يوسف سنڌي، بئڪ ٽئيٽل تي لکيو آهي ته ”هن شهرت جي آسمان کي ناهي
ڇهيو، پر هو پنهنجي همعصر ڪهاڻيڪارن جي ڀيٽ ۾ تڪڙو
لکي رهيو آهي.“
”پنجين موسم کان پوءِ“ جو ٽائيٽل دلڪش آهي ۽ بئڪ ٽائيٽل تي طارق
جي اداس تصوير آهي!
هن ڪتاب جي قيمت سٺ روپيا آهي ۽ سچائي اشاعت گھر دَڙو جي ائڊريس
تان گھرائي سگھجي ٿو.
- جاويد ”سوز“ هالائي.
”ادب“ پبليڪشن
”سنڌي ادبي سنگت“، غلام شاهه ڪلهوڙو ڪالوني برانچ حيدرآباد وارن
کي جس هجي، جو ”ادب“ نالي ڪتابي سلسلي جا اٺ عمدا
ڪتاب هيل تائين پڌرا ڪري چڪا آهن. ان سڄي ادبي
اخلاص ۽ جاکوڙ جو سهرو نئين ٽهيءَ جي نامياري ليکڪ
گل ڪونڌر جي سر تي آهي ۽ اُن جي شيئر طور نوجوان
ليکڪ ۽ سهڪاري ادبي ڪارڪن جاويد سحر قريشي جي
محنتن کي به وڏو دخل حاصل آهي.
”ادب“ پبليڪشن جو اشاعتي سلسلو جون 1994ع کان شروع ڪيو ويو آهي،
جو جاري آهي. جن دوستن، چيف ايڊيٽر گل ڪونڌر جو
سهيڙڻ ۾ هٿ ونڊايو آهي، تن ۾ سيد سردار، سنڌو
قاضي، عمران لغاري، عبالحفيظ جمالي ۽ آغوش لوهاڻو
اچي ٿا وڃن.
”ادب“، مخزن نما ڪتابي سلسلو آهي، جنهن جديد سنڌي ادب ۾ سُٺي
مڃتا ماڻي آهي. ان ۾ خاص ڪري سنڌي ادبي سنگت سان
لاڳاپيل نئين ٽهيءَ جي اڀرندڙ ليکڪن جون عمديون
لکيتون شايع ڪيون ٿيون وڃن، جا ڳالهه انهن جي سٺي
حوصله افزائيءَ جو سبب آهي. ان طرح مختلف شاخن جي
تنظيمي ڪم ڪار سان گڏ ادبي ڪارواين ۽ علمي چرپر جو
سربستو احوال ڏيڻ ادب ڪتابي سلسلي جو مکيه ڪارج
ڏسجي ٿو، جا پڻ وقت جي اهم گھُر آهي. سنڌي ادبي
سنگت جي هيءَ پهرين شاخ آهي، جنهن اهڙي وڻندڙ
ڪتابي سلسلي جي اشاعت ۾ پابندي رکي آهي.
”ادب“ ڪتابي سلسلي ۾ جديد شاعريءَ سان گڏ فڪري مضمون به درج
آهن. ڪهاڻين ۽ ڪالمن جي حوالي سان به ”ادب“ هڪ
سگهارو سلسلو آهي. ان طرح مختلف ليڪن جا انٽرويو/
تاثرات به پبليڪيشن کي معياري بڻائن ٿا. اهو به
بيحد اهم ۽ خاص نقطو آهي جو سنڌي ادبي سنگت جي
مختلف شاخن جي موجوده عهديدارن جا ننڍا ننڍا
پروفائيل، تصويرن سان آندا ويا آهن. تعارف جي اهڙي
تفصيل مان اها مُراد ڪانه آهي ته ”ادب“ ڪو سنگت جو
محض تنظيمي پرچو يا ڊپارٽمينٽل بُلٽين/ گزيٽ طرح
جي ڪا اشاعت آهي. هي سراسر ۽ خالص هڪ ”ادبي گلدان“
آهي، جو هڪ معياري ادبي پرچي جون گهرجون پوريون
ڪري رهيو آهي. سلسلي کي ڪامبابيءَ سان هلائڻ لاءِ
گل ڪونڌر جس جو ڀاڳي آهي. ڊيمي سائز جو ”آدب“، عام
طرح 96 صفحن تي ڦهليل آهي.
- سليم چنا.
l
اڪيڊمي ادبيات پاڪستان پاران موڪليلل اديبن جي وفد چين جو
دورو ڪيو، جنهن ۾ پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه،
فتاح ملڪ، عبدالله حسين، فهميده رياض ۽ ٻيا شامل
آهن.
عبدالقادر صديقي
[صفحا ساروڻين جا]
هڪ فنڪار جو موت
(حفيظ شيخ جي ياد ۾)
(نوٽ: حفيظ شيخ جو نالو آزاديءَ کان پوءِ واري شروعاتي دؤر جي
سنڌي افسانوي ادب جي ٽمورتيءَ ۾ ڳڻيو ويو آهي،
جنهن ۾ جمال ابڙو ۽ غلام رباني اچي وڃن ٿا. ٻنهي
ليکڪن جي ڪهاڻي جي عظمت، ماضيءَ جي حوالي هجڻ جي
باوجود به سنڌي ڪهاڻيءَ جي حال ۽ مستقبل جو پڻ
بهترين استعارو آهي: جڏهن ته حفيظ شيخ رڳو جسماني
طرح ماضيءَ جو حضو بنجي چڪو آهي، پر سندس ڪهاڻيون
اڄ به سنڌي ادب ۾ روشن مقام رکن ٿيون.
حفيظ جو جنم 10 نومبر 1931ع تي ٿيو ۽ 9 نومبر 1971ع تي هن دنيا
کان منهن موڙي اکيون ٻوٽي ڇڏيائين. سندس ڪهاڻين جو
مجموعو ”ساگر جي لهرن تي“ اسلم لغاري ۽ ٻين دوستن،
1976ع ۾، سنڌي اڪيڊمي حيدرآباد پاران پڌرو ڪيو.
حفيظ جي ياد ۾ مدد علي سنڌي ڊسمبر 1972ع ۾ پنهنجي
رسالي ”اڳتي قدم“ جو ”حفيظ شيخ نمبر“ شايع ڪري، هن
مهان ڪهاڻيڪار کي ادبي عقيدت جي وڻندڙ ڀيٽا ڏني.
ان طرح ناز سنائي ”حفيظ شيخ“ عنوان سان هڪ ڪتاب
شايع ڪري، هن منفرد ڪلاڪار جي ياد کي تازو ڪيو.
تازو نصير مرزا، حفيظ جي شخصيت ۽ خدمتن تي هڪ جامع
يادگار ڪتاب راس ڪري ورتو آهي، جنهن جي ڇپجڻ جي
موسم اڃا ڪانه آئي آهي. ”اڇو پکي واءُ ۾“ مسودي ۾
مرهيات حفيظ جون لڳ ڀڳ سموريون ڇپيل/ اڻ ڇپيل
ڪهاڻيون. ناوليٽ ”اروڙ“. ڪجهه يادگار. خط ناياب
تصويرون، ناميارين ادبي شخصيتن جا حفيظ بابت مضمون
۽ تاثر، خاڪا ۽ مقالا، ڪن همصرن کان انٽرويوز جي
صورت ۾ ساروڻيون ۽ ننڍپڻ کان وفات تائين سموري
زندگيءَ جا تفصيل شامل آهن.
هي مضمون، حفيظ جي همعصر ليکڪ ۽ ذاتي دوست، عبدالغفار صديقي،
حفيظ جي موت جي خبر ٻڌي لکيو، جنهن ۾ حفيظ جي
ڳالهين کي ساريندي، سندس شخصيت ۽ زندگيءَ کي عالمي
شاهڪارن جي ڪردارن ۽ وقت جي وڏي مصور وان گاگ جي
زندگيءَ جي پس منظر ۾ ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي- ادارو
جڏهن مون کي حفيظ جي موت جي خبر ملي هئي ته مان دهلجي ويو هوس.
ان ڪري نه ته هُو مري ويو هو، ڇو جو سڀني کي ڪنهن
گهڙيءَ مرڻو آهي، پر انڪري جو هُو ”غير رسمي طور“
مري ويو. خبر ڏاڍي سادي هئي؛ ”حفيظ شيخ کي صبح جو
بستري تي مُئل ڏٺو ويو.“ يقياً ”سنڌ جي ڊان ڪيئزو“
(Don Quixote) لاءِ ان قسم جو انت اسان نه سوچيو هو. اهو وسهڻ ڏکيو پئي لڳو
ته عظيم، سگهارو ۽ تڪڙو حفيظ هڪ عام موت مري ويو.
هُو هڪ ڪراڙي ماڻهوءَ جيان بستري ۾ مري ويو.
(“Old Man and the Sea”) (پوڙهو ۽ سمنڊ) ۾ سانيتاگو جا لفظ: ”ماڻهو مٽائي سگهجي ٿو، پر
مات نٿو ڪري سگهجي“، جي فنڪار جي مراد ۽ ان کي
ماڻڻ لاءِ پاڻ ۾ ويساهه جي عڪاسي ڪن ٿا، منهنجي
ڪنن ۾ گونجڻ لڳا. حفيظ جي موت جو ٻُڌي، مان انهن
لفظن مان آٿٿ ڳولڻ لڳس. مان گهٽ ۾ گهٽ موت جي آڏو،
هن جي فنڪار جي حيثيت ۾ وجود مڃرائڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ
لڳس. پر نه! اهو سچ نه هو. هن حالت ۾ سچ پچ فنڪار
مات ٿي چڪو هو.
مون هميشه عجب پئي کاڌو آهي ته ڇا لاءِ، جڏهن هو ويهن ورهين جو
لڳندو هو، هُو چوندو هو ته ”هُو ٽيهن ورهين جو
هو.“ 1954ع ۾، جڏهن هُو ويهن ورهين جو هو ته هُن
مون کي چيو ته ”هُو چاليهن کي پڳو هو.“ مون کي
مُنجهيل ۽ وائڙو ڏسي هن کُليل ٽهڪ سان وضاحت ڪئي
هئي ته هن جي مُنهن تي عمر جا سنڌا نه هئا، ڇاڪاڻ
ته هو وقت جو اسير نه هو. ڪيتري نه اچرج جهڙي
ڳالهه آهي. جو حفيظ، جيڪو حياتيءَ ۾ هڪ شڪي چاهه ۽
دلچسپيءَ جي هام هڻندو هو ۽ وقت ۽ موت سان پڻ
مقابلي ۾ مشغول ٿي چڪو هو، موت کي صبر ۽ شڪر سان
قبول ڪيو. نه آسمان گجيو،. نه ڌرتيءَ رُني ۽ نه ئي
ڪنهن رُنو!
حفيظ جي زندگيءَ ۾ چند سال هيجان ۽ گهمسان وارا آيا، بحران ڪوٺي
۽ انهن مان پار پوڻ ۾ هُو هڪ خاص سُرور ماڻيندو
هو. هن جي ذهن بلند پرواز ڪندو هو. هن جو روح عام
حياتيءَ جي فضا کان مٿانهون ترندو هو. هن ڪڏهن به
زمان سان يا مڪان سان وک ملائڻ ۾ ايمان نه رکيو.
هو زمان ۽ مڪان کان اڳناڊ ڪندو هو. آرنالڊ جي شيلي
بابت شڪايت ته ”هن ڪڏهن به پَٽ تي پير نه ڌريو“،
ٿوري گهٽتائيءَ سان حفيظ سان به لاڳو ٿي سگهي ٿي.
ته پوءِ پوين ورهين ۾ اها روح جي اوچتي اٻاڻڪائي،
وک جي ڍلائي، وارن جي اڇائي، اکين ۾ اوند، اندر جي
الٽاڦيري سڀ ڇا لاءِ ۽ ڇو؟ (اهو وقت ڏاڍو غير
معمولي هو.) اسان جي پياري سنڌ لاءِ اهو بحران جو
عرصو هو. ڇوٽڪاري جي واٽ ڏکي پئي نظر آئي. اسان جي
اديبن ۾ مونجهاري ۽ نراسائيءَ، جذبي ۽ آشا جي جاءِ
ورتي هئي. اهڙي قسم جي بحراني دؤر ۾ ئي اديب عارضي
آڻ مڃيندو آهي ۽ ترت ئي موٽ کائي، نئون حملو ڪندو
آهي، پر حفيظ ان صدمي مان وري پاڻ سنڀالي نه
سگهيو. فضائن ۾ رقص ڪندڙ (هن ڌرتيءَ تي) اوپرو
(Arial Became Out-Sider)
ٿي پيو. ڪاميوءَ
(Camus)
جي مارسالٽ
(Meursault)
جي ذهني نازڪ حالي ”ائين ئي جيئرو رهندو هلجي يا
مورڳو انت آڻجي“، ”ذهني مسئلو رڳو خودڪشي آهي“،
سندس انت کان اڳ ضرور کيس کٽڪندي هوندي. موت کان
ٻه ورهيه اڳ، هن پنهنجي دوست کي لکيو هو: ”مان
سمجهان ٿو ۽ محسوس ڪريان ٿو ته ڄڻ مان مري اڳ ئي
چڪو آهيان، هاڻي مُئل اديب جي تصنيف جيان جي رهيو
آهيان.“ اسان جي اڳيان هڪ پنهنجي قسم جي نرالي
اديب جو مثال آهي، جنهن جي گود خالي ٿي چڪي آهي ۽
جو محسوس ٿو ڪري ته هن کي ڪوبه زندگيءَ جو مقصد
پورو ڪرڻو نه آهي.
اهو زوال ڇو؟ ليکڪ جي حيثيت ۾ حفيظ، دنيا جي مڙني بُڇڙاين،
غربت، بک، بيماري ۽ بي انصافي تي ڀرپور چوٽ نه
هنئي هئي ڇا؟ هُو سچ جو ڳولائو نه هو ڇا؟ ڇا هن
نيئن، خوشحال ۽ نياءَ واري سماج لاءِ صليب نه کنيو
هو؟ جيتريقدر حفيظ جي لکڻين جو سوال آهي، ته هن تي
رڳو الزام اهو هو ته هُو ”ڏاڍو اونهو ۽ ڏاڍوڪڙو“
هو. پر اهو الزام هن جي فنڪار جو قدر بلڪل نٿو
گهٽائي. هن تي گهڻو ڪري اها تهمت هنئي ويندي آهي
ته هُو پنهنجي لکڻين ۾ پنهنجي وڳوڙي طبيعت
(Anarchy)
جو گهڻو، ڏاڍو گهڻو، اپٽار ڪندو هو. اها تهمت هرگز
جائز نه آهي. هو ته رڳو جاگيرداري سماج جي عزوجاه
جي ٺلهائي تي طنز ڪندو هو، ڪن لاءِ کڻي اها خالي
گوري هئي، پر ڪو نئون رجحان هرگز نه هو. بالزاڪ
کان لارينس تائين سڀني اسيبن ائين ڪيو آهي. اها
بغاوت ته سندس همعصر اديبن مان به اڪثر، جهڙو
جمال، رباني، رشيد وغيره ۾ به نمايان هئي- پر رڳو
ڪجهه گهٽ چڙ ڏياريندڙ هئي.
مان سجهان ٿو ته هاڻي اسين ان سوال جي جواب ڏيڻ لائق آهيون ته
اهو زوال ڇو؟ حفيظ جي غمناڪي
(Tragedy)
ان حقيقت ۾ لڪل آهي ته هُو عام ماڻهوءَ ۽ فنڪار ۾
فرق ڪرڻ جي اهل نه هو. هُو سمجهي نه سگهيو ته
حياتي، سندس سمورن، مفلسين ۽ ڪڙاين سميت بسر ڪرڻي
ئي پوي ٿي، ۽ فنڪار کي پڻ. سندس ماحول- جو هن واري
دنيا جي خيالي ارتقا سان ٺهڪي نه ٿي پئي آيو- حفيظ
تي ڀاري ۽ حاوي پئجي ويو. بي انت مونجهارو پيدا
ٿيو، ۽ ان هن جي انسان ۽ فنڪار، ٻنهي کي ماري
ڇڏيو. حياتيءَ جي پوين ڏينهن ۾ هن، دوستن ڏي جي خط
لکيا، تن ۾ ذهني ڇڪ، ڏک ۽ نراسائي جهلڪي ٿي. اهي
وان گاگ
(Van Gogh) جي ”آخري فڪشن“
(Last Canvess) ۽ ”ان جو فصل ۽ ڪانءُ“ (
(Corn Field with Crows
جيان آهن. وان گاگ جيان حفيظ کي به زندگيءَ سان بي
انتها اُنس هو. آخر ۾ هر ڪنهن شيءِ تي ڏک ۽
نراسائيءَ جا نشان ٿي پون ٿا، جي اوچتوئي اوچتو
آسمان مان ڪِرن ٿا. حفيظ جي انت به وان گاگ جيان
دکدائڪ هو. وان گاگ پنهنجي ڀاءُ ”ٿيو“ ڏانهن آخري
لفظ هي لکيا هئا: ڏک ڪڏهن به ختم نه ٿيندو“. حفيظ
به پنهنجي موت کان ٿورو اڳ ضرور اهو ئي سوچيو
هوندو. |