پر هاڻي حالات بدلبا. مئي 1989ع يورپي برادريءَ جي وزيرن جي
ميٽنگ ۾ جپسين جي تعليم، ثقافت ۽ روماني زبان جي
ترقي لاءِ سوچيو ويو آهي. اڄ جپسي نوجوان سماج جو
هڪ ڪارآمد حصو بنجڻ گهرن ٿا. دوستو! مون کي اوهان
جي ساٿ ضرورت آهي.“
ائين چئي لکانو هيٺ لٿو. دودو ۽ ٻيا دوست کيس. وڪوڙي ويا. دودي
هٿ کڻڻ جو ارادو ڏيکاريو، پر سڀني ساٿين اهو فيصلو
ڪيو ته اڄ رات مانيءَ کان پوءِ ڪناٽ هال جي ڊائننگ
هال ۾ گل بهار سنگهه جي صدارت ۾ گڏجاڻي ڪري فيصلو
ڪبو.
هلڪو ٽڙي پکڙي ويو. دودي جي من ۾ ته مانڌاڻ مچي ويو. پهرين
”دودو، گل بهار، انوپ ۽ سريتا سب ڪميٽيءَ“ هن
مسئلي تي غور ڪيو ۽ ڪلاڪ جي گفتگو کان پوءِ اهي
نقطا نمايان ٿيا ته ٻنهي اُميدوارن جي تقريرن ۾
انسان دوستيءَ ۽ مظلوم قوميتن جي حقن جي ڳالهه
وڌيڪ پڌري هئي. ٻئي اُميدوار هڪ ئي بدنصيب خوش
نصيب ماٿريءَ جا واسي آهن. ٻئي بي لوث نوجوان آهن.
دوستيءَ جي وسيع مفاد ۾ به اهو آهي ته پاڻ قدم
اڳتي وڌائي لکاني کي موقعو ڏيون. فيصلو ٿيو ته رات
جي گڏجاڻيءَ ۾ سريتا اُٿي چوندي: ”اسان جو دوست
لکانو بهتر خدمت ڪري سگهي ٿو. دودو چونڊ تان هٿ
کڻي ٿو. هي قدم دوستي وڌائڻ خاطر کڻڻ کپي.“
خير سان رات جي گڏجاڻيءَ ۾ سريتا اڃا اهي لفظ چپائي مس ته لکانو
پنهنجيءَ جاءِ تان اٿيو ۽ دودي کي ڀاڪر پاتائين ۽
ڪيتري دير ’نه نه‘ چوندو سڏڪا ڀريندو رهيو. ايتري
۾ جيئي سنڌ جو نعرن سان وايو منڊل واسجي ويو. سڀني
جا چهرا قرب ۽ پنهنجائپ جي جذبن ڪري ٽامي وانگر
ڳاڙها ٿي ويا. لکانو جڏهن سامت ۾ آيو ته چيائين:
”آءٌ ته صدين کان وطن کان وڇڙي ويل آهيان. اڄ
تنهنجون ڳالهيون ٻڌي پاڻ کي سنڌو ڪناري پيو پسان.
هن عهدي لاءِ تون مناسب آهين.“ پوءِ جپسي ۾ چيائين
”تون ڪريس.“ دودي به ”نه نه“ ڪئي، پر آخر سڀني هڪ
راءِ ٿي کيس پنهنجو اُميدوار قرار ڏنو.
جذباتي نظارن جي وچ ۾ دودي قبول ڪيو. ائين دودو شاگرد يونين جو
بنا مقابلي صدر چونڊجي ويو.
انوپ ۽ سريتا
انوپ بمبئيءَ کان لنڊن ڪيئن پهتو، اِهو معجزو هُو دودي ۽ ٻين
دوستن کي ٻڌائي رهيو هو. ”ٿيو هيئن ته آءٌ جڏهن
پاسپورٽ کڻي اميگريشن جي ڪائونٽر تي پهتس ته مون
کي چيائون ته تون انوپ جلوٽا ڪونه آهين. مون چيو
ها آءٌ ڪونه آهيان، ته پوءِ چيائون ته جي انوپ
جلوٽا ڪونه آهين مون چيو ها آءٌ ڪونه آهيان، ته
پوءِ وري چيائون ته جي انوپ جلوٽا ڪونه آهين ته
پوءِ ولايت نٿو وڃي سگهين. آءٌ حيران ٿي ويس ۽ چيم
بابا هي ڇا پيا چئو! چون ته اسان کي خبر آهي ته
انوپ صاحب هن فلائيٽ ۾ وڃڻو آهي پر سندس پاسپورٽ
تي تون پنهنجو فوٽ چنبڙائي آيو آهين. ايتري ۾ پاسي
کان ٺونٺ لڳڻ جو احساس ٿيو. ڏٺم ته اصلي انوپ صاحب
منهنجي پاسي کان بيٺو هو. مون چيو ته هي ڪهڙو
معجزو آهي؟
اميگريشن وارن مون کي پاسپورٽ واپس ڏيندي چيو ته ڏس هي آهي اصلي
انوپ صاحب. مون کي عجب لڳو ۽ معجزو هي ته مون کي
معلوم ئي ڪونه هو ته انوپ جلوٽا ڪو ڪلاڪار آهي.
اهو ته سريتا کان معلوم ٿيم.
”ڪاش! بمبئيءَ جي ايئرپورٽ تي جلوٽا سان آءٌ ملان ها.“ سريتا
چيو.
”توکي سُرَ کان ٻاهر هن معجزي سان ملڻو هو ”گل بهار سنگهه چيو:
ڀلا ٻڌاءِ ته معجزو ڪهڙو ٿيو؟
”اهو نه جيڪو ٻڌايم!“ انوپ چيو. سري ۽ سڀئي اڃا مٿس کلي رهيا
هئا ته آفريڪي نوجوان جيڪو ٻي ٽيبل تي سگريٽ مان
دونهن جا ڇلا ٺاهي رهيو هو. تنهن چيو:
اِهو معجزو آهي ۽ پوءِ ميز تي
“Miracle” “Miracle” چئي طبلي وارا ٽِڪا وٺڻ لڳو.
”بي سُرا! ڏس هي معجزو،“ گل بهار چيو شيدي ٺُمبا هو، جيڪو اسڪول
۾ مست شهزادو سڏيو ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن هٿ کڻي
دودي کي پريزيڊنٽ چوندو هو. ڪڏهن ڪڏهن هٿ کڻي دودي
کي پريزيڊنٽ چونڊڻ تي داد ڏيئي رهيو هو. ملندو هو
ته به چوندو هو. ”هيلو مسٽر پريزيڊنٽ“. ڪنهن جوڙي
کي ملندو ته چوندو هو ”هيلو فلاورس.“ ڪنهن کي
اڪيلو ڏسندو هو ته چوندو هو، ”آءٌ اڪيلو آهيان،“
گُل بهار سنگهه پنجابيءَ ۾ ٺُمبا کي چوندو هو:
ڪارا، دل وارا، ماڻهو ظالم آهن.“
”ڪڏهن ته پنهنجي ڀاڳ جو ڦاٽڪ به کلندو.“ هڪ ڏينهن گُل بهار کي
چيائين.
”ضرور ضرور ”گل بهار چيو ۽ اک سان انوپ ڏانهن اشارو ڪيائين.
”معجزو.“
”ها معجزو
(Miracle)
. ”اهو ٻڌي ٺمبا وير ”مِرئڪِل مِرئڪِل“ جو ٺيڪو
وڃائڻ لڳو.
انوپ پنهنجي الائي ڪهڙي ادا جي ڪري سريتا جي دل ۾ جاءِ ڪندو پئي
ويو. هوءَ هال کان ڪلاس ڏيءَ ۽ ڪلاس کان هال ڏي
ويندو انوپ سان گڏ هوندي هئي. سريتا جو دودي سان
سنگيت جي ڪري به چڱو گهرائيءَ وارو نمونو هوندي به
روح جو رايو انوپ ڏي هو. دودي جو ٻيئي احترام ڪندا
هئا. سياسي طور به هم خيال هجڻ سبب دودي سان ٻانهن
ٻيلي ٿي بيٺا انوپ کي ”معجزي“ جي نالي سان مشهور
ڪرڻ ۾ دودي جو گهڻو هٿ هو. کيس ”انوپ معجزو“
سڏائيندا هئا، ته ناراض ڪونه ٿيندو هو ۽ شروع شروع
۾ چوندو هو ته انوپ جلوٽا نه سهي انوپ معجزو ئي
سهي.
سريتا سان گهرائي ۽ دلچسپي وڌڻ جو سلسلو هڪ ڏينهن لنڊن جي مادان
تسائو ميوزم ڏسڻ جي پروگرام سان ٿيو. بيڪر اسٽريٽ
کان ٿيندا، جڏهن ميوزم جي در وٽ پهتا ته ٽڪيٽ وٺڻ
لاءِ سريتا قطار ۾ انوپ کان اڳ ٿي بيٺي ۽ پئسا
ڏيئي ٽڪيٽ ورتائين ۽ ميوزم ۾ داخل ٿيڻ وقت فوٽو
گرافر سان گڏ فوٽو ڪڍايائين. سريتا اُتي به پئسا
ڏيڻ گهريا ته انوپ سندس هٿ پڪڙي ورتو ۽ ڪا دير
پڪڙي بيٺو رهيو. ان حد تائين فوٽو گرافر ڏهن
پائونڊن جو نوٽ انوپ جي هٿ مان خود وٺي ورتو.
ستل حسينه جي مجسمي وٽ انوپ ايترو محو ٿي بيٺو رهيو جو سريتا
کيس هٿ کان وٺي اڳتي ڇڪي ويئي.
”سٺي لڳئي ٿي.“
”ها.“ انوپ چيو.
”پوءِ ترسي پئو.“
”جاڳيل حسينه جيتيري سٺي ناهي.“ ائين چئي، سريتا جي هٿ کي نرم
نرم زور ڏنائين. هوءَ شرمائجي ويئي.
ڪيترين عالمي شخصيتن جا مجسما ڏسندا، جڏهن
Chamber Of Horrors
۾ داخل ٿيڻ لڳا ته سريتا پنهنجا ڪومل جذبا لڪائي
نه سگهي ۽ چيائين: ”ههڙا ظلم هاڻ ته دنيا ۾ ٻَڌي
جي حساب سان ڪيا پيا وڃن.“ چئمبر ۾ ڦاسي ڏيڻ ۽
مجرمن کي مارڻ جا ٻيا طريقا ڏيکاريا هئا، جن کي اڻ
ڏٺو ڪري سريتا انوپ کي ڇڪندي جلد اُتان لنگهي آئي.
ريسٽوران ۾ ڪافي پيئندي، انوپ پُڇيو:
”ڪيئن لڳو؟“
”مون کي هي پويون حصو ڏسندي پنهنجو وطن ياد پيو ۽ اُتي ظالمن
طرفان ٿيندڙ زيادتيون ياد ٿيون پون. ڪئين نه
پنهنجن سياسي فائدن حاصل ڪرڻ لاءِ انسان جو شڪار
پيو کيڏي وڃي. نسل پرستيءَ جي انتها ٿي چڪي آهي.“
”سچ پچ انتها ٿي چڪي آهي. ڪٿي گورو ڪٿي ڪارو، ڪٿي ٻي ٻولي
ڳالهائيندي ڪري ماريو پيو وڃي. ڪٿي مذهب جي فرق
ڪري رتوڇاڻ جاري آهي. هاڻ اِهو ڄاڻڻ کپي ته هاڻ
خوانخوار ۽ جهنگلي جانورن کان ڊڄڻ جو ضرور ئي نه
آهي.“ انوپ چيو.
”مون انوراڌاپورا ۾ جيڪي خوني نظارا ڏٺا آهن، انهن کي ڌيان ۾
رکي سوچيان ٿي ته جڏهن آءٌ وطن ورنديس ته منهنجن
مائٽن مان ڪير زندهه هوندو؟“ سريتا جو آزاز گُهگهو
ٿي ويو. انوپ سندس ڪلهي تي هٿ رکي کيس آٿت ڏيندي
چيو.:
”توکي ياد آهي ته دودي پنهنجي تقرير ۾ هن ظلم جو مختصر ذڪر جنهن
انداز ۾ ڪيو، تنهن هال ۾ ويٺل شاگردن کي ڪيترو
متاثر ڪيو هو. مون ڏٺو ته گهڻن جون نظرون تو ڏانهن
کڄي پئي ويون.“
هن پروگرام سريتا کي گهڻو رنجائي وڌو هو. انوپ ٻئي آچر تي رومن
وال لنڊن ٽاور برج جي راءِ ڏني. هُن گهڻو وقت
سريتا سان اڪيلو ۽ گڏ رهڻ پئي گهريو ۽ دل هئس ته
ٽيمس نديءَ جو ڪناري ڪناري سير ڪجي پروگرام موجب
آيا؛ لنڊن ٽاور پُل ڏسي ڪنارو وٺي نديءَ جو نظارو
ڪندا آيا.
“رومن وال ڏي هلڻ لاءِ دل نٿي چوي.“
”ٺيڪ آهي.“ انوپ چيو. ”اهو به ٺيڪ معجزو آهي.“
”ڪهڙو.“
”وعدو ڪري ڦرڻ.“
”مسٽر معجزا! مون کي نديءَ ڪناري سٺو ٿو لڳي.“ سريتا چيو.
ڪيتريون ٻيڙيون نديءَ ۾ هلي رهيون هيون ڪناري تي
به رونق هئي، ٻنهي طرفن جون ننڍيون پلون ڏسڻ ۾
آيون پئي. جاگنگ ڪرڻ وارا ڊوڙندا ٽپندا پئي ويا.
ڪي پوڙها، ڪي جوڙا ۽ ڪي اڪيلا بينچن تي ويٺا هئا.
ڪجهه چٻي رهيا هئا يا دونهن جا ڇلا ٺاهي رهيا هئا.
ڪناري تي سريتا ۽ انوپ ڪلوپيٽرا نيڊل وٽ بيٺا ۽
ٿورو اڳتي هلي بينچ تي ويٺا. سريتا خاموش هئي.
انوپ ڳالهائڻ لاءِ هن جو ڌيان ڇڪائڻ گهريو، پر وري
هن جي خاموش چهري کي ڏسڻ وڌيڪ سٺو لڳس. ٽهڪ ٻڌي
سريتا جي چهري کي ڏسندو ئي رهيو. ايستائين جو هن
ڏانهس نهاريو.
”ڇا ٿو ڏسين؟“
”سريتا!“ انوپ چيو. ”هي سڀ ڇا آهي؟“
”ڪٿي؟“ عجب ۾ هيڏانهن هوڏانهن نهاريندي پڇيو.
”هي تون ۽ آءٌ – آءٌ خبر نه آهي آهيان يا نه آهيان.“
”جي تون نه آهين ته آءٌ به نه آهيان.“
”اسين ڪنهن حسن ازل جا پاڇا ۽ پڙلاءُ ته نه آهيو؟” انوپ چيو.
سريتا ڏانهس ڏسندي پڇيو: ”تون جي مونسان پيار ڪرين
ٿو ته اِهو ڪنهن هڪ جيون سان پيا آهي؟ هڪ روح سان
پيار آهي؟ انسان ذات سان پيار آهي يا ڪائنات جي
حسن سان پيار آهي؟“
”انوپ ته مٽيءَ جو پتلو آهي،“ انوپ چيو ”تون مون سان پيار نه ڪر
سريتا.“
”مون کي ته خبر به نه آهي ته آءٌ ڪير آهيان، ڇا انوراڌاپورا جي
شري راجا داس سِنگي ۽ شريمتي پريه بالا جي ڌيءَ
آهيان. ڪنهن حسن ازل مون کي هتي موڪليو آهي.“
”سريتا! آءٌ شايد لنڊن آيو ئي توسان ملڻ آهيان ۽ اِهو وڏو معجزو
آهي.“ انوپ چيو ۽ سريتا ٽپ ڏيئي اُٿي ۽ چيائين:
”هلو! گهڻا معجزا ٿيا. سڄي سنجيده، روماني ۽
روحاني گفتگو جا ترا ڪڍي ڇڏيئي.“ ٻئي اُٿي کڙا ٿيا
۽ ويجهي انڊر گرائونڊ اسٽيشن ۾ داخل ٿي ويا.
l
l
l
شاگرد يونين طرفان راڳ سنگيت جي محفل
(Concert)
جو انتظام ڪيو ويو هو. لنڊن يونيورسٽيءَ جي سڀني
اسڪولن ۽ ادارن جو تعاون شامل هو. هيءَ محفل
ايٿوپيا جي ڏڪر جي ستايلن جي امداد خاطر منعقد پئي
ڪئي ويئي. محفل ۾ برطانيه جي برک ڳائڻن کي گهرايو
ويو هو. اسڪاٽلينڊ جي بانسري وڄائڻ وارن سان گڏ
ميزبانن مان جيڪي فنڪار شامل هئا، انهن ۾ دودي.
سريتا ۽ گل بهار جا نالا به هئا. هفتي جو وقت مليل
هو. دودي جو ڪمرو ريهرسل روم بنيل هو. هُو خود
سِتار تي ڪوشڪ ڌني ۾ ترتيب ڏنل ڌُن جو رياض ڪري
رهيو هو. سريتا هڪ سنهالي لوڪ گيت جي تياريءَ ۾
رڌل هئي. گل بهار ته پهرئين ڏينهن بلي شاهه جي هڪ
ڪافي ميان محمد جي ڏوهيڙن سان سينگاري جو ڳائي ته
سڀ بُت بنجي ويا ۽ هو ريهرسل کان واندو ٿي بالم
بنجي ويٺو ۽ سريتا کي چيائين: ”ڳاءِ پتري! ڪيڏانهن
ويو مسٽر معجزو؟“
سريتا سازن جي سنگت سان گيت شروع ڪيو. هوءَ هونئن ته سُريلي هئي
پر اڄ سندس هن آئٽم کي اوڪي ٿيڻ ۾ ڪجهه وقت لڳو.
گل بهار هن کي کلائي پئي وڌو. دودي چيو: ”اڃا ته
ڏاڏو ٺمبا ڪونهي ويٺل، جيڪو آفريڪي ردم شروع ڪري
اسان جي لئه خراب ڪري ڇڏي ها.“
بهرحال هن کان پوءِ دودو هو ۽ ستار هئي. هوڪلاڪن جا ڪلاڪ ڌن
وڄائڻ ۾ لڳو رهيو. هو آلاپ، مُرڪين ۽ لهرن ۾ محو
ٿي ويو. هِن سچل سرمست جي هڪ سرائڪي ڪافيءَ کي
ڪوشڪ ڌنيءَ ۾ موزون ڪيون هو ”گهنڊ کول ديدار وکا
مين آيا مک ويکڻ.“
محفل لاءِ آلبرٽ هال ۾ انتظار ڪرايو ويو هو. جئين ڏينهن ويجهو
پوندو ويو، شاگردن ۾ جوش وڌندو ويو. دنيا جي هر
جاتيءَ جا ماڻهو ٽڪيٽ خريد ڪري چڪا هئا. پروگرام
چئن ڪلاڪن جو هو. رات جو ساڍين ستين کان شروع ٿيو.
شروعات ٿيو. شروعات هڪ ننڍي تقرير کان ٿي جنهن ۾
ڪنسرٽ جو مقصد ٻڌايو ويو. گل بهار سنگهه بلي شاهه
جي ڪافي ڳائي: ”اڪ رانجها مينو لوڙيدا.“ دودو
پنهنجن دوستن کي اُن جو مطلب سمجهائيندو رهيو سندس
وارو آيو ته اُٿي اسٽيج تي آيو ۽ ڌن وڄائڻ لڳو. وقت فقط پنج منٽ مليل هو. هن ڪوشش ڪئي ته آلاپ کان آخر
تائين، دُرت لئه تائين ڌُن سان پورو انصاف ڪري
سگھي؛ اُهو هن ڪيو. کيس سٺو داد مليو. خير سان هيٺ
لٿو ته هڪ آفريڪي شاگرد کي سنڏ ٿيو. اهو اڃان
مُگرمان تي ڪو آفريڪي گيت ڳائي ۽ جھمر هڻڻ سان گڏ
مگرمان تي به مخصوص ٺيڪو وڄائي رهيو هو ته سريتا
نروس ٿيڻ جي شڪايت ڪئي. ڇو جو اُن پٺيان سندس وارو
هو. انوپ ۽ دودو سندس پاسن کان ويٺل هئا. کيس همت
ڏياريائون ۽ انائونس ٿيڻ کان اڳ گرين روم کان
اسٽيج تي پهچڻ واري ٻڌايل در وٽ وٺي ويا. کيس
دلداري ڏيندا رهيا. سريتا جو نالو پڪاريو ويو. کيس
اسٽيج ڏانهن ڌِڪي ڇڏيائون. هن سڄي قوت گڏ ڪري لوڪ
گيت شروع ڪيو:
انوراڌا پُورا جي قسمت ڪڏهن جاڳندي-
ڪڏهن اناج ايندو،
ڪڏهن مڇي ايندي،
انوراڌا پُورا-
آءٌ جاڳان پئي امان،
آءٌ جاڳان پئي جيڏيون.
انوراڌا—پُو –را
هن جو آواز ٽٽڻ لڳو ۽ بلڪل جھيڻو به ٿي ويو. کيس پگھر اچي ويا.
سندس سڀ دوست ۽ منتظم پريشان ٿي ڀڳا ۽ کيس گرين
روم ۾ سهارو ڏيئي وٺي ويا. پاڻي جا ڇنڊا هنيائون.
کيس پاڻي پيارڻ جي ڪوشش ڪيائون؛ پر حالت صحيح نه
پئي ڏٺي. ڊاڪٽر ڏٺو ۽ هڪدم اشارو ڪيائين. کيس
اسٽريچر تي کڻي ٻاهر آيا ۽ ايمبولينس گاڏيءَ ۾
وجھي اسپتال کڻي ويا. دودو، انوپ، گل بهار ۽ مارٿا
بيقراريءَ ۽ فڪرمنديءَ سان انتظار ڪندا رهيا. هڪ
نرس ڪمري کان ٻاهر اچي چيو: ”اچو! هوش ۾ اچي ويئي
آهي.“
هوءَ انوپ ۽ ٻين ڏي نهاريندي رهي. آواز ڪڍڻ جي ڪوشش ڪيائين، اُن
۾ به ڪمزوري هئي. انوپ سريتا جو هٿ جھلي فڪرمنديءَ
سان دودي ڏي نهارڻ لڳو. ٿوري ئي دير ۾ ڊاڪٽر ٻڌايو
ته سريتا علاج لاءِ اسپتال ۾ داخل ٿيندي. کين ڪمري
جو نمبر ٻڌايو ويو، ڪاغذ پٽ ٺهيا ۽ ٻئي ڏينهن شام
جو مريضه سان ملڻ لاءِ اچڻ جو چئي ڇڏيو ويو. فقط
مارٿا کي هڪ ڪلاڪ تائين ترسڻ جي اجازت ڏني ويئي.
”آءٌ ايستائين ٻاهر لائونج ۾ ويٺو هوندس گڏ واپس هلنداسين.“
دودي چيو. ٻاهر وڃي سڀ لائونج ۾ ويهي رهيا. انوپ
کي ته سنڀالڻ مشڪل هو. دودي کيس آٿت ڏيڻ سان
گھٽايو ڪونه. جُوس وٺي پيتائون. گل بهار چرچا
گھٻا ڪري وندرائڻ جي ڪوشش ڪئي. ايترو به چيائين.
”عورت مرد جي پيار جي پرک لهڻ لاءِ به بيمار ٿيندي آهي.“
”ڇڏ يار.“ دودي چيو.
”پتري ٺيڪ ٿي ويندي.“ گُل بهار چيو، ”فڪر نه ڪريو.“ سڀ فڪرمند
هئا. انوپ بلڪل خاموش هو. ڪلاڪ کان پوءِ مارٿا کي
ڏٺائون ته لفٽ مان نمودار ٿي. سڀيئي اُٿي هن ڏانهن
آيا ۽ خاموش نگاهن سان گھڻو ڪجھ پڇڻ گھريائون.
مارٿا ڪجھ گھڙيون ته چپ رهي. سندس چهري تي ڪوبه
خوشيءَ جو آثار ڪونه هو. پر ڇو جو ڊاڪٽر چيو هو
اُن ڪري هن کي صحيح اطلاع ڏيڻو هو. تمام هلڪو دل
جو دورو هو. ”هلو“، فقط ايترو چيائين ۽ سڀ اچي
دودي جي ڳاڙهي واگزال ڪار ۾ويٺا. ماڳ پهتا ته
مارٿا کين سڄي حقيقت ڪري ٻڌائي. سڀني تي قيامت
گذري ويئي. انوپ ته مورڇا ٿي ڪرڻ وارو هو، جو گل
بهار سنگھ کيس سنڀالي ورتو ۽ ڪمري تي پهچايو.
سريتا کي دل جو دورو پيو هو، پر کيس قابل ڊاڪٽرن جي مدد پهتي ۽
ٻئي ڏينهن دوست ملڻ ويس ته سندس حالت بهتر هئي.
”معجزو ٿي ويو،“ گل بهار چيو.
”ها“، انوپ چيو. ائين چيائين، ڄڻ ڪنهن ساڻس سنجيده گفتگو ڪئي
هئي. دودي چيو: ”راجڪماري! اسان جو ته ساهه ڪڍي
ڇڏيَيء.“ سريتا شڪر گذاريءَ جي انداز ۾ مُرڪيو.
ڊاڪٽر به کين پڪ ڏياري ۽ چيو ته ٻه هفتا علاج جاري
رهندو. پوءِ اسپتال مان اجازت ملنديءَ ۽ ٻه مهينا
آرام ڪبو ۽ چيڪ اپ ٿيندو رهندو. ويندي ويندي گل
بهار چيو: ”ڇا مصيبت آهي، هر ستم سريلنڪا تي ٿئي
ٿو!“
”۽ بمبئيءَ وارن تي به“ دودي چيو. انوپ روز سريتا سان ملڻ ويندو
هو. هڪٻئي جو سهارو بنبا هئا. هڪٻئي کي آٿت ڏيندا
هئا. گلدستو وٺندي هڪ ڏينهن سريتا پڇيو:
”گلدستي ۾ ڇا آهي؟“
”پيار.“
”بيماري ڇا آهي.“
”گل بهار کان پڇ.“
”ڇا.“
”ها! اُن ڏينهن پيو چوي ته پيار ڪرڻ وارن جي پيار جي پرک ورتي
وڃي.“
”گل جو ڪنهن سان پيار آهي؟“ سريتا پڇيو.
”گرونانڪ سان ته اٿس ۽ هندوستان، نيپال، سريلنڪا، برما، چين،
جپان، ايٿوپيا ۽ آفريڪا، ايشيا ۽ لاطيني آمريڪا جي
سڀني غريبن سان پيار جي دعويٰ به ڪري ٿو.“
”سٺو ماڻهو آهي. مون کي ’پتري‘ ڪري سڏيائين ته پهريائين ته مون
سمجھيو ڪونه، دودي ٻڌايو ته توکي ’ڌيءَ‘ ٿو سڏي.“
”ها واقعي لنڊن ۾ ڪير ٿو ڪنهن جو پيءُ ٿئي.“ انوپ چيو.
ڏينهون ڏينهن سريتا جي طبيعت سڌرندي ويئي ۽ هوءَ مقرر وقت تي
اسپتال مان واپس اچي ويئي. دودو دوستن سميت کيس
ڪار ۾ کڻي آيو.
مارٿا
ڪهڻي تان هر ڪو ڪهي، رهڻ اوکي تاب
پڌري ٿئي ٿي ذات، رهڻيءَ مان روحل چوي.
ڪڏهن رستي هلندي ڪنهن جي هٿ مان شاپنگ بئگ ڪري پئي ۽ ڪو ڊوڙي
اها کڻي ڏئي ۽ جي نهايت شائستگيءَ سان بئگ جي
مالڪ/ مالڪياڻيءَ کي هٿ ۾ ڏئي ۽ پٺ ئي نه ڇڏي ته
اِهو فلمن ۾ ته عام طور ٿئي ٿو، پر هن ناول ۾ به
اِهو ٿيڻ وارو آهي.
مارٿا ۽ دودي جي وچ ۾ لنڊن جي ٽاٽنهام ڪورٽ روڊ تي اهو ٿيو.
دودو آڪسفورڊ اسٽريٽ مان نڪري ٽاٽنهام ڪورٽ روڊ تي
فوٽ پاٿ وٺي پئي ويو ته اڳيان ويندڙ ڇوڪريءَ جي هٿ
مان ٻن مان هڪ شاپنگ بئگ ڪري پيئي. دودي ڊوڙي بئگ
کنئي ۽ هڪ اڌ ٻاهر ڪريل شي به واپس اُن ۾ وجھي
ڇوڪريءَ کي ڏٺائين. هُن وري وري ٿورا مڃيا. دودي
ڇوڪريءَ جا ملوڪ مهانڊا ڏسي کيس مزور وانگر سامان
کڻائي وڃڻ لاءِ به تيار هو، پر اهو هت رواج نه هو.
ٿورو اڳتي هليا ۽ هڪ موڙ مڙيا ته به رستو ساڳيو
هو. اڃان ٿورو اڳتي هليا ۽ ڊلن بڪ اسٽور وٽ پهتا ۽
ٻيئي رستو پار ڪري ٻئي طرف ٿيا ته به رستو ساڳيو
هو. اچي هڪ وڏي در وٽ بيٺا ته در ڪناٽ هال جو هو.
ٻئي مرڪيا ۽ در ۾ خاص چاٻي لڳائي اندر داخل ٿيا ۽
رسيپشن تي نوجوان سان ڇوڪريءَ ڳالهايو ۽ لفٽ ۾
آيا. ڇوڪري ٻئي فلور تي ٿورا مڃيندي هلي ويئي.
هيءَ مارٿا هئي. ساڳئي هال جيڪي رهاڪو، هالينڊ جي
حسينه ۽ اسڪول آف اڪنامڪس جي شاگردياڻي. دودو ٽئين
فلور تي لفٽ مان نڪري ويو.
دودي جڏهن سيڪنڊ هئنڊ/ پراڻي ڪار خريد ڪئي ته به هن جي پهرين
پئسينجر مارٿا هئي. اِهو به عجيب اتفاق هو. دودو
مشهور شاپنگ سنيٽر ”هئرڊس“ مان ڪا خريداري ڪري
اڃان ٻاهر مس نڪتو ته موڙ وٽ هڪ هوڪو ڏيڻ واري کان
مارٿا سون جو سيٽ پئي ورتو. جڏهن هوءَ ڪار ۾ ويٺي
ته دودي سان حال احوال ڪيائين. سيٽ ڏهن پائونڊن ۾
مليو هو. اندازو هو ته نوَ ڪئرٽ سون هو، وڌيڪ آسرو
الله تي هو.
”ڇا به هجي“، دودي چيو، ”هي سيٽ ڀاڳ وارو آهي.“ اهو ٻڌي مارٿا
خوش ٿي ۽ ٿورا مڃڻ لڳي. هال وٽ پهتا ته دودي ڪار
کي سامهون ٽئوِسٽاڪ سڪوائر پارڪ وٽ سليقي ۽ دستور
موجب بيهاريو ۽ اندر اچي مارٿا کي چانهه لاءِ
گذارش ڪيائين، جيڪا هُن قبول ڪئي. دودي جي ڪمري ۾
اچي ويهڻ سان هوءَ سيٽ جا ايئرنگ ۽ هار ڪڍي پائڻ
لڳي ۽ دودو اِليڪٽرڪ ڪٽلي رکندي مارٿا جي حسن ۽
سنهڙي هار جي گلي ۾ ٺهڪڻ کي ساراهڻ لڳو.
”تون ڪڏهن ائمسٽرڊيم آيو آهين؟“
”نه! هاڻي ويندس.“
”سچ؟“
”سچ پچ! تون دعوت ڏينديءَ ۽ توسان گڏجي هلندس.“ دودي چيو.
”تنهنجو گهر به ائمسٽرڊيم ۾ آهي ڇا؟“
”نه! منهنجو گهر هارليم جي سامونڊي ڪناري جي ويجهو هڪ ننڍي ڳوٺ
۾ آهي، پر مون گريجوئشن ائمسٽرڊيم ۾ ڪئي ۽ اسڪول
ٽيچر به اُتي رهي آهيان.“
اُن ڏينهن ته ٻنهي ۾ ٿوري گفتگو ٿي، پر جڏهن دودي جي اليڪشن جو
زور هو، انهن ڏينهن اليڪشن جي ڪم جي زورشور ۾
مارٿا سان ملاقاتون وڌي ويون. سياڻا چون ٿا ته
يونيورسٽين ۾ شاگرد يونين جون اليڪشنون هونديون ئي
انهن ملاقاتن لاءِ آهن. ڪن جا ڀاڳِ ڀِيڙو ڏيندا
آهن ته دال مان سِيرو ٿي پوندو آهي. ڪن کي ڀاڳ وٺي
دَٻَ ڏيندا آهن، ته مورڳو سير مان رَٻ وڃي ٿيندي
آهي. دودي سان انهن ڏينهن قدرت ڪرم ڪيو هو ته هڪ
طرف گل بهار سنگهه ۽ انوپ جهڙا سچا دوست ساٿ ۾ هئا
ته ٻئي طرف مارٿا، سريتا ۽ چِنگ لِنگ کُو جهڙيون
سهڻيون، سچار ۽ سلڇڻيون ڇوڪريون هُن جون ڄڻ
پنهنجون هيون.
جڏهن مارٿا سندس وطن بابت ڳالهه ٻولهه ٿي، ته ڏينهن آچر جو ۽
ماڳ هائيڊ پارڪ هو. لنڊن جي هن وشال پارڪ ۾ سرپن
ٽائن (نانگ وانگر ڊگهو تلاءُ) جي ڪناري بينچ تي
ٻئي ويٺل هئا. ٿورو پرتي گل بهار سنگهه ”خالصتان“
تي تقرير ڪري رهيو هو. ڪيترائي شاگرد ۽ ٻيا ماڻهو
سندس ٻڌڻ وارا هئا. چنگ مارٿا کي سامهون نظر اچي
رهي هئي. مارٿا چيو: ”دنيا ۾ هر ماڻهو پرماريت
خلاف صفون پيو ٺاهي، پر پرمارَ اڃان به انسان جو
شڪار کيڏي رهيا آهن.“
”اهو شڪاري خود هڪ ڏينهن شڪار ٿيندو. پئسي ۽ هٿيارن جي زور تي
ڪمزور قومن تي ظلم ڪري اُنهن جي ملڪن جون سرحدون
بدلايون ويون آهن ۽ اِهو سلسلو جاري آهي.“ دودي
چيو ”ها. تو پنهنجي وطن بابت پئي ٻڌايو.“
مارٿا چيو: ”اسان جي ملڪ جي جيڪا توکي خبر هوندي، سا شايد مون
کي نه هجي.“
”مون کي ايتري خبر آهي ته گذريل پنج سؤ سالن ۾ هسپانوين (اسپين
وارن)، پورچوگيزن، ڊچن انگريزن ۽ فرينچن هندستان
مان دولت ڪمائڻ لاءِ هٿ پير هنيا آهن. اسپين مان
ڪرسٽافر ڪولمبس نڪتو ۽ ايشيا بدران آمريڪا وڃي
پهتو. پورچوگال مان واسڪو ڊگاما ڏکڻ هندي سمنڊ
جهاڳيندو ڪئليڪٽ پهتو. پورچوگيزن جو ڏاکڻن ڪجهه
ٻيٽن تي قبضو ٿيو. سندس ملڪ گيريءَ ۽ واپار ۾
ڪاميابيءَ کي ڏسي ڊچن (اوهان کي). انگريزن ۽
فرينچن کي به اهو خيال ٿيو. ڊچ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ
يورپ ۾ مرچن جو اگهه وڌايو. انگريز جي به دل مِٺي
ٿي. ڊچن1630ع ۾ سنڌ ۾ واپار وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي.
1631ع ۾ ڊچ جهاز منهنجي وطن سنڌ جي لاڙي بندر، بلڪ
منهنجي ڳوٺ جي بلڪل ويجهو آيو هو. اُن کان اڳ سمنڊ
جي هن حصي تي پورچو گيزن واپارين/ قزاقن جو قبضو
هو. 1555ع ۾ هنن لاڙي بندر تان اچي ٺٽي ۾ قتل عام
۽ ڦرلٽ ڪئي ۽ باهه ڏني اسان پورچوگيزن ۽ انگريزن
جي پرماريت ڏٺي ۽ ڊچ اڳتي هليا ويا. پورچوگيزن کي
سلون مان ڀڄايائون ۽ 1641ع ۾ ملاڪا تي قبضو
ڪيائون. 1667ع ۾ سماترا ۽ ٻين ٻيٽن تي وڃي قبضو
ڪيائون. اُن ڪري پاڻ هڪٻئي سان شڪايت ڪون ٿا
ڪريون. شڪايت ته انگريز سان به نه آهي. شڪايت
پرماريت سان آهي.“ دودي ڳالهه ختم ڪئي. پرماٿا ڄڻ
ساهه روڪي ويٺي هئي. |