سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

مضمون

صفحو :38

يا ته چئبو ”توهان وٽ ... پهچنداسون.“

يا ته چئبو ”اسين ... پهچندا.“

يا چئبو ”شام جو ڇهين وڳي پهچنداسونو.“

باقي رهي صورت ”اسين توهان وٽ... پهچنداسون.“ سا غلط آهي.

محبت اهڙي انقلابي نتيجي تي ڪيئن پهتو آهي، ان جو ارتقاء اسان کي هنن نقطن مان ڏسڻ ۾ ٿو اچي:

صفحي 228 تي چوي ٿو ته صحيح صورت ٿيندي ”مان توڏانهن لکندو“ يا (توڏانهن لکندس)، ”پر مان توڏانهن لکندس“ غلط ٿيندو.

صفحي 231- 230 تي چوي ٿو ته زمان حال متشڪي واري صحيح صورت ٿيندي ”آءٌ لکندو هوندو“ يا (لکندو هوندس)، پر ”آءٌ لکندو هوندس“ غلط ٿيندو.

صفحي 231 تي زمان مستقبل استمراري جي صحيح صورت ٿيندي ”مان لکندو پيو“ يا (لکندس پيو)، پر ”مان لکندس پيو“ غلط ٿيندو.

محبت صاحب چوي ٿو ته ”ضمير (ضمير پڇاڙيءَ جي صورت ۾) هوندي به ساڳيو فاعل وڌيڪ، ٻيو ڀيرو آڻڻ سبب هڪ وڏي غلطي ڪندا رهيا آهيون. سنڌي ٻوليءَ کي اهڙين غلطين سان رچائي ’مالا مال‘ ڪري ڇڏيو اٿئون. ڇا اهڙين غلطين کي درست ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏهن درست ڪرڻو ۽ رکڻو آهي ۽ وڌيڪ بگاڙي کان بچڻو آهي ته اسان کي وسيع ذهن رکي، مستقل مزاجيءَ سان اهو ڪم ڪرڻو پوندو...“

هاڻي اوهان جيڪڏهن غور ڪندئو ته اوهان کي سمجهه ۾ ايندو ته اهو اصول جيڪو محبت صاحب من ۾ محبت پائي ۽ دل ۾ جهاتي پائي ڳولهي لڌو آهي، ان جو بنياد انهيءَ سوچ تي رکيل آهي ته جيڪڏهن جملي ۾ فاعل يا مفعول ضميري پڇاڙيءَ جي صورت ۾ فعل ۾ موجود هوندو ته اصل فاعل يا مفعول (اسم يا ضمير) جي صورت ۾ جملي ۾ استعمال نه ٿيندو. پاڻ ته ٻين لفظن ۾ اهو اصول ڄاڻايو اٿس پر پاڻ ٿا ان کي انهن آسان لفظن ۾ بيان ڪيون. ان جي ابتڙ شايد اهو حساب لڳايو اٿس ته جيڪڏهن جملي ۾ فاعل اسم يا ضمير جي صورت ۾ هوندو ته فعل ۾ ضميري پڇاڙين جي صورت ۾ اهو ظاهر نه ٿيندو.

هاڻي پاڻ چونداسونس ته يار محبت، ٿورو رحم ڪر. ٿوري ڌيرج ڌر، جذبات جي وهڪري ۾ صفا وهي نه وڃ. پير پختا ڪر. هوا سان ڳالهيون ڪرڻ ڇڏ. زمين تي ٿوري نظر ڪر. متان جنهن کي تون غلط پيو چوين سوئي صحيح هجي ۽ جهن کي صحيح ڪيو ويٺو آهين، اهوئي غلط هجي. اهو جيڪو اصول تو ٺاهيو آهي اهو نه ته پاڻيڻي جي ڪتاب ۾ آهي، نه ڀيرومل جي ڪتاب ۾، نه قليچ بيگ جي ڪتاب ۾، نڪي سنڌي ٻوليءَ جا ڳالهائيندڙ ائين ڳالهائين ٿا.

ضميري پڇاڙي برابر هڪ بهترين، نازڪ ۽ اهم خصوصيت آهي. ٻوليءَ کي سهڻو ۽ سهنجو ٺاهي ٿي، وغيره وغيره. پر ٻوليون اهڙن اصولن تي نڪي ٺهنديون آهن نڪي هلنديون آهن. ڪنهن ٻوليءَ جي سهڻائپ ۽ شاهوڪاريت انهيءَ ۾ آهي ته ساڳي ڳالهه ادا ڪرڻ جا وٽس مختلف طريقا آهن جڏهن ته ”وڃ“ به صحيح آهي، ته ”تون وڃ“ به صحيح آهي. ”توهان وڃو“ به صحيح آهي، پر هرهڪ جي معنيٰ الڳ الڳ آهي. هاڻي اسان ائين ڪونه چونداسون ته رڳو ”وڃ“ ۽ ”وڃو“ صحيح آهي. جيئن ”ماريندوسانئن“ صحيح آهي، تيئن ”آئون ماريندوسانئن“ ۽ ”آئون توکي ماريندس“ به صحيح آهن.

پر ”آئون توکي ماريندوسانئن“ يا ”آئون توکي ماريندو“ صحيح ناهن.

ساڳي ڳالهه چوڻ جا اسان وٽ اڪيچار طريقا آهن. انهن مان هي سڀ طريقا صحيح آهن، پر انهن ”صحيح“ طريقن مان ڪهڙو وڌيڪ ”موزون“ آهي، ان جو انحصار Context تي آهي. يعني انهيءَ جملي کان اڳ ڇا وهيو واپريو، ڇا چيو ويو، ڪيتري خبر اڳ ۾ ئي ڳالهائيندڙ ۽ ٻڌندڙ جي وچ ۾ ورهايل آهي، ۽ ڪيتري خبر وڌيڪ ڏيڻ سان ٻڌندڙ کي ڳالهه سمجهه ۾ ايندي، هيٺين ڏهن طريقن مان پهريان اٺ صحيح آهن، آخري ٻيئي غير صحيح آهن. فاعل جيڪڏهن آهي ته به وهواهه، جيڪڏهن ناهي ته به وهواهه. البته مفعول جي هئڻ يا نه هئڻ سان فعل جي صورت ۾ فرق پوي ٿو.

تون عزيز کي ڪڏهن لکنديئن؟

... عزيز کي ڪڏهن لکنديئن؟

تون ڀاڻهين کي ڪڏهن لکنديئن؟

... ڀاڻهين کي ڪڏهن لکنديئن؟

تون هن کي ڪڏهن لکنديئن؟

تون کيس ڪڏهن لکنديئن؟

تون ... ڪڏهن لکنديئنس؟

... ڪڏهن لکنديئنس؟

(مٿيان اٺئي جملا صحيح آهن، هيٺيان ٻيئي غلط آهن).

تون ... ڪڏهن لکندي؟ صحيح نه ٿيندو.

تون عزيز کي ڪڏهن لکنديئنس؟ به صحيح نه ٿيندو.

ڏسو محبت جو مضمون ص 229. پهريان ڇهه طريقا صحيح آهن، آخري ٻه طريقا غلط آهن.

اسين توڏانهن لکنداسون.

... تو ڏانهن لکنداسون.

اسين ڏانهنئن لکنداسون.

.... ڏانهنئن لکنداسون.

اسين .... لکنداسونئن.

.... لکنداسونئن.

(مٿيان ڇهه ئي جملا صحيح آهن، پر هيٺيان ٻئي جملا غلط آهن.)

اسين توڏانهن لکندا. (غلط آهي).

اسين توڏانهن لکنداسونئن. (غلط آهي.)

”آئون لکندو هوندو“ (ص 230) غلط آهي. ”آئون لکندو هوندس“ ئي صحيح آهي، جيئن پڙهايو وڃي ٿو، جنهن کي محبت صاحب غلط سمجهيو آهي.......

”مان لکندو پيو“ (ص 231) غلط آهي. ”مان لکندس پيو“ ئي صحيح آهي، جنهن کي محبت صاحب غلط سمجهيو آهي.

”توهان لکندي پئي“ غلط آهي ”۽ تون لکنديئن پئي“ ۽ ”لکنديئن پئي“ ٻيئي صحيح آهن. ”آئون آيس“ صحيح آهي. ”آيس“ ۽ ”ڏاڏس“ جي سينن جا الڳ الڳ ڪارج آهن. پهرين لفظ ۾ سين فعل جي پويان لڳي آهي ۽ معنيٰ جي لحاظ کان ضمير واحد متڪلم ڏانهن اشارو ٿي ڪري (يعني آئون آيس) ٻئي لفظ ۾ جيڪا سين آهي، سا اسم جي پويان لڳي آهي ۽ ضمير واحد غائب ڏانهن اشارو ٿي ڪري (يعني هن جو ڏاڏو).

مون کي وري به اجازت ڏيو ته آءٌ محبت جي هن ڪارنامي جي ساراهه ڪريان. انهيءَ ڪري جو اها وڏي خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو اسان جي نوجوانن ۾ اهڙا ماڻهو آهن جيڪي روايتن کي اکيون پوري قبول ڪرڻ بدران پاڻ سوچين ٿا، ويچارين ٿا ۽ هڪڙو درد ۽ هڪڙو جذبو رکن ٿا. نه رڳو ايترو پر محبت وڏي محنت ڪئي آهي ۽ سوچيو اٿس، ويچاريو اٿس ۽ تمام وڏي محنت ڪري ڪن نتيجن تي پهتو آهي. محبت جون اهي سڀ ڳالهيون اسان کان ان ڳالهه جي تقاضا ڪن ٿيون ته اسان اهڙن ماڻهن جي همت افزائي ڪريون. اهڙن ماڻهن کي تحقيق جون وڌيڪ سهوليتون مهيا ٿي ملڻ کپن، جيئن اڳتي هلي اهڙا ماڻهو اسان جي ٻولي ۽ ادب لاءِ وڌيڪ ڪارائتا ٿي سگهن. هن املهه ماڻڪ کي ڪاريگر جوهرين جي هٿان گهڙاوت جي ضرورت آهي.

محمد عمر چنڊ

برونائي، دارالسلام

ـــــــــــــ

”ترائيل“ تي پهريون ڪتاب

محترم ايڊيٽر ٽماهي ”مهراڻ“

اوهان جي موقر رسالي ۾ شيخ اياز هيءَ دعويٰ ڪئي آهي ته:

”پوري دنيا جي شاعريءَ ۾ فقط ترائيل جو ڪوئي ڪتاب نه آهي. فرانس، جو ان صنف جو وطن آهي، ان ۾ به نه آهي. مون نه رڳو ترائيل جو پورو ڪتاب ”چنڊ- ڳليون“ جي نالي سان اچي پورو ڪيو آهي، پر ترائيل جي هيئت ۾ به تجربا ڪيا آهن........“ ش. ا“

(مهراڻ نمبر 3 ۽ 4 سال 1993ع، ص 9)

منهنجي خيال ۾ ڪنهن به صنف ۾ تجربا ڪرڻ ڪا نرالي ۽ انوکي ڳالهه ڪانهي، پر تجربا وري اهڙو ماڻهو ٿو ڪري جنهن پنهنجي ڪتاب جو نالو يا عنوان رکيو آهي ”چند- ڳليون“، جيڪي معنوي لحاظ کان موجوده صورت ۾ غلط نالو آهي. ڇاڪاڻ جو چنڊ ڪو ڳوٺ، پاڙو يا شهر ڪونهي، جنهن ۾ ڪي ڳليون هجن، جن کي ”چنڊ- ڳليون“ چيو ويو هجي. البت ان نالي سان اهڙو ڪو وضاحتي بيت هجي ها جو ان عنوان جي وضاحت ڪري ها ته به ڪا ڳالهه جڙي ها. هتي ته مڙئي پوٺو لڳو پيو آهي ۽ ائين پيو ڀاسي ته نانءُ چڙهي شاعر لاءِ شايد سڀ ڪجهه روا آهي، حالانڪ ادبي دنيا ۾ اها ڳالهه جائز ڪانهي.

ٻي ڳالهه ته شيخ اياز اهو شاعر آهي جنهن پوري دنيا جي شاعريءَ ۾ فقط ”ترائيل“ تي هن پهريون ڪتاب لکيو آهي!  ائين آهي ته هر ڪنهن ڪم/ صنف جي ڪونه ڪو شخص شروعات ڪندو آهي، پر هتي شيخ اياز جيڪا دعويٰ  ڪئي آهي سا صحيح ڪانه ٿي نظر اچي. ڇاڪاڻ جو هن کان اڳ هڪ سنڌي شاعر ”هريڪانت“ فقط ترائيل تي پورو ڪتاب لکي چڪو آهي. جنهن جو عنوان آهي ”پرهه کان پهرين“، جيڪو آگسٽ 1961ع ۾، سنڌو پبليڪيشن، نئين دهليءَ وارن ڇاپائي پڌرو ڪيو هو. اهڙي ڳالهه جي نشاندهي خود مهراڻ نمبر 1-2/1994ع ۾ هريڪانت جي ديهانت جي خبر ڏيندي پڻ ڪئي ويئي آهي. اهڙيءَ صورت ۾ شيخ اياز جي مٿئينءَ دعويٰ صحيح ڪانهي.

 

عبدالقيوم ”صائب“

حيدرآباد سنڌ.

 

تبصرا

 

ڌرتي سارو ديس

عبرت گروپ آف پبليڪشنس پاران چونڊ سفرنامن جو ڪتاب ”ڌرتي سارو ديس“ منظر عام تي آيو آهي. هي سفرناما نوجوان شاعر ۽ نثر نويس نصير مرزا جا ترتيب ڏنل آهن. نصير مراز جا تخليقي انداز فڪر رکندڙ اهو حساس شاعر آهي، جنهن ڪوتا کيتر ۾ پنهنجي پاڻ کي مڃائڻ سان گڏ پنهنجي سڃاڻپ هڪ سٺي نثر نويس جي حيثيت ۾ به ڪرائي آهي، جنهن جو بهترين مثال سندس سفرنامو ”سفر من اندر“ آهي. ڪجھ ڏينهن اڳ پنهنجي ريڊيائي مصروفيتن ۽ دوستين نڀائڻ جي چڪر ۾ سندس رابطو تخليقي ادب کان ڪٽجي ويو هو، سواءِ چند مهاڳن جي، جيڪي هن مخلتف ڪتابن لاءِ لکيا. پر 1994ع کان تخليقي ادب جي دنيا ۾ سندس واپسي هڪ سٺو اهڃاڻ آهي، جنهن ۾ هن جا شعر ڇپجڻ شروع ٿيا آهن ۽ ڪجھ سفرناما ۽ ڊائرين جا ورق به هو باقاعدگيءَ سان لکڻ لڳو آهي.

نصير کي سفرنامن سان هميشه کان دلچسپي رهي آهي. سندس چواڻي ته ”جيڪڏهن منهنجو وس پڄي ۽ زندگي مون کي مهلت مهيا ڪري ڏئي ته هوند رڳو پينگھي ۾ لڏان ۽ سفرناما پڙهي بنان ٽڪيٽ ويٺو دينا جا شيل شڪار ڪريان.“

اهوئي سبب آهي ته هن جڏهن چونڊ سفرناما ڇپرائڻ جي ڳالهه ڪئي ته مون سوچيو ته خبر نه آهي ته پڙهندڙن پاران ان ڪتاب کي سٺو ريسپانس ملي سگھندو الاءِ نه. پر جڏهن نصير مون کي چونڊ سفرنامن جي سليڪشن هٿ ۾ ڏيندي چيو ته ٿورو پڙهي راءِ ڏجو ته ريڊيو تي ويٺي ويٺي مون ڪافي ورق اٿلائي سفرنامن جو مطالعو ڪري ورتو. سفرنامن جي سٺي چونڊ تي مون نصير کي دل ئي دل ۾ داد ڏنو ۽ سفرنامن جي ان منفرد ڪتاب جي پڌرائيءَ جو انتظار ڪرڻ لڳس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com