”سنڌ زميندار پريس“ سکر جي حوالي سان ڇپائيءَ جي
اُها آڳاٽي تاريخي مشين، جنهن تي اوائلي زماني ۾
پير علي محمد راشدي ۽ پير حسام الدين راشدي، سکر
مان ”سنڌ زميندار“ ۽ بعد ۾ ”ستاره سنڌ“ اخبارون
شايع ڪندا هئا. اُها يادگار مشين اڄڪلهه ٺٽي ۾
عبدالڪريم تابان وٽ مڪلي پريس ۾ رکيل آهي.
صدر مملڪت جناب فاروق احمد خان لغاري، اديبن ۽
دانشورن جي قومي ڪانفرنس 1994ع جي افتتاحي اجلاس
کي خطاب ڪري رهيو آهي. اڪيڊميءَ جو ڊئريڪٽر جنرل
جناب افتخار عارف، اڪيڊميءَ جو چيئرمن جناب فخر
زمان، وفاقي وزير تعليم جناب خورشيد احمد شاهه ۽
وزيراعظم جي صلاحڪار محترمه شهناز وزير علي اسٽيج
تي ويٺل آهن.
صدر مملڪت جناب فاروق احمد خان لغاري، اديبن ۽
دانشورن جي قومي ڪانفرنس 1994ع جي افتتاحي اجلاس ۾
سنڌي زبان جي نامياري ليکڪا محترمه ماهتاب محبوب
کي ”شاهه عبدالليف ڀٽائي ايوارڊ“ ڏيئي رهيو آهي.
اڪيڊميءَ جو چيئرمن جناب فخر زمان ساڻن گڏ آهي.
گذارش
سنڌي ٻولي- قومي ٻولي
وفاقي وزارت تعليم جي اداري ”اڪيڊمي ادبيات پاڪستان“ پاران
گذريل آڪٽوبر ۾ منعقد ڪيل ”اديبن ۽ دانشورن جي
قومي ڪانفرنس- 1994ع“ جي موقعي تي جيڪي ٺهراءَ پاس
ڪيا ويا هئا، تن مان هڪ مُلڪ جي سمورين زبانن کي
قومي ٻوليون قرار ڏيڻ بابت هو، جيڪو بنا ڪنهن ردڪد
يا رائزنيءَ جي، چِٽائيءَ سان، يڪراءِ پاس ڪيو
ويو. سڄي مُلڪ مان آيل مختلف ٻولين جي ليکڪن جي هن
نمائنده ميڙ ۾ گهُر ڪئي ويئي ته ”... عملي طور تي
اردو ملڪ ۾ رابطي جي ٻولي بنجي چڪي آهي، ان ڪري ان
کي رڳو قومي ٻولي بجاءِ مرڪزي طور تي سرڪاري زبان
قرار ڏنو وڃي ۽ واقعاً رائج ڪيو وڃي ۽ ملڪ ۾ مروج
سمورين ٻولين کي قومي ٻوليون قرار ڏنو وڃي.“
مٿئين ٺهراءَ جي اهميت ان ڪري وڌي وڃي ٿي، جو اهو ملڪ جي چونڊ ۽
نمائنده اديبن ۽ دانشورن جي سوچ ويچار جو نچوڙ
آهي، جيڪي ادب، تعليم، ثقافت ۽ سماجيات جي شعبن ۾
وڏي مهارت رکن ٿا ۽ انهن جي هن سنجيده فيصلي کي
نظرانداز ڪري نٿو سگهجي. هاڻي اهو حڪومت جو ڪم آهي
ته دانشورن جي ان راءِ کي عملي رُوپ ڏئي.
جيستائين سنڌي ٻوليءَ جو تعلق آهي ته ان جي اهميت ۽ افاديت
بابت، علمي طور تي گڏيل 20- 25 سالن ۾ ايترو ته
اثرائتو ۽ پيرائتو لکيو ويو آهي، جو هاڻي وڌيڪ
ڪنهن دليل دلائل جي ڪابه خاص ضرورت باقي نٿي رهي.
ٻئي طرف سنڌ جي لائق ليکڪن ۽ دانشورن، شاعرن ۽
صحافين، تعليمي ماهرن ۽ ثقافتي ڄاڻُن ۽ ٻين سڄاڻ
حلقن هڪ ڊگهي عرصي کان وٺي گهُر پئي ڪئي آهي ته
سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي قرار ڏيئي، ان جي ترقيءَ
لاءِ موقعا پيدا ڪيا وڃن.
مٿئين ٺهراءَ موجب ملڪ ۾ مروج سمورين ٻولين کي قومي ٻولين جي
حيثيت جو مطالبو ڪيل آهي، جا هڪ نهايت معقول ۽
واجبي ڳالهه آهي. ان طرح انهن ٻولين کي به وڌڻ
ويجهڻ جو موقعو ملندو، جن جون پاڙون صدين جي ثقافت
۾ کُتل آهن.
ان موضوع تي لکندي اسان کي اردو زبان جي اهميت ۽ ان جي ترقيءَ
سان ڪنهن به قسم جو ڪو انڪار ڪونه آهي. اردو زبان
جي اهميت ان مان ئي واضح آهي جو اهو مڃيو ويو آهي
ته اها رابطي جي زبان جي سموري صلاحيت حاصل ڪري
چُڪي آهي ۽ ان کي مرڪزي سطح تي سرڪاري زبان قرار
ڏنو وڃي. هونءَ اردو به اسان لاءِ ٻين ٻولين وانگر
نهايت عزيز ۽ محترم آهي، ڇو ته ان ۾ وڏو علمي ۽
ادبي سرمايو موجود آهي ۽ اها ننڍي کنڊ جي عام
ماڻهن ۾ هڪجيتري سمجهي وڃي ٿي ۽ ڳالهائي وڃي ٿي.
اردو زبان جي سنڌ سان هڪ خاص نسبت به آهي، جو سنڌ
جي جڳ مشهور نامياري عالم سائين پير حسام الدين
راشدي جي تحقيق موجب ”سنڌ، اردو زبان جي جنم جي
جاءِ آهي.“
اديبن ۽ دانشورن جي قومي ڪانفرنس ۾ پاس ڪيل مٿئين ٺهراءُ جي
روشنيءَ ۾ اسين مُلڪ جي مرڪزي ادبي اداري ”اڪيڊمي
ادبيات پاڪستان“ جي موجوده سرگرم سربراه جناب فخر
زمان جي معرفت، پاڪستان سرڪار کان گهُر ٿا ڪريون
ته ان ٺهراءَ تي عمل ڪرڻ لاءِ اُپاءَ وٺي، ملڪي
دانشورن جي راءِ جو عملي احترام ڪيو وڃي.
بورڊ جو نئون چيئرمن
سنڌ جي سمورن ادبي ۽ ثقافتي، صحافتي ۽ تعليمي، تحقيقي ۽ علمي
حلقن انهيءَ خوشيءَ جي خبر تي سَرهائي ظاهر ڪئي،
جڏهن سنڌ جي نامياري دانشور ۽ صاحبِ طرز اهل قلم
سينيٽر حُسين شاهه راشديءَ کي سنڌي ادبي بورڊ جي
سربراهي سونپي ويئي.
سنڌي ٻوليءَ جي ناميارن دانشورن ۽ عالمن سان گڏ نئين ٽهيءَ جي
نوجوان ۽ نوخيز ليکڪن کي به جڏهن ائين چوندي ٻُڌو
ويو ته ”اهڙو نهايت صحيح، معقول ۽ خوشگوار فيصلو“
گهڻو وقت اڳي ٿيڻ کپندو هو، ته اهڙيءَ صورت ۾،
وزيراعظم پاڪستان محترمہ بينظير ڀٽو جي مٿئين صحيح
۽ سُهڻي فيصلي ۽ چُونڊ جي اهميت هيڪاري وڌي وڃي
ٿي.
راشدي صاحب کي 11- آڪٽوبر 1994ع تي اسلام آباد ۾ وزيراعظم، سنڌي
ادبي بورڊ جون واڳون سنڀالڻ لاءِ چيو ۽ صاحب موصوف
31- آڪٽوبر تي بورڊ ۾ چارج وٺي پنهنجو ڪم شروع ڪيو
آهي.
سينيٽر حُسين شاهه راشديءَ جي علمي ۽ ادبي، ثقافتي ۽ تحقيقي،
صحافتي ۽ ڪتابي دنيا جي موضوعن سان وابستگي ۽
مهارت، تجربي ۽ ادراڪ بابت ڪنهن به تفصيلي تذڪري
جي اسان ڪابه ضرورت انڪري محسوس ڪونه ٿا ڪريون، جو
اها ڳالهه ”هٿ ڪنگڻ کي آرسي ڏيکارڻ“ جي برابر وڃي
بيهندي. اسان ايترو سو ٻُڌائڻ مناسب ٿا سمجهون ته
راشدي صاحب سنڌ جي سپوت عالم ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي
پيڙه کي پُختي ڪرڻ لاءِ لاڳيتو جاکوڙيندڙ بزرگ،
مرحوم سائين پير حسام الدين راشدي جي علمي روايتن
جو محافظ ۽ امين آهي، جن ۾ بنيادي طور تي
ايمانداري ۽ اضافي طور تي اڻٿڪ محنت ۽ بي لوث خدمت
جا گُڻ نشانبر آهن. راشدي صاحب هڪ لحاظ کان سنڌي
ادبي بورڊ جي منزل بمنزل واڌاري ۽ ترقيءَ جي مختلف
وڻندڙ مرحلن ۽ سلسلن جو اکين ڏٺو شاهد عادل آهي.
سون تي سهاڳو اهو به آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي هڪ
نهايت بي مثل ۽ بي بَدل صاحب طرز انشاء پرداز ۽
ليکڪ، سائين علي محمد راشديءَ جي پڳدار پُٽ جي
حيثيت ۾، سائين حُسين شاهه راشدي پنهنجي قلم
وسيلي، سنڌي ٻوليءَ جي جَڙاوَت ۾ اُهي ته ماهرانه
لياقتون رکي ٿو، جو سندس تحرير جا مشتاق ۽ عاشق اڄ
به سندس لکڻين کي سنڀارين ٿا ۽ کانئس قلم جو وڌيڪ
ادبي ڪرشمو گهُرن ٿا.
سنڌي ادبي بورڊ جي نئين چيئرمن سينيٽر حُسين شاهه راشديءَ
پنهنجي پريس ڪانفرنس ۽ هڪ انٽرويو ۾ بورڊ جي
ترقيءَ لاءِ جن پروگرامن ۽ رٿائن کي پڌرو ڪيو آهي،
تن تي سنڌ جي ليکڪن ۽ دانشورن اطمينان ظاهر ڪيو
آهي ۽ راشدي صاحب جي ڪاميابيءَ لاءِ نيڪ تمنائون
آڇيون آهن.
مون لاءِ ذاتي طرح سان اهو نقطو خوشي ۽ اطمينان جو باعث آهي، جو
راشدي صاب کي ”مهراڻ“ سان شروع کان وٺي هڪ خاص
اُنسيت رهي آهي، توڙي جو راشدي صاحب جي آڏو سڄي
بورڊ جو اٿاهه علمي ڪم هڪجيترو عزيز آهي.
اسان سينيٽر حسين شاهه راشديءَ جي مقرريءَ تي کيس مبارڪون
ڏيندي، سندس ڪاميابيءَ جا دعاگو آهيون. اسان کي
يقين آهي ته راشدي صاحب جي بهترين نظرداري ۽
رهبريءَ، محنت ۽ جفاڪشي، تجربي ۽ بلند حوصلگيءَ
سان سنڌي ادبي بورڊ ترقيءَ جون نيون نيون منزلون
ماڻيندو.
”مهراڻ“ جي وقتائتي اشاعت
”مهراڻ“ جي هن پرچي پڌري ٿيڻ ۾ خاصي دير ٿي آهي ۽ اسان کي
مانوارن لکندڙن ۽ پڙهندڙن جي بي چينيءَ جو پورو
اندازو آهي. اسين سندن آڏو معذرت سان اهو عهد
اچاريون ٿا ته جيئن اسان جي نئين سربراهه سُخن ڪيو
آهي، آئينده ”مهراڻ“ جي وقتائتي اشاعت لاءِ پورا
پورا جتن ڪيا ويندا، جن لاءِ اسان رٿا ڪري ڇڏي
آهي.
هن موقعي تي، آءٌ پنهنجي مهربان سائين شمشير الحيدريءَ جي علمي
رهبري ۽ بورڊ جي پبليڪيشن آفيسر ڀاءُ الله بچائي
يوسف زئي جي خصوصي جاکوڙي سهڪار لاءِ ٿورائتو
آهيان، جن جي تعاون سان ”مهراڻ“ پيش ڪرڻ جو موقعو
مليو آهي. سائين راشدي صاحب جي بهترين سربراهيءَ ۾
مهراڻ انشاء الله اڳي کان به اڳرو بنجي، ليکڪن ۽
پڙهندڙن جي خواهش کي پورو ڪندو.
”انور“ هالائيءَ جي رحلت
سنڌي ادب جي جهوني خدمتگذار، لائق ليکڪ ۽ مڃيل شاعر سائين انور
هالائيءَ (محمد شفيع ابڙو) جي رحلت جي ڏکوئيندڙ
خبر نهايت ارمان جو سبب آهي، جنهن 12- جنوري 1995ع
تي رضا ڪئي!
محترم ”انور“ هالائي پنهنجي سڄي زندگي ادب ۽ صحافت ۾ خدمت ڪندي
گذاري. سنڌي شاعريءَ ۾ سندس مقام مڃيل آهي. سنڌي
ادبي بورڊ سان ورهين جا ورهيه لاڳاپيل رهيو، جتي
ٻارن جي ماهنامي ”گل ڦل“ جو ايڊيٽر هو. اسين انور
هالائيءَ جي وفات تي افسوس ظاهر ڪندي سندس مغفرت
لاءِ دعاگو آهيون. ”مهراڻ“ جي ورندڙ پرچي ۾ سندس
سوانح ۽ ادبي خدمتن جو تفصيلي احوال پيش ڪيو
ويندو.
- ن. ا. ش
هِنَ پارِ، نه هُــنّ پار،
ويــچــــاري وَهَ وِچَ ۾،
نِيڇُ نِهاري نه گهڙِي،
تَنهـــن ۾ پـــيس تُــنّ
الله! ساڻُ اَمُـــنّ،
آران ڪنهن اُڪارِئين
- ڀٽائي رحه |