سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1994ع

مضمون

صفحو :12

ڊاڪٽر الهه رکيو ٻُٽ

 

”فوائد الاخبار“- سنڌ جي پهرين سنڌي

پارسي هفتيوار اخبار

 

انگريز جنرل سر چارلس نيپئر سن 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪري، هن الڳ ٿلڳ ملڪ کي وسيع برطانوي راڄ جو حصو بڻايو. تاريخ جي ان اهم ترين اٿل جي نتيجي ۾ سنڌ اندر نئين تهذيب ۽ تمدن جو جيڪو وڏو سيلاب آيو، ان ۾ ڇاپخاني جو رائج ٿيڻ هڪ نهايت خوش آئند باب ليکيو وڃي ٿو. اسان ان حقيقت کان بخوبي واقف آهيون ته سنڌ ۾ سڀ کان آڳاٽي پريس خود فاتح سنڌ نيپئر قائم ڪئي هُئي. سنه 1845ع جي وچ ڌاري قائم ٿيندڙ ان ڇاپخاني جو نالو ”ڪراچي ائڊورٽائيز پريس“ هو. منجھائنس ساڳئي نالي جي هفتي ۾ ٻه دفعا نڪرندڙ انگريزي اخبار سنڌ جي سڀ کان آڳاٽي اخبار ليکي وڃي ٿي. سن 1845ع کان 1852ع تائين سنڌ اندر هو واحد ڇاپخانو هو، جنهن مان هفتي مان ٻه دفعا نڪرندڙ اخبار کان سواءِ سنڌي ٻوليءَ جا بنيادي ڪتاب جھڙوڪ، حڪايت الصالحين (1851ع) ۽ دوساڀائيز سينٽينسِز (1852ع) ڇپجي پڌرا ٿيا.

سنه 1851ع ۾ سنڌ اندر هڪ وڏي خوش آئند تبديلي آئي. ان سال سنڌ جون واڳون هڪ نوجوان ۽ وسيع النظر انگريز سر بارٽل فريئر جي حوالي ٿيون. سنڌ اندر فريئر جون سر انجام ڏنل خدمتون بي شمار آهن. هت اسان سنڌي ٻولي، ادب ۽ جديد تعليم جي حوالي سا جديد سنڌي الف- ب جو جڙڻ، درسي ۽ عام ڪتابن جو لکجڻ ۽ ڇپجڻ، سنڌ اندر سنڌي زبان جي اخبار نويسي ۽ خاص ڪري سنڌي ۽ پارسي زبانن ۾ شايع ٿيل پهرين اخبار ”فوائد الاخبار“ جو ذڪر ڪنداسين. مذڪور اخبار  پڌري ڪرڻ جو سڌو سنئون تعلق 1857ع واري جنگ آزاديءَ سان هو. سنڌ بلڪ پوري هندستان اندر انگريز حڪمران ان راءِ جا هئا ته 1857ع واري ڏکئي دور ۾ ڏيهي اخبارن انگريز سرڪار لاءِ سڀ کان گھڻو خُلم مچايو. ڏيهي ماڻهن کي انگريزن جي خلاف ڀڙڪائڻ سان گڏ جنگ جي دائري کي هندستان کان ٻاهر افغانستان ۽ ايران جي حدن اندر وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي. سنڌ اندر سر بارٽل فريئر حڪومت جي اسسٽنٽ ڪمشنر جاگيرس ۽ تعليم کاتي جي انچارج ميجر گولڊ سمڊ، جيڪو ڏيهي ٻولين جي ٿوري واقفيت رکندو هو، تنهن ڏيهي پريس متعلق پنهنجي ڳجھي رپورٽ ۾ ڏيهي زبانن ۾ شايع ٿيندڙ اخبارن پاران حڪومت کي وڌل نقصان تي ڀرپور روشني وڌي. هن صاحب سنڌ سرڪار اڳيان هڪ تجويز پيش ڪئي ته سنڌ اندر راءِ عامه کي برطانوي راڄ جو سچو وفادار  ۽ حامي ٺاهڻ لاءِ ڏيهي زبان ۾ سرڪاري اخبار جاري ڪرڻ نهايت موزون ۽ وقتائتو قدم ٿيندو. هن اها رٿ پيش ڪئي ته سنڌ جي گاديءَ واري هنڌ ڪراچي مان تعليم کاتي جي زير نگرانيءَ هڪ هفتيوار سنڌي ۽ پارسي اخبار جاري ڪري مٿيون مقصد بخوبي حاصل ڪري سگھجي ٿو. ان ڏس ۾ دلچسپي جي ڳالهه اها به آهي ته 1857ع ۾ سنڌ جي تعليم کاتي هڪ جدا ليٿو پريس به قائم ڪري ورتي هئي، جتي گولڊ سمڊ ان اخبار کي ڇاپڻ جي حامي ڀري. سر بارٽل فريئر پنهنجي وفادار آفيسر جي سفارش مڃيندي ڪراچي مان هفتيوار پرچي ”فوائد الاخبار“ جاري ڪرڻ جي اجازت ڏني.

15 مئي 1858ع ڇنڇر ڏينهن سنڌي ۽ پارسي زبانن ۾ مٿئين نالي واري هفتيوار اخبار جاري ٿي. اخبار ۾ پوندڙ مواد جو گڏ ڪرڻ، سهيڙڻ سان گڏوگڏ ڇپائيءَ ۽ اخبار کي پڙهندڙن جي هٿن تائين رسائڻ جو سڀ ذميواريون ميجر گولڊ سمڊ پنهنجي هٿن ۾ کنيون.

اپريل 1858ع ۾ ميجر گولڊ سمڊ جي صحيح سان ”فوائد الاخبار“ بابت انگريزي ٻوليءَ ۾ جيڪو نوٽيس جاري ٿيو، انجو سنڌي ٻوليءَ ۾ لب لباب هن ريت پيش ڪجي ٿو:

”ڇنڇر ڏينهن تاريخ 15 مئي 1858ع تي سنڌ سرڪار جي ڇاپخاني مان تعليم کاتي جي زير نگرانيءَ سنڌي ۽ پارسي ٻولين ۾ هفتيوار اخبار فوائد الاخبار جو پهريون پرچو نڪري نروار ٿيندو.

”منجھس مواد 16 وڏن ڪالمن تي مشتمل هوندو، جن جو ٿلهي ليکي اندازو هن ريت هوندو:

صوبائي خبرون                        ٻه ڪالم

سنڌ جي تاريخ جو اصل باب          ٽي ڪالم

زراعت تي مواد                                هڪ ڪالم

سائنسي ۽ تعليمي مواد                      هڪ ڪالم

ايڊيٽر پاران دلچسپ موضوع تي مواد        ٽي ڪالم

يورپي خبرن جو اختصار                        ٻه ڪالم

هندستاني خبرن جو اختصار           ٻه ڪالم

طنز و مزاح ۽ عام وندر جو مواد              ٻه ڪالم

”تاريخ، زراعت ۽ سائنس بابت مواد کي الڳ ڇاپي اسڪولن ۾ مفت تقسيم ڪرڻ جو بندوبست ڪيو ويندو. عام ماڻهو ساڳيو مواد هڪ آني عيوض سرڪاري ڇاپخاني مان حاصل ڪري سگھندو. اخبار جو مجموعي اگھه اٺ آنا في پرچو هوندو. پر مقامي مڙني خريدارن سان هيٺئين جدول مطابق رعايت ڪئي ويندي.

سرڪاري ملازم....................چار آنا في پرچو يا ٽي روپيا سماهي

صوبي اندر ذميدار يا ٻيا ڏيهي ماڻهو........ٻه آنا في پرچو يا ڏيڍ روپيو سماهي

”اخبار جو چندو اڳواٽ وٺڻ ۾ ايندو. تعليم کاتي جو منشي اخبار جو چندو وصول ڪري رسيدون جاري ڪندو ۽ درخواستون وٺندو.“

”فوائد الاخبار“ جاري ڪرڻ جا سبب بيان ڪندي، اخبار نويسي جي فائدن جو به ذڪر ڪيو ويو ۽ ٻڌايو ويو ته رڳو لنڊن شهر مان ان وقت 133 اخبارون نڪرندڙ هيون، جن مان ڪي روزانه، ڪي هفتيوار، ڪي هفتي ۾ ٻه دفعا ته ڪي وري هفتي ۾ ٽي دفعا جاري ٿيندڙ هيون. انهن مان اڪثر روزانيون اخبارون ڪڍندڙ مالڪ يا مهتمم نهايت اعليٰ پايي جون صلاحيتون ۽ لياقتون رکندڙ شخص هئا. اِهو به ذڪر ڪيو ويو ته ڏيهي ماڻهون فقط ”ٽائيمس“ جي عام پرچي جي ضخامت ۽ معيار ڏسي حيران ٿي ويندا. اهو به ٻڌايو ويو ته ڪراچي نيٽو جنرل لئبرريءَ ۾ پڙهڻ لاءِ ويندڙ شخص ان حقيقت کان باخبر هوندا ته لنڊن جي مذڪور اخبار ڪيڏي نه وڏي شان ۽ شوڪت واري اشاعت آهي. انگريزي ٻولي ۾ لکيل ان تعارفي مضمون ۾ لنڊن مان شايع ٿيل اخبارن جي شان ۾ نهايت گھڻو مواد ڏنل آهي.

ان تمهيد جو مقصد اهو هو ته سنڌ جي ڏيهي ماڻهن تي انگريزي تهذيب ۽ تمدن جو رعب طاري ڪري انهن کي هميشه لاءِ مطيع ۽ سرنگون رکيو وڃي. اسان بخوبي ڄاڻون ٿا ته ان انگريز سامراج گھڻو ڪري ڪامياب ۽ ڪامران ٿيو.

تاريخ جي اها ستم ظريفي چئجي ته ڏيهي زبانن ۾ سنڌ مان نڪرندڙ هن سڀ کان آڳاٽي اخبار جو هڪ به پرچو ملي نه ٿو سگھي ۽ نه وري اها خبر پئجي سگھي آهي ته اها اخبار ڪيترو وقت جاري رهي. ان جي سرڪيوليشن وغيره جو به پتو نه ٿو پوي. ها باقي ايترو چئي سگھجي ٿو ته اها اخبار ليٿو ۾ نڪرندي هئي. سنڌ جي پراڻي رڪارڊ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪندي هن اخبار جي پهرين پرچي ۾ ڇپائيءَ لاءِ تجويز ڪيل مواد مليو آهي، جن جا عڪس پڙهندڙ جي دلچسپي خاطر هتي ڏنا وڃن ٿا.

گمان غالب آهي ته ”فوائد الاخبار“ سٺي ڪاميابي نه ماڻي ۽ نه وري ڪو گھڻو وقت جالي سگھي. ان جي ناڪامي جا مکيه سبب هيٺيان ڳڻائي سگھجن ٿا. فاتح قوم انگريز خلاف ڏيهي ماڻهن جي نفرت چوٽ تي هئي. جديد تعليم اڃا سنڌ اندر پنهنجون پاڙون پختيون نه ڪيون هيون. ان وقت پڙهيلن جي شرح تمام گھٽ هئي. سنڌي ٻولي جي نئين الف- ب جڙئي کي ڪو گھڻو وقت ڪو نه ٿيو هو ۽ صورتخطي جي هڪ معياري شڪل مروج نه ٿي هئي. اخبار جي قيمت تمام گھڻي رکي ويئي هئي. آمدرفت جا وسيلا اڃا سڌريل نه هئا، جو اخبار جلدي ۽ آسانيءَ سان سنڌ ۽ هند جي ڏورانهن علائقن تائين وقت تي رسي سگھي. خريد ڪندڙن ۽ پڙهندڙن سان گڏ اخبار لاءِ لکندڙن جي اڻاٺ کي به رد ڪري نه ٿو سگھجي.

”فوائد الاخبار“ جي مقابلي ۾ سنڌ سرڪار جي تعليم کاتي جي زير نگرانيءَ 1866ع ۾ نڪتل سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپجندڙ ”سنڌ سڌار“ وڌيڪ ڪامياب رهي، گھڻو وقت جاري رهي ۽ سنڌي ٻولي، ادب، تعليم ۽ ثقافت جي ڀرپور خدمت ڪيائين. اهو ان ڪري جو هن نئين اخبار کي گھڻو ڪري مٿي ڄاڻايل دقتون درپيش ڪونه هيون.

 

حوالا

(1) E.B: “Karachi: A birds eye view”, Culcutta Review, vol. 91(july 1890) p.125

(2) Azimushan Haider: “History of Karachi, with special reference to educational, demographical and commercial development, 1839-1900” (Karachi:, 1974) p.17, b.

(3) Goldsmid to Frere: Records of the commissioner in Sindh (RCS) 29 October 1857, MS.

(4) Goldsmids notice: Records of the Commissioner in Sindh (RCS), April, 1858, MS.

سر بارٽل فريئر

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com