سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1994ع

مضمون

صفحو :2

 

 

اڄ اسان جو ملڪ هڪ ويران بيابان آهي، جنهن ۾ شادابيءَ ۽ زندگيءَ جو نالو نشان به نه آهي. ملڪ جو ذرو ذرو ڏک جي تصوير بنيل آهي. اسان کي انهيءَ ڏک ۽ پيڙا کي مٽائڻو آهي، ۽ نئين سر زندگيءَ جي چمن ۾ آبياري ڪرڻي آهي. اديب جو فرض هجڻ کپي ته هو پنهنجي ملڪ ۾ نئين زندگيءَ جو روح ڦوڪي، بيداريءَ ۽ جوش جا گيت ڳائي، هر انسان کي اُميد ۽ خوشيءَ جو پيغام ٻڌائي، ۽ ڪنهن کي به نااُميد ۽ ناڪاره ٿيڻ نه ڏئي. ملڪ ۽ قوم جي خيرخواهيءَ کي ذاتي غرضن تي ترجيح ڏيڻ جو جذبو هر ننڍي وڏي ۾ پيدا ڪرڻ، اديب جو عين فرض هجڻ کپي. قوم، سماج ۽ ادب جي بهبوديءَ جو قسم جيستائين هر انسان نه کائيندو، ان وقت تائين دنيا جو مستقبل روشن نٿو ٿي سگهي. جيڪڏهن اوهين ائين ڪرڻ لاءِ تيار آهيو ته پهرين اوهان کي پنهنجي مُوڙي ڇوٽ هٿن سان لٽائڻي پوندي، ۽ پوءِ وڃي اوهين انهيءَ لائق بنبا جو دنيا کان ڪنهن معاوضي جي تمنا ڪريو. ليڪن پنهنجو پاڻ مٽائڻ ۾ جيڪو لطف آهي، ان کان اوهين محروم نه رهجي وڃو!

”ياد رکو، تخليقي ادب ڏاڍو جوکي جو ڪم آهي. سچائيءَ ۽ حسن جي تلاش ڪرڻي آهي ته پنهنجي ”انا“ (خودپرستي) جي کَل لاهي ڦٽي ڪريو. مکڙيءَ جيان سخت ڏانڊيءَ مان ٻاهر نڪرڻ جي منزل طئي ڪريو: پوءِ ڏسندا ته هوا ڪيتري صاف آهي، روشني ڪيتري وڻندڙ آهي، ۽ پاڻي ڪيترو لطيف آهي.“

- رابندر ناٿ ٽيگور

 

شاعري

 

 

ڪافي

آهي عشق جي منزل پري پري، پيو عقل اجائي خيال ۾.

 

رٿي رٿ اجائي ويهي، عمر وڃايائين ساري ڪيهي،

اڃا نظر نڀاڳو نه ڌري ڌري، وڌو جُوف کڻي جنجال ۾.

 

نسنگ نينهن هڻي جت نعرو، هوش عقل جو ٿئي گم سارو،

ڏسي ڏورئون ڏري ڏري، ڪونهي حال ڪوئي بيحال ۾.

 

ڀائين لايان عشق سان ياري، کڻ ملامت سر تي خواري،

هل پڙ ۾ پير ڀري ڀري، پي جام هجر وصال ۾.

 

عشق نه اٽڪل بازي آهي، ڪنڌ قبولي جو چڙهي ڦاهي،

هلي تار تانگهو تري تري، رهي محض انهيءَ مقال ۾.

 

رنگپور ۾ آيو پنهنجي رائي، ”جان محمد“ نام رکائي،

قربئون ڪشالا ڪري ڪري، آيو سئر ڪرڻ جمال ۾.

- نواب جان محمد لغاري، ”مسڪين“، صوفي القادري

 

T

 

جيئن سنڌ جي هر شيءِ نرالي آهي ۽ پنهنجي آهي، ٻين کان مختلف آهي، تيئن سندس ادبي روايتون ۽ روشون، فڪر جا طريقا ۽ سوچڻ جا ذريعا پڻ علحده آهن. مثلاً شعر ۾ سنڌ جون ٻه شيون آهن: يعني ڪافي ۽ ڏوهيڙو. سنڌ جو سڄو فڪر ۽ سنڌ جي سڄي ذهني تشڪيل انهن ٻن شعري صنفن ۾ سمايل آهي. انهن کان سواءِ ٻيون جيڪي طرزون، طريقا ۽ نيون جدتون پيدا ڪيون ويون آهن، سي خارجي غير طبعي ۽ نامناسب آهن. انهن جون پاڙون واري مٿان آهن، زمين جي پاتال تائين پهتل نه آهن. اهوئي ڪارڻ آهي، جو جن شاعرن مٿي بيان ڪيل ٻن طرزن کان هٽي شعر چيو آهي، تن کي قبول عام حاصل ٿي ڪونه سگهيو آهي. ماڻهن جي دلين تائين سندن اهي گفتا پهچي ڪونه سگهيا آهن، ۽ نه ماڻهن جي دماغ ۽ فڪر تي انهن ڪو اثر قائم ڪيو آهي. ڪي قدر سندن ڪتاب موجود آهن، ڪن ڪن سوفينن وٽ لڀي به پوندا، ليڪن انهن جي حيثيت ادب جي تاريخ ۾ اهڙي نه آهي جو هوند انهن کان اکٻوٽ ڪجي ته ادب جي تاريخ ۾ ڪو هاڃو يا وڏو خال ٿي پوي. سنڌ ۽ سنڌي زبان جي خمير ۽ ضمير ۾ ڪابه ڌاري ۽ خارجي شي جٽاءُ ڪري ئي ڪانه ٿي سگهي.

سنڌ جو فڪر، سنڌ جي تعليم ۽ سنڌي ذهن جي جيڪڏهن تلاش ۽ تحقيق ڪرڻي هجي ته اها غزل گو شاعرن جي ديوانن مان نٿي ڪري سگهجي، بلڪ ڪافين، ڏوهيڙن ۽ ٻين ٺيٺ سنڌي صنفن جي کاڻ مان هِيرن کي ڪڍي، پروڙي ۽ پَرکي سگهجي ٿي. انهيءَ پنهنجيءَ وٿ کي سنڌ جا رهاڪو دِلي جي وڄت، چپڙن جي جهانءِ ۽ يڪتاري جي سُر تار تي، ڪن تي هٿ رکڻ بعد، ”الو ميان“ سان شروع ڪن ٿا.

 

- سيد حسام الدين راشدي

(1970ع)


 

شيخ اياز

نظم

رات ڀر ڳايان، ستارا ترسجو،

چنگ دل کولي وڄايان آنءٌ جئن،

ٿيون ڇُلن ڇوليون، ڪنارا ترسجو،

اُڀ تي تن کي ڇُهايان آنءٌ جئن!

 

اي زمينو، آسمانو، سوچجو،

مون جيان راڳي وري ايندو ڪڏهن؟

ننڊ وارا آستانو سوچجو،

راتڙيون جاڳي وري ايندو ڪڏهن؟

 

جاڳ منهنجي ڀاڳ ۾ آهي لِکي،

ننڊ منهنجي گهنڊ وانگر ٿي وڄي،

ڪا ته پوڄا راڳ ۾ آهي ڇُپي،

رات ساري گونج ٿي جنهن جي وڄي.

 

آنءٌ مٽيءَ کان سوا ٻي شيءِ به هان،

هي ڪويتا آ انهيءَ جي ثابتي،

لونءَ کي ڪانڊاريان سا ليءِ به هان،

ناستڪ! ڪهڙي کپي ٻي ثابتي؟

 

ترائيل

پو به ورڻو ته اَوس هان، جي مري ويندس مان،

ها، هتي رات رهي، آنءٌ هليو وڃڻو هان؛

جئن اُتر واءُ گهلي، ايئن ٽري ويندس مان،

جيترا بار به ايندس ته وري ويندس مان!

 

هن دفعي جئن کڻي گيتن جي ڀري ويندس مان،

چنڊ جئن دُور ڪهي آنءٌ هليو وڃڻو هان،

شمع وانگر ته نه آهيان جو ڳري ويندس مان،

پوءِ به ورڻو ته اوس هان، جي مري ويندس مان!

 

موت! ڪجهه وقت اگر ڏين ها ته وسان ڌرتيءَ تي،

هي ڪويتا ته نه برسات جيان ڪجهه آهي،

واءُ ۾ جئن گسي وَلهارُ، گسان ڌرتيءَ تي،

مون گهٽايو نه وسان چَئنِ ڏسان ڌرتيءَ تي.

 

ڦول چوڌار پيو آنءٌ پسان ڌرتيءَ تي،

سڀ ٻُڌي گيت چون ڏات جيان ڪجهه آهي،

جئن ٽڙن ٽار ايئن آءٌ هسان ڌرتيءَ تي،

موت! ڪجهه وقت اگر ڏين ته وسان ڌرتيءَ تي.

 

تنوير عباسي

غزل

پيارو پيارو اهو پل ويو لکجي،

تو نهاريو ته غزل ويو لکجي.

 

تنهنجي پوشاڪ جيان ئي سُرهو،

جملو ڪو رنگ رتل ويو لکجي.

 

ڍنڍ جي منهن تي سندءِ نيڻن جيان،

آهي ڪيئن نيل ڪمل ويو لکجي.

 

رات جي اک ۾ ڪنهن ڪاتب کان،

ڪارو ڪارو آ ڪجل ويو لکجي.

 

ڪيئن تقدير لکڻ واري هٿان،

عشق سان لفظ اجل ويو لکجي.

نياز همايوني

غزل

اسان ڪسائي ۾ پنهنجي ڇڏي ڪسر نه مُدا،

مُسايو جن سي مٿي مان ويا چڪر نه مدا.

هميش پاڻ پروڙيوسي جاڳندي سمهندي،

خيال خواب جا پورا ٿيا سفر نه مُدا.

 

رکون ٿا آس ان جي اپڇپي جي سدا،

ورائي مهر جي ڀلجي به جنهن نظر نه مُدا.

 

مقابلي ۾ ته هرڪو مئو ٿي ميڙي لاءِ،

ملي جي ميڇ ته پڙ تي رهي پهر نه مدا.

 

ڏنيسي ڏاهه وڃي جنهن کي ڪنهن به آئيءَ جي،

انهي لکايوئي ان جو ڪٿي خطر نه مُدا.

 

سُتا جي يار، مهيلوڙ تي به ڪين اُٿيا،

اٿيا ته هوش کان ٻاهر، لٿن ڳهر نه مُدا.

 

اسان جو عشق اتاهون رهيو عقاب جئان،

وڌا انهيءَ تي ڪانگن ڪڏهن اثر نه مُدا.

 

اوهان جي ياد ائين ڄڻ ته مينهن پوٺي تي،

انهيءَ مينهن جا سکڻا رهن ڪڪر نه مُدا.

 

چريا هجون ڪي سياڻا تڏهن به لوڪ سندي،

زبان ذهن جا رڪندا ٺِڪر پٿر نه مُدا.

 

اسان جي ساک جا جيڪي هئا سچا شاهد،

اسان سنڀاري سگهياسي اهي وکر نه مُدا.

 

عظيم سڀڪو سڏائي پيو پر عظمت جا،

کپن ٿا جي سي لڀن ٿا ڪٿي اکر نه مُدا.

 

سڀن جو خير گهريوسي تڏهن به مَت موڙهنِ،

اسان جي باب ۾ ڀورڻ ڇڏيا ڀتر نه مُدا.

 

پرائي پنهنجي جو ڪن سيءُ ٿو ڪري ڪاريون،

هٽائي پاڻ تان اتراڻ ڄڻ اُتر نه مُدا.

 

سکن جي ڪاڻ سڪيا سي سکائون باسي پر،

ڏکن سکن ۾ به پنهنجي ڇڏي پچر نه مُدا.

 

ڪڍيوسي جن کي ڇڪي موتمار اوندهه مان،

سڌير ٿيا ته به سڌريا اهي نِٺر نه مُدا.

 

هڻن ٿا هاڻ ته هاڃا اهي ٽڪي تي ٽيهه!

ڪئي ٿي سون ۾ پڻ جن ڪڏهن ڪتر نه مُدا!

 

مئاسي جن جي ڪري تن ڏنو ڪلهو نه اچي،

لنگهڻ تڪيائون، ڏٺائون مُڙي قبر نه مُدا.

 

اسان گهريوسي رهي راس پنهنجي ٻيڙي پر،

جهُرڻ لڳي ته هنيس ڪابه ڪنهن پچر نه مُدا.

 

”نياز“ تنهنجي ئي نالي نهال آهه پرين!

غريب لاءِ گوارا ڪجان ڏمر نه مُدا.

 

تاج بلوچ

زخمي آواز.......

بنياد پرست سياستدانن جي نالي.......

منتشر منتشر سوچ جا دائرا،

دائرن ۾ دونهاٽيل، دٻيل ۽ نٻل

ڏوران ايندڙ، ڪي آواز، جهيڻا جهريل

جن جو لهجو چٽو،

۽ نه جملن جو مفهوم واضح!

ڀانئجي ٿو پيو-

تن جي ڳچين جا ڳچ-

ڪنهن وڏي ٻوجهه هيٺيان دٻيل ڪي هجن!

بس رڳو اڻچٽو احتجاج.

گهر کي ڇت ناهه، دروازو ۽ نه ڪائي دري

ظلم جي ڇپ ڄڻ ته آهي ڪري

۽ انهيءَ جي پڙاڏي جي گونجار-

سڀني ڪنن ۾ وڃي پيٽبي

ٽيپو ٽيپو ٿي شيهي جيان

درد جي درميان

آءٌ تنها پيو ڀوڳنا ڀوڳيان.

منتشر منتشر سوچ جا دائرا،

سڀ پراڻا، نوان درد جا سلسلا....

ڪربلا، ڪربلا، ڪربلا.

 

ويجهڙائي کان ايندڙ ڪي آواز بُڇڙا ۽ ڏاڍا ڳرا

ڄَرَ- ڄڀيءَ جيئن لاٽون ڪري

۽ هجومن مان واٽون ڪري

وڏي واڪ ها... ها، ۽ هُو... هُو ڪندا

بند ۽ سوڙهين گهٽين-

ڪشادن ۽ ننڍڙن گهرن ۽ گسن تي

ٿوهرن جون چڪيون پوکيندا،

۽ گهر گهر جي پرنُور آڳر کي اونڌاهين ۾ ڌڪيندا

چار ديوارون ڊاهيندا

چادرن کي چهاڙيندي

وحشت ۽ تاريڪي ڦهلائيندي وڌندا وڃن ٿا.

 

نٻل ۽ دونهاٽيل، سارا معصوم بي انت آواز-

ٿوهرن جي وڻن ساڻ وچڙي ۽ ڦٽجي پون ٿا

رت ڳاڙهو انهن مان وهي آهه نڪتو

هر مقدس صحيفي جي ورقن تي ڳاڙها نشان

ڪنهنجي معصوم جذبن جي قتلام جو ڄڻ ته اعلان.

 

شمشير الحيدري

آرزو جو سفر

لامڪانيءَ جي فساني کان وٺي،

لازمانيءَ جي زماني کان وٺي،

جسم جي بي انتها تاريڪين ۾

جاودانيءَ جي سفر ۾ سرگرم آهي ازل جي آرزو.

تون به ڪنهن جي ابتدا،

مان به ڪنهن جي انتها:

تنهنجي منهنجي زندگي

تنهنجي منهنجي ماءَ جي دمدم دعائن جو اثر،

تنهنجي منهنجي زندگيءَ جا صبح شام

تنهنجي منهنجي پيءُ جي اڻکپٽ اميدن جو ثمر-

جسم جو هرهڪ جنم

ڪئين ڪروڙين آرزومندن جو موجوده مقام:

بس، ازل جي آروز آهي مدام

جاودانيءَ جي سفر ۾ تيزگام.

اي سندم دمدم دعائن جا نرالا شاهڪار!

زنگي تابندگي جا رازدار!

اچ ته مان توکان ڪريان اڄ الوداع،

جسم جي تاريڪ راهن کان جدا:

مان ازل جي انتها ۽ تون ابد جي ابتدا،

اي سندم اُميد جا براق، صد صد مرحبا!

 

تاجل بيوس

انقلاب

اوڀر کان طوفان اٿيو آ

تون  به ڏسين ٿو

مون به ڏٺو آ

اولهه کان پيو رعد رڙي ٿو

لوهه سڙي ٿو.

 

مسجد مان جا ٻانگ اچي ٿي

اَن- داتا کي

ٻج ڇٽڻ جو سڏ ٿيو آ

پيٽ ڀرڻ جون

پڙهه ڦٽيءَ

پوڪارون آهن

جيون جون

للڪارون آهن

ڀٽ ڌڻيءَ جي تنبورن جون

تارون آهن

مندر جا گهڙيال وڄن ٿا

برج لڏن ٿا

سارا سڏ پڙاڏا آهن

آزاديءَ جي

گهوٽ ڪنوار جا لاڏا آهن

آمر جي ٽولن ۾ ڪيڏي ڀاڄ پئي آ

اسٽالن جي بم گولن تي ماڪ وُٺي آ

ڄاڻ پرهه ٿي

باکون نڪتيون

سج جون سون سريکيون

ڌرتيءَ ماتا

توتي

شاخون نڪتيون.

نُور الهديٰ شاهه

اليڪشن

ڪيئي اليڪشنون ٿيون،

مون ۽ منهنجن ابن ڏاڏن ڪيئي ڀيرا

اکين تي ڪاريون پٽيون ٻڌي

ووٽ وڌا

ڪيئي حڪومتون آيون ۽ ويون

ڪيترن ئي وزيرن کي مون ۽ منهنجن ابن ڏاڏن

هٿ لوڏي سلاميون ڏنيون

ڪيترن ئي ليڊرن جي بُتن ۾ ساهه ڦوڪڻ لاءِ

اسين نعرا هڻي هڻي ساهه ڏيندا رهياسون

جلوس ۾ هلي هلي

پير پٿرن ڪندا رهياسون

۽ تاڙيون وڄائيندي وڄائيندي

هاڻي ته هٿ به

پٿر ڪري چڪا آهيون

پر

منهنجا پُٽ!

پنهنجي ڳوٺ جو رستو ڪلهه به ڪچو هو

اڄ به ڪچو آهي

ڪلهه وانگر اڄ به

جيئڻ پنهنجو ڍڳي ۽ ڍور وانگر آهي.

 

فتاح ملڪ

غزل

مينهن وانگي ٿو وسين،

ننڊ ساري ٿو کسين.

 

پيار جي نيڻن ۾ لڪي،

گهور گهايل ٿو ڪسين.

 

ڪنهن جي ڪُنڍڙن وارڙن ۾،

ونگ واري ٿو وسين.

 

بادلن مان جئن چنڊ نڪري،

راهه ڪائي جي ڏسين.

محسن ڪڪڙائي

غزل

هر تعلق جيترو گهرو لڳو، گهاٽو لڳو،

اوتروئي آس کي لوڻي ۾ گهوٻاٽو لڳو!

ٻار سڀ اسڪول ۾ ۽ هُوءَ به دفتر ۾ هُئي،

گهر ۾ قبرستان جهڙو مون کي سناٽو لڳو!

هر طرف اُلڪا ۽ انديشا گهڻا، کُٽڪا سوين،

ڪٿ به ڪو محفوظ مون کي ڪونه چؤواٽو لڳو!

ريشمي گلين ۾ ماڻهو ڀي هئا ڪجهه ريشمي،

ڪن جو اوچو ڳاٽ هو، ڪن جو پئي ڳاٽو لڳو.

 

هن ڇهيو ڄڻ جان ۾ بجلي هُئي ڊوڙي وئي،

سرد جذبن لاءِ هُن جا لفظ ڄڻ چاٽو لڳو.

 

آدميت کي ته ڳڙڪائي ويو دولت جو شينهن،

رنگ پيو ”محسن“ ڏسي، ڪنهن کي، ڪٿي جهاٽو لڳو!

عبدالقيوم صائب

غزل

مفتيءَ جي ڪار باقي ڪافر گري رهي،

الزام ناروا جي سر تي ڀري رهي.

اهل جنون جي زد ۾ اهل خرد اچي،

اُٿندا ويا ٿي ليڪن محفل ڀري رهي.

 

معبود بي بقا تي جن کي هو ڀروسو،

تن جي الائي ڪيئن ٿي بازر کري رهي.

 

جن پاڻ کي ٿي سمجهيو هر طور حق پرست،

تن جا ٺڪر ٺلها ۽ خالي ڪري رهي.

 

جنت ڏيو انهن کي جن جي ته روز شب،

خواب و خيال ۾ بس حور و پري رهي.

 

زاهد پرست شہ لئه لفظن جو تاج هو،

رندن جي سر تي پوءِ ڀي چؤنري ڍري رهي.

 

نيزي جي نوڪ تي ٿي جن جا به سر رهيا،

اڄ تائين آهه دنيا تن لئه چري رهي.

 

طاقت جو طوق آهي گردن ۾ جنهن جي دوست،

هٺ جي انهيءَ جي سر تي جادوگري رهي.

 

مدهوش ٿيندي ٿيندي جو وقت ٿا وٺن،

رندن جي آهه تنهن ۾ خود بهتري رهي.

 

دلبي کان دور هوندي آهن تلاش ۾،

اهڙن جي جستجو ۾ آ دلبري رهي.

 

عيبن تي منهنجي مالڪ پردو وجهي ڇڏيو،

ورنه هتي وڃي هئي پرده دري رهي.

 

صائب کي هوش رهندو محفل ۾ هو ڪڏهن،

ماڻهن جي ليکي هن وٽ هئي خودسري رهي.

ادل سومرو

غزل

تو بنا هر گيت ٿو سُڏڪو لڳي،

گهر به پنهنجو اوپرو ڄڻ ٿو لڳي.

 

مصنوعي لفظن سان ڪن ٿا آجيان،

ڪوبه ناهي جو هتي پنهنجو لڳي.

 

هر ڪو جملو ڄڻ ته ٿو حملو ڪري،

دوستيءَ جو هي نٿو لهجو لڳي.

 

”مون کي تنهنجي آهه وڻندي شاعري“،

سِٽ اِها تنهنجي مون کي تمغو لڳي.

 

پيار جي دُنيا جو پنهنجو رنگُ آ،

درد ڀي محبوب جو تحفو لڳي.

 

تون ڏئين ٿي ٽهڪ منهنجي حال تي،

منهنجي دل ۾ ڄڻ ته ٿو ڪوڪو لڳي.

 

پاڻ ٿو پنهنجي ڪري واکڻ هُو،

آدمي ڪيڏو نه ٿو هلڪو لڳي.

 

مان وڇوڙي جون ڪيان ٿو ڳالهيون،
توکي دوست! ٿو اِهو چرچو لڳي.

 

بددعا مون کي نٿي تون ڏئي سگهين،
خط هي مون کي نٿو تنهنجو لڳي.

 

”پاڻ گڏجي گهارينداسن زندگي“،
ڳالهه ٿي هاڻي اِها سپنو لڳي.
                      
l

اياز گل

وائي

هيڏي تِکيءَ اُس ۾
ڪچي   رنگن   ســان

ڇالئه تون نِڪتين پرين!

ٻاهر هر پل حادثو
منهنجي  نيــڻن  مـــان

ڇا لئه تون نِڪتين پرين!

تارن رات پڇيو پئي:
پاڇن   جــي   پـــويـــان

ڇا لئه تون نڪتين پرين!

سوچي سوچي ٿڪجان
ٿڪجي  ٿــو  ســـوچان

ڇا لئه تون نڪتين پرين!

هيڏي تِکيءَ اُس ۾
ڪـــچن  رَنــــگن  سان

ڇا لئه تون نِڪتين پرين!

l

رکيل مورائي

غزل

تنهنجي شهر جو هرهڪ روشن منظر جاڳي ٿو،
روشنين ۾ هڪڙو اونداهو گهر جاڳي ٿو.

 

جلدي ننڊ سُمهاري ڇڏيو جسمن جي ميلاپ،
ها پر اوسيئڙي ۾ لُڇندڙ بستر جاڳي ٿو.

 

ڪرسيءَ ويٺي  صاحب کي ننڊ وٺي ويئي،
ٻاهر لوڪ سمورو سمجهي دفتر جاڳي ٿو.
مان جو رستي جي وچ تي اڄ مري ويو هان،
منهنجي ئي رت ۾ ڳاڙهو هو خنجر جاڳي ٿو.
                         
l

 

نصير مرزا

مان اُهو ناهيان

هُو منهنجي مداح طور

مون سان ملڻ لاءِ

منهنجي آفيس واري ٽيبل جي،

هن پار اچي ويٺو.

 

نهايت محبت سان پڇيومانس

اوهان جو نالو؟

چيائين: شاهه عبدالطيف.

 

هان؟ ... مون کان رڙ نڪري وئي

اڇنبي ۾ پنهنجي ڪرسي ڇڏي

اُٿي کڙو ٿيس.

 

اوهه... ته تون آهين اهو!

 

هُو اچانگ پريشان ٿي ويو

۽ منهنجي عجب جي نشانيءَ جهڙي

چهري ڏانهن تڪيندي

گهٻرائيندي چيائين

 

نه نه سائين! توهان جنهن لاءِ سمجهيو پيا،

مان اُهو ناهيان.

l

منير سولنگي

غزل

ڪيڏا انگل آر ڏٺا مون تنهنجي اکڙين آتين ۾،
تو من موهيو مٺڙا منهنجو ڪوئل جهڙين لاتين ۾.

 

تنهنجي پيار جو هر هڪ منظر اڄ ڀي منهنجي آڏو آ،
دل سان دل جو سودو ٿيو هو، سانوڻ جي برساتين ۾.

 

تنهنجي غم جون سرد هوائون، منهنجا ڪيڏا ڇرڪ ڪڍن،
ڍولڻ ڏاڍو ياد اچين ٿو، گهايل گهايل راتين ۾.

 

تو جو مون کي ڀاڪِي پاتي، آنڌي بڻجي چوٽ چڙهيون،
ڇوهيون ڇوليون ساهه کڻڻ جون، ڍول ٻنهي جي ڇاتين ۾.

 

ماکي مصريءَ کان وڌ مٺڙا دل جون تارون ڇيڙي وئين،
سوچيان ويٺو هاڻي ڪيڏو رَسُ هو برهه جي باتين ۾.
                                  

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com