بيدل مسرور
ماهيا
لوڪ ورثي جي قومي اداري طرفان جڏهن پنجابي زبان جي خوبصورت
شاعريءَ ”ماهيا“ تي ڪتاب شايع ٿيو، تڏهن کان ئي
مون کي انهيءَ شاعريءَ کي پڙهي دل ۾ ان جي ترجمي
ڪرڻ جو شوق جاڳيو هو. ترجمي ڪرڻ جو بنيادي ڪارڻ
اهو آهي جو هن شاعريءَ اندر، ڪنهن پهاڪي، اصطلاح
يا چوڻيءَ وانگر تجربي جو هڪ مڪمل نچوڙ سمايل آهي:
مثال طور:-
پيرن ۾ پراڻا بوٽ آهن،
پرديسي ماڻهن جا،
ٺڪاڻا دور هوندا آهن.
ڇت مان پاڻي ڳڙندو آهي،
جن جا يار جدا ٿي ويندا آهن،
اهي اندران در بند ڪري رئندا آهن.
ڪنگڙين جا ٽڪرا آهن،
جدائيءَ جا لمحا،
وڏيءَ مشڪل سان گذرندا آهن.
پاڙي ۾ دل لڳائڻ
وڏي نا سمجھيءَ جي ڳالهه آ.
باغ ۾ شينهن مري ويو،
جڏهن ياري ٽٽي ويندي آ،
ته ڪو به نه پڇندو آ ته ڇا ٿيو؟
ياري ٽوڙي اچڻ وارن جا چهرا،
چغلي هڻندا آهن.
ٽٽل شيشو جڙندو ناهي،
خدا جو قسم، اي ماهيا،
ڏنل دل واپس نه وٺبي آهي.
جن جا سڄڻ هليا ويندا آهن،
اهي ديوارن سان،
ڀاڪر پائي رئندا آهن.
هر ڪنهن خطي کي پنهنجون هڪ لوڪ ڪلاسيڪي ورثو هوندو آهي، جنهن ۾
گيت، ڪهاڻيون، پنهنجي خطي جي ڪچن توڙي پڪن گھرن،
جھومندڙ جھولندڙ کيتن، مٽيءَ جي دڙن، ڊٻن، دريائن،
شاديءَ غميءَ توڙي محبتن ۽ دردن جي ڀرپور عڪاسي
ڪندڙ نقطا هوندا آهن.
ماهيا به لوڪ گيتن جي هڪ صنف آهي جا پنجاب جي خطي ۾ ئي مقبول
آهي، خاص طور راولپنڊي، ميانوالي، جھلم، گجرات،
سرگوڌا ۽ ملتان وغيره. هيئت جي لحاظ کان ماهيا ٻن
ٽڪرن ۾ ورهايل هوندو آهي، جنهن کي اسان ٻه مصراعون
به چئي سگھون ٿا. پر ڪجھ ماهيا اهڙا به آهن جن ۾
ٽي مصراعون آهن، جن جي پهرين مصرع ڪڏهن ڪڏهن ماهيا
جي مضمون جي جان هوندي آهي.
هونئن ته ماهيا ۾ ٻه ڪردار هوندا آهن مگر مرد ۽ عورت کان سواءِ
بيشمار ٻيون چيزون به ڪردار بڻائي پيش ڪيون
وينديون آهن. مثال طور ڪانءُ، ڪبوتر، سرڻ، گل،
هوا، بادل، وڻ، جھنگ، دريا ۽ موسمون وغيره:-
ڦٽڪي سيڪي گل بنايو،
مفت ۾ ڏينهن ضايع ٿي ويو،
ڇاڪاڻ ته ماهيءَ سان ملاقات ڪانه ٿي سگھي.
جھرڪي اڏي وئي،
شرم جي چادر،
اسان جي مٿي تان لهي وئي.
ڪماند تان جھرڪي اڏي،
هاڻي معاملو ختم،
هاڻي تو مان ڪو فائدو ناهي.
وڻ جي ڇوڏن مان باهه ٿي ٻري،
آءُ ٻئي ڀڄي هلون،
ڀلا اسان جا ڪهڙا ننڍڙا ننڍڙا ٻار رئندا.
ڇت تي چڙهي بيهه ماهيا،
چنڊ نڪري يا نه نڪري،
اسان لاءِ تنهنجي روشني ئي کوڙ آ.
طوفان سان انب ڪري پيو،
ياري ٽٽي وئي،
هاڻي خدا سان ڪهڙو زور آزمائي؟
ڄانڀي ۾ گل اچي ويندا،
منهنجي ڏکويل جان به،
ڪڏهن مٽيءَ ۾ مٽيءَ ٿي ويندي.
ڏيئا ٻري رهيا آهن،
بيگاني دل تي،
اسان جو زور نه ٿو هلي.
سرڻ چوزو کنيو آ،
اهائي اسان جي غلطي هئي جو،
اسان سوچي سمجھي دل نه لڳائي.
آسمان تي سرڻ پئي اڏامي،
دل ۾ دل ائين ڦاسي پئي آ،
ڄڻ ڪينچيءَ ۾ ڪوڪو.
وڻ کي جلائي،
پوءِ ان کي پاڻي ڏنهءِ،
ته ڪهڙي ڪم جو.
ماهيا ۾ محبت جو اظهار عام طور تي عورت جي طرفان ڪيو ويندو آهي.
هوءَ پنهنجي محبوب کي ڪيترن ئي نالن سان سڏيندي
آهي، مثال طور ماهي، سڄڻ، سجنان، ڍول، ڍولا، يار،
چنڊ ۽ سهڻا وغيره.
ڪجھ محققن انهن ڪردارن لاءِ ڪجھ روايتون بيان ڪيون آهن. محترم
اسلم جدون، ڪتاب جي مهاڳ ۾ هڪ روايت لکي آهي.
ساڳيءَ طرح جي روايت جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
به سنڌي لوڪ ڪهاڻين ۾ آندي آهي.
”ماهيا“ جي هن ڪتاب ۾ روايت ڏنل آهي ته راجا ڍول راجا نَل جو پٽ
هو، جنهن جي راڻيءَ جو نالو سمي هو. راجا ڍول جو
ننڍي هوندي هڪ راڻي ”مارو“ سان مڱڻو ٿيل هو، ليڪن
ڍول اتان هليو ويو هو ۽ ماروءَ کي وساري وڃي سميءَ
سان شادي ڪئي هئائين. هڪ ڏينهن مارو تلاءُ ۾ وهنجي
رهي هئي ته سندس ڪن تي سندس سهيلين جو آواز پيو،
جيڪي چئي رهيون هيون ته بستيءَ ۾ سڀني ڇوڪرين جون
شاديون ٿي ويون آهن. تڏهن گھر اچي ٿي ته کيس معلوم
ٿئي ٿو ته جڏهن هوءَ ستن ڏينهن جي هئي ۽ ڍول نون
ڏينهن جو هو. ٻنهي جو مڱڻو ڪرايو ويو هو. انهيءَ
کان پوءِ ئي مارو، پاڻ کان پري رهڻ واري ڍول کي
ياد ڏيارڻ ۽ پاڻ وٽ گھرائڻ جا مختلف ذريعا استعمال
ڪري ٿي. آخرڪار ڍول، سميءَ کي ڇڏي، مارو وٽ موٽي
ٿو اچي. تڏهن وري سمي ٿي ڍول جي پويان وڃي، پر
ناڪام ٿئي ٿي، جنهن تي هوءَ پنهنجي دل جي ڪيفيت
بيان ڪرڻ لاءِ چوي ٿي ”انهيءَ اٺ تي وڄ ڪري، جيڪو
ڍول کي کڻي ويو. منهنجو جيءُ نه ٿو لڳي. مان باغن
۾ اڪيلي بيٺي آهيان.“
هن ڪهاڻيءَ مان لڳي ٿو ته سمي، ڍول ۽ مارو جي ڪردارن کي کڻي
ڪهاڻي گھڙي وئي آهي، جا اصلي نه پر رومانوي گھڙيل
ڪهاڻي آهي. حالانڪ ڊاڪٽر بلوچ صاحب ڍول مارو جي
جيڪا ڪهاڻي لکي آهي، ان روايت ۾ حقيقت جو گمان
بهرحال واضع ٿئي ٿو.
ڪن محققن جو چوڻ آهي ته ”ماهيا“ پنجاب جي ”ڪلاسيڪي ٽپي“ جي نئين
شڪل آهي. ٽپي جو مطلب ٽپڻ ۽ ڪڏڻ آهي. ٽپي جي نالي
۾ پشتو ۾ به ڪيترائي لوڪ گيت ملن ٿا. ٽپو، اصل ۾
اهڙن ٻن يا ٽن مصراعن جي شاعريءَ کي چئجي ٿو، جنهن
۾ مثنويءَ وانگر هڪ تسلسل به آهي ته غزل وانگر غير
مسلسل خيالن جا خزانا به آهن. پنجابيءَ جي هن صنف
جا ڪجھ وڻندڙ ماهيا هن طرح آهن:
ماهيا جا ڏک سک
ڪتابن لاءِ گيت بڻجي پيا آهن.
چڻن جي وٺ تون دال،
اسان ته پرديس هلياسين،
هاڻي تون ديس سنڀال.
ڪارا ڪانءَ آهن،
اسان پرديسي هاڻي،
هن جاءِ نه رهنداسين.
کيسُ نه کَڻُ،
اسان کي بک منظور آ ليڪن،
تون مزدوريءَ لاءِ پرديس نه وڃ.
اڱڻ ۾ تنور تُپي رهيو آهي،
پهريون ماني مان لڳائيندس جو،
منهنجو محبوب پرديس وڃي رهيو آهي.
پيالي ۾ پاڻي آ،
جيڪو به ضد مڃرائڻو اٿي،
اهو خط ۾ لکي ڇڏجانءَ.
اڳٺ پئي اُڻيان،
پنهنجي محبوب جو خط،
ڌيان سان ويٺي ٿي ٻڌان.
ڏاڪڻ کي ڇڏي ڏي،
اسان توکي پنهنجي گوڏي سان،
گوڏو ملائي ويهارينداسين.
توکان ته هي پهاڙ ئي سٺا آهن جو،
هر وقت نظر ته اچن ٿا.
ڏاس جون رسيون ٺاهيو،
اسان سان ٺڳي نه ڪريو، ڇاڪاڻ ته،
اسان اهي ناهيون جن سان ٺڳي ڪئي وڃي.
ڇت تي تار پئي آ،
او ماهي تنهنجي ڪري،
ماءُ جي مار پئي آ.
ڇت تي رسيون ڦٽي ڪيو،
اي زبان جا ڪچا،
تو ڳالهيون وڃي گھر ٻڌايون.
زخمن کي ٺيڪ ڪري ڇڏينداسين،
هاڻي ننڍڙو آن،
وڏو ٿيندين ته پوءِ ڳالهائينداسين.
ڇت تي ٽين پيو آ،
هاڻي تون سون جو به ٿي آءُ ته به،
منهنجو اعتبار تو تان کڄي ويو آ.
ماهيا لکي رهيو آهيان،
هن عمر ۾،
ياري ڪرڻ سکيو آهيان.
ٻير جي کل لاهه،
ياريءَ جو مزو تڏهن آ،
جڏهن هڪ ئي بستري تي ٻنهي کي موت اچي.
پاسراٽين لڳل گھڙو ڇو پيو ٽپڪي،
جيڪڏهن مان ڏکي نه هجان ها ته،
تنهنجي در جي سامهون ڇو روئان ها.
بلوچستان ۾ وري براهوي زبان ۾ ”ليلي مور“ جا اهڙا ٽپا ملن ٿا،
جن ۾ وري محبوبا ”ليلي مور“ جي متعلق ٻن هم وزن ۽
هم قافيا مصراعن تي ٻڌل شاعري ملي ٿي. اهڙيءَ طرح
پنجاب جي هن صنف ”ماهيا“ لاءِ مشهور آهي ته شفيع
نالي هڪ شخص جي محبوبا ”بالو“ نالي هوندي هئي جا
کيس ”ماهيا“ ڪري سڏيندي هئي. پشتو زبان ۾ ٽپي کي
”لنڊي“ به سڏيو وڃي ٿو، جنهن جو مطلب آهي ته اهو
نانگ جنهن جي ڪکيل جو علاج ئي ڪونهي. ڪن جو چوڻ
آهي ته اهو ”ٽپو“ يعني ٺپو آهي، يعني ”مُهَر“.
پنجاب ۾ ٽپو، ٽپڪي يا تاڙيءَ کي چوندا آهن.
جيئن براهوي زبان جي عوامي شاعرن پنهنجي محبوبا ”ليلي مور“
متعلق عشقيه ٽپا چيا آهن، تئين پشتو ۽ پنجابيءَ ۾
به انهن ٽپن جو تعداد تمام گھڻو آهي، جن ۾ عشق ۽
عشق جا راز نياز شامل آهن. مان جڏهن سنڌيءَ جي لوڪ
فنڪاره ”نور بانو“ جي آواز ۾ ڳايل هڪ سرائڪي ڪلام
”سيءَ سيالي وسندي پالي، هڪ بوڇڻ دي نال، صاحب!
کڙي هان مئن بنگلي دي نال“ ٻڌندو آهيان ته نه صرف
لفظن جي ردم ۽ قافيي رديف جي خوبصورتيءَ کان متاثر
ٿيندو آهيان پر ڪلام اندر جنهن ڀرپور منظر نگاريءَ
جو ڪمال آهي، ان کي مان هزارين ڀيرا به ورجايانءَ
۽ بار بار تعريف ڪريان تڏهن به ٿورو آهي. ڇو ته
سرديءَ جي موسم ۾ جڏهن پارا پوندا هجن ۽ غريب
محبوبا هڪ ڪپڙي ۾، امير طبقي جي محبوب جي بنگلي
ٻاهران بيٺي هجي ته اوهان کي ڇا ٿو محسوس ٿئي!
شايد اوهان جي نه ٻڌائي سگھڻ جي حالت به يقيناً
مون جھڙي هوندي.
پنجابي زبان جي هن مشهور صنف ۾ ”ماهيا“ اهڙا به آهن جن ۾ محبوبا
غريب طبقي سان واسطو رکندڙ آهي ۽ عاشق امير يا
زميندار آهي. عشق جي هن طبقاتي ڪيفيت جي عڪاسيءَ
جو به نهايت عمدو مثال هنن ٽپن ۾ موجود آهي:-
منهنجي مٿي تي ٽوڪري آ،
اي ڄٽ زميندار،
تو بلبل کي اُس ۾ جلايو آ.
اي دل تون ته اُتي ڀلين ها!
جتي تنهنجي ڀُلَ جي،
قدر قيمت هجي ها.
اسان ته اوهان جا خادم آهيون،
البت توهان جي دل جي ڳالهه خدا ڄاڻي.
اڇيون قميصون آهن،
چريا ماڻهو ڇا ڄاڻن ته،
دل ڇا شيءَ ٿيندي آ.
جھوليءَ ۾ تِرَ آهن،
پٿردل هو وڃي رهيا آهن.
مٿين ٽپن مان زمينداري غرور (اڇيون قميصون ۽ پٿر دل) ۽ غربت
(بلبل کي اس ۾ جلائڻ) جا نهايت سهڻا مثال پيش ڪيا
ويا آهن. آخر ۾ مان هت هڪڙا ٻه اهڙا ترجمو ڪري
رهيو آهيان جيڪي نه صرف لفظي پر معنوي حسن سان به
مالا مال آهن:
• ڇت تان ڊوڙندي آئي هان،
خوشبو وارو گل
تنهنجي کٽ تي ڇڏي آئي آهيان.
• بگهڙن جا ٻچا پٿريلي زمين ۾ چرن ڦرن ٿا،
اسان ٻئي هڪ ٻئي جي ڏکن ۾،
جلي مري وينداسين.
جهالت چترڪار:
شمشير الحيدري
”..... اڪثر حاڪم چوندا آهن ته اسين جائز تنقيد پسند ڪريون ٿا،
پر جائز ڪهڙي تنقيد آهي؟ ڪهڙي ڳالهه آهي؟ انهيءَ
جو فيصلو ڪير ڪري؟ ظاهر آهي، حاڪم جائز فقط انهيءَ
کي سمجهندا، جيڪا سندن مفاد وٽان هوندي. حاڪم جي ۽
ليکڪ جي سوچ ساڳي ته نه هوندي. ليکڪ پيڙيل عوام جي
ڳالهه ڪندو، جيڪا به غلط ڳالهه ڏسندو ۽ محسوس
ڪندو، اها لکندو، ليکڪ جي ذهن تي پابندي ته نٿي
وجهي سگهجي. دنيا جي هر ليکڪ جو اهو بنيادي حق آهي
ته هو جيڪو ڪجهه ڏسي ۽ محسوس ڪري، اهو لکي. مون به
ليکڪن جي انهيءَ حق کي سدائين استعمال ڪرڻ جي ڪوشش
ڪئي آهي. ڳالهه اها ڪانه آهي ته ليکڪن کي سندن
لکڻين جي ڪري جيل ڇو ٿو اماڻجي. ظاهر آهي ليکڪ
پنهنجو ڪم ڪندو، حاڪم ۽ حڪومتون پنهنجو. اعتراض
انهيءَ تي آهي ته اهو ڇو ٿو چئجي ته اسين وڏيءَ دل
سان تنقيد ٻڌون ٿا ۽ پسند ڪريون ٿا؛ ڇو ته ليکڪ
جڏهن انهيءَ ڳالهه تي ڀنڀلجي حق جي ڳالهه لکن ٿا
ته انهن کي جيل اماڻجي ٿو. ڏسڻ اهو گهرجي ته ليکڪن
کي سندن لکڻين تي گرفتار ڪري، جيل اماڻڻ سان ڇا
ملڪ جا مسئلا حل ٿي وڃن ٿا؟ حقيقت اها آهي ته نه
ٿيا آهن، نه ٿيندا. ڇاڪاڻ ته ليکڪ جن براين ڏانهن
جن حق تلفين خلاف لکن ٿا، اُهي ته پنهنجيءَ جاءِ
تي موجود هونديون آهن، فقط ليکڪن کي ئي جيل موڪلجي
ٿو. ليکڪ جڏهن به جيل مان ٻاهر ايندو، پنهنجيءَ
ڌرتيءَ تي، پنهنجي معاشري ۾، پنهنجي اردگرد اُهي
برايون موجود ڏسندو ته هُو وري به انهن جي خلاف
قلم کڻندو، ڇاڪاڻ ته اهو هن جي فرض ۾ شامل آهي.
- طارق اشرف
(”هٿين هٿ ڪڙول“، 1985ع)
ڪهاڻيون
نوٽ: ڪجهه مهينا اڳ، هتان جي ڪنهن سنڌي اخبار ۾ هريڪانت جي
ديهانت جي خبر آئي ۽ پوءِ سُتت ئي سنڌي ادبي سنگت
ڄامشورو شاخ پاران تعزيتي گڏجاڻي ڪوٺائي ويئي ۽ ان
۾ شامل ٿيڻ لاءِ مون کي به ڪوٺ ڏني ويئي. اتفاق
سان ان ڏينهن مون کي آفيس ڪم سان ڪراچيءَ ۾ رهڻو
پيو ۽ شام جو حيدرآباد دير سان پهتس، دل ۾ آيو ته
ڄامشوري لاءِ نڪري پوان، پر سواريءَ جي اڻهوند سبب
رسڪ کڻي ڪونه سگهيس. ان رات سولائيءَ سان سمهي نه
سگهيس ۽ سوچيندو رهيس ته هريڪانت اسان جو ليکڪ
ساٿي هو ۽ پنهنجي سنڌ لاءِ هميشه تڙپندو رهيو ۽
اها تڙپ پنهنجين ڪهاڻين ۽ ليکتن ۾ اوتيندو رهيو،
پر آءٌ ڪيڏو نه غيرذميوار آهيان، جو سندس ياد ۾
ڪوٺايل گڏجاڻيءَ ۾ دير شامل به ٿي ڪونه سگهيس!
ٻئي ڏينهن ان گڏجاڻيءَ جو ڏاڍو چوٻول هو. انهيءَ ۾ گهڻي ڀاڱي
حيدرآباد ۽ ڄامشوري جي گهڻي اديب برادري حاضر هئي
۽ ادبي لڏي دل کولي پنهنجي سرڳواسي ساٿيءَ کي
شرڌانجلي پيش ڪئي هئي. چون ٿا ته ويجهڙائيءَ ۾
اهڙي تعزيتي گڏجاڻيءَ ورلي ڪنهن ڀارتي سنڌي ليکڪ
جي ٿي هوندي. جڏهن ته موهن ڪلپنا جي لاڏاڻي تي
تعزيتي گڏجاڻي بدران هتي سندس باري ۾ گهڻو ڪجهه
لکيو ويو. هريڪانت جي ديهانت جي تاريخ جي سُڌ ته
نه پئجي سگهي، پر اتي پڙهيل لکڻين ۽ پيش ڪيل
تاثرات ۾ جذبن جي سچائي پڌري هئي. ظفر حسن ته
هريڪانت ۽ سندس لکڻين جي باري ۾ جيڪو خاڪو چٽيو
هو، اهو نهايت ئي جامع چيو وڃي ٿو، جڏهن ته هو اڃا
تائين سندس باري ۾ ذري پُرزي معلومات ڪٺي ڪرڻ ۾
لڳو پيو آهي.
هريڪانت سنڌ مان لڏي وڃڻ پڄاڻان وري ڪڏهن سنڌ ۾ ڪونه آيو هو ۽
نه ئي اهڙو ڪو اديب سنڀران جو هتان کان اوڏانهن
وڃي ساڻس مليو هجي، سواءِ تاج جويي جي. اصل ۾ سنڌ
۾ هيڪانت جون ڪهاڻيون ۽ شاعري پڙهيون ويون هيون،
جن دلين ۾ جاءِ ٺاهي ورتي هئي. سندس ڪهاڻين جي
ڇپجڻ جو سهرو ”مهراڻ“ جي سر تي آهي، جنهن جي صفحن
۾ 1956ع ۾ سندس پهرين ڪهاڻي ”غفور“ ۽ 1958ع ۾ ٻي
ڪهاڻي ”۽ بتي اجهامي ويئي“ ڇپيون هيون. هي اهو
زمانو هو، جڏهن سنڌ جي ادبي منظر تي جمال ابڙو،
غلام رباني، حفيظ شيخ، اياز قادري، رشيد ڀٽي ۽ ٻيا
نمودار هئا. 1970ع کان ٿورو اڳ سندس مخزن ”آکاڻي“
سنڌ ۾ ايتريقدر مقبول هئي، جو علي بابا ۽ مشتاق
شوري حيدرآباد مان ساڳئي نالي سان مخزن ڪڍي. سندس
ذڪر سندن واتان ۽ مرحوم طارق اشرف کان ٻڌبو هو،
جيڪو جڏهن پهريون ڀيرو بمبئي ويو هو ته اتي ساڻس
ملاقات ۽ ادبي دوستي جا احوال ٻڌائيندو هو.
مون کي ان ڳالهه جو شدت سان احساس هو ته ادبي ناتي، آءٌ ٻه لفظ
هريڪانت جي باري ۾ نه لکي سگهيو هوس. جڏهن ظفر حسن
۽ آءٌ گڏجي ”آرسي“ ڪتابي سلسلو ڪڍندا هئاسين ته
منهنجي ساڻس خط وڪتابت هوندي هئي. هڪ ”ٿڪل
مسڪراهٽ“ ۽ ٻه نظم ”آرسي“ ۾ ڇپجڻ لاءِ مون کي
کانئس تڏهن پهتا هئا، جڏهن مون ائڊورٽائيزنگ کي
خيرباد چئي سنڌ الاجي کي جُوائن ڪيو هو. مون سندس
اهي لکڻيون ٻين گهڻين تحرين سان گڏ رکي ڇڏيون
هيون، جي مون کي تازو ڳوليندي لڀي پيون. سندس
ڪهاڻي ۾ موضوع کي نباهڻ جي نفاست ۽ پيڙا ڀوڳڻ جي
ڪيفيت ظاهر آهي. آءٌ اها ڪهاڻي پنهنجي پياري دوست
ناشاد کي ٽماهي مهراڻ ۾ ڇپڻ لاءِ ڏيڻ ۾ خوشي محسوس
ڪريان ٿو ۽ ڪنهن نه ڪنهن طرح سان هريڪانت جي ناءُ
ئي سهي، هي ٻه لفظ، دل جي بيحد ڏکوئيندڙ ڪيفيت سان
لکي رهيو آهيان.
--- ولي رام ”ولڀ“
|