مهتاب اڪبر راشدي
شاهه جي ڪلام جا ترجما
انسان جي جبلي خواهش رهي آهي ته هو جو ڪجھ محسوس ڪري ٿو يا ڏسي
پسي ٿو، ان کان ٻين کي به آگاهه ڪري. سندس ان
خواهش جي نتيجي ۾، محفلن، مجلسن ۽ مدرسن جو وجود
عمل ۾ آيو. اهڙين مجلسن ۽ محفلن ۾ جيڪي گوهر گڏ
ٿيندا هئا، ۽ جيڪي حڪيمانه گفتا ۽ ناصحانه نڪتا
پيش ڪندا هئا، اُهي انساني تاريخ جو اَملهه ورثو
آهن. انهن نڪتن ۾ ڪجھ اهڙيون ڳالهيون به هيون،
جيڪي عام ماڻهن جي ذهني سطح کان مٿي هيون، انڪري
انهن کي واضع ڪرڻ لاءِ وقت جي عالمن ۽ مفڪرن جي
ضرورت پيش آئي.
هر قوم جي عالمن، پنهنجي ڪلاسيڪي ورثي کان دنيا کي روشناس ڪرڻ
لاءِ جتن ڪيا آهن. اُن ۾ تشريح سان گڏ ترجمي تي پڻ
توجھ ڏنو ويو آهي. ان سلسلي ۾ اسان ڪابه هام نٿا
هڻي سگھون، البت جيڪي ٻاهريان عالم ۽ دانشور آيا،
انهن پنهنجي علمي اڀياس ۽ گوهر شناسيءَ ذريعي،
اسان جي ڪلاسيڪي شاعرن کي دنيا سان متعارف ڪرايو
آهي.
جيستائين شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو تعلق آهي ته سندس ڪلام جي
سحر انگيزيءَ جا قصا عام جام هئا. فقير جيڪي
انهيءَ راز کي سمجھندا هئا، ڪلام پڙهندي وجد ۾ اچي
ويندا هئا، ڪن کان زاروقطار ڳوڙها پيا ڳڙندا هئا.
علامه عمر بن محمد دائود پوٽو شاهه صاحب جي ڪلام
جي ڪيفيت بابت لکي ٿو:
”اسان جي ٻاجھاري ٻولي، موجوده يورپ جي متمدن ٻولين کان به
آڳاٽي آهي. اُهي اڃا وجود ۾ ئي نه آيون هيون، ۽
اردو جو اير ڀير به معلوم ڪونه هو، ته سنڌي زبان
هڪ پاڪيزه نموني ۾ ڳالهائڻ ۽ لکڻ ۾ ايندي هئي. جھر
جھنگ ۾ سنڌ جا اهل الله سنڌي بيت ۽ ڏوهيڙا
جھونگاريندا هئا. انهن ۾ ايترو سوز ۽ ساز هوندو
هو، جو ٻڌندڙ محو حيرت ٿي ويندا هئا ۽ ڪيترا ڪيفي
ڪباب ٿي جان فدا ڪندا هئا. ڇا مخدوم احمد ڀٽيءَ هڪ
سماع جو بيت ٻڌندي ساهه نه ڏٺو هو؟ ڇا هڪ سيلانيءَ
شاهه لطيف جو هيٺيون بيت پڙهندي پنهنجي حقيقي
محبوب جي سڪ ۾ پران نه تياڳيا؟
هيڪليائي هَيل، پوريندس پرينءَ ڏي،
آڏا ڏونگر لڪيون، سوريون سڄن سيل،
ته ٻيلي آهن ٻيل، سور پريان جا ساڻ مون.
(”اسان جي سنڌي زبان“ مهراڻ، 1965ع)
اهڙن قصن ۽ ڪهاڻين ٻاهران آيل انگريز عالمن ۽ اديبن کي اتساهيو
ته هو انهيءَ قادرالڪلام شاعر جو شعر پڙهن. ان
سلسلي ۾ سڀ کان پهريان ڌيان رچرڊ برٽن جو ڇڪيو. هن
پنهنجي ڪتاب ”سنڌو ماٿر ۽ ان ۾ وسندڙ قومون“، جيڪو
اصل انگريزيءَ ۾ سن 1851ع ۾ شايع ٿيو، ان ۾ لکيو
ته ”سنڌ ۾ پڙهيل خواهه اڻ پڙهيل اهڙو ڪوبه ماڻهو
نه آهي، جنهن شاهه صاحب جا درد ڀريا داستان نه ٻڌا
هجن. کيس هم وطني ’سنڌ جو حافظ‘ سڏين ٿا.“ رچرڊ
برٽن، جيڪو 1844ع ڌاري سنڌ ۾ آيو، کيس پنجويهن
ٻولين تي عبور حاصل هو. ان رائل ايشياٽڪ سوسائٽي
پاران شايع ٿيندڙ جرنل ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي
بابت چند مضمون لکيا، انهن ۾ شاهه سائينءَ جي بيتن
جو ترجمو پڻ پيش ڪيو. ان کان پوءِ ڊاڪٽر ارنيسٽ
ٽرمپ آيو. هن صاحب سڀ کان پهريائين ”سر سورٺ“ جرمن
۾ ۽ پرءِ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري 1863ع ۾ شايع
ڪرايو. (1) ڊاڪٽر ٽرمپ پهريون خوشصبيت عالم آهي،
جنهن کي ”شاهه جي رسالي“ جي شايع ڪرائڻ جو شرف
حاصل آهي. هن 1866ع ۾ جرمنيءَ جي شهر لپزگ مان وڏي
اهتمام سان شاهه جو رسالو شايع ڪرايو.
ڊاڪٽر ٽرمپ کان پوءِ ساڳئي ملڪ سان واسطو رکندڙ خاتون عالم
محترمه ايلسا قاضي شاهه سائينءَ جي ڇهه سؤ بيتن جو
انگريزيءَ ۾ منظوم ترجمو ڪيو، جنهن کي سنڌي ادبي
بورڊ 1965ع ۾
Risalo of shah Abdul latif (Selections)
جي نالي سان شايع ڪيو، ان ترجمي ۾ کيس علامه آءِ.
آءِ. قاضي وڏي مدد ڪئي. قاضي صاحب جي عالمانه
فضيلت کان ڪير آگاهه نه آهي. اهو ساڳيو ترجمو
هوبهو بعد ۾ ڊاڪٽر ايس. ايم. جھانگياڻي پنهنجي
ٿيسز
“Shah Latif and his Times”
۾ استعمال ڪيو آهي. جھانگياڻي صاحب جي اها ٿيسز
دهليءَ مان 1986ع ۾ شايع ٿي آهي.
حسن اتفاق سان، شاهه جي مترجمن ۾ ٽئين نمبر تي به جرمنيءَ جي
خاتون عالم محترمه اَنيمري شمل اچي ٿي. ڊاڪٽر شمل
شاهه سائينءَ جي فن، فڪر ۽ فلسفي تي نهايت اهم ڪم
ڪيو آهي. موصوفه انگريزي ۽ جرمن ٻولين ۾ شاهه
سائينءَ جي فڪر بابت ڪيئي تحقيقي مضمون لکيا آهن،
جن ۾ سمجھاڻي طور شاهه جي بيتن جو ترجمو پڻ ڏنو
آهي. خاص طور تي سندس ”جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون
آهين“ يا ”ڏوريان ڏوريان مَ لهان شال مَ ملان
هوت“ جي تشريح قابل ذڪر آهن.
ترجمي، تشريح بلڪ تحقيق جي لحاظ کان ڊاڪٽر ايڇ. ٽي. سورلي جو ڪم
پنهنجو مثال پاڻ آهي. اڄ تائين ان پايي جو ڪم ڪنهن
به ڏيهي توڙي پرڏيهي عالمن ڪونه ڪيو آهي. هو جڏهن
ٽنڊي محمد خان ۽ هالا ۾ اسسٽنٽ ڪليڪٽر هو ۽ بعد ۾
سکر ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر مقرر ٿيو ته باقاعده هر مهيني
شاهه سائينءَ بابت ليڪچر ڏيندو هو. انهن ليڪچرن ۾
شاهه سائينءَ جي نهايت اهم نڪتن جي وضاحت ڪندو هو.
هن 1953ع ۾ هڪ ڪتاب
“Musa parvagnis”
ترتيب ڏنو، جنهن ۾ فرانسيسي، عربي، لاطيني،
يوناني، اردو ۽ سنڌي زبان جي نمائنده 9 شاعرنءَ جي
غنائيه شاعريءَ جو تقابلي مطالعو پيش ڪيو، ۽ شاهه
سائينءَ کي سڀني کان مٿاهون ۽ اول رکيو آهي.
ڊاڪٽر سورلي جي شهره آفاق ڪتاب
“Shah Latif of Bhit”
، جنهن تي کيس ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ملي، ان ۾ پاڻ
شاهه جي سوانح حيات ۽ ان دؤر جي سماجي ۽ معاشي
حالتن جي ڀرپور اپٽار ڪئي آهي. ان سان گڏ صوفي فڪر
جي ارتقائي تاريخ تي روشني وڌي آهي. سورلي صاحب
تقريباً هر سُر جو پس منظر بيان ڪندي، شاهه جي وطن
پرستي، انساني قدرن جي تشريح، شاعرانه عظمت ۽
همعصر شاعرن ۾ سندس مرتبي کي واضع ڪيو آهي. سندس
منظوم انگريزي ترجما، پنهنجي نغمگي، فڪري پختگي ۽
صوتي اثر جي لحاظ کان وڏي اهميت رکن ٿا.
ڏيهي عالمن ۾ ڏيارام گدومل پهريون ليکڪ هو، جنهن شاهه جي شخصيت
۽ شاعريءَ بابت 1882ع ڌاري هڪ ننڍڙو ڪتاب
“Something about Bhitta:- the greatest poet of
Sindh”
لکيو. ان ۾ هن 25 بيتن جو آسان انگريزي ترجمو ۽
شاهه بابت مقامي روايتون تحرير ڪيون آهن.
ان کان پوءِ هڪ ٻئي هندو ليکڪ جو نالو اچي ٿو، جنهن شاهه لطيف
بابت انگريزي ٻوليءَ ۾ هڪ مڪمل ڪتاب لکيو. سندس
نالو ليلارام وطن مل هو ۽ ڪتاب جو نالو
“Life religion and poetry of Shah”
هو. اهو ڪتاب سن 1890ع ۾ ڪراچيءَ مان شايع ٿيو. ان
۾ نه صرف ڪن بيتن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڏنو ويو
آهي. بلڪ ”رسالي“ ۾ آيل قرآني آيتن، عربي، فارسي ۽
بلوچي فقرن ۽ اصطلاحن جو ترجمو به ڏنو ويو آهي.
تحقيق ۽ تاليف جي نقطه نگاهه کان هي ڪتاب نهايت
اهم حيثيت رکي ٿو. ويجھڙ ۾ اهو ڪتاب وري ڇپيو آهي.
مرحوم جي الانا به شاهه صاحب جي حوالي سان چڱو ڪم ڪيو آهي. پاڻ
سنڌ جي چئن ڪلاسيڪي شاعرن جي چونڊ ڪلام جو
انگريزيءَ ۾ ترجمو پيش ڪيو اٿائون. اهو ڪتاب
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي طرفان
“Four classical Poets of Sindh” جي نالي سان 1983ع ڌاري شايع ٿيو. اهڙيءَ طرح الانا
صاحب جو هڪ ٻيو ڪتاب
“Selections from Risalo” آهي، جيڪو سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي 1980ع ۾ شايع ڪرايو. ان ۾
متن جي سامهون انگريزيءَ ۾ ترجمو ڏنو ويو آهي.
سنڌ جي هڪ ٻئي نامور اديب ۽ محقق تيرٿداس هوتچند
“The song of Keenjhar Lake”
جي نالي سان ”سرڪاموڏ“ جا بيت انگريزيءَ ۾ ترجمو
ڪيا آهن. اهو ڪتاب 1963ع ۾ حيدرآباد مان شايع ٿيو.
انگريزي ترجمن جي حوالي سان آخر ۾ آغا محمد يعقوب
جو ذڪر ڪرڻ اشد ضروري آهي، جو پاڻ مڪمل رسالي کي
ٽن جلدن ۾ ترجمو ڪيو اٿن. ان کي ڪنهن حد تائين
مجمل تشريح به چئي سگھجي ٿو. ان ترجمي جي حوالي
سان آغا صاحب مولانا رومي ۽ حافظ کي ٻيهر پڙهيو ته
جيئن تصوف جي باريڪ نڪتن کي چڱيءَ طرح سمجھي
سگھجي. ساڳئي وقت هن قرآن شريف جي حياتيءَ واري
فلسفي کي پڻ تقابلي انداز ۾ پڙهيو. ترجمي پڙهڻ وقت
اِهي ٻئي ڳالهيون بارها نظر اچن ٿيون. اهو
پنهنجيءَ نوعيت جو تمام عمدو ترجمو آهي. شاهه
سائينءَ جي اسڪالرن ان کي ساراهيو آهي.
ان کان علاوه چند مضمون منهنجي نظر مان گذريا آهن، جن ۾ مخلتف
اديبن ۽ محققن حوالي طور شاهه جي بيتن جو ترجمو
ڏنو آهي. اهي ترجما گھڻي قدر آسان نثر ۾ آهن.
اهڙيءَ ريت محترم قمر شهباز ”سر ڪيڏاري“ جو ترجمو
ڪيو آهي ۽ جناب امير علي چانڊيو، روزنامہ ”هلال
پاڪستان“ ڪراچي ۾ روزانه هڪ بيت جو انگريزيءَ ۾
ترجمو ڏيندو رهيو.
جيستائين اردو ترجمن جو تعلق آهي ته اها ڊگھي فهرست آهي. افتخار
عارف، ڊاڪٽر اياز حسين قادري واري منثور ترجمي جي
مهاڳ ۾ هيٺيان نالا ڄاڻايا آهن: شيخ اياز، حفيظ
هوشيارپوري، ابن انشاء، الياس عشقي، شان الحق حقي،
آفاق صديقي، آغا خالد سليم.
مون کي مطالعو ڪندي وڌيڪ هي نالا مليا آهن: محترم جميل نقوي،
محسن ڀوپالي، رشيد احمد لاشاري، شمشير الحيدري،
شاهد ڪاظمي، وفا راشدي، شهناز نور وغيره. انهن
شاعرن شاهه سائينءَ جي ڪن بيتن ۽ واين جو اردو ۾
ترجمو ڪيو آهي. البت مڪمل طور تي اسان ترجمو مخدوم
امير احمد جي نثري ترجمي کي چونداسين، جنهن ۾ پوري
رسالي جو احاطو ڪيو ويو آهي. مخدوم صاحب فارسي ۽
عربيءَ جو وڏو عالم هو. هن تاريخ معصومي جو
فارسيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو پڻ ڪيو آهي. مخدوم
امير احمد اهو ترجمو پير حسام الدين راشدي جي چوڻ
تي ڪيو، جنهن کي پوءِ بنياد بنائي شيخ اياز پوري
ڪلام جو منظوم اردو ترجمو ڪيو. شيخ اياز کي آفاق
صديقيءَ جو سهڪار حاصل هو. صديقي صاحب شاهه جي
سڀني سُرن تي مشتمل ڪتاب ”عڪس لطيف“ (اردو) پڻ
لکيو آهي، جيڪو ”شاهه لطيف ميموريل سوسائٽي“ پاران
سکر مان 1974ع ۾ شايع ٿيو.
شيخ اياز کان پوءِ مڪمل منظوم ترجمو آغا سليم ڪيو آهي، جنهن جو
پهريون جلد لوڪ ورثي پاران 1984ع ۾ شايع ٿيو. آغا
سليم جي ترجمي لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهو موسيقيءَ جي
لحاظ کان معتبر آهي. سندس ترجمي ۾ اُها لئي ۽
موسيقي قائم آهي، جيڪا شاهه سائينءَ جي اصل ڪلام ۾
آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته آغا صاحب جو مڪمل
ترجمو شايع ڪيو وڃي.
جيئن ته آغا سليم موسيقي جي فن کان نه صرف آگاه آهي، بلڪ هو حد
درجي تائين ان سان رغبت به رکي ٿو، هو شاهه
سائينءَ جي موسيقيءَ جي رمزن کان به چڱيءَ طرح
واقف آهي. اهوئي سبب هو جو مون ثقافت کاتي ۾
پنهنجي سيڪريٽري شپ واري عرصي دوران سندس ڪتاب
”شاهه جي موسيقي“ کي اشاعت لاءِ چونڊيو هو، پر
منهنجي وڃڻ کان پوءِ خبر ناهي ته اهو ڪم ڪٿي پهتو
آهي.
هاڻي ٻين زبانن ۾ ڪيل ترجمن جي باري ۾ ضمناً ڪجھ عرض ڪنديس.
مولوي هدايت الله هالائي مرحوم، شاهه جي ڪلام جو
فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو، پر افسوس جو اهو شايع ٿي
نه سگھيو ۽ اهو نسخو ضايع ٿي ويو. هاڻي نياز
همايوني فارسيءَ ۾ شاهه جو ڪلام ترجمو ڪري رهيو
آهي. نياز صاحب فارسيءَ مان سنڌي ۾ ڪجھ ٻين ڪتابن
جو به ترجمو ڪيو آهي. کيس ادب جي چڱي ڄاڻ آهي. جي
اهو مڪمل ٿيو ته لطيفيات ۾ سٺو واڌارو ليکيو
ويندو.
فضل الرحيم سومري به ڪافي عرصي کان عربيءَ ۾ شاهه جو ڪلام ترجمو
ڪري ڇپايو. هن پنهنجي خرچ تي ڪجھ ڪتابڙا به شايع
ڪيا آهن. هڪ ته انهن جي ڇپائي بلڪل بيڪار آهي ته
ٻيو شاهه جا شارح ان ترجمي جي باري ۾ سٺي راءِ نه
ٿا رکن.
محترم حڪيم محمد سعيد ڀٽ شاهه ۾ اعلان ڪيو هو ته هو پنهنجي خرچ
تي شاهه جي ڪلام کي روسي زبان ۾ شايع ڪرائيندو.
حڪيم صاحب تمام سٺي ڳالهه ڪئي آهي. اسان چاهيون ٿا
ته وچ ايشيا جا رهاڪو به شاهه جي آفاقي پيغام ۽
انساني عظمت ۽ احترام جي جذبن سان سرشار ڪلام کي
سمجھن. پر وقت جي اولين گھرج آهي ته پاڪستان جي
ٻين زبانن ۾ شاهه جي ڪلام ۽ پيغام کي ترجمو ڪيو
وڃي.
آخر ۾ اڪيڊمي ادبيات پاڪستان جي ڪوششن کي تحسين پيش ڪريان ٿي،
جو هي ادارو پنهنجن ڪاوشن سان فڪري وحدت کي فروغ
ڏيئي رهيو آهي. حقيقت ۾ اسان جي چئني صوبن جي صوفي
بزرگن جي فڪر ۾ ڪو به فرق نه آهي. سڀني اعليٰ
انساني قدرن جي تلقين ڪئي آهي. ڪدورت، نفرت ۽
منافقت کان پري رهڻ جو ڏس ڏنو آهي ۽ صرف هڪ خدا جي
آڏو جھڪڻ لاءِ چيو آهي. ڪاش، اسان انهن بزرگن جي
هدايتن تي عمل ڪريون.
هن منثور اردو ترجمي لاءِ به وڏيءَ محنت ۽ محبت کان ڪم ورتو ويو
آهي. اُن تي جناب غلام رباني نهايت عالمانه مقدمو
لکيو آهي.
عجيب اتفاق آهي جو شيخ اياز کان پوءِ ترجمي جو ڪُڻو اياز قادري
جي قسمت ۾ آيو. قادري صاحب نهايت چڱو ترجمو ڪيو
آهي. حق ته اهو آهي ته بقول علامه آءِ. آءِ. قاضي
”جيڪڏهن قرآن کي سمجھڻو آهي ته عربي ٻولي سکڻ
ضروري آهي، ۽ جيڪڏهن شاهه سائينءَ کي پڙهڻو آهي ته
پوءِ سنڌي سکڻ لازمي آهي“. ترجمي جي لحاظ کان
ڊاڪٽر ٽرمپ جو به اهو ئي خيال آهي ته ”شاهه لطيف
جو ترجمو تقريباً ناممڪن آهي.“
جيڪڏهن پروفيسر اياز حسين قادري کي مخدوم امير احمد وارو نثري
ترجمو ڏنو وڃي ها، ته شايد موجوده ترجمي جي ڳالهه
ئي ڪجھ ٻي هجي ها. بهرحال جو به آهي، لطيف شنناسي
۾ هڪ اهم باب جو اضافو آهي.
(اڪيڊمي ادبيات پاڪستان پاران ”شاهه جي رسالي“ جي اردو نثر ۾
شايع ڪيل ترجمي جي مهورت وقت پڙهيل)
|