گابريل لائوب
ولي رام لڀ
ڏُکارو منطق
چيڪ/ جرمن
ايفورِزم
(Aphorism)
هڪ مختصر پرحامع جملي کي چئبو آهي، جيڪو مثال
ڏيئي، ڀيٽ ڪرڻ جي ذريعي يا ڪنهن شيِءِ جي خلاف
اظهار راءِ سان پڙهندڙ کي سوچڻ تي مجبور ڪري.
ايفورزم جي لفظي معنيٰ آهي مختصر، اڻپورو ۽
زوردار. يوناني فيلسوف هيپوڪراٽس کي انهيءَ صنف جو
مهندار ڪوٺيو ويندو آهي. جرمن ادب ۾ گوئٽي ۽
فليسوف شوپنهار ۽ نيچي (نطشي) انهيءَ صنف کي
ڪاميابيءَ سان استعمال ڪيو آهي. سهيوڳي ادبين ۾
خاص ڪري گابريل لائوب انهيءَ صنف تي ڪم ڪيو آهي.
لائوب 1928ع ۾ چيڪو سلاواڪيا جي اُن حصي ۾ پيدا
ٿيو، جتي جرمن زبان ڳالهائي وڃي ٿي. تعليم پراگ ۾
حاصل ڪيائين ۽ اُتي ئي صحافي ۽ اديب جي حيثيت سان
پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ڪيائين. 1928ع ۾
جڏهن چيڪو سلاواڪيا ۾ روسي فوجون گھڙي آيون ته هو
مغربي جرمنيءَ هليو ويو. ”ڏُکارو منطق“ جي عنوان
سان هن ايفروزم جو هڪ مجموعو شايع ڪيو هو. هيٺيون
مواد اُنهيءَ مان چونڊيو ويو آهي.
منطق هيٺئين طبقي جي شيءِ آهي. معزز ۽ طاقتور ماڻهو انهيءَ کان
سواءِ ئي پنهنجو ڪم ڪڍيو وڃن. جنهن شخص کي سزاوار
هئڻ کان سواءِ سزا ڏني ويندي آهي، اُن جو ذميوار
هو پاڻ آهي. هن کي ڪو سزا جوڳو ڪم ڪرڻ گھرجي ها.
ڪوبه شخص ايتري قدر عقلمند نٿو ٿي سگھي جو هو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجو
پاڻ کي عقلمند انسان نه سمجھندو هجي.
هر شخص پيسن خاطر شادي ڪندو آهي. کيس گھٽ ۾ گھٽ اها سُڌ ته آهي
ته هن شادي ڇا لاءِ ڪئي هئي.
حسابي علم اسان کي سيکاري ٿو ته ٻُڙين کي نظر انداز نه ڪرڻ
گھرجي.
ٻن ٻُڙين جي وچ ۾ ايڏو وڏو تفاوت نٿو ٿي سگھي.
جيڪو به پنهنجي پاڻ کي پيٽ ڍاول ۽ تازو توانو ڏسڻ جي خواهش رکي
ٿو، وٽس سڀ ڪجھ ڳڙڪائڻ جي صلاحيت به هجڻ گھرجي.
وقت پئسي جي برابر آهي؟ اها شيءِ ڪنهن ٻئي هنڌ دريافت ٿي. اسان
وٽ انهيءَ قسم جي تحقيق لاءِ نه وقت آهي ۽ نه ئي
پيسو.
جڏهن سمورا ماڻهو بي ڊپا هجن ته اها ڳالهه ڊيڄارڻ لاءِ ڪافي
آهي.
جنگ ۾ هر ڳالهه ممڪن آهي. انهيءَ پهلوءَ کان اها امن سان هڪ
ڀيرو مشابهت رکي ٿي.
چريا سچي ڳالهه چوندا آهن. انهيءَ ۾ سچي ڳالهه جو ڀلا ڪهڙو
ڏوهه؟
خدا بنان سنڀال جي بيوقوفن کي پيدا ڪيو. انهن جي ڇوٽڪاري لاءِ
کيس سينسر وارا پيدا ڪرڻا پيا.
هن ڪڏهن ڦاسيءَ جو حڪم پاڻ نه لکيو. اهو ڪم هميشه هن جي
سيڪريٽريءَ ڪيو.
نظرين جي سهاري انسان هِن طرح نٿو جيتي سگھي جو انهن کي مقابلي
۾ شامل ٿيڻ کان روڪيو وڃي.
ورهين جي ڪوشش کان پوءِ، هن پنهنجي سهيوڳين جي خيالن کي سمجھڻ
جو فن سکيو. ٿوري عرصي کان پوءِ هو مري ويو
بيڪاريءَ جي سبب.
”انسان سموري قوم کي مسلسل دوکو نٿو ڏيئي
سگھي.......“ وچ ۾ وقت بوقت ساهي ڏيڻ گھرجي.
جنرل اهو جمعدار آهي، جنهن کي هر هر ترقي ڏيڻ ۾ ايندي رهي.
آئيڊيلسٽ اهو شخص آهي، جيڪو پنهنجو آئيڊيل رقم وصول ڪرڻ لاءِ
ڇڏي ڏيندو آهي.
ڪڏهن ڪڏهن انسانيت پنهنجي ترقيءَ جي منطقي رستي کان ڀٽڪي ويندو
آهي. اهو ئي سبب آهي جو ان جو وجود اڃا تائين ملي
ٿو.
”مان جنهن کي چاهيان ان جو پيڇو ڪري سگھان ٿو.“
سپاهيءَ چيو. ”اهو ثبوت آهي مڪمل آزاديءَ جو.“
مان به انسان آهيان، پر اها ڳالهه ڪنهن سان به نه ڪج.
حڪم هر ڪو ڏيئي سگھي ٿو. حڪم جي تعميل گھڻو ڪري هر ڪو ڪري سگھي
ٿو. پوءِ انسانن لاءِ صلاحيتن جي ڀلا ڪهڙي ضرورت
ٿي رهي؟
وٽس اها شيءِ وڪرو ڪرڻ جي صلاحيت آهي، جيڪا سندس اندر ۾ ناهي.
چترڪار ”س“ جي پينٽنگس ۾ ڪجھ خُدائي جھلڪي ٿي. هو جڏهن لينڊ
اسڪيپ ٺاهي ٿو ته اُهي ماسٽر پيس هوندا آهن، پر
جڏهن انسانن جون تصويرون ٺاهي ٿو ته انتهائي بيڪار
لڳندو آهي.
هو ته گھڻو ڪري ڪلاسڪ جو درجو ماڻي چڪو آهي. هاڻي ته سندس ڪتاب
ڪو ورلي ئي پڙهي ٿو.
ادب جو آئيندو ايفورزم ۾ آهي. انهيءَ جي فلم نٿي ٺاهي سگھجي.
ايفورزم ۾ هڪ خوبي ٻين سڀني صنفن کان وڌيڪ آهي. ماڻهو انهن کي
پورو ڪرڻ کان اڳ هڪ پاسي نٿا رکن.
انسانيت سان محبت ڪرڻ؟ پهرين رڳو هڪ انسان سان محبت ڪري ته
ڏسو...
سوچ ويچار تي ٽئڪس لڳائڻ ايڏو ڏکيو ثابت نه ٿيندو. هر اهڙي شخص
جو، جيڪو سوچ ويچار جو عادي آهي، هڪ فائيل موجود
آهي.
فوج جو آفيسر، هڪ اُهو ماڻهو جنهن کي امن جي ڏينهن ۾ خوب
کارائبو پياربو آهي ته جيئن هو اسان کي جنگ جي
ڏينهن ۾ محاذ تي موڪلي سگھي.
هڪ آزاد انسان اهو شخص آهي، جنهن کي گھٽ ۾ گھٽ پنهنجي آزاد نه
هئڻ جو احساس ٿي چڪو آهي.
گھڻن ماڻهن لاءِ سياست هڪ
Hobby
جو درجو رکي ٿي، جيئن ٽپال جون ٽڪليون گڏ ڪندڙ اهو
فيصلو ته نٿا ڪري سگھن ته ڪهڙيون ٽڪليون جاري ڪيون
وڃن پر جيڪو به هوشيار آهي، اهو انهن مان ڏاڍا
پيسا ڪمائي سگھي ٿو.
حاڪم چيو: منهنجي رعيت آزاد آهي ۽ کيس آزاديءَ سان محبت ڪرڻ جو
حڪم آهي.
خودڪشي ڪندڙن کي ناجائز طور رياست جي حقن ۾ دست اندازي جي الزام
هيٺ سزا ملڻ گھرجي.
ظالم حاڪم چرچو ڪيو. هن هڪ ڏوهاري کي سچ پچ سزا ڏيئي ڇڏي.
”جيڪو به مهاتما ٻُڌ جي تصوير ٺاهي ٿو، اهو ٻُڌ ۾
ايمان نٿو رکي.“ هڪ چيني پهاڪو آهي- اسان ٻُڌ جي
تصوير ٺاهي ۽ اُن تي ايمان آندو.
مان اعلان ڪريان ٿو ته مان امن جي قيام لاءِ هر اها ڳالهه ڪندس،
جيڪا منهنجي اختيار ۾ هوندي. انهيءَ اعلان جي
ذريعي مون امن جي قيام لاءِ هر اُها ڳالهه ڪئي
آهي، جيڪا منهنجي اختيار ۾ هئي.
آڳاٽي زماني ۾ هر غير شادي شده ڇوڪري ڪنواري سمجھي ويندي هئي.
اڄ ڪلهه هر ملازم کي ڪم ڪندڙ سمجھيو وڃي ٿو.
جنهن جنگ نه ڏٺي آهي، اُن کي اها سُڌ نٿي پئجي سگھي ته جنگ کان
اڳ جو زمانو ڪيڏو شاندار هو.
ڪاغذ صابر شيءِ آهي. اهو سچي ڳالهه کي به برداشت ڪري وٺي ٿو.
اهو چوڻ فقط پروپگيندا آهي ته اخبارون پنهنجي پڙهندڙن کي سوچڻ
تي مجبور نٿيون ڪن. اُهي باقاعدگيءَ سان معما
شايع ڪنديون آهن.
رستا جيڪي ڪيڏانهن نٿا وڃن، اهي انتهائي پُر امن هوندا آهن.
ٽريفڪ جي حادثن ۾ ڏوهاري اُهي آهن جيڪي زندهه بچي نڪتا. سياسي
حادثن ۾ معاملو اُبتو آهي.
پنهنجي ڪمزوريءَ کي وقت جي سر تي نه مڙهيندا ڪريو. اُن جون
پنهنجون ڪمزوريون ڪافي آهن.
آخر ڪوئن کي ڇو ٿو ننديو وڃي جو اُهي ٻڏندڙ ٻيڙيءَ کي ڇڏيو وڃن؟
ٻڏندڙ ٻيڙيءَ ۾ ڪوئن جي ڀلا ضرورت به ڪهڙي آهي؟
مان سوچ ويچار ڪرڻ تي ٽئڪس لڳائڻ جو مطالبو ڪريان ٿو، جيئن اُن
جي قانوني حيثيت بنجي سگھي.
سوچ ويچار تي ٽئڪس هيستائين رڳو انهيءَ سبب ڪري نه لڳايو ويو
آهي، جو انهيءَ جي هئڻ سان تمام گھٽ آمدني ٿيندي.
دليلن جي مقابلي ۾ حوالا بهتر آهن. حوالن جي ذريعي پنهنجي مد
مقابل کي قائل ڪرڻ کان سواءِ انسان بحث ۾ جيتي
سگھي ٿو.
معاشري انسانن کي غلاميءَ جي حالت ۾ رکڻ خاطر ٽي شيون ايجاد
ڪيون آهن- طاقت، پيسو ۽ آزادي.
انسان هڪ ئي وقت دوران ٻن صوفن تي نٿو ويهي سگھي. پر انهن تي
آرام سان ليٽي ضرور سگھي ٿو.
حاڪم طبقو جيڪو دوکيبازيءَ وسيلي طاقت کي پنهنجي هٿ وس رکي ٿو،
پنهنجي انسانيت نوازيءَ ۽ پنهنجي نيڪ ارادن جو
ثبوت ڏيندو آهي. اهو طاقت جو استعمال به ته ڪري
سگھي ٿو.
”مان ۽ منهنجو گڏهه.“ انهيءَ شخص چيو، جيڪو گڏهه
جي پُٺيءَ تي چڙهيل هو. ”اسان مڪمل طور آزاد آهيون
۽ جتي چاهيون اوڏانهن چڙهي وڃي سگھون ٿا.“
”ها، ها. درست آهي.“ گڏهه چيو.
جيڪڏهن غلام ايتري قدر ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ٿين ها جيتري قدر اڄ
ڪالهه آزاد انسان ڪن ٿا ته اڄ به غلامي جو زمانو
هجي ها.
غلام: اهي اُهي ماڻهو هئا، جن جي هڪ مقرر قيمت هوندي هئي.
ڪتا جيڪي ڀونڪندا آهن اُهي چڪ نه پائيندا آهن. پر اهي مسلسل ته
نٿا ڀونڪن.
انسان هميشه بدلبو رهندو آهي، پر انسانيت ۾ ڪا به تبديلي نٿي
اچي. |