سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1994ع

مضمون

صفحو :42

 

ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻي (اجمير)

 

امر ڪهاڻيڪار ايشور چندر

 

”اڄ جي ڪهاڻي هوڪي ۽ نعريبازيءَ مان آلي صابڻ جي چڪيءَ جيان ترڪي نڪتي آهي ۽ هاڻي اڄ جي ليکڪ محسوس ڪرڻ شروع ڪيو آهي ته کيس دل جا تهه کولي، اُن منجهان ڪجهه ڪڍڻو آهي ۽ پوءِ اُن کي ولوڙي، مکڻ ڪڍي پاٺڪ اڳيان رکڻو آهي.“ ڪهاڻيءَ جي باري ۾ هي ويچار رکندڙ امر ڪهاڻيڪار ايشورچندر اسان کي بي وقائتو وڇوڙو ڏيئي رمندو رهيو، پر سندس لکيل اٽڪل اڍائي سؤ ڪهاڻيون سندس ئي ويچار جي سؤ فيصدي تائيد ڪن ٿيون.

ايشور چندر جو جنم 30 جنوري 1937ع ۾ سنڌ (پاڪستان) ۾ ٿيو. ورهاڱي کان پوءِ ڪجهه سالن بعد هن ريلوي وڀاڳ ۾ نوڪري ڪندي، راجسٿان ۾ اجميرنگريءَ کي پنهنجي ڪرم اِسٿلي بڻايو. سندس تيرهن ڪتاب سنڌيءَ ۾، ڏهه هنديءَ ۾، ٽي گجراتيءَ ۾، هڪ هڪ انگريزيءَ ۾ مليالم ۾ شايع ٿيا. 1960ع کان ئي آڪاشواڻيءَ لاءِ ڪهاڻيون ۽ ناٽڪ لکندو رهيو. ”دوردريشن“ جي نيٽ ورڪ پروگرام ۾ ”درپڻ“ سيريل ۾ سندس ڪهاڻي ”غلط گڻت“ ايتري مقبول ٿي جو فقط ان ڪهاڻيءَ کي ٻيهر ٽيليڪاسٽ ڪيو ويو. سندس ڪهاڻي ”ڪُلهن تي سمهيل مستقبل“  لاءِ سي. پي. پاران ٽيلي فلم پڻ تيار ڪري ٽيلڪاسٽ ڪئي ويئي. ڀارت جي مختلف يونيورسٽين ۽ بورڊن جي درسي ڪتابن ۾ سندس ڪهاڻيون درج ڪيون ويون آهن.

ايشور سنڌيءَ جو اُهو ليکڪ هو، جنهن سنڌيءَ ۽ هنديءَ ۾ نه رڳو لڳاتار لکيو، پر هنديءَ ۾ لکيل سندس ڪهاڻين جي مجموعي ”لؤٽتا هئا اتيت“ کي راجسٿان ساهتيه اڪاڊميءَ پنهنجوسڀ کان وڏو ۽ شانائتو ”ميرا انعام“ (يارهن هزار روپيا) ڏيئي، سندس قدرشناسي ڪئي. بيشڪ انعام ئي ادب جي ڪسوٽي نه آهي، نه ئي ڪو ليکڪ انعام لاءِ لکي ٿو، ته به سٺي ليکڪ کي انعام ڏيڻ اسان انعام ڏيندڙ سنسٿائون فخر محسوس ڪنديون آهن. سنڌيءَ لاءِ ايشورچندر کي اهڙا صوبائي ۽ قومي سطح جا انعام حاصل ٿيا. اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا پاران ساليانو انعام ڏهه هزار روپيا، سنيٽرل هندي ڊائريڪٽوريٽ پاران ٽن ڪتابن تي پهريون نمبر انعام، راجسٿان سنڌي اڪاڊميءَ پاران ٽن ڪتابن تي پهريون نمبر انعام راجسٿان ساهتيه اڪاڊميءَ پاران نه رڳو انعام پر ”آتنڪ“ نالي سان ڪهاڻين جو مجموعو به ڇپايو ويو. ايشور سنڌيءَ جي انهن خوش نصيب لکيڪن مان آهي جن جا گهڻو تڻو مجموعا ٻين پبلشرن ڇپايا.

ايشور ساهتيه اڪاڊمي ۽ سينٽرل هندي ڊائريڪٽوريٽ جي سنڌي صلاحڪار ڪاميٽيءَ جو ميمب به رهيو.

هن مختصر جيون چرتر کان پوءِ سندس ڪهاڻين بابت ٻه لفظ، ايشور جي همعصر ڪهاڻين تي نظر ڦيرائڻ سان خبر پوي ٿي ته اُن وقت جي سنڌي ڪهاڻي، پيار، پاپ، پُڃ، انڌو وشواس، ڀاڳواد يا تقدير تي ڀاڙيندي ڪردارن وغيره جي ڄار ۾ ڦاٿل هئي يا ڪنهن نه ڪنهن خيمي ۾ جڪڙيل هئي. پر ايشور اُهوئي لکيو جو ڏٺو، محسوس ڪيو ۽ ڀوڳيو. سندس ڪهاڻين ۾ پيڙهين جو تفاوت، ٽُٽندڙ ڪٽنب، بيروزگاريءَ ڪري گهر ڪري ويل نراسائي ۽ نا اميدي ۽ احساس ڪمتريءَ جا جذبا، عورتن جا بدلجندڙ خيالات نظر اچن ٿا. سندس ڪردار ڪڏهن ماءُ جي نه مرڻ تي دک ٿا محسوس ڪن تي پي. ايف. جا پئسا ختم ٿي ويا ته هاڻي مرندي ته آخري سنسڪار لاءِ خرچ ڪٿان ايندو؟ ڪڏهن ڌيءَ جي پيڪن ۾ ٽڪڻ پيءَ کي مالي تنگيءَ ڪري ڪا خوشي نٿو ڏئي، ائين ڄاڻڻ چاهي ٿو ته اها واپس ڪڏهن ويندي. ڪڏهن پريمڪا ڪنواري هوندي ماءُ بڻجڻ ۽ پريميءَ جي شاديءَ کان انڪار ڪرڻ تي به ششدر نٿي ٿئي، ٻار ڄڻي بردبار ٿي اُن کي پالي ٿي. هوٽل ۾ ويهي سگريٽ ڇڪڻ کيس رواجي ڳالهه ٿي لڳي. ڪٿي ٻار مائٽن جي مرضيءَ جي خلاف پيار جي شادي ڪري، مائٽن جي ارمانن تي پاڻي ڦيري ٿا ڇڏين ۽ ڪڏهن ڪاليج جي هڙتال ۾ نيتاگري ڪندڙ ڇوڪر جي گذرڻ تي پيءُ کي پنهنجو مستقبل ڪلهن تي سمهارڻ جي تڙپ ۽ تڪليف آهي. بدلجندڙ لمحن کان پريشان پيءُ جا سڀ پٽ هڪ ڪري ڌار ٿي وڃن ٿا ۽ اهو پيءُ، جو هڪ اُستاد به آهي. ڪلاس ۾ پڙهائيندي پڙهائيندي موت جي آغوش ۾ سمائجي ٿو وڃي. پيءُ پٽ جو ڪميونيڪيشن نه هجڻ ۽ فرد جي فراريت، ڪوڙيون شاهديون ڏيندڙ ڪردار جي سائڪالاجي ۽ آخر ۾ آپگهات ڪرڻ، مطلب ته هر ڪهاڻيءَ ۾ ڪردار ٽٽي رهيا آهن ۽ ڀڄي ڀُري رهيا آهن. هيري شيوڪاڻيءَ سچ ئي لکيو آهي: ”ايشور جي ڪهاڻين جي جملن ۽ لفظن جي وِٿين مان اڄ جي فرد جي آتم- بيگانيت، اَسنتوش، خوف وغيره نوڪدار بڻجي چُڀڻ لڳي ٿو.“ سندس مجموعي ”سخت چهري وارو ماڻهو“ جي مهاڳ ۾ ڊاڪٽر پريم پرڪاش لکيو:

”ٻين ارٿن کي ڇڏي ڏجي ته هڪ ارٿ طئه آهي ته ايشور سنڌي ڪهاڻي ۾ هڪ اهو نالو آهي، جنهن لاءِ ڪنهن وٽ به ٻه رايا نه آهن ته هو اڄ جي مقبول ڪهاڻي نويسن سان گڏ هر پيڙهي پريه آهي، ته هن ئي ڪهاڻيءَ کي سهج ڪندي عام پاٺڪن تائين پهچايو آهي.“

منهنجي خيال ۾ ايشور پنهنجي ڪردارن جي ٽُٽندڙ خوابن جو شاهد رهيو آهي. سندس ڪردار مخصوص ذات، ٻوليءَ ۽ پرانت جون حدون لتاڙي عالمي بڻجڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. هُن ٻڍي، ڇوڪري، هِن مان وغيره ذريعي ڪهاڻيءَ جو واڌارو ڪيو آهي. ايشور جي ڪهاڻيڪار زندگيءَ جي بدلجندڙ لمحن کي محسوس ڪري، سمجهي، اظهاري به انهن کي جهٽڪي سان ٽوڙڻ جي ڪوشش نه ڪئي، پر اُن ٽوڙڻ جي عمل جي دوران کيس جنهن تاڻ ۽ پيڙا مان گذرڻو پيو، انهن لمحن کي زبان ڏيڻ ۾ غضب جي ماهريت حاصل ڪئي، جنهن کيس ٻين ڪهاڻيڪارن کان الڳ ڪري بيهاريو. مشهور هندي نقاد ننڊ چترويديءَ جي ويچارن موجب ”ايشور جي ڪهاڻين جي اُڻت هڪ الڳ نموني جي آهي، جا اندران ئي اؤج پائي ٿي. ٻاهران گنبذ يا قُبا ۽ مينار نظر نٿا اچن. ڪهاڻي بيحد معمولي جڳهه تان شروع ٿيندي ۽ پوءِ هڪ اندروني اُڻت ذريعي پکڙجي ويندي، اِهوئي ڪارڻ آهي جو سنڌي ڪهاڻيءَ جو پاٺڪ ۽ نقاد ان ڏينهن وائڙو ٿي عجب ۾ پئجي ويو جڏهن کيس لڳو ته سنڌي ڪهاڻي، پنهنجي ٻالپڻ کي ڇڏي يڪ به يڪ جوان ٿي ويئي آهي، جنهن جو شرف بيشڪ ايشور چندر کي آهي.“

شايد انڪري ئي هريش واسواڻيءَ جو ڌيان به هن جي ڪهاڻين ڏانهن ڇڪيو ۽ پوپٽي هيراننداڻيءَ ”هسٽري آف سنڌي لٽريچر“ ۾ کيس موزون درجو عطا ڪيو. سچ پچ ايشور انهن ڪهاڻيڪارن مان هو، جن ڪهاڻي لاءِ جُڙيل سنڌي سنواٽي واٽ ڇڏي، پٿريلي زمين تان هلندي پاڻ کي زخمي ڪيو. هن خود ئي پنهنجي آتم ڪٿيه ۾ بيحد سنجيدگيءَ سان اهو سچ اظهاريندي لکيو ته ”مون ۾ ٽوڙ ڦُوڙ ڪرڻ جي، رئليون ۽ سرگسون ڪڍڻ جي، هڙتالون ڪرڻ جي، نعريبازيءَ جي يا پنهنجا حق حاصل ڪرڻ لاءِ اِن نموني جي ٻين واهڻن جي توفيق ڪونه آهي، انڪري مان هن گونگي قلم ذريعي پاڻ کي اظهاريان ٿو.“

ايشور سال کن جسماني بيماري سان جنگ جوٽيندي، اسپتالن جي اڻ سهائيندڙ ماحول کي ڀوڳيو ۽ چوندو هو ته هاڻي يلوي جي نوڪريءَ تان استعيفيٰ ڏيئي، پنهنجيءَ پيڙا کي ڪهاڻين ذريعي اظهار ڏيندس، پر شايد موت سندس ان اٽل فيصلي کان ڊڄي ويو ۽ ايشور پنهنجا ارمان، خواب، پيڙائون، تڪليفون، تڙپ ۽ الائي ڇا ڇا پنهنجي اندر ۾ سانڍي رمندو رهيو ۽ اسين سنڌي ڪيترين لاثاني ڪهاڻين جي اُن خزاني کي ڏسي نه سگهياسين. ته به هن جيڪي لکيو اهو سندس ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار جي روپ ۾ سڃاڻپ ڪرائڻ لاءِ ناڪافي ڪونهي. ڪاش ايشور اڃا هجي ها ته سندس موزون نموني قدر ٿئي ها ۽ اولاد لائقيءَ لڳڻ ڪري مس مس هٿ آيل سک جا ڏينهن ماڻي ها، پر رکشاٻنڌن جي ڏينهن (خميس: 13- آگسٽ 1992ع) ، ايشور سمورا ٻنڌن ٽوڙي هن دنيا جي دُکن کان نجات پائي ويو.

ايشور چندر جا ڇپيل ڪتاب

(1) ٿڌا چپ    1965ع- سنڌ پاڪيٽ بُڪس، احمد آباد (نيوفيلڊس، پبليڪيشن حيدرآباد).

(2) مُئل ماڪوڙو      1966ع- پشپ ڪمل پبليڪيشن، جتپور.

(3) پنهنجي ئي گهر ۾      1973ع- اجنتا پبليڪيشن، اجمير.

(4) نئين زماني جو ڪوئو     1979ع- سنڌ پبليڪشن، حيدرآباد

(5) سخت چهري وارو ماڻهو   1980ع- ڪويتا ساهتيه مالا، احمد آباد.

(6) موٽي آيل ماضي 1981ع- سنگيتا پبليڪيشن، بڙودا.

(7) ايشورچندر جون ست ڪهاڻيون 1983ع- ڪونج پبليڪيشن، بمبئي

(8) ڇوڪرو ڇوڪري   1983ع- ڪويتا ساهتيه مالا، احمد آباد.

(9) اندر جو ڄامڙو     1984ع- سهڻي پبليڪيشن، حيدرآباد.

(10) ساڳيوئي سوال   1984ع- فِڪشن پبليڪيشن، اجمير.

(11) هڪ بيمار غزل  1985ع- فِڪشن پبليڪيشن، اجمير.

(12) رت       1986ع- شيلينڊر پبليڪيشن، اجمير.

(13) پر/شايد                  1987ع- شيلينڊر، اجمير.

[ان کان سواءِ گجراتي، مليالم ۽ هنديءَ جا ڪتاب ۽ “Forgotten” سري سان انگريز ڪهاڻين جو مجموعو. ڀارت جي مختلف هندي ۽ سنڌي رسالن ۾ ڇپيل آکاڻيون ۽ ترجمي جي ڏس ۾ ”ست ڪشميري آکاڻيون“ ترجمو سنڌيءَ ۾]

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com