زيب سنڌي
ڌُنڌ ۾ گم ٿيل منظر
ٽيڪسيءَ مان لهي، هو ٽريول بئگ کي ڇڪ ڏيئي ٻانهن ۾ وجهي ٿو، ۽
بئگ جو وزن ڪلهن ڏانهن منتقل ڪري، گيٽ ٽپي
بائونڊري اندر هليو وڃي ٿو. گيٽ تي ويٺل پٺاڻ
چوڪيدار، عينڪ جي شيشن مان کيس گهور وجهي ڏسي ٿو،
پر سندس اڌ اڇي مٿي ۽ ڏاڙهيءَ جي ڪري هو چوڪيدار
کي هروڀرو مشڪوڪ ماڻهو نٿو لڳي، ۽ چوڪيدار پنهنجي
چيچ ڪن ۾ وجهي هٿ لوڏڻ شروع ڪري ٿو.
گيٽ کان ٿورو اندر وڃي، هو فليٽس جي مختلف بلاڪس کي ڏسڻ شروع
ڪري ٿو. نڪ جي سِڌ ۾، هڪ بلاڪ تي ايف جو اکر لکيل
ڏسي سندس چهري تي هلڪي هلڪي مرڪ ڦلهجي وڃي ٿي. هو
ايف بلاڪ جي ٽئين فلور جي کڙڪين ڏانهن ڏسندو اڳتي
وڌي ٿو. بلاڪ وٽ پهچي، پهرين ڏاڪڻ جي ڀر سان وڃي،
ڀت تي ڇپيل نمبرن کي ڏسي ٿو. هڪ کان سورهن تائين
جا نمبر ڏسي، پٺن تي پيل ٽريول بئگ کي لوڏو ڏيئي،
وزن سهائي ٻيءَ ڏاڪڻ وٽ پهچي ٿو، ۽ ڀت جي پاسي تي
ستاويهون نمبر ڏسي وري مُرڪي پوي ٿو. ۽ ڏاڪڻ ڏانهن
وڌي وڃي ٿو. سندس نظرون پنهنجي کڄندڙ پيرن ۽ ڏاڪن
۾ کتل آهن.
”هيلو اَنڪل!“
هو اڃا ٻئي فلور کان ٽي ڏاڪا هيٺ آهي، ته ٻئي فلور، تي پنهنجي
فليٽ جي دروازي ۾ بيٺل هڪ معصوم ٻار، ڏانهن ڏسي
مرڪي پوي ٿو،. ”انڪل توهان اسان جي گهر پيا اچو؟“
هو ڀرسان وڃي. ٻارڙي جي مٿي تي هٿ رکي ٿو، ۽ سندس اکين ۾ شفقت
جا رابيل ٽڙي ٿا پون. ”نه پٽ! في الحال ته مٿي پيو
وڃان. جيڪڏهن ٽئين فلور تي اچي تون مون کي دعوت
ڏيندين ته مان ضرور تنهنجي گهر ايندس“
انهيءَ لمحي ئي فليٽ جي دروازي ۾ هڪ نوجوان عورت ظاهر ٿئي ٿي، ۽
ٻار جي ٻانهن ۾ اچي هٿ وجهي ٿي. هو عورت کي سلام
ڪري ٿو، پر عورت جواب ڏيڻ بجاءِ عجيب نظرن سان کيس
ڏسي ٿي، ۽ ٻار کي اندر ڇڪي در بند ڪري ڇڏي ٿي. هو
هڪ لمحي لاءِ اوچتو ٺڪاوَ سان بند ٿي ويل دروازي
کي ڏسي ٿو ۽ پوءِ ڪنڌ جهڪائي، ٽئين فلور جي ڏاڪڻ
چڙهڻ لڳي ٿو.
ٽئين فلور تي ڏاڪڻ جي پاسي وري دروازي تي ستاويهون نمبر لکيل
آهي. هو هڪ نظر ستاويهن جي انگ تي وجهي ٿو، ۽ پوءِ
بئگ پُٺن تان لاهي فرش تي رکي ڇڏي ٿو. ساهن کي
جائيتو ڪندي، هڪ دفعو وري ستاويهن جو نمبر پڙهي
ٿو، ۽ پوءِ دروازي جي پاسي تي لڳل ڪال بيل کي زور
ڏيئي انتظار ڪرڻ لڳي ٿو. سندس چهري تي مرڪ جو عجيب
تاثر اڀري اچي ٿو، چپن سان گڏ ئي سندس اکيون، بلڪ
سندس سڄو چهرو مرڪي پوي ٿو. جڏهن ڪي پل گذري وڃن
ٿا، ۽ دروازو نٿو کُلي ته واچ تي نظر وجهي ٿو.
”پنج ٿيا آهن.“ هڪ دفعو وري ڪال بيل جي بٽڻ کي زور
ڏئي ٿو. اڃا هو هٿ هيٺ مس ٿو ڪري ته اندران دروازي
جي ڪُنڊي کلڻ جو آواز ٻڌي، سندس چهري جي اڻ لکي
مرڪ چٽي ٿي وڃي ٿي. پر جيئن ئي دروازو کلي ٿو، ته
سندس مرڪ اوچتو ئي اوچتو سندس چهري تان گم ٿي وڃي
ٿي. ۽ مرڪ بجاءِ پيشمانيءَ جا پاڇا ڇائنجي وڃن
ٿا.، ڄڻ اوچتو ڪا ديوار اچي سندس مٿان ڪري ٿي.
دروازي ۾ بيٺل اڌڙوٽ عمر جي عورت کي ڏسي هو پريشان
ٿي وڃي ٿو. مُنهنجي ٿو پوي: ”توهان ..!“
”توهان کي ڪنهن سان ملڻو آ؟“ پر اهو چوندي ئي چوندي، عورت سندس
اڌ اڇي ٿيل ڏاڙهيءَ جي هيٺان اچي ويل چهري تائين
پهچي وڃي ٿي، ۽ سندس چهري تي اداسيءَ جون رکائون
اڀرڻ لڳن ٿيون.
”مان.... مان بادل جي لاءِ آيو هوس!“ هو ڪنڌ جهڪائي ٿو ڇڏي.
”بادل ته اڃا ناهي آيو.....“ عورت نظرون هيٺ ڪندي وراڻي ٿي.
هو فرش تي رکيل بئگ کڻي وٺي ٿو، ”بادل اچي ته منهنجي لاءِ ٻڌائي
ڇڏجوس، مان پوءِ ڪڏهن ايندس.“
هو واپس وڃڻ لاءِ منهن ڦيرائي ٿو ڇڏي.
عورت دروازي ۾ بيٺي رهي ٿي.
هو ٻه ڏاڪا هيٺ لهي وڃي ٿو ته عورت جو آواز ٻڌڻ ۾ اچيس ٿو.
”بادل اچڻ وارو ئي هوندو...“
هو بيهي رهي ٿو، ۽ ڪنڌ ورائڻ بنا ئي جواب ڏئي ٿو.“ مان ڪڏهن ٻئي
دفعي ايندس...........“
”پر هي توهان جي پُٽ جو گهر آهي.“ عورت چوي ٿي.
هو ڪنڌ ورائي عورت ڏانهن ڏسي ٿو. ڪو به جواب نه ٿو ڏي.
”توهان کي پنهنجي پٽ جي گهر ۾ ويهي، سندس انتظار ڪرڻ جو پورو
پورو حق آهي.“ دروازي ۾ بيٺل عورت ڏانهس ڏسندي رهي
ٿي.
”پرحقن جي وچ ۾ ڪڏهن ڪڏهن مجبورين جون ديوارون به اچي وينديون
آهي.“ هو پهريون دفعو عورت جي چهري کي ڀرپور نظر
سان ڏسي ٿو.
”رشتن جي سچائيءَ اڳيان ڪابه ديوار قائم رهي نه سگهندي آهي.“
عورت دروازي مان گذرڻ جو رستو ڇڏي چوي ٿي. توهان
پنهنجي پٽ جو انتظار ڪري سگهو ٿا.“
هو ٻڏتر ۾ پئجي وڃي ٿو. سوچيندو رهي ٿو.
”توهان اچو....“ عورت جي آواز ۾ التجا جو تاثر ٿو محسوس ڪري، ”
مهرباني توهان اچو!“
ڪنڌ جهڪائي ٻه لٿل ڏاڪا وري مٿي چڙهي وڃي ٿو. دروازي ۾ بيٺل
عورت پاسيري ٿي کيس گذرڻ جي جاءِ ڏئي ٿي، ۽ هو
اندر هليو ٿو وڃي. عورت دروازو بند ڪري، دروازي جي
ڀرسان ئي بيهي رهي ٿي.
هو دروازي کان ڪجهه وکون اڳتي وڌي، لائونج ۾ پهچي ٿو وڃي،
لائونج ۾ هڪ طرف ٻه دروازا ڀيڪڙيل آهن، ۽ ٻئي طرف
کليل دروازو آهي. کليل دروازي مان اندر هليو ٿو
وڃي ته کيس احساس ٿو ٿئي ته هو ڊرائنگ روم ۾ پهچي
ويو آهي. بادل جي نيئن فليٽ جو ڊرائنگ روم کيس
بادل جي شخصيت جيان صاف شفاف ۽ موهيندڙ ٿو لڳي.
بئگ هڪ صوفا جي پاسي ۾ رکي، گوڏن وٽان پينٽ کي
ٿورو مٿي ڇڪي ويهي رهي ٿو، ۽ ٻانهون پوئتي ورائي،
هٿن کي مٿي هيٺيان ڏيئي، ٽيڪ ڏئي اکيون بند ڪري ٿو
ڇڏي. ڪجهه گهڙين کان پوءِ لائونج ۾ ٿيندڙ هلڪي
کڙڪي تي سندس ڌيان اوڏانهن ڇڪجي وڃي ٿو. اکيون
کولي ڇڏي ٿو، پر در ڏانهن ڏسڻ بجاءِ ڪتابن جي ريڪ
مٿان رکيل پنهنجي بادل جي تصوير ڏسڻ لڳي ٿو. ڪي
لمحا ته هو اتان ئي تصوير کي ڏسندو رهي ٿو، ۽ پوءِ
اٿي وڃي فريم کڻي ٿو. سندس چهري تي شفقت جي چانڊاڻ
ڦهلجي وڃي ٿي، ”بادل گذريل ٻن سالن ۾ وڌيڪ هينڊسم
بڻجي ويو آ... !“ هو سوچي ٿو. فريم واپس رکي،
ڀرسان ئي رکيل آلبم کڻي ٿو، ۽ جيئن ئي آلبم کولي
ٿو، سندس چهري جي چانڊاڻ ختم ٿي وڃي ٿي. مُرڪ
بجاءِ اداسي جا ڀاوَ سندس چهري تي پکڙجي وڃن ٿا.
اندر ۾ اماس رات جي اونداهي لهندي ٿو محسوس ڪري. آلبم ۾ پندرهن
سال اڳ جي سندس ئي تصوير آهي. سندس پاسي ۾ زرينا
ويٺل آهي. زرينا سندس زال، جنهن کي هو چانڊوڪي
چوندو هو. اُها زرينا اها چانڊوڪي، جيڪا هن مهل
به، هن ئي گهر ۾ موجود آهي، پر روشني ڪٿي به ناهي.
اندر ۾ اماس رات لهي آئي آهي. ٻاهر سڄو ڌنڌ آهي.
دل جي تهخانن ۾ درد جون صدائون گُهٽجڻ لڳن ٿيون!
زرينا پاڻيءَ جي بوتل ۽ گلاس کڻي اچي ٽيبل تي رکي ٿي. هو آلبم
بند ڪري، ريڪ جي مٿان رکي ٿو زرينا ڊرائنگ روم کان
ٻاهر هلي وڃي ٿي. هو آهستي آهستي هلندو اچي صوفا
تي ويهي ٿو، ۽ بوتل کولي لاڳيتا ٻه گلاس پاڻي پي
وڃي ٿو.
”توهان چينج ڪرڻ چاهيو ته مون باٿ روم ۾ ٽاول وغيره رکي ڇڏيو
آهي.“ لائونچ جي دروازي ۾ اچي زرينا ڳالهائي هلي
وڃي ٿي. هو اٿي ڊرائنگ روم کان ٻاهر نڪري ٿو باٿ
روم ۾ وڃي منهن تي پاڻيءَ جو ڇنڊو هڻي موٽي اچي
ٿو. صوفا تي ويهي، کيسي مان سگريٽن جو پئڪيٽ ڪڍي
ٿو ته زرينا چانهه کڻي اچي ٿي، ۽ سندس سامهون ٽيبل
تي برتن رکندي کانئس پڇي ٿي، ”اڃا سگريٽ پيئندا
آهيو؟“
هو سگريٽن جي پئڪيٽ ڏانهن ڏسي ٿو، ”ڪوئي روڪڻ وارو ئي نه رهيو
ته......“
سندس جملو پورو ئي نٿو ٿئي ته زرينا واپس وڃڻ لڳي ٿي. ڄڻ هن ڪو
غلط سوال ڪري ورتو هو، جنهن جو جواب ٻڌڻ جو ساهه
منجهس هيو ئي نه.
”توهان چانهه نه پيئندئو؟“ ڪنڌ کڻي زرينا ڏانهن ڏسي ٿو.
”مان ٻاهر پي وٺنديس!“ زرينا بيهي، ڪنڌ ورائي ڏانهس ڏسي ٿي.
“هتي ويهي پيئو!“ هو سندس جواب جو انتظار ٿو ڪري، پر زرينا ٻاهر
هلي ٿي وڃي. هو چانهه جي ڪپ ڏانهن هٿ وڌائڻ بجاءِ
سگريٽ ڪڍي دکائي ٿو، ۽ ڪنڌ جهڪائي ٿو ڇڏي. ڪجهه
لمحن کان پوءِ ئي زرينا ڪمري ۾ داخل ٿئي ٿي. سندس
هٿ ۾ چانهه جو ڪپ آهي. هوءَ سندس سامهون واري صوفا
تي اچي ويهي رهي ٿي. زرينا ڏانهن ڏسي اڻ پيتل
سگريٽ ايش ٽري ۾ وجهي ٿو ڇڏي، ۽ ڪپ کڻي هلڪا هلڪا
ڍُڪ ڀرڻ لڳي ٿو. ٻئي خاموشيءَ سان چانهه سِپ ڪندا
رهن ٿا. صدين جهڙا ڪي لمحا ئي لنگهي وڃن ٿا. هو اڌ
ٿيل ڪپ ٽيبل تي رکي وال ڪلاڪ ڏانهن ڏسي ٿو، ”ڇهه
ٿي رهيا آهن!“
زرينا ڪوبه جواب ڏيڻ بجاءِ ڪپ ٽيبل تي رکي ٿي ڇڏي.
”اڄڪلهه بادل دير سان گهر ايندو آهي ڇا؟“
”نه، عام طور پنجين تائين اچي ويندو آهي، پر اڄ شايد وڌيڪ ڪم
هوس. چئي ويو هو ته بئنڪ مان دير سان نڪرندو.“
زرينا وراڻي ٿي.
”بئنڪ جي نوڪري به مصيبت آهي!“ پنهنجي منهن چوي ٿو.
” ۽ ٻيو ته ....“ زرينا ڪجهه چوندي رڪجي وڃي ٿي.
”ٻيو ڇا؟“ هو پڇي ٿو.
”بادل سان گڏ آفيس ۾ هڪ ڇوڪري ڪم ڪندي آهي.“
”ها ها... هن ڪنهن خط ۾ مون کي لکيو هو. ڇا نالو آ سندس...“ هو
ڇوڪريءَ جو نالو ياد ڪرڻ جي ڪوشش ٿو ڪري.
”صوفيا!“ زرينا کيس ٻڌائي ٿي.
”ها صوفيا!“
”بادل اڄ صوفيا کي مون سان ملائڻ لاءِ هتي وٺي ايندو.“ زرينا
وراڻي ٿي.
هن کان هلڪو ٽهڪ نڪري وڃي ٿو، ”ته معاملو اتي وڃي پهتو آهي! وڏو
پلستر آهي بادل!“
”بادل انڪري ئي مون کي ڪراچيءَ وٺي آيو هو. هن مون کي صوفيا سان
ملائڻ ٿي چاهيو.“ زرينا چوي ٿي، ”بادل ٻڌايو هو ته
صوفيا ماءُ پيءُ جي اڪيلي اولاد هئي ۽ هاڻي ته
هوءَ بلڪل اڪيلي آهي. هاسٽل ۾ رهندي آهي اڄڪلهه.“
”هون!“ وراڻي ٿو، ”پر ڇا توهان بادل سان نه ٿا رهو؟“
”نه، منهنجي طبعيت وڌيڪ خراب رهڻ لڳي آهي، ۽ ڪراچيءَ جي موسم
مون کي ڀانءِ نٿي پوي.“
”توهان کي هتي ڏسي مون سمجهيو هو، توهان بادل وٽ شفٽ ٿي ويا
آهيو.“
”نه، مان ادا وڏي سان حيدرآباد ۾ ئي پئي رهان.“
”هاڻي توهان جي طبيعت ڪيئن آهي؟“
”بهتر آهيان“ زرينا ڪپ کڻندي وراڻي ٿي، ”توهان چاهيو ته سگريٽ
پي سگهو ٿا.“ هوءَ اٿي بيهي رهي ٿي.
”پر اڳ ته توهان مون کي سگريٽ پيئڻ کان روڪيندا هئا!“
زرينا ڪوبه جواب نٿي ڏئي. سندس چهري تي ييلو روز جهڙي اداس مرڪ
اچي ٿي، ۽ هوءَ ٻاهر نڪري وڃي ٿي.
جيتوڻيڪ کيس سگريٽ جي پاڙ آهي، پر چاهي ٿو، جيڪر زرينا سگريٽ
کان روڪي وڃي ها. پنهنجي معصوم خواهش تي مرڪي پوي
ٿو. ڄاڻي ٿو ته هاڻي هو هڪ ٻئي کي ڪنهن عمل تان
روڪڻ جا سمورا حق وڃائي چڪا آهن! سگريٽ ڪڍي دکائي
ٿو، ۽ ڪنهن گهري سوچ سان سلهاڙجي ٿو وڃي. سگريٽ جي
تپش پنهنجي اڱرين تي محسوس ڪري اڌ سڙيل سگريٽ ايش
ٽري، ۾ وجهي، ڊرائنگ روم مان نڪري لائونج ۾ هليو
ٿو وڃي. لائونج ۾، ڊائننگ ٽيبل تي کاڏيءَ هيٺان هٿ
رکي، گم سم ويٺل زرينا ڏانهن ڏسي ٿو، ۽ ٽيبل جي
ٻئي طرف زرينا جي سامهون وڃي ويهي رهي ٿو ته زرينا
ڇرڪي پوي ٿي، ”توهان...!“
”چاهيو ته مان هتان اٿي وڃان.“ وراڻي ٿو.
”نه نه، ويهو....“ زرينا ڀنل اکيون ڇنڀي ڪنڌ جهڪائي ٿي ڇڏي.
”مان توهان سان ڪجهه ڳالهائڻ ٿو چاهيان.“ هو جملو پورو ڪري
زرينا ڏانهن ڏسي ٿو، پر زرينا جيئن جو تيئن خاموش
ويٺي آهي. سندس خاموشيءَ کي رضامندي سمجهي، هو
پنهنجي ڳالهه اڳتي وڌائي ٿو، ”مون ڪڏهن سوچيو به
نه هو، ته هيترن سالن کان پوءِ، توهان سان اوچتو
هيئن ملاقات ٿي ويندي ۽ مان توهان سان ڳالهائي
سگهندس!“
”هون... هان!“ زرينا هڪ لمحي لاءِ ڪنڌ کڻي ڏانهنس ڏسي ٿي، ۽ وري
نظرون ٽيبل جي سطح تي کُپائي ٿي ڇڏي.
”ٻارهن سال هڪ ڊگهو عرصو هوندو آهي!“ هو ٿڌو ساهه کڻي ٿو، ”پر
بادل سان اڪثر توهان جون ڳالهيون ٿينديون هيون. هو
جڏهن به حيدرآباد مان توهان وٽان ٿي ايندو هو ته
توهان جي خبر چار ڏيندو هو.“
زرينا ڪوبه جواب نٿي ڏئي، پر لڳي ٿو ته هو سندس ڳالهيون غور سان
ٻڌي رهي آهي.
”پر انهيءَ سڄي عرصي ۾....“ هو ڪي پل خاموش ٿي وڃي ٿو، ڄڻ لفظن
کي ڪمپوز جي ڪرڻ ڪوشش ڪندو هجي، انهي سڄي عرصي ۾،
بادل مون سان اهڙو گهٽ ئي ذڪر ڪيو ته توهان هُن
کان منهنجي باري ۾ پڇيو هجي! ها، هڪ دفعي ٻڌايو
هئائين ته توهان کانئس ورجائي ورجائي منهنجي وقت
کان اڳ رٽائرمينٽ بابت پڇيو هو!“
”ها“ زرينا ڪنڌ کڻي ڏانهس ڏسي ٿي.
”توهان جي سيپريشن کان پوءِ به مون ڏهه سال نوڪري ڪئي هئي، پر
پوءِ ٿڪجيءَ پيس! تنهائيءَ جا اڻ کٽ پيچرا زندگيءَ
جي سفر ۾ ٿڪائي وجهندا آهن.“ هو ٺونٺ ٽيبل تي رکي،
نرڙ تي هٿ رکي خاموش ٿي وڃي ٿو.
”پر وسيع سوشل لائيف وارن ماڻهن جو وقت ته جهرمٽن ۾ گذرندو
آهي.“ زرينا پهرين دفعو گهور ڪري ڏانهس ڏسي ٿي، هو
بنا دير جي زرينا جي لهجي جي تهه تائين پهچي وڃي
ٿو.
”معاف ڪجو، اهائي ته شايد بنيادي ڳالهه هئي، جنهن کي توهان
سمجهي نه سگهيا هئا!“ هو سِڌو ٿي ويهي ٿو، ”مڃان
ٿو ته ڊاڪٽر، ڊراما آرٽسٽ ۽ شاعر هئڻ جي حوالي سان
منهنجي مصروف زندگي رهي آهي، پر ڇا ماڻهو هجومن ۾
به تنها ناهي هوندو؟ تنهائي ته شيئر ڪرڻ سان دور
ٿيندي آهي، ۽ منهنجي نيچر ۾ هر ڪنهن سان شيئر ڪرڻ
وارو جذبو ڪڏهن به ناهي رهيو....“
”مون توهان کي ڪنهن وضاحت لاءِ ته نه چيو.“ زرينا وراڻي ٿي، ”۽
وضاحت پڇي ڪنديس به ڇا!“
”توهان منهنجي وضاحتن کي ڪڏهن قبول به ته نه ڪيو هو! ڄاڻان ٿو
ته منهنجون سموريون وضاحتون توهان لاءِ ڊيٽ
ايڪسپائرڊ ڊرگس جيان هيون، جن جو توهان تي ڪوبه
پازيٽو اثر نه ٿيو هو!“
”توهان اڃا به مون کي ڏوهي ٿا سمجهو!“ زرينا جي نرڙ تي، ٻنهي
ڀروئن جي وچ ۾ هلڪو گهُنج پئجي وڃي ٿو، ڄڻ درد جي
ڪا لڪير جاڳي پئي هجي.
هو اڃا ڪو جواب سوچي ئي ٿو ته ٽيليفون جي گهنٽي ٿي وڃي. زرينا
فون ٻڌڻ لاءِ اٿي ٿي ته کيس چوي ٿو. ”بادل هجي ته
في الحال منهنجي لاءِ نه ٻڌائجوس!“
زرينا بيڊروم ڏانهن هلي وڃي ٿي. هو اٿي ڊرائنگ روم ڏانهن هلي
وڃي ٿي. هو اٿي ڊرائنگ روم ڏانهن هليو.
بادل جي تصوير جي ڀرسان وڃي بيهي ٿو. تصوير ڏسندي ڏسندي سندس
نظر ريڪ ۾ رکيل ڪتابن ۾ وچ ۾، پنهنجي شاعريءَ جي
مجموعي تي پوي ٿي. ڪتاب ڪڍي، وچ مان کولي پنهنجي
غزل پڙهڻ لڳو ٿو:
رات جو پويون پل ۽ شاعر
جاڳن ٿا مقتل ۽ شاعر
درد ٻنهي جو ساڳيو هو
هڪڙي هئي ڪويل ۽ شاعر
سالن کان پوءِ اوچتو مليا
هوءَ به هئي هيڪل ۽ شاعر
وڌيڪ پڙهڻ بنا ڪتاب بند ڪري ريڪ ۾ رکي ڇڏي ٿو. اندر ۾ مونجهه
محسوس ڪري، کڙڪيءَ ڏانهن وڃي، پردو هٽائي کڙڪي
کولي ڇڏي ٿو. ٿڌي هوا جو جهوٽو سندس جسم سان اچي
ٽڪرائجي ٿو. رستي تان هڪ ٻئي پٺيان ويندڙ گاڏين کي
ڏسڻ لڳي ٿو، پر سندس مونجهه ختم نٿي ٿئي. آهستي
آهستي پنهنجي اکين ۾ پاڻي ڦهلجندي محسوس ڪري ٿو، ۽
رستي وارو منظر ڌنڌلو ٿيندو ٿو وڃي. ڌنڌ جي وچ مان
ٻارهن سال اڳ وارو منظر اڀرڻ لڳي ٿو، جڏهن هن
زرينا کي طلاق ڏني هئي:
”مون توهان کي چيو هو ته هاڻي مون هڪڙو ڏينهن به توهان سان رهڻ
پسند نٿي ڪيان!“ هو جيئن ئي گهر ۾ داخل ٿيو هو، ته
زرينا جو ڪاوڙيل چهرو ڏٺو هئائين.
هن ڪو به جواب نه ڏنو هو.
”مان خودڪشي ڪري ڇڏينديس، پاڻ ماري ڇڏينديس، جيڪڏهن توهان اڄوڪي
ڏينهن ۾ مون کي آزاد نه ڪيو ته!“ زرينا سخت لهجي ۾
چيو هو.
هو ڇرڪي ويو هو. کيس خبر هئي ته زرينا جيڪا ڳالهه چوندي هئي اها
ڪري به ڏيکاريندي هئي سندن وچ ۾ هلڪا سلڪا جهيڙا
ته روز ٿيندا هئا ۽ ڪجهه عرصي کان هوءَ کانئس بدظن
به ٿي وئي هئي، پر طلاق جي تقاضا سان گڏ هن ايڏي
وڏي ڌمڪي اڳ ڪڏهن به نه ڏني هئي. تنهنڪري زرينا جي
انهيءَ انتها کان پوءِ، هن به ڪنهن فيصلي تي پهچڻ
۾ دير نه ڪئي هئي، ۽ ٻئي ڏينهن تي بادل سميت هو
کيس حيدرآباد سندس ڀاءُ جي گهر ڇڏي آيو هو.
سندن ڏهن سالن جي پٽ بادل کي ته اصل صورتحال جي خبر ئي نه هئي.
پر ان جي باوجود کيس ماءُ پيءُ جي وچ ۾ پيدا ٿيل
ڇڪتاڻ جو احساس ٿي ويو هو، انڪري شرارتون ڪندڙ
بادل پنهنجي طبيعت جي ابتڙ، سپر هاءِ وي تي ڊوڙندڙ
ڪار ۾ مسلسل خاموش ويٺو هو. ڪار ۾ لڳاتار خاموشي
ڇانيل هئي. سندس ماءُ ته سڄي رستي ۾ ڪو لفظ ئي وات
مان نه ڪڍيو هو، پر سندس پيءُ ڪنهن ڪنهن وقت ساڻس
ڪجهه ڳالهائي ٿي وروتو.
حيدرآباد ۾ جڏهن هن گاڏي وڃي زرينا جي ڀاءَ جي در اڳيان بيهاري
هئي، تڏهن کيس چيو هئائين، ”بادل جي پڙهائيءَ جو
خيال ڪجانءِ.“ سندس آواز ڀرجي آيو هو. کيس لڳو هو،
ڄڻ هو اوچتو ڦاٽي پوندو!
پوئين سيٽ تي ويٺل زرينا سوٽ ڪيس کڻي ڪار مان لهي وئي هئي، ۽
ڪال بيل جي بٽڻ تي وڃي هٿ رکيو هئائين.
بادل ڪار مان هيٺ لٿو هو، ته هو به ڊرائيونگ سيٽ ڇڏي ٻاهر نڪري
آيو هو، ۽ بادل کي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو هئائين. ”توهان
اسان کي ڪڏهن وٺڻ ايندا بابا؟“ بادل کانئس پڇيو
هو.
”پٽ اهو سوال پنهنجي اميءَ کان پڇجانءِ“، هو ٽٽڻ، وکرڻ لڳو هو.
زرينا ڪاوڙ مان بادل ڏانهن ڏٺو هو، ۽ انهيءَ گهڙي
ئي اندران گيٽ کلڻ جو آواز ٿيو هو، ته بادل مان هٿ
ڪڍي وڃي ڊرائيونگ سيٽ تي ويٺو هو. دروازو کليو ته
هن ڪنڌ ورائي ڏسڻ کان سواءِ چاٻيءَ کي اگنيشن سئچ
۾ ڦيرائي ڇڏيو هو. ڪار هڪ جهٽڪي سان اڳتي وڌي وئي
هئي.
ان ڏينهن خبر ناهي ڪيئن هو حادثن، موت جي منهن مان بچندو، سپر
هاءِ وي تي ڊرائيو ڪري ڪراچيءَ پهتو هو. هن ڪيترن
ڏينهن تائين زرينا جي ڪنهن خط، ڪنهن فون ۽ ڪنهن
نياپي جو انتظار ڪيو هو، پر سندس اوسيئڙو رڃ جو
پاڇو ثابت ٿيو هو. تڏهن پاڻ زرينا کي فون ڪرڻ شروع
ڪيو هو، پر هر دفعي هن ساڻس ڳالهائڻ کان انڪار ڪري
ڇڏيو هو.نيٺ هڪ ڏينهن زرينا ساڻس ڳالهايو هو.
ڳالهايو به ڇا هئائين، ”مسٽر مان نفرت ٿي ڪيان
توکان ۽ تنهنجي گهر کان! جيڪڏهن اڃا به تو مون کي
طلاق جا ڪاغذ نه موڪليا ته منهنجي موت جو ذميوار
تون هوندين!“
”جيڪڏهن تون مون کان نفرت ٿي ڪرين ته تنهنجي عشق ۾ مري مان به
ڪونه ويندس!“ هن به سخت لهجي ۾ کيس جواب ڏنو هو، ۽
ڪاوڙ مان فون بند ڪري ڇڏيو هئائين.
ٻئي ڏينهن تي ئي هن طلاق جا ڊاڪيومينٽس زرينا کي پوسٽ ڪري ڇڏيا
هئا.
کڙڪيءَ مان ايندڙ هوا جي تيز جهوٽي سان پردو اچي سندس چهري سان
ٽڪرائجي ٿو، ۽ سندس پنبڻين مان ٻه لڙڪ ٽمڪي سندس
ڏاڙهيءَ ۾ وڃي اٽڪن ٿا، ۽ هو ماضيءَ جي پاتال مان
نڪري اچي ٿو.
”بادل جو فون هو.“ زرينا جو آواز سندس ڪنن سان ٽڪرائجي ٿو.
هو ٻئي هٿ پنهنجي چهري سان مهٽي، ٽميل ڳوڙهن کي صاف ڪري، زرينا
ڏانهن ڏسي ٿو. زرينا دروازي مان اڳتي وڌي اچي صوفا
جي ڀرسان بيٺي آهي. سندس هٿ ۾ جهليل پليٽ ۾ ٻه
سينڊوچ رکيل آهن.
”توهان منهنجي لاءِ ته کيس نه ٻڌايو؟“
”نه، توهان جهليو جو هو. زرينا پليٽ ٽيبل تي رکي ٿي. ”توهان
ڪجهه کائو.“
هو اڳتي وڌي وڃي صوفا تي ويهي ٿو. زرينا سندس سامهون ويهي رهي
ٿي.
”منهنجي خيال ۾ توهان بادل کي پنهنجي اچڻ جو اطلاع به نه ڪيو
هو.“
”ها، مون کيس سرپرائيز ڏيڻ ٿي چاهيو. ڪنهن مهل ايندو بادل؟“
”چيائين، اڃا ڪجهه ڪم رهيل آهي. ان کانپوءِ صوفيا کي هاسٽل تان
وٺي ايندو. شايد کيس ٻه اڍائي ڪلاڪ لڳي وڃن.“
پٽ جون مصرفيتون ٻُڌي مرڪي پوي ٿي.
”توهان واپس ڪڏهن پهتا آهيو؟“ زرينا سوال ڪري ٿي.
”ائيرپورٽ کان سڌو هتي آيو هوس.“
”بادل ٻڌايو هو، توهان اٺن مهينن کان ٻاهر هئيو!“
”ها، فارايسٽ کان ٿيندو يورپ هليو ويو هوس. مختلف ملڪن ۾ ڀٽڪندو
رهيو آهيان، ڪنهن آواراه بادل جيان!“ ڏاڙهيءَ ۾ هٿ
ڦيرائيندو رهي ٿو.
”توهان سينڊوچ وٺو نه، خبر ناهي لنچ به ڪئي اٿو يا نه!“
”مسافر آهيان مان ته.... ڪهڙي ترتيب هوندي آهي ڪنهن مسافر وٽ
ظاهري طور تي ته مون اٺ مهينا ٽريول ڪيو آهي
پر...... “ جملي کي اڌورو ڇڏي ٿو ڏي.
”پرڇا؟!“ زرينا تجسس مان پڇي ٿي.
”لڳي ٿو، مان ٻارنهن سالن کان سفر ۾ آهيان. شايد منهنجي سفر جي
شروعات ٻارنهن سال اڳ سپر هاءِ وي تان ٿي هئي!“ هو
ڪنڌ جهڪائي ٿو ڇڏي.
”توهان سينڊوچ ته وٺو نه!“ زرينا موضوع کي بدلائڻ جي ڪوشش ٿي
ڪري، پر هوءَ پنهنجي من جي هاءِ وي تي ڪنهن وڏي
حادثي جو درد ٿي محسوس ڪري.
هو پليٽ کڻي زرينا ڏانهن وڌائي ٿو.
”نه، مون کي ضرورت ناهي.“
”پليز وٺو.“
زرينا هڪ سينڊوچ کڻي وٺي ٿي. هو ٻيو سينڊوچ کائڻ لڳي ٿو. سينڊوچ
کائي، ٽيڪ ڏئي آهلي ٿو پوي. زرينا اڌ کاڌل سينڊوچ
پليٽ ۾ واپس رکندي چوي ٿي، ”ڪجهه دير اڳ مون توهان
کي هڪ جملو چيو هو!.“
”ڇا؟“ هو سڌو ويهي ٿو.
”سيپريشن جي معاملي ۾ توهان اڃا به مون کي ڏوهي ٿا سمجهو؟“
”خبر ناهي!“ هو ٿڌو ساهه کڻي ٿو، ”ڪير فيصلو ڪري سگهندو!“
”ڇا.... ڇا توهان کان پنهنجو رويو وسري ويو آهي؟“ زرينا منجهڻ
لڳي ٿي.
”منهنجو رويو ته مان ڇا سمجهان ٿو ڪڏهن به توهان سان خراب نه
رهيو هو!“
”نه، منهنجو مطلب آهي.... گهر کان ٻاهر توهان جون مصروفيتون..
گهر کان ٻاهر جي ڪمپني........“
”منهنجي ڪمپنيءَ ۾ ڪابه بُرائي نه هئي زرينا!“ هو اعتماد سان
وراڻي ٿو.
”ها....شايد.... انهيءَ معاملي ۾ ڪڏهن ڪڏهن مان به ائين ئي
سوچيندي آهيان. منجهي پوندي آهيان.“ هوءَ ڪنڌ
لوڏي. ڌيمي لهجي ۾ وراڻي ٿي.
”مان اڄ تائين سمجهي نه سگهيو آهيان، ته توهان وٽ مون کان بدظن
ٿيڻ جا ڪهڙا ٺوس جواز موجود هيا؟“
”خبر ناهي... خبر ناهي مون کي... ”زرينا اندر ئي اندر جهُرڻ لڳي
ٿي. سندس جيءَ کي لڳل جهوري اوچتو ڪَرَ موڙڻ لڳي
ٿي، ۽ سندس اکڙيون کيس وسڻ جا ويس ڪندي محسوس ٿين
ٿيون.
”زرينا! مون ڪڏهن اهو تصور به نه ڪيو هو ته وري ڪڏهن زندگيءَ ۾
توهان سان هيئن روبرو ويهي ڳالهائي سگهندس.“ هو ڏک
مان وراڻي ٿو، ”فضائن ۾ ڦهلجي ويل دز وقت سان گڏ
ويهجي ويندي آهي، تڏهن ڌنڌ ۾ گم ٿي ويل سڀ منظر
اسان جي اکين اڳيان چٽا ٿي پوندا آهن. دل اندر
اُٿيل گرم هوائن جي سرد ٿيڻ کان پوءِ سوچ جي غلطين
جي تعين ڪري سگهبو آهي!“
زرينا جي نيڻن مان لڙڪ لڙي ٿا پون. هوءَ رئي جي پلو سان ڳوڙها
اگهڻ لڳي ٿي. هو اٿي ڊرائنگ روم کان ٻاهر هليو ٿو
وڃي.
پاڻيءَ جو گلاس کڻي اچي زرينا جي اڳيان جهلي ٿو.
”مهرباني!“ زرينا کانئس گلاس وٺي چپن ڏانهن وڌائي ٿي.
هو صوفا تي وڃي ويهي رهي ٿو. زرينا گلاس ٽيبل تي رکي ٿي ته هو
ڳالهائي ٿو، ”توهان جي مون کان بدظن ٿيڻ جو سبب
شاني ته نه هئي؟“
زرينا جي چهري تي هڪ رنگ اچي اُڏامي ٿو وڃي. هوءَ سندس سوال جو
ڪوبه جواب نٿي ڏئي. سندس چهري تي سوچ جون ريکائون
ماضيءَ ڏانهن ويندي محسوس ٿين ٿيون.
”مڃان ٿو ته مان باقاعدگيءَ سان شانيءَ سان ملندو هوس. هوءَ
ڏاڍي ميچوئر ڊراما آرٽسٽ هئي. اتفاق آهي ته عام
طور تي مون سان گڏ کيس گهڻو ڪاسٽ ڪيو ويندو هو، ۽
گهڻي ءَ حد تائين اسان ۾ ذهني هم آهنگي به هئي.“
هڪ لمحي لاءِ هو رڪجي ٿو ته زرينا هڪ جملو ڳالهائي وٺي ٿي، ”۽
هوءَ خوبصورت به هئي!“ |