مقصود گل
ناريلن جي وڻ مان وکري جيڪا خوشبو آئي،
تنهن ۾
تنهنجو ساءُ!
بنگلن وارن باغن مان ڪويل ڪوڪو آئي،
تنهن ۾
تنهنجو ساءُ!
جهونجهڙڪي جي جهانءِ منجهان جا ماٽيءَ جهوجهو آئي،
تنهن ۾
تنهنجو ساءُ!
ڪونپل ڪنواري باک بدن مان بهڪي بو آئي،
تنهن ۾
تنهنجو ساءُ!
گل گل باغ بهار ڪري اڄ واءُ وضو آئي،
تنهن
۾ تنهنجوساءُ!
l
مختيار گهمرو
غزل
مون سان جذبن ڳالهايو آ،
دل جي ڌڙڪن ڳالهايو آ.
ننڊ ولين ۾ ڪجهه ڳوليندي،
تنهنجي سپنن ڳالهايو آ.
اجرا عڪس چٽيم جو تنهنجا،
خوش ٿي گيتن ڳالهايو آ.
ڪالهه پڙهيم جو خط پروڪا،
مرڪي لفظن ڳالهايو آ.
گهرا گهاءَ رُساڻن وارا،
تنهنجي زخمن ڳالهايو آ.
هيڪاندو ٿي سوچڻ ويٺس،
رات جي پهرن ڳالهايو آ.
دوکو ڏي ٿو آئينو ڀي،
تنهنجي فوٽن ڳالهايو آ.
احساس جي پن ڇڻ آئي،
تڙپي هر پن ڳالهايو آ.
سونهن نگر ۾ ساهه کنيه جي،
سُرهن ساهن ڳالهايو آ.
سوچين ٿو ”مختيار“ اڃا تون،
سُڏڪي اُڌمن ڳالهايو آ.
l
آثم ناٿن شاهي
غزل
تنهنجي ڳوٺ وٽان جي هيرون گذري مون وٽ اينديون آهن،
تنهنجي ساهن جون سُرهاڻيون مون کي آڻي ڏينديون
آهن.
پل ۾ پولارن ۾ گم ٿي ويندا آهن ٽهڪ خوشيءَ جا،
شاديءَ کان پوءِ موڙن جا گل ٻڪريون کائي وينديون
آهن.
ويا ڪل من جو آٿت بڻجي اينديون آهن ڪي ڪي جهڻڪون،
ڪي ڪي مُرڪون ويندي ويندي، ساهه نپوڙُي نينديون
آهن.
توکان پوءِ به تو جئن مون کي پيار ڪنديون هن ڀاڪيون پائي،
تنهائيءَ ۾ جيڪي ڳجهه جون ڳالهيون توسان ٿينديون
آهن.
ننڍڙيون ننڍڙيون چنتائون ڀي نيٺ وجهن ٿيون ماڻهو ماري،
ٻاڪُوءَ ماپ ڪهاڙيون آثم! لنبا وڻ وڍينديون آهن!
l
اياز جاني
سانجهيءَ ٽاڻي نيڻ ٻرن ٿا،
تاڻي تاڻي نيڻ ٻرن ٿا.
هوءَ ته آهي ڄر- ڄراٽيون.
هن کي ماڻي نيڻ ٻـرن ٿا.
در تي آهستي ٺڪ ڄڪ جو،
کڙڪو ڄاڻي نيڻ ٻرن ٿا.
عڪس بلاول جو اُڀري ٿو،
ڄڻ ڪنهن گهاڻي نيڻ ٻرن ٿا.
روح اڳي اونداهو گهر هو،
جنهن ۾ هاڻي نيڻ ٻرن ٿا.
l
سرڪش سنڌي
گيت
هفتو ٿيو آ ڪين مليا هُون، مُرڪ ملڻ جي اوسيئڙي ۾،
دروازي تي بيٺي آهيان، آءٌ سڄڻ جي اوسيئڙي ۾.
منهنجو اندر ڪوبه نه ڄاڻي، شايد ٿيندي عيد سڀاڻي،
سِج لهڻ سان لوڪ ٿيو گڏ، چنڊ ڏسڻ جي اوسيئڙي ۾.
اکڙين ۾ مون سانڍيو آڇا، پيار جا پاڇا ۽ ٻيو ڇا ڇا،
نيڻ بڻايا بادل آهن، روح ڀِڄڻ جي اوسئيڙي ۾.
هڪ مَنُ چئي ٿو ايندو ايندو، ٻيو من ٿڌڙا ساهه ڀريندو،
هيئن چوي ٿو: ڇو بيٺي آن پاڳل ٿيڻ جي اوسيئڙي ۾.
پاڻ سنوارڻ ڪهڙو ٿيندو، مرُڪي گهارڻ ڪهڙو ٿيندو،
جيڪو ماڻهو ويٺو هوندو، آهه مرڻ جي اوسئيڙي ۾.
پيرين سرڪش ونگ وجهي ويوي ٽانڊن ۾ ڄڻ سنگ وجهي ويو،
نيڻ به ڪيڏا آتا ڪنهن جا، نيڻ چُمڻ جي اوسيئڙي ۾.
l
اياز حسين رضوي
غزل
زهر آهي زندگي توکان سوا،
هر گهڙي ڄڻ خودڪشي توکان سوا.
مان هلان ٿو سمنڊ سوچن جا کڻي،
هاءِ ڪيڏي بيوسي توکان سوا.
چاهه راحت جو ڪجي ڪهڙو پرين،
هر خوشي آهي غمي توکان سوا.
تو پڄاڻا ڏات مون کان وئي رُسي،
بي رنگ منهنجي شاعري توکان سوا.
خواب سڀ خوشبوءِ جيان وکري ويا،
هر لمحو ڪاتي تکي توکان سوا.
مون گذاريو رڃ ۾ آ هيڪلو،
مرڪ هر ڇوري ڇني توکان سوا.
چنڊ هُو گڏجي ڪٿي چئجان ڀلي،
روشني نه روشني توکان سوا.
ڪيئن ڪري خوابن جون ڳالهيون هي اياز،
آس هر آهي لُٽي توکان سوا.
l
احمد سولنگي
Libra
ڇوڪريءَ لاءِ
مون ۾ مڙهيل تنهنجون اکڙيون،
ٻيا ڪهڙا الماس پرين؛
تولئه خواب اُڻيا مون آهن،
۽ اُجرا احــــساس پــــرين. |
ڇا تون منهنجي ليلان ٿيندينءَ،
تنهنجو آءٌ چنيسر ٿيندس؛
ڇا تون مڻيي تي پيارا مٽيندينءَ،
تنهنجي اهڙي ويسر ٿـيندس. |
تون ئي مون لئه سمنڊ سراپا،
تنهنجا ساحل مون ۾ آهن؛
تون ئي رڻ جي ريٻاري آن،
تنهنجا بادل مون ۾ آهن. |
آءٌ ته تنهنجو ٻيجل آهيان،
تنهنجو ڪهڙو نانءُ هجي ڀل؛
توکي مون ته قبوليو آهي،
تنهنـجو ڪهڙو گانءُ هجي ڀل. |
تون ته گهٽي آن منهنجي من جي،
تون ئي منزل ۽ مانجهاندو؛
تون ئي مومل جي ماڙي آن،
توئي ڪاڪ انـدر آ آنــــدو. |
يا ته شفق جي شهزادي آن،
يا تون مون لئه رين بسيرو؛
يا ته وهائو مون لئه آهين،
يا ته غــــلافن ســاڻ انـــڌيرو. |
مون ۾ آرهڙ جو ٻپهرو،
تون آن ٿڌڙي شام وڻن جي؛
تو ۾ ننڊ- نمازون واجب،
تون ته گلابي هير ڏکڻ جي. |
اڳ مان اهڙو ڪين ٿيو هئس،
ڪنهن جي آڏو سر بسجود؛
تون ئي منهنجي مطلوب آن،
تون کي مون لـئه آن معبود. |
تون جي ملي پئين مون کي مٺڙي،
ٻيو نه مون کي ڪو پارس گهرجي؛
تون جي پوکين جاڳ اکين ۾،
مون کي ننڊ نه آرس گهرجي.
l
فياض چند ڪليري
هوءَ ڪاش هوا جي رَٿ تان لهي!
هوءَ روز هوائن جان منهنجي،
ساهن ۾ گُهلي ويندي آهي.
ڪا ڇولي سار سمندر جي،
ڌڙڪن ۾ ڇلي ويندي آهـي. |
هوءَ روز ڀريل ڪنهن آگم جان،
مون ۾ پاڻ وسائي ٿي،
۽ انڊلٺ، سونهن سراپا ٿي،
هڪ شاعر دل کي گهائي ٿي. |
هوءَ روز ستارن جن من جي،
آڪاش تي اُڀري ايندي آ،
دل هُن ڏانهن چرئي چڪور جيان،
ڏيئي الرون اُڏري ويندي آ. |
هوءَ روز اکين جي ڪئنوس ۾،
ڪيئي سِڪ جا رنگ ڀريندي آ،
۽ پنهنجي جوڀن درياهه جا،
مون ۾ ڇوڙ ڇــڏيندي آ. |
هوءَ روز اکين ۾ خواب جيان،
ساهن جو واس ڇڏيندي آ،
۽ منهنجيءَ دل جي ڌڪ ڌڪ سان،
ساڀيا جا راز سليـندي آ. |
هوءَ روز چمين جا چنگ کڻي،
ٿي خاموشيءَ کي وندرائي،
۽ پنهنجي ريشم هٿڙن سان،
ٿي منهنجون اکڙيون پرچائي. |
هوءَ روز تيئن خوشبو بڻجي،
ماحول ۾ وکري ويندي آ،
۽ مون کي تصور ڀاڪر ۾،
هوءَ مرڪي روز ڀرينـدي آ. |
هوءَ پرهه ڦٽيءَ جي هيرن ۾
ٿي ماڪ جيان مون تي برسي
هوءَ ڪاش هوا جي رٿ تان لهي
مون لاءِ بــه جي هيڪر ترسي. |
هوءَ، جنهن ريءَ آءٌ اڌورو هان!
هوءَ، جنهن ريءَ آءٌ اڌورو هان!
l
اختر درگاهي
وائي
سانت لڳي پئي آهي،
پوءِ به ڳوڙهن ســان:
نيڻ ڳالهائن ٿا.
ساز وڄائي ساهه ۾،
چُپ جـي لفظن سان:
نيڻ ڳالهائن ٿا.
تنهنجي گهر ڏي اي پرين،
ويـــنـــدڙ رستـــن سان:
نيڻ ڳالهائن ٿا.
ساڀيائن جي آس ۾،
سندر ســــپنـــن ســـــان:
نيڻ ڳالهائن ٿا.
l
بادل
غزل
تو بنا ڀي قرار ۾ گهاريون،
ها، اسين ٿا فرار ۾ گهاريون.
هر گهڙي بس گلن جي چاهت آ،
هر گهڙي خار خار ۾ گهاريون.
ياد هن جي ۾ گهيريل آهيون،
پاڻ هر پل حصار ۾ گهاريون.
هي به ڄاڻون ٿا خود شڪار آهيون،
زندگي پر شڪار ۾ گهاريون.
ڪا ته اهڙي گهڙي اچي بادل،
جيڪا گيسوءِ يار ۾ گهاريــون.
لياقت عزيز
جدائي جا موتي
شام جي ويلي، سمنڊ ڪناري،
فطرت جو پئي ڪيم نظارو،
هڪڙي بي چين لهر،
نچندي ڪڏُندي آئي ڪناري،
پنهنجا چپ،
ملائي ڪناري جي چپڙن سان،
امرت سان اوتيائين،
وڃڻو لهر کي پيو واپس،
وري سمنڊ جي سيني ڏانهن،
ڇو جو موٽي ٿي هر شيءِ
پنهنجي اصل ڏانهن.
وڃڻ مهل،
لهر لاڙي، ڪيئي لڙڪ ويئي،
ڪٿان آيو ڪو پوڄارو،
ميڙي چونڊي لُڙڪن کي،
(لڙڪ هئا سپ ۽ موتي)
کڻي بازار ۾ آئيو
اُهي جدا جا موتي املهه موتي
اڄ به،
هن سنسار جي هر بازار ۾،
مُلهه تي پيا روز وِڪامن
گؤري ولڀ
شڪايت
ڪجهه ته ڇڏي وڃين ها
پنهنجي ڪا امانت
دلفريب ڪا مسڪراهٽ.
ڪجهه ته ڇڏي وڃين ها
يادن جي سهاري ئي
هي زندگي گذاري ڇڏيان ها
ڪجهه ته ڇڏي وڃين ها
پنهنجي ڪا امانت.
خوبصورت ڪا اهڙي گهڙي
جنهن ۾ تو چاهيو هجي ها.
ڪجهه ته ڇڏي وڃين ها
پنهنجي ڪا امانت
واري ڇڏيان هي پاڻ،
ٻه مٺا ٻول ئي سهي
تنهنجي واتان نه نڪتا
ڪجهه ته ڇڏي وڃين ها
پنهنجي ڪا امانت.
l
پشپا ولڀ
خوشيون/ ڪوِليون
وڏي ماڻهو ٿيڻ جي خوابن
ڪجهه به نه بگاڙيو آهي
بس، ننڍڙيون خوشيون،
ٽهڪڙا ۽ ڳالهيون
ڪِوليون بڻجي ويا آهن
۽ پيرن هيٺ اچي چيڀاٽجي ويا آهن!
تنهنجون خوش اخلاقيون
محبتون ۽ مسڪراهٽون
رات جو سمهڻ سان تنهنجي
ٻاهر پائڻ جي ڪپڙن تي ڪِري پونديون آهن
۽ اچي سمهي پونديون آهن
جيستائين تون آفيس پهچين
۽ آفيس جو پهريون ماڻهو ڏسين
تيستائين اهي جاڳي پونديون آهن
هيڏي هوڏي ڪِرڻ لڳنديون آهن
گهر پهچڻ تائين سڀ وڃائجي وينديون آهن!
l
شاهه محمد پيرزادو
ترائيل
رات جي چوٽ جيان تنهنجي اکين ۾ اسرار،
تون ڀلي گهُور، ڀلي گهُور، ڀلي گهُور پرين،
اڻ ڪيل تنهنجا بکن ٿا انهن منجهان اقرار،
رات جي چوٽ جيان تنهنجي اکين ۾ اسرار.
تون ڪڏهن رسينءَ نه مون کان نڪو ٿينءَ ڌار،
تون ڀلي دور، ڀلي دور، ڀلي دور پرين،
رات جي چوٽ جيان تنهنجي اکين ۾ اسرار،
تون ڀلي گهُور، ڀلي گهُور، ڀلي گهُورين.
l
سيد رفيق امروٽي
نعتيه ڪلام
آدميت جو وڌايو تو مٺا ناموس ننگ،
تو اچي سيکاريو جيئڻ جو جڳ کي رنگ ڍنگ.
ظلمتن کي زور هو بي انتها توکان اڳي،
پيار سان پيارا پرين دنيا جو بدلايو تو رنگ.
ڌيئرون زنده دفن ماڻهو ڪندا پنهنجون هيا،
ڇو ته ماڻهن جي دلين تي هو تڪبر وارو زنگ.
ختم ٿو اهڙيون بريون رسمون ڪيون نالي مٺا،
تو شريفن جو پيار آهه ٺاريو انگ انگ.
تو ڏنو انسان کي الله جو اعليٰ نظام،
جنهن ۾ چاهت جو به دنگ ۽ جنهن ۾ نفرت جو به دنگ.
روح جنهن جي کي لڳي لٻ تنهنجي ڪلمي جو پرين،
نفس ان جي کي ڪندو ابليس جو ڪجهه ڀي نه ڏنگ.
جنهن وتو دامن محمد مير تنهنجو پيار مان،
پو اهو ڪيئن ٻئي جي چاهت جو ڀلا چوريندو چنگ.
ڀاڳوند ڪيڏو نه چئبو پوءِ ڀلا سيد رفيق،
عام امروٽي رڳو تنهنجو سڄڻ سڏجي ملنگ.
l
انيس انصاري
نعت
تنهنجي بدن جي خوشبو آهي رهي چمن ۾،
تنهنجي لبن جي لالي آهي عيان گلن ۾.
ياد نسيم تنهنجي مدحت جا گيت ڳائي،
تنهنجي ڳڻن جون ڳالهيون هرسو گلن ڦلن ۾.
سڙٻاٽ هي نديءَ جو صلوات ٿو ٻڌائي،
آهي درود جاري سوسن ۾ ۽ سمن ۾.
دلبند ڏند تنهنجن جي جوت آ نرالي،
اهڙو نه ٿيو آ جلوو ڪنهن ڀي درعدن ۾.
نيڻن نهار تنهنجن جي ڳالهه ڇا چوان مان،
آهي ڪشش خدائي سائينءَ جي نيترن ۾.
هي آس آهه موليٰ طيبيٰ ڏسي مران مان،
آبِ حيات ات جو ڀرجي وڃي بدن ۾.
آهي انيس تنهنجي در جو غلام آقا،
ان کي قبول ڪر تون پنهنجنِ ئي ٻانهڙن ۾.
l
وسيم سومرو
لاشعور جو هڪ رنگين شهر
لفظن ۾ وڃائجڻ کان پوءِ،
مون کي هو به ڳولي نه سگهندو آهي،
هو، جنهن جي ٻکن ۾ هوندو آهيان،
هو، جنهن جي در تي،
منهنجي پيرن جو سفر کٽندو آهي،
لفظن ۾ وڃائجڻ کان پوءِ
مان اکيون وڃائي ويهندو آهيان،
۽ ڪنهن نئين روشنيءَ جو،
جهرمر جهرمر پر توو ٿي پوندو آهيان،
لفظن ۾ وڃائجڻ کان پوءِ!
مون کي لڳندو آهي،
مون ڄڻ دنيا جي هل هنگامي کان،
لفظن ۾ وڃائجڻ کان پوءِ!
مان ڳولي لهندو آهيان،
لاشعور جو هڪ رنگين شهر،
جيڪو دنيا جي گولي تي،
اڃا هڪ سپنو آهي،
۽ جنهن جي تلاش ۾،
بي انت ماڻهن،
پنهنجون جانيون لٽائي ڇڏيون آهن.
l
اظهار سومرو
تاريخدانن جيان منهنجي دل آ
منهنجي جواني،
لوڻياٺن پهاڙن جي پيٽ ۾،
هڪ ڊگهو، خالي ميدان آهي.
هر خواب کان اڳ ۾،
مان پنهنجي اکيون
هٿيڪيون ڪري رکان ٿو
”تون طريناڪ ڇوڪري آهين“.
منهنجي دل کي خبر آ
وڇوڙي وقت مان ڊائريءَ تي
رڳو اهو ئي لکي سگهندس.
هڪ خاموش جبل جيان
مان پاڻ ۾ ڏرندڙ رهان ٿو
بارش مون کي
تنهنجي ياد جيتري پياري آ
جو مون کي عمر جو اهو حصو
تمام گهڻو پسند آهي
جڏهن مان آڳر تائين به
اڪيلو نه وڃي سگهندو هيس
تاريخدانن جيان منهنجي دل آ پري ياد رکجانءِ
تون ڪڏهن به ماضي نه ٿيندينءَ.
l
سعيد ميمڻ
بيت
عيسيٰ جيئن صليب تان، مٿي ڪنڌ کنيو،
تڏهن چنڊ چميو، مرڪي منهن مسيح جو.
هر ماڻهوءَ جي ذهن ۾ ڪوريئڙو آهي،
جيڪو خيالي ڄار ٿو، جيون جو ٺاهي،
ڇڏن ٿيون ڊاهي، اُن کي ڳجهيون آڱريون.
هيل ته ڪنڊا ئي ڦُٽا، ذهني ڀُونءِ منجهان،
سوچ ڪنڊن ۾ وئي مري، ڀٽڪي گُلڙن ڪان،
رهجي ويا پويان، ڳاڙها پيرا رَت جا.
دروازي کي بند ڪري، بلب وسايائين!
چنڊ بدن تان نيرڙا بادل لاٿائين،
۽ پوءِ ارپيائين جوڀن چوڏهين رات جو.
خالي ڪمري جي اندر، جهرڪي جو آئي،
منهنجي تنهائي. مُرڪي پئي اُن کي ڏسي.
پوڙهو رڪشا ۾ چڙهيو، چيائين تيز هلاءِ،
قبرستان پُڄاءِ، ڏاڍي ٿي وئي دير آ!
l
واجد
زندگيءَ جي ڪٺن سفر ۾
اڪيلاين جو ساٿ آ مون سان
رڃ سُڃ همسفر آ منهنجي
پڳ پڳ، پيڙ پيڙ پِيڙ آهي
زندگيءَ جون تمنائون بيمار
سوڳ سيني ۾ سمايو پيو جيئان
آءُ مقروض پنهنجي جيوت جو
۽ هر ايندڙ ويندڙ پل
اڳاڙي پيو قرض مون کان آسان قسطن ۾
l
عبدالقادر منگي
حاصل
ٽهڪن جا،
ڪيئي چنگ ٻُريا!
وجود تنهنجا جا اُماس ۾،
ڪيئي چنڊ کڙيا!
تون جڏهين گهر آئينءَ
منهنجي دل جي در آئينءَ
تڏهين تو چيو هو.
ائين ناهي!
ها. تو سچ چيو هو،
تنهنجي ٽهڪن جا چنگ،
۽ وجود جا هڙ رنگ،
هر واٽهڙو لاءِ،
هر ساٿاري لاءِ آهن!
پر مون به آس نه لاٿي،
پياس نه لاٿي،
هاڻي تنهنجا ڳوڙها،
گيت به آهن،
ميت به آهن،
۽ مان سوچيان ٿو،
توکي پائي وڃائيندس!
وڃائي پائيندس!
۽ شايد اهو سلسلو
رهندو
ابد تائين!!
ازل تائين!
l
سُقراط سيتائي
نظم
اسان جون هڙئي اُداس يادون،
اوهان جي پاڇن جي آس پاس ئي،
گهمن پيون ٿيون
۽،
هاڻي جڏهين به
زندگي جوڙ ڪٽ مان آجي ٿئي ٿي،
ڪي بي چيا پل پَني وٺي ٿي:
ته ڪن به سوچن کي
ٿاڪ ٿاڻو نٿو لڀي ڪو.
وري جي سوچون
گُذاريل پل ڌڪي پري ڪن،
ته
آئيندي جا عذاب لمحا سُري اچن ٿا
۽ حال جو ڪو به حال ڪونهي
اهان سان لاڳاپيل
اسان جا هزار لمحا/ سوين سچايون
انهن مان پڻ ڪي به ڪم نه آيون.
ڀلا جي هڪڙي ڪا يادگيري
اچي به نڪري،
ته پوءِ تعارفُ جي رسم
وچ جو وقار ڇيهون ڇيهون ڪري ٿي.
اسان جون در ۾ اکيون
۽
پنبڻيون ڪڏهن ڇڻي ويون؟
خبر ئي ڪانهي.
اوهان جو هڪڙو ڪو عام ڪاغذ
ڪڏهن به خط ٿيڻ جي مرتبي تي
اڃا نه پهتو.
اوهان جا لکيل اکر
برابر
ڪنهن ٽئين جي
اڳيان اگهاڙجڻ نه ٿا قبولن
تڏهن ته سانئڻ!
اسان جي اکڙين مان
ٻه لڙڪ ڪوسا
ڳرڻ تي آهن
اوهان جي اکرن کي
احتراماً
چُمڻ ٿا چاهين. |