پاڪستان اديبن ۽ دانشورن جي قومي ڪانفرنس -1994ع
ٺهراءَ
عالمي صورتحال
هن اجلاس ۾ شريڪ اديب ۽ دانشور انسانيت جي ضمير ۽ اعليٰ انساني
قدرن جي امين هئڻ جي ناتي اڄ عالمي سطح تي دنيا جي
قومن جي اخلاف سامراجيت ۽ بالادستيءَ جي شديدتر
ٿيندڙ ريشه دوانين کي ڳڻتيءَ سان ڏسن ٿا ۽ ان جي
خلاف خودمختياري ۽ آزاديءَ لاءِ عوامي ۽ قومي
جدوجھد کي قدر جي نگاهه سان ڏسندي ان ۾ پنهنجي
ڀرپور شرڪت ظاهر ڪن ٿا ۽ ان نوعيت جي جدوجھد ڪندڙ
قومن، ادارن ۽ عوام کي پنهنجي مڪمل حمايت جو يقين
ڏيارين ٿا.
هي اجلاس خاص طور تي ڄمون ۽ ڪشمير ۽ بوسنيا جي عوام تي جاري ظلم
جي مذمت ڪري ٿو ۽ يو اين او، سلامتي ڪائونسل،
واسطيدار حڪومتن ۽ ويڙهه ۾ رڌل گروهن کي سڀيئي
تڪراري معاملا عالمي اداري جي تسليم ٿيل ٺهرائن،
يو اين هيومن رائيٽس چارٽر ۽ انساني قدرن جي
پاسداري ۽ خوداختياري واري حق جي تسليم ٿيل اصولن
هيٺ جنگ ۽ خونريزيءَ جي بدران گڏيل ڳالهين جي
ذريعي طئه ڪرڻ جي درخواست ڪري ٿو.
زبان جو مسئلو:
هي اجلاس مطالبو ڪري ٿو ته جيئن ته اتفاق راءِ سان عملي طور تي
اڙدو ملڪ ۾ رابطي جي زبان طور تسليم ٿي چڪي آهي،
تنهنڪري ان کي محض قومي زبان بدران مرڪزي طور تي
سرڪاري زبان قرار ڏنو وڃي ۽ واقعتاً رائج ڪيو وڃي
۽ ملڪ ۾ مروج سمورين زبانن کي قومي زبانون قرار
ڏنو وڃي.
سائنسي طور تي طئه ٿيڻ کان پوءِ اسان لاءِ اڻٽر آهي ته مادري
زبانن کي ابتدا کان اعليٰ سطح تائين تعليم جو
ذريعو ڪيو وڃي ۽ ان لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا
وڃن.
اهو به ضروري آهي ته زماني سان گڏوگڏ هلڻ ۽ سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي
Excellence جي حصول لاءِ فنڪشنل انگريزيءَ جي تعليم جو به بندوبست ڪيو
وڃي.
ان سان گڏوگڏ اها ڳالهه به اهميت جي آهي ته خود پنهنجين ثقافتن
۽ ڪلاسيڪي ادب کي بهتر طور سمجھڻ لاءِ فارسيءَ ۽
عربي زبانن جي اهميت کي تسليم ڪندي انهن جي تعليم
جو خاص انتظام ڪيو وڃي.
اليڪٽرانڪ ميڊيا:
هي اجلاس مطالبوڪري ٿو ته حڪومت جي اختيار هيٺ اليڪٽرانڪ ميڊيا
کي حقيقي معنيٰ ۾ عوامي ۽ جمهوري بنائڻ لاءِ انهن
کي مڪمل طور تي خودمختيار ڪيو وڃي. انهن ادارن جي
موجود سينسرشپ پاليسيءَ کي رد ڪيو وڃي.
سڀني پاڪستاني زبانن ۽ رنگارنگ ثقافت جي ڀرپور ابلاغ لاءِ ڪُل
وقتي چئنلس جو بندوبست ڪيو وڃي ۽ ان وقت تائين
انهن زبانن لاءِ مخصوص وقتن ۾ واڌارو ڪيووڃي.
انهن ادارن کي مؤثر عوامي ميڊيا بنائڻ لاءِ ۽ بين الاقوامي
ابلاغ جي ذريعن يلغار جي مقابلي ڪرڻ لاءِ پيشيور
بنيادن تي انهن جي نئين سر تنظيم ڪئي وڃي ۽ انهن
ادارن ۾ قلمڪارن جي ڪردار کي بنيادي اهميت ڏني وڃي
۽ اهو به ته انهن ادارن جي نشريات ۾ زبان ۽ بيان
جي صحت تي خاص ڌيان ڏيندي عوامي اظهار کي وڌ کان
وڌ رائج ڪيو وڃي.
ڪتابن جي ڇپائي:
هي اجلاس مطالبو ڪري ٿو ته مرڪزي ۽ صوبائي حڪومتن هيٺ هلندڙ
اهڙا سمورا ادارا جيڪي ڪتاب ڇاپين ٿا، اهي پنهنجين
پاليسين ۽ ڪارڪردگيءَ ۾ هم آهنگي پيدا ڪن ۽ ورجاءُ
(Duplication)
کي ختم ڪن ته جيئن محدود وسيلن جو بهتر استعمال
ڪندي وڌ ۾ وڌ ڪتاب ڇاپي سگھجن، جن ۾ ڏورانهن
علائقن جي ليکڪن جا ڪتاب به شامل هجن.
انهن ادارن جي ڪارڪردگيءَ کي بهتر ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته
واسطيدار علائقن ۽ زبانن جي معتبر اديبن جا
صلاحڪار بورڊ قائم ڪيا وڃن ۽ انهن کي فعال ڪيو
وڃي.
ترجمن لاءِ مرڪزي ادارو:
صدر مملڪت، سنڌي زبان جي نامياري ليکڪا ڊاڪٽر فهميده حسين کي
ايوارڊ ڏئي رهيو آهي.
ڪانفرنس جي افتتاحي اجلاس ۾، شمشير الحيدري، فتاح ملڪ، سراج
الحق، ڄام ساقي ۽ محمد ابراهيم جويو (کاٻي کان
پهريون) ۽ ٻيا ويٺل آهن.
اڄ جو دور
Information Explosion
جو دور آهي. اسرندڙ ملڪن ۾ هر ڏينهن نون خيالن ۽
نين سائنسي کوجنائن ۽ معلومات تي ٻڌل بي شمار
مقالا ۽ مضمون تخليق ٿي رهيا آهن. ڪلاسيڪي علمن جي
ڪتابن جي نئين سر ڇپائي ٿي رهي آهي. آڊيو وزيوئل ۽
فلمي دستاويز تيار ٿي رهيا آهن. اسان جي قوم ۽
عوام کي ترقيءَ جي رفتار ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ضروري
آهي ته تازه ترين فڪري ۽ معلوماتي ڪتاب ۽ ڄاڻ کي
انهن جي زبانن ۾ هنن تائين پهچايو وڃي ته جيئن
اسان موجوده عوامي حڪومت جي دعوائن موجب وقار ۽
شان سان نئين دور ۾ داخل ٿي سگهون. ان پس منظر ۾
هي اجلاس مطالبو ڪري ٿو ته اڪيڊمي آف ليٽرس هيٺ
هاڻوڪي ترجمي واري اداري کي ترجمن جو مرڪزي ادارو
ٺاهيو وڃي ۽ ان لاءِ هر ممڪن وسيلا فراهم ڪيا وڃن
ته جيئن همعصر فڪري، معلوماتي ۽ سانئسي مضمون ۽
معلومات کي، آڊيو وزيوئل دستاويزن کي وڏي پيماني
تي پاڪستاني زبانن ۾ ترجمو ڪري عوام لاءِ عام ڪيو
وڃي. ان سان گڏوگڏ ملڪ جي تاريخي، ڪلاسيڪي، ثقافتي
۽ ادبي تخليقن کي عالمي سطح تي متعارف ڪرائڻ لاءِ
اڪيڊميءَ جي منصوبن کي فعال ۽ جامع ڪيو وڃي ۽ اهو
به ته غير حڪومتي سطح تي ڪيل ان نوعيت جي ڪوشش جي
خاص مدد ڪئي وڃي.
ايف. سي. آر
پاڪستان جي اديبن ۽ دانشورن جو هي نمائنده اجلاس حڪومت کان
مطالبو ٿو ڪري ته قبائلي علائقن تي مڙهيل نوآباد
ياتي نظام جو قانون ايف. سي. آر
(F.C.R.)
هڪدم ختم ڪيو وڃي ۽ اتي رهندڙ سڀني ماڻهن کي هڪ
ماڻهو هڪ ووٽ جو حق ڏنو وڃي ته جيئن قبائلي علائقن
جو عوام پاڪستان جي قومي وهڪري ۾ پوري طرح تي شامل
ٿئي.
اقليتون
هي اجلاس ملڪ جي اقليتي برادرين کي پيش ايندڙ صورتحال ۽ مختلف
حوالن کان هنن جي حق غضب ڪرڻ واري روش تي پنهنجي
ڏک ۽ ڳڻتيءَ جو اظهار ڪري ٿو. هي اجلاس گھر ٿو ڪري
ته گذريل آمراڻن قدمتن سبب اقليتن ۾ احساس محرومي
پيدا ٿي ويو آهي ۽ هو پنهنجو پاڻ کي ٻئي درجي جو
شهري سمجھڻ لڳا آهن. هنن جو تدارڪ ۽ ازالو ڪيو وڃي
۽ هنن کي برابريءَ وارن حقن جي ضمانت ڏيڻ لاءِ
جوڳي ڪارروائي ڪئي وڃي. هي اجلاس پرزور مطالبو ٿو
ڪري ته ڌار چونڊن واري سرشتي جو خاتمو ڪري گڏيل
طور چونڊن جو طريقو رائج ڪيو وڃي ته جيئن اقليتون
وري پاڻ کي قومي وهڪري ۾ شريڪ سمجھن.
فڪري ۽ نظرياتي مسئلا
پاڪستان اديبن جو هي نمائنده ميڙ ملڪي ۽ صوبائي سطح تي خاص طور
تي سنڌ صوبي ۾ سياسي تلخين ۽ ان جي نتيجي ۾ ٿيڻ
واري محاذ آرائي تي گھري ڳڻتيءَ جو اظهار ڪري ٿو ۽
سياستدانن کان گھر ٿو ڪري ته هو ترت اهو خطرناڪ
رستو ترڪ ڪري سرچاءِ ۽ پرچاءَ جي جمهوري گس کي
هنڊائين ته جيئن ملڪي استحڪام ۽ قومي خوشحالي جي
لاءِ ڀائيچاري جو ماحول قائم ٿي سگھي.
اديبن جي نمائندگي
اديبن ۽ دانشورن جي قومي ڪانفرنس 1994ع جو هي اجلاس گهُر ٿو ڪري
ته ملڪ جي سڌ سماءَ جي ادارن يعني ريڊيو ۽ ٽي وي ۽
قومي ۽ صوبائي ادبي ادارن ۽ مڙني ثقافتي ادارن جي
گورننگ باڊيز ۾ اديبن ۽ دانشورن کي جوڳي نمائندگي
ڏني وڃي ۽ هنن کي ان جي مرڪزي انتظاميا ۾ هڪ ميمبر
جي حيثيت سان نامزد ڪيو وڃي ته جيئن انهن ادارن جي
فڪري ۽ علمي سطح وڌيڪ مٿانهين ٿي سگھي ۽ سماجي
شعور جي تقاضائن ۽ قومي امنگن سان انهن کي هم آهنگ
ڪيو وڃي. ان کان وڌيڪ هي اجلاس گھر ٿو ڪري ته
پرڏيهه ۾ پاڪستاني ثقافت ۽ ادب جي جوڳي نمائندگي
لاءِ مڙني پاڪستاني سفارتخانن ۾ اديبن ۽ دانشورن
کي ڪلچرل اتاشي جي حيثيت سان مقرر ڪيو وڃي.
پاڪستاني ادب
هي اجلاس گھر ٿو ڪري ته جمهوري گھرجن پٽاندڙ پاڪستاني زبانن جي
شعر و ادب کي قومي زندگي جي هر شعبي ۾ مناسب جڳهه
ڏني وڃي. انهن زبانن جي ڪلاسيڪي شاعرن جي ڇهه ماهي
يادگار ليڪچرن جو بندوبست ڪيو وڃي ۽ اڪيڊميءَ جي
تاحيات ميمبرن ۾ پاڪستاني زبانن جي معتبر اديبن کي
شامل ڪيو وڃي. ان کان سواءِ مختلف شهرن ۾ اهم وڏن
روڊن تي عوام جي محبوب اديبن ۽ شاعرن جا نالا رکيا
وڃن. آدمشماريءَ جي فهرست مان جن زبانن کي گم ڪيو
ويو آهي مثلاً براهوي، ان جي حيثيت بحال ڪئي وڃي.
مڙني پاڪستاني زبانن جي معذور ۽ بيمار اديبن ۽ دانَشورن لاءِ
مالي واهر ڪئي وڃي ۽ ان ڳالهه کي خاص طور ذهن ۾
رکيو وڃي ته ڪنهن به صوبي ۽ ڪنهن زبان جي اديبن ۽
دانشورن کي نظر انداز نه ڪيو ويندو.
ڇپائي ۽ اشاعت
ڪتابن جي ڇپائي جي سلسلي ۾ جا مهانگائي وڌي آهي، ان جي ڄاڻ سڀني
کي آهي. اسان جي ملڪ ۾ ليکڪن کي پنهنجون لکڻيون
ڇپائڻ واري ڏس ۾ جيڪي مالي مشڪلاتون آڏو آهن اهي
ڪنهن کان لڪل ناهن.
اسان جي ملڪ ۾ پبلشر ادبي ڪتابن جي ڇپائيءَ کي لاڀ وارو ڌنڌو
نٿا سمجھن، انڪري اسان جي تجويز آهي ته مالياتي
ادارن کي
Self Employment Scheme
هيٺ ڏيڻ وارن قرضن جي فهرست ۾ ڪتابن جي اشاعت لاءِ
به گنجائش ڪڍي وڃي ۽ ليکڪن کي بغير وياج جي قرض
ڏنا وڃن جنهن جي سفارش اڪيڊمي ادبيات پاڪستان
ڪندي.
سفري سهولت:
اديبن ۽ دانشورن جي قومي ڪانفرنس 1994ع جو هي اجلاس حڪومت کان
گھر ٿو ڪري ته اديبن ۽ دانشورن کي ملڪ ۾ توڙي
پرڏيهه سفر لاءِ ڀاڙي ۾ پنجاهه سيڪڙو رعايت ڏني
وڃي ۽ لاڳاپيل محڪمن ۽ ادارن کي ان ڏس ۾ ضروري
عملي ڪارروائي جي هدايت ڪئي وڃي. ان ڏس ۾ اڪيڊميءَ
جي سفارشن جي حصول لاءِ اديبن جي رجسٽريشن جو ڪو
عمل جوڳو طريقو چٽو ڪيو وڃي.
پوسٽ جو خرچ:
اديبن ۽ دانشورن جي ڪانفرنس 1994ع جو هي اجلاس علمي ۽ ادبي
ڪتابن ۽ رسالن جي ڏيهه توڙي پرڏيهه پهچائڻ لاءِ
پوسٽيج ۾ بي انداز واڌاري تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪري
ٿو ۽ ان کي علم ۽ ادب جي راهه ۾ رڪاوٽ سمجھي ٿو ۽
پرڏيهه رهندڙ پاڪستانين کي ادبي ڪتابن ۽ رسالن کان
محروم رکڻ جو سبب سمجھي ٿو. ان ڪري هي اجلاس گھر
ٿو ڪري ته حڪومت پوسٽيج ۾ غير ضروري ۽ نامناسب
واڌاري کي واپس وٺي ۽ علم ۽ دانش جو سفر جاري رکڻ
۾ سهڪار ڪري.
ثقافتي ادارا:
هي اجلاس موجوده حڪومت جي انهيءَ قدم کي تحسين جوڳو سمجھي ٿو
جنهن هيٺ هنن پاڪستان نيشنل سينٽر جھڙي قومي اداري
کي بحال ڪيو، ۽ گھر ٿو ڪري ته فڪري ڦهلاءَ لاءِ ان
اداري جي مرڪزن کي رڳو حڪومتي پاليسن جو ترجمان
بڻائڻ بجاءِ هر علائقي جي مقامي دانشورن ۽ اهل فڪر
۽ اهل قدم جو مرڪز بڻايو وڃي. انهن کي ڪنهن اڻ
لاڳاپيل بيوروڪريٽ جي حوالي ڪرڻ بجاءِ علمي، ادبي
۽ ثقافتي پس منظر رکندڙ ماڻهن جي حوالي ڪيو وڃي ۽
انهن مقصدن جي پورائي لاءِ ان کي تاريخ ۽ ثقافت جي
ڪميشن جي هٿ هيٺ آندو وڃي.
ملڪ ۾ ٻارڙن جي ادب جي گھٽائيءَ سبب اجلاس تجويز پيش ٿو ڪري ته
ٻارڙن جي ادب جي اشاعت لاءِ هڪ ڌار ادارو قائم ڪيو
وڃي، جيڪو مڙني پاڪستاني زبانن ۾ ٻارڙن جو ادب
شايع ڪري ۽ مناسب اگھ تي هر طبقي جي ٻارڙن کي مهيا
ڪري.
اجلاس گھر ٿو ڪري ته تاريخ ۽ ثقافت واري ڪميشن هيٺ ڪم ڪندڙ لوڪ
ورثي واري اداري جون شاخون مڙني صوبن ۾ قائم ڪيون
وڃن ۽ ان جي ڪتابن کي ماڻهن تائين پهچائڻ جو جوڳو
بندوبست ڪيو وڃي.
ملڪ ۾ اڻپڙهيائپ جي نسبت ۾ واڌ ۽ جھالت جي خاتمي لاءِ هي اجلاس
مطالبو ٿو ڪري ته تعليم واري وزارت ٻيهر بالغن
لاءِ تعليم جو شعبو قائم ڪري ۽ ان کي فعال بنائي.
پاڪستان جو صحيح تصور اڀارڻ لاءِ اجلاس مطالبو ٿو ڪري ته تاريخ
۽ ثقافت واري ڪميشن هيٺ ڪم ڪندڙ ادارو قائداعظم
اڪيڊمي، قائداعظم جي تقريرن جو مڪمل متن بغير ڪنهن
تبديليءَ، تحقيق ۽ ردوبدل جي مڙني پاڪستاني زبانن
۾ ترجمو ڪرائي رعايتي قيمتن تي عوام کي فراهم ڪري.
اڪيڊمي آف ليٽرس
اديبن ۽ دانشورن جي قومي ڪانفرنس 1994ع جو هي اجلاس تجويز پيش
ٿو ڪري ته ان ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندڙن کي اڪيڊميءَ
جي بنيادي ميمبرشپ ڏني وڃي ۽ اڪيڊميءَ پاران
ميمبرشپ جو ڪارڊ جاري ڪيو وڃي.
هي اجلاس مطالبو ٿو ڪري ته اڪيڊميءَ جي صوبائي شاخن جي ڪارڪردگي
بهتر بنائڻ ۽ ان کي فعال بنائڻ لاءِ مقامي سطح تي
اديبن ۽ دانشورن تي ٻڌل ڪميٽيون جوڙيون وڃن ۽ انهن
کي وڌيڪ اختيار ڏنا وڃن.
آمريت جي دؤر ۾ علم ۽ ادب کي جهڙيءَ ريت معاشري مان تڙيو ويو
هو، خاص طور تعليمي زندگي مان خارج ڪيو ويو، جنهن
جي جڳهه تشدد ۽ مجرماڻين سرگرمين ورتي، انهن جو
ازالو ڪرڻ لاءِ هي اجلاس تجويز پيش ٿو ڪري ته
اڪيڊمي، پاڪستاني زبانن جي مڙني اديبن ۽ شاعرن جي
مختلف شهرن ۾ وڃڻ ۽ هنن سان تقريبون منعقد ڪرڻ جو
انتظام ڪري. ان سان گڏ اهو به انتظام ڪيو وڃي ته
اديب يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ شاگردن آڏو پنهنجون
تحقيقاتون پيش ڪن ۽ اهل قلم ماڻهن کي ان جو مناسب
آنريريم به ڏنو وڃي.
اڪيڊميءَ جا قومي سطح جا اجلاس اسلام آباد کان سواءِ مڙني صوبن
جي راڄڌانين ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ منعقد ڪيا وڃن.
اڪيڊمي ننڍا ننڍا ايوارڊ ڏيڻ کان سواءِ اديبن جي پوري ڪم کي
مدنظر رکندي انعام به ڏئي، جيڪو اعزاز ڏيڻ واري
اداري جي وقار ۽ اسان جي قومي ذهني باليدگي جو
مظهر هجي.
هي اجلاس سفارش ٿو ڪري ته چيئرمن جناب فخر زمان جي افتتاحي
تقرير موجب اڪيڊمي جي ملازمن جي سرڪاري حيثيت کي
يقيني بڻايو وڃي.
ادبي رسالا
علم ۽ ادب جي جياپي ۽ ڦهلاءَ لاءِ هي اجلاس مطالبو ٿو ڪري ته
سڌسماءَ واري وزارت پاڪستان جي مڙني زبانن جي
رسالن کي اشتهار جاري ڪري ۽ تعليم واري وزارت ادبي
رسالن ۽ مخزنن کي خريد ڪري سڄي ملڪ جي لئبررين ۾
مستقل طور اماڻڻ جو انتظام ڪري. اڪيڊمي هڪ ڪميٽي
جوڙي جيڪا اهڙن سنجيده رسالن ۽ مخزنن جي نشاندهي
ڪري.
لئبرريون
سڌريل معاشرن ۾ علم جي ڦهلاءَ ۽ پڙهائيءَ کي عام ڪرڻ لاءِ
ڪتبخانا اهم ترين اداري جي حيثيت رکن ٿا. پاڪستان
۾ قومي، علائقائي، ميونسپل ۽ تعليمي ادارن جي
انتظامن هيٺ هلڻ وارين اڪثر لئبررين جو انتظام ۽
ڪارڪردگي ٻُڌائڻ کان ٻاهر آهي.
هي نمائنده اجلاس مطالبو ٿو ڪري ته انهن ادارن جي انتظامي ۽
خدماتي مامرن کي بهتر بنائڻ لاءِ هر علائقي جي
ناميارن دانشورن، استادن ۽ ٽيڪنيڪل ڪارڪنن تي ٻڌل
مشاورتي بورڊ جوڙيو وڃي، جيڪو لئبررين جي ترقي ۽
انهن کي فعال بنائڻ جي ڏس ۾ سهڪاري فرض انجام ڏئي.
ان سلسلي ۾ هي اجلاس 1972ع جي تعليمي پاليسيءَ کي
جيئن جو تيئن لاڳو ڪرڻ جي پر زور سفارش ڪري ٿو ۽
مطالبو ٿو ڪري ته ان پاليسيءَ ۾ وڌيڪ تجربا نه ڪيا
وڃن.
تعليمي شعبو
هي اجلاس مطالبو ٿو ڪري ته تعليم جي سلسلي ۾ نت نوان تجربا نه
ڪيا وڃن ۽ 1972ع جي پاليسيءَ ۾ ڄاڻايل سُڌارن تي
عمل ڪيو وڃي، پر ان مان تعليمي ادارن کي قوميائڻ
واري شق ختم ڪئي وڃي.
هي اجلاس مطالبو ٿو ڪري ته مسجدن ۾ قائم مدرسن ۾ ديني تعليم سان
گڏ جديد علم به پڙهايا وڃن ته جيئن پوئتي پيل
علائقن جا معصوم ٻارڙا وقت سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي
هلي سگهن.
هي اجلاس اِهو به مطالبو ٿو ڪري ته صوبن ۾ بنيادي تعليم مادري
زبان ۾ ڏني وڃي.
هي اجلاس تائيد ۽ سفارش ٿو ڪري ته يونيورسٽين ۾ پاڪستان جي مڙني
زبانن جي ادب جي ترقي، گڏيل اتحاد جا هاڪاري بنياد
استوار ڪرڻ لاءِ چيئرس قائم ڪيو وڃن ۽ انهن
يونيورسٽين ۾ ملڪ جي اهم زبانن ۾ ايم. اي ۽
ڊاڪٽريٽ جي سطح جا ماهر تيار ڪيا وڃن.
هي اجلاس سفارش ٿو ڪري ته پاڪستان جي مختلف صوبن کي ذهني طور
هڪٻئي جي ويجهو آڻڻ لاءِ هر صوبي جي وڏن شهرن ۾
مڙني عوامي زبانن جي تعليم لاءِ اهڙا مرڪز قائم
ڪيا وڃن، جيڪي زبانن ۾ سرٽيفڪيٽ ۽ ڊپلوما جاري ڪرڻ
لائق هجن.
اديبن ۽ دانشورن جو هي اجلاس اڪيڊميءَ جي مڙني اڻٿڪ ڪارڪنن جو
خاص طور ٿورو ٿو مڃي ته هنن هر ممڪن طرح ڏينهن رات
محنت ڪري مهمانن کي سهوليتون مهيا ڪيون. هنن جي
آرام جو خيال رکيو ۽ ان ڪانفرنس کي ڪامياب بڻايو.
هي اجلاس اڪيڊميءَ جي چيئرمن جناب فخر زمان ۽ ڊئريڪٽر جنرل جناب
افتخار عارف کي درخواست ٿو ڪري ته اڪيڊميءَ جي
ڪارڪنن جي خدمتن جو خاص اعتراف ڪيو وڃي.
گرانٽون
بلوچي اڪيڊمي کي اڪيڊمي ادبيات کان جيڪا گرانٽ ملي ٿي، اها تمام
ٿوري آهي، انڪري ٻين صوبن جي مڃيل اڪيڊمين وانگر
بلوچي اڪيڊمي جي سالياني گرانٽ وڌائي وڃي ۽
one-time grant
جي طور تي ان کي فنڊس مهيا ڪيا وڃن، ته جيئن ان جي
عمارت اڏجي سگهي.
مردمشماري جي دائري ۾ مڙني پاڪستاني زبانن کي شامل ڪيو وڃي.
بلوچستان ۾ براهوي اڪيڊمي ۽ پشتو اڪيڊمي به خدمتون سرانجام ڏئي
رهيون آهن. انهن کي به
one-time grant
ذريعي وقت سر امداد ڏني وڃي ته جيئن اهي پنهنجا
مالي مسئلا حل ڪري سگهن. مڙني پاڪستاني زبانن جي
معذور ۽ بيمار اديبن ۽ دانشورن لاءِ مالي امداد
فراهم ڪئي وڃي.
سنڌي نثر مان مثالي ٽُڪرا
”سنڌ جي ڪنهن به ڪُنڊ جي ڪهاڻي دراصل سنڌوءَ جي ڪرشمن جي ڪهاڻي
آهي. سنڌ جي عظمت جا سمورا اهڃاڻ هن عظيم نديءَ جي
مرضيءَ ۽ مزاج جا پرتوا آهن. مانسروور جي هن
لاڏليءَ جي ناز ۽ انداز، وقت جي راڻن لاءِ پنهنجين
ڪنڌين تي ڪئين ڪاڪ محل جوڙيا ۽ اُجاڙيا آهن. جُڳن
کان وٺي هيءَ ڌرتي سندس ڌوم ۽ ڌمچر جو ميدان رهي
آهي. ڪوبه گوشو ڪونهي، جتان هن ڇيڳريءَ پنهنجو گس
نه ڪيو هجي، يا اُهو سندس ريل ڇيل کان آجو رهيو
هجي. آدجڳاد کان هيءَ ماٿري سندس مايا رهي آهي.
هوءَ اُن جي اڪيلي مالڪ ۽ مختيار آهي. هن پنهنجن
ڪنٺن تي ڪنهن به فاتح ۽ فرمانروا جو قبضو نه
قبوليو آهي. ڪئين ڪرڙا ۽ قهار، جوڌا ۽ جرار،
زبردست طاقت ۽ طمطراق سان ڪاهي آيا، پر هتي سدائين
سنڌوءَ جي ئي سلطنت ۽ سرداري ثابت رهي آهي. سندس
ئي نالي سان هن سرزمين جي سڃاڻپ آهي. هوءَ ازل کان
آهي، ابد تائين رهندي. هوءَ تڏهن به هئي جڏهن سنڌ
اڃا سمنڊ جي تري ۾ هئي، جڏهن سڄو اُتر هندستان
سمنڊ جي تري ۾ هو، ۽ جڏهن خود هماليا جبل به سمنڊ
جي تري ۾ هو. اِها ڇهه ڪروڙ سال اڳ جي ڳالهه آهي.
ڌرتيءَ جي علم جا اڪابر چون ٿا ته پوءِ اُنهيءَ
پاسي زبردست زلزلا آيا، جن جي مانڌاڻ کان مجبور ٿي
سمنڊ پنهنجيءَ جھول مان سنڌ جي سونهاريءَ ڌرتيءَ
کي ٻاهر ڪڍي، سنڌوءَ جي سپرد ڪري، پاڻ پري هٽي
ويو. جڏهن طوفانن، برساتن، اُسن ۽ ندين نالن جي
اثر زمين کي ٺپي ۽ ٺاهي تيار ڪيو، تڏهن ان کي
سنوارڻ ۽ سينگارڻ لاءِ، ڦاٽ کائي، اُڇلون ڏيندي،
سنڌو اُن ڏانهن ڊوڙي اُٿي هلي. سندس ٻيو حصو
هندستان جي اُڀرندي ڏانهن وڃي، گنگا جي نالي سان
مقدس بڻجي ويو.
سنڌو پوءِ پنهنجي آسپاس جو معائنو ڪندي، هر هنڌ گل ۽ گلزار
اُپائيندي، ٻين درياهن کي شامل راءِ بنائيندي، وري
به وڃي سمنڊ سان صلاحي ٿي. تنهن کان پوءِ، سندس
ڪنارن تي دنيا جي قديم ۽ عظيم تهذيب وجود ۾ آئي.
جيڪا گنگا کي نصيب نه ٿي. اهو سنڌو- ماٿر جي
تهذيبي ارتقا جو پندرهن کان پنجويهه هزار سال اڳ
جو زمانو آهي، جنهن جي روشني نيل، فرات ۽ دجلا
ندين جي ٻين قديم تهذيب وارين ماٿرين تائين وڃي
پهتي.
مُهن جي دڙي واري اها تهذيب، دنيا ۾ سڀ کان آڳاٽي ۽ سڌريل ثابت
ٿي آهي. ان جو پايو دراوڙ لوڪن وڌو هو، ۽ سنڌوءَ
جي ٻنهي پاسن ان جا آثار مليا آهن. دنيا ۾ اها
”سنڌوءَ- ماٿر تهذيب“ جي خاص نالي سان مشهور
آهي....“
[شمشير الحيدريءَ جي ڪتاب ”سنڌي شاعريءَ جو اڀياس“ جي مضمون
”سنڌوءَ جي ساک“، ص 7 ۽ 8 تان ورتل. چونڊيندڙ:
الطاف آگرو، ڄامشورو سنڌ.] |