جنگ عظيم کان پوءِ ادبي دنيا
۾ آيل ماٺار کي سنڌو روان دوان بنايو. ”سنڌو“ اهو
واحد ۽ وسيع رسالو هو جو پنهنجي علمي دامن ۾ شعرو
شاعري، تاريخ، تحقيق، تنقيد، سفرنامي، ڊراما نگاري
۽ افسانه نگاري جهڙين صنفن کي سمائي سنڌ واسين آڏو
اچي عيان ٿيندو هو. سن 1932ع کان 1947ع تائين
سنڌو، ساهت جي سنسار ۾ سورج جيان چمڪندو ۽ روشني
پکيڙيندو رهيو. پنڌرهن سالن جي عرصي ۾ ان ادب جي
پيڙهه پڪي ڪري ڇڏي. سنڌي ادب جو ڪيتريون ئي جديد
صنفون سنڌو جي صفحن ۾ جنم وٺي وڌي ويون ۽ ويجهيون.
”سنڌو“ ۾ لکندڙن جي فهرست تمام طويل آهي، جن مان
چند مستقل ليکڪ هئا: ساڌو واسواڻي، هوندراج
”دکايل“، ڏيونداس ”آزاد“، منوهرداس ڪوڙومل،
پروفيسر شيوارام ڦيرواڻي، جهامنداس ڀاٽيه. پروفيسر
نارائڻداس ملڪاڻي، مرزا نادر بيگ، شيوارام لالا،
ڪشنچند ”بيوس“، ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي، روچيرام
سڏاڻي، سوڀراج نرملداس ”فاني“، مولچند ٺڪر، اڌارام
آسراڻي، ڊاڪٽر ليلارام ڦيرواڻي، آسانند مامتورا،
بولچند راڄپال، شيوڪ موٽواڻي، کيئلداس وليرام
بيگراڻي ”فاني“، حشتيراءِ ملڪاڻي عبدالله ”عبد“
ڄيٺما ناگراڻي تاراچند ”ڦٽيل“، امر هنڱوراڻي، لطف
الله ”جوڳي“ بدوي، عبدالڪريم ”گدائي“، هرومل
سدارنگاڻي، آغا غلام نبي ”صوفي“، پروفيسر تارا چند
گاجرا، ”پتنگ“، لالسنگهه اجواڻي، پيرعلي محمد
راشدي، پير حسام الدين راشدي، غلام قادر ”قيس“،
هزاري مل ”سڪايل“، چانڊومل کتري، محمد حنيف صديقي،
محمد امين کوسو، ڀيرومل آڏواڻي، حڪيم فتح محمد
سيوهاڻي، وشنو گيهاڻي، کڙکٻيتو، محمد صديق ميمڻ،
ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، نانڪرام ميرچنداڻي،
ڪلياڻ آڏواڻي، هيرانند ڪرمچند، مولانا عبدالڪريم
چشتي، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو، عباسي
عبدالمجيد ”عابد“ پرسرام شهاڻي، فقير غلام علي
”مسرور“، قادربخش ”حقير“، ليکراج ”عزيز، گدومل
هرجاڻي، خاوند بخش ”اختر“، آخوند رسول بخش، مولائي
شيدائي، حبيب الله ”آزاد“، پرسرام ”رنجور“ حقنواز
مغل، مرلي گوڪلاڻي، لعل بخش ابڙو، آتمارام ڪٽاريا،
محمد عظيم سميجو، سوڀوگيانچنداڻي، شيخ ساز علي
”ساز“، احسان بدوي، حبيب الله ڀٽو، لالچند امر ڏنو
مل جڳتياڻي، سيد بچل شاه، علي اڪبر ميمڻ، برڪت
علي”ساز“، ڄاڃيلعل آهوجا، ديوت شرما، کيمو
هميراجاڻي، محمد شعبان لاڙڪ، هري درياني، بدر
دريشاڻي، شيخ مبارڪ علي ”اياز“ ، ع- ق- شيخ،
نانڪرام ميرچنداڻي، لڇمڻ هميراجاڻي وليڇا، گوبند
مالهي، لعل محمد ”لعل“، محمد نعيم ”وجدي“ صديقي،
چوئٿرام وليڇا، سڳن آهوجا، ڀوڄراج ناگراڻي،
قلندربخش ”نثار“ وغيره.
سنڌو ۾ شايع ٿيل مضمون موضوع جي لحاظ کان نهايت سنجيده هئا ۽
انهن سان گڏ تصويرن چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. سنڌو جي
ذريعي سنڌ ۾ تحقيق ۽ سائنٽيفڪ مضمونن لکڻ جي ابتدا
ٿي ۽ بتدريج لکڻ وارن، قديم لکڻ جي طرز کي ڇڏي،
جديد اسلوب بيان کي اختيار ڪيو. ان ۾ ڪو به شڪ نه
آهي ته ”سنڌو“ رسالي جي جاري ٿيڻ کان پوءِ سنڌ ۾
تنقيدي مضمون لکڻ جي علمي طاقت پيدا ٿي ۽ سنڌي نثر
۾ انقلاب آيو (12) راجپال صاحب نوجوان ليکڪن جا به
ادبي مضمون شايع ڪري کين همٿائيندو هو، جن مان
ڪيترائي معياري مضمون هئا. (22). علامه ڊاڪٽر
عمربن محمد دائود پوٽي صاحب سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جي
ابتدائي دؤر تي مفيد مقالا سنڌو ۾ لکيا. سندس ڪجهه
مقالا هئا: ”سنڌي شاعر ۽ سندن شعر“ (جنوري 1935ع)،
”قديم سنڌي نثر“ (آگسٽ 1934ع). ”قاضي قاضن جا
همعصر شاعر“ (جنوري 1935ع)، ”سنڌي لغت تي رايا“
(ڊسمبر 1935ع)، ”برٽن صاحب جي سنڌي ساهتيه تي نظر“
(جنوري 1936ع). محمد صديق ميمڻ صاحب پڻ ادب ۽
شاعريءَ تي تحقيق ڪئي. سندس اهم مضمون هئا: ”سنڌ
جو جهونو نج شعر“ (ڊسمبر 1934ع) ۽ ”قاضي قاضن جا
بيت“ (نومبر 1935ع)، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي صاحب
جا مضمون“ سهڻي ۽ سلوڻي سنڌي“ (ڊسمبر 1934ع)،
”سنڌي ۾ نثر ۽ نظم“ (جنوري 1936ع) ۽ ”سنڌي ٻولي
دنيا جي سڌريل ٻولين مان هڪ آهي“ (جون 1936ع)
مضمون ڇپيل آهن. پير علي محمد راشدي صاحب ”سکر ۾
جنگيون“ جي عنوان هيٺ تحقيق پيش ڪئي. سندس مقالا
قسطوار شايع ٿيا: (جون 1935ع، سيپٽمبر 1935ع،
آڪٽوبر 1935ع، مارچ 1936ع ۽ جون 1936ع). پير صاحب
جو هڪ مضمون ”سنڌ جي انارڪلي“ (مارچ 1933ع) جي
عنوان هيٺ پڻ شايع ٿيو. ”سنڌو“ جو اهم ترين مضمون
نگار ڀيرومل مهر چند آڏواڻي هو، جنهن جا هر قسم جا
ادبي، تعليمي، تاريخي ۽ پنگتي وغيره ليک شايع ٿيا،
جي گهڻي کوجنا جو نتيجو هئا. سندس اڪثر مضمون ٽن
چئن قسطن ۾ پورا ٿيندا هئا. انهن مان مکيه هئا:
”شاهه لطيف جا سير“ (مارچ 1940ع) ۽ نومبر 1941ع)،
”مخدوم قلندر لعل شهباز“ (جون 1938ع) ”ڊاڪٽر
گربخشاڻي وارو رسالو“ (تنقيد) مارچ، اپريل، مئي،
جون، جولاءِ، آگسٽ ۽ سيپٽمبر 1938ع)، ”ڪاهوءَ جو
دڙو“ (آڪٽوبر 1938ع)، ”ٻولي ۽ تهذيب“ (جنوري
1934ع)، ”تاريخن ۾ غلطيون“ (فيبروري 1934ع)،
”سنسڪرت ۽ ديوناگري بابت ويچار“ (جنوري ۽ فيبروري
1945ع)، ”نئين سنڌي ڊڪشنري ۽ اعرابون“ (مارچ،
اپريل جون، نومبر 1945ع ۽ مارچ 1946ع)، ”ميان جا
قبا“ (آڪٽوبر 1946ع) ، ”حيدرآباد جا هاءِ اسڪول“
(آڪٽوبر ۽ نومبر 1946ع). (23). لطف الله بدوي صاحب
جا ”مير مراد علي خان“ (اپريل 1935ع)، ”ميرعلي
نواز علوي“ (آگسٽ 1936ع)، ۽ ”حمل لغاري“ (فيبروري
1937ع)، اهم مضمون هئا. شيخ ساز علي ”ساز“ جي
تنقيدي مضمونن ۾ ”سنڌ جا اڳوڻا شاعر“ (آڪٽوبر
1936)، ”سنڌ جا زنده شاعر“ (مئي 1937ع) ۽ ”سنڌ جا
آئنده جا شاعر“ (جون 1937ع) وغيره شامل ٿيل آهن.
مٿين ليکڪن جي مضمونن کان علاوه ٻين ڪيترن ئي اديبن جا مفيد ۽
ڪارائتا مضمون شايع ٿيا جهڙوڪ ميرن جي ڏينهن ۾ ڍلن
جو سرشتو: نارائڻداس ملڪاڻي (فيبروري 1932ع)،
هندستان جا قديم عجائبات: علي اڪبر ميمڻ (فيبروري
1932ع)، ناٽڪ بابت ڪي ويچار: نرملداس گربخشاڻي
(جون 1932ع)، گربخشاڻي (جون 1932ع)، سنڌي نثر تي
نظر: ڏيارام ميرچنداڻي (آگسٽ 1934ع)، سنڌي ٻولي جي
ابتدائي احوال: پهلاج راءِ ليلارام (نومبر 1932ع)،
سنڌي شاعرن جي حسن پرستي: مولچند ٺڪر (فيبروري
1937ع)، سنڌي ٻولي: نارائڻداس ملڪاڻي (اپريل
1937ع)، بيدل جو پارسي ڪلام: ڪلياڻ آڏواڻي (آگسٽ-
1940ع)، ساهتيه ڇا آهي ۽ ان کي ڪئين زور وٺائجي:
شيوارام ڦيرواڻي (مئي 1935ع)، شاهه جي سنڌي: ڊاڪٽر
هوتچند گربخشاڻي (جولاءِ 1938ع)، ادب ۽ زندگي:
برڪت علي آزاد (اپريل 1942ع)، سنڌ جو علم ادب:
قربان علي نقشبندي (ڊسمبر 1942ع)، سنسڪرت جي اڀياس
جي ضرورت: ڪوڏومل نوتاڻي (مارچ 1944ع)، سنڌ جي
تاريخ: مولائي شيدائي (مئي ۽ جون 1943ع)، برهمڻ
آباد جو شهر ڪيئن ناس ٿيو: مهراج دوارڪاداس شرما
(سيپٽمبر 1943ع)، سنڌي ساهتيه کي سر: روچيرام
سڏاڻي (سيپٽمبر 1944ع)، سنڌي ترجمي جا ڪي اصول:
پروفيسر منگهارام ملڪاڻي (فيبروري 1944ع)، سچل:
آسانند مامتورا (فيبروري 1944ع)، بلوچن جون گجرات
تي ڪاهون: مولائي شيدائي (مارچ1944ع)، حقيقي ناٽڪ
جا مکيه متا: پروفيسر منگهارام ملڪاڻي (اپريل
1944ع)، بلوچستان جا سوراشٽر سان تعلقات: مولائي
شيدائي (مئي 1944ع)، سامي جي سلوڪن ۾ تشبيهون:
ڪلياڻ آڏواڻي (مئي 1944ع ۽ جون 1944ع) سنڌي صنايع
و بدايع: ڄاڃيلعل آهوجا (جون 1945ع)، مرزاقليچ
بيگ: ڀيرومل آڏواڻي (جولاءِ ۽ آگسٽ 1945ع)، ڀيرومل
جي سنڌي ڊڪشنري ۽ اعرابون: ڀوڄراج ناگراڻي
(سيپٽمبر 1945ع)، اعرابن بابت منهنجا ڪي ويچار:
منگهارام ملڪاڻي (ڊسمبر 1945ع) سنڌي شاعرن جو هندي
ڪلام: آڏواڻي (مارچ 1946ع)، شاهه صاحب تي ڪبير جو
اثر: ديودت شرما (مئي 1945ع)، سنڌي تنقيد جي اوسر:
منگهارام ملڪاڻي (جون ۽ جولاءِ 1946ع)، سنڌو جي
قديم سڀيتا: کيمون هميراڻي (جولاءِ 1946ع)، سنڌي
ساهتيه جا ٽيهه سال: نارائڻداس ڀمڀاڻي (جولاءِ
1946ع)، هندستان ۾ نئين جاڳرتا ۽ سنڌي ساهتيه:
لالسنگهه اجواڻي (آڪٽوبر 1946ع)، مڪران: مولائي
شيدائي (فيبروري 1946ع)، زناني تعليم: قلندر بخش
نثار (ڊسمبر 1932ع) وغيره. سير ۽ سفر متعلق لکيل
مضمون ۾ سملي جو شر: منوهرداس ڪوڙومل (جنوري
1932ع). موهن جي دڙي جو سير: هوتچند روچيرام
(فيبروري 1932ع)، حج جي زيارت: مولانا عبدالڪريم
چشتي (ڊسمبر 1946ع)، سير جا ٽي ڏينهن: بولچند رام
راجپال (اپريل 1937ع)، ۽ مان ولايت ۾ ڇا ڏٺو: شيام
لعل (فيبروري 1938ع).
مضمونن ۽ مقالن کان سواءِ ”سنڌو“ رسالي ڪهاڻي ۽ افساني کي به
اوج ڏنو. افسانو ”سنڌو“ جي شروع ٿيڻ کان اڳ سنڌي
زبان ۾ ورلي لکيو ويندو هو. (24) عيسوي صديءَ جي
ٽئين ڏهاڪي ۾ اصلوڪن سنڌي افسانن کي جنهن رسالي
زور وٺايو، سو هو ماهوار رسالو ”سنڌو“. هن رسالي
جو سمورو مواد نئين طرح تي هو ۽ افسانا پڻ هن ۾
اڳي کان وڌيڪ سنواريل نظر آيا، تنهن ڪري سنڌو کي
بلاشبه پهريون نئين طرز جو سنڌي رسالو چئي سگهجي
ٿو، (25)، جنهن سنڌ ۾ افسانه نگاريءَ کي گهڻو فروغ
ڏنو ۽ افساني کي صحيح معنيٰ ۾ پيش ڪرڻ جون ڪامياب
ڪوششون شروع ٿي ويون (26). ان سلسلي ۾ جن ليکڪن
گهڻو لکيو، انهن ۾ مرزا نادر بيگ، عبدالله ”عبد“،
لطف الله بدوي، شيوارام لالا، محمد عظيم سميجو،
آسانند مامتورام گوبند مالهي، سڳن آهوجا، ليلارام
ڦيرواڻي، شيخ اياز ۽ ع- ق- شيخ قابل قدر آهن.
سنڌو رسالي جي ڪجهه ڪهاڻين ۽ افسانن جي چونڊ هن طرح آهي. موهني:
مرزا نادر بيگ (مارچ ۽ اپريل 1932ع)، پريکشا:
ڊاڪٽر ليلارام ڦيراڻي (مئي 1932ع)، گهر جي ڇڪ،
مرزا نادر بيگ (نومبر1932ع)، ڀاڄائي جي مضمون
نويسي (ڊسمبر1932ع)، موم بتي: شيوارام لالا (نومبر
1932ع)، اڇوت: مرزا نادر بيگ (مارچ 1933ع)، ڏٺي
مکياري: نادر بيگ مرزا (اپريل 1933ع)، اپرادي ڪير؟
کيئلداس فاني (جنوري 1934ع)، محبت جي قرباني: محمد
شعبان لاڙڪ (مارچ 1937ع)، پهاج جو پير: محمد عظيم
سميجو (مارچ 1937ع)، سچو پيار: ٺاڪر نيڀراج (اپريل
1938ع)، رابيلي چمن: هري دلگيري (جون 1938ع)، نو
ورنيءَ جو ويس: آسانند مامتورا (جون 1942ع)، شاعر
جي چونڊ: روپ رنگواني (سيپٽمبر 1942ع)، دل جي
پياس: بدر دريشاڻي (آڪٽوبر 1942ع)، هڪ شمع جا ٻه
پروانا: مبارڪ علي اياز (ڊسمبر 1942ع، ائين ڇو
آهي. ع- ق شيخ (آگسٽ 1942ع) سهڻي سير ۾: مبارڪ علي
اياز (سيپٽمبر 1942ع) بيقصور: پرسرام ڀاٽيه (ڊسمبر
1942ع)، شرابي: بيدم حيدري (جنوري 1943ع)، شادي:
گوبند مالهي (مارچ 1944ع)، هيرن جو هار: حبيب الله
ڀٽو (آگسٽ 1943ع)، انسان يا ڀوت: شيوارام آڏواڻي
(فيبروري 1944ع)، سچي مترتا: مس يسودا ٻائي کيمچند
(فيبروري 1942ع)، سک پوي ساڙهي: نانڪرام مير
چنداڻي (آڪٽوبر ۽ نومبر 1944ع)، سشيلا ڀاڀي: گوبند
مالهي (جولاءِ 1945ع)، وطن دوست: لڇمڻ هميراجاڻي
(آگسٽ 1945ع)، غلط فهمي: حبيب الله ڀٽو (سيپٽمبر
(1945ع)، ستل حسن: ڊي. جي ميمڻ (4 اپريل 1946ع)،
مينا: گوبند مالهي (جون 1946ع)، لالي: امر لعل
هنڱوراڻي (سيپٽمبر 1945ع)، سريت جو خون: چوئٿرام
وليڇا (جنوري 1947ع)، ٻروچڪي رت: شيخ اياز (جنوري
1947ع)، بهار ۽ بنگال: سڳن آهوجا (مارچ 1947ع)،
عمدو دان: ڪرشن هميراجاڻي (جون 1947ع)، امان: موتي
ڇاٻڙيا (جولاءِ- آگسٽ 1947ع)، وغيره.
شعر و شاعريءَ جي سلسلي ۾ ”سنڌو“ رسالي ۾ جتي ڪهنه مشق شاعرن جو
ڪلام شايع ٿيندو هو، اتي نون شاعرن جون ڪويتائون
به ڇپبيون هيون. سنڌ جي اڳوڻن شاعرن جو ڪلام پڻ
”سنڌو“ ۾ شايع ڪيو ويندو هو، جيئن اهو محفوظ رهي.
اسان جي ادبي اشاعتي ادارن کي کپي ته ”سنڌو“ رسالي مان مفيد
مضمون/ مقالا، ڪهاڻيون ۽ افسانا چونڊ ڪري ڪتابي
صورت ۾ شايع ڪرائين جيئن اهي تحقيق سان دلچسپي
رکندڙن لاءِ فائديمند ثابت ٿين. سنڌو پاران خاص
موقعن تي خاص شمارا به شايع ڪيا ويندا هئا، جن ۾
”ايڪتا نمبر“، ”گانڌي انڪ“، ”شهيد انڪ“ ۽ ”ڪهاڻي
پرچو“ اهم آهن.
سن 1937ع کان مسٽر بولچند راجپال سنڌو آفيس ۾ قلمي نسخن ڪٺي ڪرڻ
جو ڪم شروع ڪيو. ان سلسلي ۾ هو سنڌ جي مخلتف شهرن
مان ڪيترو قلمي ذخيرو ڪٺو ڪري اچي سنڌو آفيس ۾
محفوظ ڪندو رهيو. سنڌ جي صوفي شاعرن جو ڪلام به
وٽس گهڻو گڏ ٿيو هو. ڪيترن شاعرن جو ڪلام ته هن
وڏي دلچسپيءَ سان گڏ ڪيو هو، جن ۾ ديوان دلپت جو
ڪلام، حضرت بيدل جو سمورو ڪلام، حضرت بيڪس جو
ڪلام، روحل فقير جو ڪلام، مراد فقير جو ڪلام، شاهو
فقير جو ڪلام، فقير غلام علي جو ڪلام، فقير دريا
خان جو ڪلام ۽ ٻڍل فقير جو ڪلام، وغيره. مٿين
شاعرن جو ڪلام هو ڪڏهن ڪڏهن رسالي ۾ ڇاپيندو به
هو. خبر ناهي ته سندس سهيڙيل سموري قلمي ذخيري جو
سندس لڏي وڃڻ کان پوءِ ڪهڙو حشر ٿيو!
مسٽر بولچند وسومل راجپال ورهاڱي کان پوءِ آگري لڏي ويو، جتي
ٻيهر ”راجپال پرنٽنگ پريس“ قائم ڪيائين ۽ اتان ئي
پيپل منڊي آگري مان سيپٽمبر 1954ع کان ”سنڌو“
رسالو جاري ڪيائين، جيڪو ڪرائون سائيز ۾ پڌرو
ٿيندو هو.
حوالا
(1) لطف الله بدوي: سنڌي ادب گذريل پنجويهن ورهين ۾: ماهوار
نئين زندگي، مئي 1957ع ص 24.
(2) مهتممي نوٽ: ”سنڌو“ جنوري 1932ع، ص 76 ۽ 77.
(3) ڏسو حوالو- 1.
(4) ”سنڌو“ جا شروعاتي شمارا.
(5) ڪشنچند بيوس: ”سنڌو جو نئون سال”: سنڌو، جنوري 1933ع، ص 29.
(6) مهتممي نوٽ: ”سنڌو“ فيبروري 1933ع، ص 157 کان 159.
(7) مهتممي نوٽ: سنڌو، مارچ 1933ع، ص 239 ۽240.
(8) مهتممي نوٽ: سنڌو، اپريل 1933ع،ص 239 ۽. 24.
(9) مهتممي نوٽ: سنڌو، جنوري 1934ع، ص 165.
(10) سنڌو: آڪٽوبر 1935ع، ص 69.
(11) سنڌو: جون- آگسٽ 1939ع، 120.
(12) سنڌو: ڊسمبر 1939ع، 79
(13) سنڌو: فيبروري 1942ع.
(14) سنڌو: جنوري 1942ع، ص 1-2
(15) سنڌو: فيبروري 1942ع،
(16) سنڌو: آگسٽ 1942ع، ص 53کان 55
(17) ڏسو حوالو- 1- ص 25
(18) سنڌو: مئي 1944ع،
(19) سنڌو: مئي 1945ع، ص 8.
(20) سنڌو: آڪٽوبر 1946ع، ص 43.
(21) ڏسو حوالو- 1-
(22) منگهارام ملڪاڻي: ”سنڌي نثر جي تاريخ“ زيب ادبي مرڪز،
حيدرآباد، سال 1977ع، ص 274
(23) ايضاً ص 268
(24) ڏسو حوالو -1
(25) ثميره زرين: ”مهراڻ جو ڇوليون“: (مقدمو) پاڪستان پبليڪيشن،
ڪراچي ص 11
(26) احسان بدوي: ”تنقيدي نگاري“، ص 19 ۽ 20 |