چائنا ٽائون ڏي به دودود اۡڪثر اُن ڪري ويندو هو، جو هن کي چيني
زبان سان ۽ خاص طور چيني زندگيءَ سان دلچسپي هئي.
هن هڪ چيني ڪهاڻيءَ بابت به پنهنجي چاچي کان ٻڌو
هو. هڪ رات گل بهار سنگهه جي ڪمري ۾ مشرق جي ادب
تي بحث نڪتو، سڀني چِنگ جي ڳالهين ۾ دلچسپي ورتي.
هوءَ قديم شاعرن بي پاءِ، فُوشُوان ۽ توفو جهڙن
شاعرن جو ذڪر ڪندي، چيئرمين مائو، ڪومورو ۽ لُوشن
بابت ٻڌائڻ لڳي. هوءَ لوشُن جي ’چرئي جي ڊائري‘ ۽
زائوشوي ڇن جي ’سرخ خواب گاه جي خواب‘ بابت ٻڌائڻ
سان گڏ ڪميونسٽ انقلاب ۽ لانگ مارچ جون ڪهاڻيون
ٻڌائڻ لڳي. ڪنفيوشس، ڊاڪٽر سن يات سين، چيانگ ڪائي
شيڪ، چيئرمن مائو، ليوشائو چي، چواين لائي، چودي،
ڇني، لُيو خُو لان، چيانگ چنگ، وانگ چيئي ۽ چيائو
اولوُ بابت به ٻڌائيندي رهي. لوڪ ادب ۾ رڍن واريون
ڇوڪريون، ٻڍو جنهن جبل هٽايو، وڏي ٻوڏ ۽ ٻيو
ڪهاڻيون ادبي تبصري سان ٻڌايون. دودي کي ”اڇن وارن
واري ڇوڪريءَ“ جي ڪهاڻيءَ سان دلچسپي هئي.
چِنگ ٻڌايو ته هي داستان زمينداري ظلم جو اهڙو داستان آهي، جنهن
تي چين ۾ فلمون آپيرا ۽ ڪتاب موجود آهي. تت هي آهي
ته شيئر زمينداري ظلم کان، جهنگ ۾ وڃي لڪي ۽ کيس
پورو کاڌو نه ملي سگهيو. هن جا وار کيس جوانيءَ ۾
ئي اڇا ٿي ويا. 1965ع تائين هوءَ زندهه هئي 1949ع
۾ آزاديءَ کان پوءِ به هوءَ ڊپ ۾ لڪل رهي. نيٺ کيس
لڌو ويو. شيئر جا فوٽو وقت جي وزير خارجه ڇن اي
سان ثابتيءَ طور موجود آهن.
دودو نهايت ڌيان سان ٻڌي رهيو هو. هن ڳالهه ختم ٿيڻ تي ٻڌايو ته
مون کي ”اڇن وارن واري ڇوڪري“ (پاءُ مائو نُو) ۽
”ليوخوالن“ لاءِ اُن ڪري دلچسپي آهي جو چاچي وٽ
انهن ٻنهي سورمين بابت چيني ناول آهن، پر اُهي ته
آءٌ پڙهي نٿو سگهان. ليو خُولان بابت موتن کي اُن
ڪري احترام آهي جو 1948ع ۾ مرندي مري ويئي، پر
پنهنجن ساٿين جو راز سامراجين ۽ انهن جي رجعت پسند
ڇاڙهتن کي نه ڏنائين. اُن ڪري چيئرمن مائو هن لاءِ
چيو: ”شان سان زنده رهي ۽ عظيم موت سان همڪنار
ٿي. هوءَ ڪنهن به ڪاغذي شينهن کان نه ڊني ۽ خوشيءَ
سان ڪاتيءَ هيٺ ڪنڌ رکيائين.“
ڪڏهن ڪڏهن چنگ کي حيرت ٿيندي هئي؛ جو دودو چين جي معاملن ۾ تمام
گهڻي دلچسپي ڏيکاريندو هو. هڪ ڏينهن کلي پڇيائينس:
”ڀلا ثقافتي انقلاب بابت اوهان کي چاچي ڪجهه ٻڌايو؟“
”اوهان کي به ٻڌائي ها، جي ڄاول هجو ها.“ دودي چيو ”ڪجهه مون کي
معلوم آهي، ڪجهه اوهين ٻڌايو.“
چنگ ٻڌايو: ”هن انقلاب کي چيني زبان ۾ اُوڇان چيئي چِي وَن خوا
تا ڪَمنگ چئجي ٿو ۽ 1966ع ۾ آيو.“
”جڏهن منهنجو چاچو پيڪنگ ۾ هو“ دودي چيو”مون کي ڪجهه چاچي کان ۽
ڪجهه ڪتابن مان معلوم ٿيو آهي ته هن انقلاب جو حڪم
چيئرمن مائو ڏنو، ڇو هو سندس خيال هو ته اڪثر
ڪامريڊ آرام پسند ٿي ويا هئا ۽ ڪيترا پارٽي
ڪميٽيءَ جا عهديدار خود کي ٻين کان اُتانهون ڄاڻڻ
لڳا هئا. ڪيترن ادارن ۾ بدعنوانين جا اطلاع مليا
هئا. اهڙن ماڻهن خلاف ادارن ۾ تنقيد ڪئي ويئي. کين
عهدن تي هوندي هئي به نشانو بنايو. ملڪ جو صدر
ليوشائوچي ۽ وزير دفاع لن پيائو انهن ۾ شامل هئا،
جن کي تنقيد جو نشانو بنايو ويو. ڪيترن هنڌن تي
اسڪولن ۾، ادارن ۾، ڪارخانن ۾ مئي 1966ع کان وٺي
ميٽنگون ڪيون ويون ۽ ماڻهن کي پڙهايو ويو ته
نظرياتي محاذ تي پختا رهن. نظرياتي تعليم ڏيڻ لاءِ
دستوري تعليم بند ڪئي ويئي. چيئرمن مائو جي ڪتابن
جو اڀياس ڪرڻ لاءِ خاص اڀياس گهر قائم ڪيا ويا.
سرمايدارانه خيالن واريون ڳالهيون ڇڏڻ لاءِ چيو
ويو. منهنجي چاچي واري اسڪول ۾، انسٽيٽيوٽ آف
لئنگويجز ۾ به ڊين کي ننديو ويو ۽ گهرن مان ڪتاب
ڪڍي ساڙيا ويا. اُهي سرمايدارانه خيالن جي پرچار
وارا ڪتاب اڪثر رات جو ساڙيا ويندا هئا.“
”ريڊ گارڊ، جيڪي مڊل اسڪولن جا شاگرد هئا، اُهي ننڍن شهرن کان
وڏن شهرن ڏي هزارن ۾ ايندا هئا ۽ پنهنجن بسن ۾
انقلابي گانا ڳائيندا وتندا هئا. چئيرمن مائو جي
نثري قولن کي به گانن جو روپ ڏيئي ڇڏيندا هئا.“
ٻاهرين اخبارن ۽ ريڊيو گهڻو وڌائي خبرون ڏنيون، پر ڪا خونريزي
ڪانه ٿي. سالن جي آخر تائين عظيم عوامي ثقافتي
انقلابي چيئرمن مائو جي راهه کان هٽيلن کي اُڏائي
کڻي ويو. جيڪي پورا ڏهه سال پوءِ 1976ع ۾ اقتدار ۾
اچي ويا. 1989ع ۾ تئن آن من چوڪ ۾ جيڪي ٿيو، سونيا
ڏٺو، پر هاڻي برلن جي ڀت ڀڄڻ، اوڀر يورپ جي
تبديليءَ ۾ روسي رياستن جي نيت بدلجڻ کان پوءِ،
پنهنجو انجام ڏسن پيا.“
”چنگ جي موٽي وڃڻ تائين تَنگَ مان ماڻهو تنگ ٿي چڪا هوندا.“
مارٿا چيو.
”تنگ ته هاڻي ئي آهن“ گل بهار سنگهه چيو.
”تنگ جي صحت ۽ عمر به هاڻي اهڙي ۽ ايتري آهي، جيتري مائوزي تُنگ
جي 1966ع ۾ هئي.“ دودي چيو ”اوهان جي چاچي اِن
باري ۾ ڇا چيو؟“ چِنگ شرارت واري انداز ۾ پڇيو.
”مرندئين منهنجي هٿان“، دودي مڪ جو اشارو ڪندي چيو: ”پر ٻڌ!
منهنجو چاچو چيئرمن مائو جو پرستار هو. هُو
ڪميونسٽ خيالن جو بنجي ويو هو. هن مون کي ٻڌايو ته
ثقافتي انقلاب واري زماني ۾ چيئرمن مائو جي صحت
سٺي نه هئي. کائنس لِن پيائو پنهنجي حق ۾ هڪ نوٽ
لکائي ورتو هو، جيڪو چواين لائي ۽ ٻين ڪن کي پسند
نه آيو، اهڙا نوٽ لکائڻ جو رواج پوءِ به رهيو.
چيئرمن مائو جي وفات کان پوءِ انهن مان فائدا به
ورتا ويا.“
سَريتا ڳالهه ڪٽيندي چيو: ”هاڻي سياست جون گهڻيون ڳالهيون ٿيون.
مون کي اجازت ڏيو.“ هوءَ اُٿي ۽ انوپ مارٿا ۽ گل
بهار سنگهه به اُٿيا. چِنگ لِنگ کُو به اوٻاسيون
ڏيندي موڪلائيندي هلي ويئي.
* * *
هڪ ڏينهن گل بهار سنگهه کي دعوت ڪرڻ تي دل ٿي. دودي کي چيائين:
آئون سڀني دوستن کي پنهنجي ڪمري تي گهرائي کين شبد
ٻڌائڻ ٿو گهُرانِ“. دودي قبول ڪيو ۽ جواب ۾ چيائين
ته ”سنڌي بيت ۽ ڪافيون به ٻڌڻيون پوندءِ.“
پوءِ ته مشاعرو وڏو ٿي ويندو.“ گل بهار سنگهه چيو. دوستن جو
جيڪو حلقو هو. اُن ۾ ڪل چار ماڻهو شعر جا شوقين
هئا، جن ۾ دودو، گل بهار، چِنگ ۽ مارٿا جنوريءَ جي
سرد رات ۾ شعر جي گرمائش پيدا ڪرڻ لاءِ گل بهار جي
ڪمري ۾ گڏ ٿيا. گل بهار چانهه جي پاڻي گرم ڪرڻ
لاءِ اليڪٽرڪ ڪٽلي لڳائي ۽ گرونانڪ، شيخ فريد، شڪر
گنج ۽ ٻين گروئن جا شبد شروع ڪري چيائين ۽
گرونانڪ، گروگوبند، ڀائي مردانه ۽ شيخ فريد جو
ڳالهيون ڪندو ويو. شبد چونڊيو ويو، آخر ۾ گرنٿ
صاحب مان هي شبد چيائين-ع
فريدا ڏکان سيتي، ڏين ڳيا، سُولان سيتي رات،
کڙا پــڪاري پاتــڻي، ٻـــيڙا ڪـــپر وات.
ڪيترو وقت پنهنجن سُرن ۾ مست ويٺو هيو. مارٿا کيس هوشيار ڪيو ۽
سَريتا ۽ انوپ هٿ جي اشاري سان اهو ڄاڻڻ گهريو ته
نوجوان امرتسر ته ڪونه پهچي ويو! هو جڏهن هوشيار
ٿيو ته پنهنجي سٿر تي هٿ هڻي ’هاءِ هاءِ‘ ڪيائين ۽
سڀني چيو ”هاءِ- هاءِ.“
”هاڻي گهڻي هاءِ هاءِ ٿي ۽ چانهه ڏيو“ انوپ چيو. هلندي هتان
هُتان ڪجهه شعر اچڻ لڳا. دودي سنڌي شاعرن جون
ڳالهيون ڪرڻ لڳو. شاهه ڪريم ۽ شاهه عبداللطيف جا
بيت ٻڌايائين، جڏهن هي بيت پڙهي وري سمجهاڻي
ڏنائين ته سسئيءَ ۽ گل بهار جو درد هڪ ڀاسڻ لڳو-ع
پير پٽانئي ڪونئرا، ڏونگر مٿي ڏي؛
پاڻ نه پسي ڦٽئو، ڪڙهي ڪيچين کي،
هاڙهو هوت پري، ڪُہ ڄاڻان ڪيئن لنگها.
شاهه جون ڳالهيون ڪندي هُو سج اڀاري ڇڏي ها، پر وري ٻين جي حق
جو خيال ڪندي خاموش ٿيو ۽ مارٿا ڪجهه شعر چيا ۽
سَريتا کي چيائون ”شعر! تون ڪجهه ”شعر ٻڌاءِ.“
هوءَ موڊ ۾ نه هئي، پر واکاڻ ٻڌي خوش ٿي ۽ هڪ سنهالي شعر
ٻڌايائين. دودي چِنگ لِنگ کُو کي چيو: ”ڪامريڊ:
هاڻي ڪجهه تُوفو جا ڪجهه پنهنجا شعر مرحمت
فرمايو.“ چِنگ نڙي صاف ڪندي هڪ شعر تُوفُو جو
ٻڌايو ۽ چيئرمن مائو جا ڪجهه شعر ٻڌايائين ۽ آخر ۾
هڪ قومي گانو ڳائڻ لڳي: ٿُوان چيئي چِيو شِرلِي
لِيانگ (ٻَڌيءَ ۾ قوت آهي)
”هاڻي خبر پيئي ته چنگ جو لاڙو قوم پرستيءَ ڏي آهي ۽ رومال کان
پري آهي.“ گل بهار چيو.
”ائين نه چئو“ چِنگ چيو ۽ هڪ گڏيل ٽهڪ سان هيءَ محفل ختم ٿي.
اڃان ”ائين نه چئو“ کي هفتو به نه گذريو هو ته هڪ ڏينهن خط کڻي
سڌي سَريتا جي ڪمري ۾ وڃي پهتي. سَريتا چِنگ لِنگ
کُو کي ويهڻ جي چئي، وارن ۾ ربن ٻڌي کيس اخبار ڏيڻ
لڳي ته هن اخبار هٽائي ڇڏي. سَريتا حيران ٿي ويئي.
”ڇو! اڄ اخبار نه ٿي وڻي.“
”نه“
”مس کُو کي اڄ ڪهڙو درد ستائي رهيو آهي؟“ سَريتا پڇيو.
”ڪو خط آيو آهي.“ چِنگ لِنگ کي چيو.
”ڪو خط! خراب آهي؟“
”ها“
”ڏسون“ سَريتا چيو. ”ها پر ڏسنديس ڇا؟ چينيءَ ۾ هوندو، پڙهي
ٻڌاءِ.“
”سڄو ڪونه پڙهنديس“
”چڱو اڌ پڙهه.“ سريتا چيو.
”سڄو خراب آهي.“ چنگ چيو.
چيني زبان ۾ خط ۽ دل کي شِن چئبو آهي.
”سُر ۽ تحريري صورت مختلف هوندي آهي. ائين کُو جي هڪڙي معنيٰ
روئڻ به آهي. شايد منهنجو نالو پنهنجو مطلب ظاهر
ڪرڻ گهري ٿو. مون کي هڪ طرح سان ڏک جو منهن ڏسڻهو
پوندو.“ چنگ چيو، سَريتا کيس آٿت ڏيندي، خط هٿ مان
ورتو ۽ وري هٿ ۾ ڏيئي چيائين: ”پڙهي ٻڌاءِ ته آءٌ
تنهنجو ڏک ورهايان.“
چنگ لنگ کُو پڙهڻ لڳي:
”چنگ خوش هجين.“
”تنهنجو خط گهڻو اڳ پهتو هو، پر آءٌ نئين ڪم جي مصروفيت ڪري
جواب دير سان ڏيئي رهيو آهيان. ڇئن من هوٽل جي
مئنيجمنٽ کان هاڻي آءٌ ڪُوڪُنگ (پراڻو شاهي محل) ۾
ڊپٽي ڊائريڪٽر ٿي آيو آهيان. هتي منهنجي آفيس اُن
ايوان ۾ آهي، جتي پاڻ اۡڪثر هلي ويهندا هئاسون، ۽
ڪلاڪن تائين ڳالهيون ڪندا هئاسون. چنگ مون کي ياد
آهي، تون ڪُوڪُنگ گهُمڻ وقت چوندي هئين ته هي محل
جيڪو اڄ هڪ عوامي عجائب گهر به آهي، سو جي منهنجي
هٿ هيٺ هجي ها ته تخت واري ڪمري ۾ روز توسان گڏ
تخت تي ويهان ها. توکان اڄ آءٌ هڪڙي معذرت ڪرڻ
گهران ٿو. چنگ! ڪُوڪُنگ جي هڪڙِ ڊپٽي ڊائريڪٽر ٿئن
اُو چانگ آهي. ٿئن هڪ سُٺي ڇوڪري آهي. هن سان مون
تنهنجي ڳالهه ڪئي. هن توسان ملڻ جو ارادو ڏيکاريو.
مون کيس ٻڌايو ته تون ڪجهه سال لنڊن ۾ رهندئين.
”چنگ! تون مون کي غلط نه سمجهه. هرڪو پنهنجن جذبن جي پٺيان ٿو
هلي. آءٌ ٿِئن سان ڪي وعدا ڪري ويٺو آهيان. ايندڙ
هفتي اسان جي شادي ٿيندي. تون منهنجي دوست هميشه
رهندينءَ پر هي اسان جو آخري خط آهي. اُميد ته خوش
هوندينءَ ۽ پنهنجن لنڊن وارن دوستن کي اسان ٻنهي
جا سلام رسائيندينءَ.
”وانگ“
سريتا هڪ ڊگهو ساهه کنيو ۽ چنگ کي ڀاڪر ۾ ڀري ڇڏيائين. هوءَ
ورئڻ ۾ اڇي ڇٽڪي. سَريتا به روئڻهارڪي ٿي ويئي.
جڏهن ٻئي سامت ۾ آيون ته سَريتا چيو:
”ڇا واگ ئي هڪڙو ڇوڪرو دنيا ۾ آهي! ڇا تون ڪا اپاهج ۽ بدصورت
ڇوڪري آهين! ڪڏهن ڪنهن ٻئي جي نظرن جو مطلب سمجهيو
اٿئي“
”ائين نه چئو“ چنگ چيو ۽ وري اچي روئڻ ۾ ڇٽڪي.
* * *
ليم گُڊ اِنف پارڪ
نينهن لايم ڪارڻ سُک وي ميان،
پئي پلڙي ڏوڙي ڏک وي ميان.
(خواجه فريد)
دودي ۽ مارٿا جي جذباتي ڪيفيت پنهنجي منطقي انتها کي وڃي پهتي
هئي. ٻنهي پنهنجي پنهنجي من ۾ ته فيصلو ڪري ورتو
هو، پر ٻنهي جي دل ۾ ٻيون به ڪيتريون ڳالهيون
هيون، جن جو جواب کين دل کان ڪونه پئي مليو.“ دل
ته فقط پنهنجي جذبن تي هلي ٿي. دماغ جو اُن ۾ ڪم
نه آهي. دنيا جي ٻين معاملن بابت دل رهنمائي نٿي
ڪري. خاص طور دودي جي هيءَ حالت هئي، هُو دل جو
چيو ته مڃي ويٺو هو، پر تعليم ۽ پوئتي وطن جي
ڳالهين هن کي منجهائي وڌو هو. هُو هڪ سلجهيل دماغ
وارو نوجوان هو. هن کي پنهنجن انسان دوست خيالن جي
ڪري دوستن جي حلقي ۾ مٿانهون مقام هو. هو پنهنجي
ڪردار ڪري ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين ۾ مقبول هو. هو ڪڏهن
ڪنهن ڇوڪريءَ سان اڻ سهائيندڙ گفتگو به نه ڪئي
هئي. اڪثر ماڻهو جوڙي جي قربت ڏسي سڙندا آهن ۽
ڪڏهن ته پاڻ وڻائڻ لاءِ هلڪڙائي به ڪندا آهن. هُن
اُن جي ابتڙ، ڪنهن به جوڙي جي هڪٻئي سان
ويجهڙائيءَ جو هميشه احترام ڪيو هو.
چِنگ لِنگ کُو بابت ڪڏهن کيس معلوم ٿيو ته هُو چنگ کان وڌيڪ
منجهي ويو. هن کي چينين لاءِ احترام هو، ڇو جو
سندس چاچي چار ڏينهن اُنهن سان گذاريا هئا. چِنگ
وانگر هُو به اُنهيءَ صدمي ۾ هو ڪو وقت ته چُپ چُپ
ڏسندو رهيو ته ڪٿي چِنگ ڏک کان ڍرڪي نه پوي. سندس
تعليم ۽ ذهن جو نقصان نه ٿئي.
پنهنجي پر مارٿا ۽ سريتا کي چئي ڇڏيائين ته هن جو خيال رکن.
پنهنجي وس آهر مٿس نظر رکن ته مايوس ۽ اڪيلي نه
رهي. جڏهن محسوس ڪن ته هن جو ڪو مسئلو آهي ته کيس
ان کان واقف ڪن. چنگ کي محسوس ڪرائين ته اڪيلي نه
آهين.
سَريتا بيماريءَ کان پوءِ اَنوپ ۽ سڀني دوستن کي وڌيڪ پياري لڳڻ
لڳي هئي. هاڻي ته دوستن کي مارٿا ۽ دودي جي قربت
جو به پتو پئجي چڪو هو، پر ڪير اهو نه پئي پروڙي
سگهيو ته اڳتي ڇا ٿيندو. ائين ئي هڪڙو تعلمي سال
لنگهي ويو. هر ڪنهن سٺي نموني پاس ڪيو. هنن دوستن
مان فقط انوپ جو هڪ پيپر سٺو نه ٿيو. گل بهار
سنگهه چيو: ”هل ته توکي ڊلن شاپ ۾ رات جو بند ڪري
اچان. سڄي رات ڪتاب پڙهه، پيپر ۾ پهريون نمبر.“
”گل! ائين نه چئبو“ دودي کيس ڇينڀيو.
”معاف ڪج! منهنجا پيءُ آءٌ ته ڪو گُروءَ جو پٽيل آهيان.“ گُل
بهار اَنوپ کي ڀاڪر ۾ ڀرندي چيو، هُن چيو: پرواهه
نه آهي، پر يار معجزو ٿي ويو!“
نئون سال نئين ڳالهه. هرڪو نون نصابن ۽ نون خيالن ۾ مصروف ٿي
ويو. انوپ پنهنجي رهيل پيپر جي تياريءَ ۾ لڳي ويو.
ٿيسز جو ڪم به ڪندو رهيو. روز انڊيا آفيس لئبريري
جا پنڌ به ڪرڻ لڳو. شام جو موٽندو هو ته اڪثر
سريتا کي چوندو هو ته توهان سوا لنچ تي اڪيلو ٿو
محسوس ڪريان. سريتا کيس وڏن وانگر نصيحت ڪندو هئي.
نيٺ انڊيا آفيس لئبريريءَ مان ڪم پورو ڪيائين.
گهڻو خوش هو لنچ ٽائيم تي ئي موٽي آئي آيو. سريتا
ڏسندي ئي پڇيو:”ماني کائڻ آيو آهين ڇا؟“
”معجزو ٿي ويو. ڪم مڪمل ڪري آيو آهيان.“
”گُڊ!“ سريتا چيو. ماني کائي ورتائون ته کيس هٿ ۾ ٻه خط ڏنائين.
هڪڙو انوپ جو هو ۽ ٻيو خود سريتا جو هو. هُو سريتا
کي سندس خط موٽائڻ لڳو. هن پڙهڻ شروع ڪيو. خط
انگريزيءَ ۾ لکيل هو ۽ سريتا جي ماءُ لکيو هو. خط
۾ سريتا کي چيو ويو هو ته جيڪو به قدم کڻڻ گهرين
ٿي، بيشڪ کڻ. تنهنجي خوشيءَ ۾ اسان ٻئي خوش
ٿينداسين.
”معجزو ٿيڻ وارو آهي ڇا؟“ انوپ اڻڄاڻ بنجي پڇيو. سريتا ڪنڌ لوڏي
هائوڪار ڪئي. ”هاڻي تون پنهنجو خط کول.“ انوپ خط
کولي پڙهڻ لڳو.
”پيارا انوپ“
”تنهنجو خط پهتو. سڀ توکي ڏاڍو ياد ڪن ٿا. ونود ۽ ڪوشليا جي
ڳالهه پڪي ٿي ويئي آهي. ڪشور جي شادي آشا سان ٿي
ويئي آهي. شري ڀات کنڊي جي پٽن جون شاديون ايندڙ
هفتي ٿيڻ واريون آهن. اُميد آهي ته تون خوش هوندين
۽ محنت سان پڙهندو هوندين. ارونا توکي ياد ڪري ٿي.
ڪا منڊم ته پسند نه ڪئي اٿئي.“
تنهنجي ماءُ.
”هي ارونا وري ڪير آهي؟“ سَريتا پڇيو. انوپ کيسي مان پرس ڪڍيو ۽
هڪڙي ننڍڙي ڇوڪريءَ جي تصوير ڪڍي ۽ چيائين:”اجهو
هيءَ“ پنجن سالن جي هڪ ٻارڙيءَ جو فوٽو ڏسي سَريتا
کان کل نڪري ويئي. ”منهنجي ڀائٽي آهي.“ انوپ چيو.
”هي ڀڳوان!“
”معجزو ٿي ويو نه!“
”معجزو ائين ٿيندو آهي. منهنجو ته ساهه نڪري ويو هو“ سريتا چيو.
”جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي.“
”ڪيئن؟“
”هڪ ڀيرو تو به بيمار ٿي منهنجو ساهه ڪڍيو هو...“ انوپ چيو.
سريتا کيس ڇيڙيندي چيو: ”اهڙا معجزا ڪڏهن ٿيندا
آهن.“
”ڏس ڏس.“
”هاڻي ٻڌائي ڇا خيال آهي؟ منهنجي ممي ۽ پنهنجيءَ مميءَ جي خط جو
تفاوت ڏس. سُڄي بمبئيءَ جا نڪاح پڙهايا پيا آهن.
تنهنجي معجزي جو ذڪو ڪونه آهي.“
”ٿي ويندو آءٌ به لکان نه! آءٌ سچ پچ معجزو يعني ڪنگال آهيان.
توکي ڪيئن خوش رکي سگهندس.“ انوپ چيو.”آءٌ خود ئي
خوش رهنديس. تون رڳو معجزو ڪري ڏيکار.“ ائين چئي
کيس هڪ ائيرو گرام ڏنائين ۽ خط لکڻ جو چئي هلي
ويئي. انوپ همت ڪري پنهنجي ماءُ کي خط لکيو ۽ اُن
۾ شرمائيندي شرمائيندي دل جي ڳالهه لکي ڇڏيائين.
خط پئي لکيائين ته سامهون ٺُمبا پئي آيو. ٺُمبا
هميشه پنهنجي انداز ۾ کيڪاريندو هو ۽ انوپ کي ڏسي
(معجزو) ضرور چوندو هو ۽ آڱوٺو اُڀو ڪندو هو.
* * *
انوپ کي بمبئيءَ مان خط جي جواب ملڻ ۾ ٻه هفتا لڳي ويا. نيٺ
جواب آيو ۽ اُن کي پڙهي هُو خوش ٿي وري سڌو وڃي
سريتا وٽ پهتو. سندس ماءُ لکيو هو ته: ”مائٽ اولاد
جي خوشي ۾ خوش ٿيندا آهن. اسين به تنهنجي خوشيءَ ۾
خوش آهيون سَريتا جو فوٽو موڪل.“
سريتا چيو: ”فوٽو ڪونه موڪلبو.“
”ڇو؟“
”رد ڪري ڇڏين ته پوءِ!“ سريتا چيو.
”اهڙو ڪُفر جو ڪم ڪير ڪري سگهندو!“
”تون به فوٽو ڏي ته مميءَ کي موڪليان ۽ جي اُهو رد ٿي ويو.“
سَريتا شرارت جي انداز ۾ چيو. انوپ جواب ڏنو ”پوءِ
ته معجزو ٿي ويندو!“ ”ڪهڙي اٽڪل آهي.“
”ڪهڙي؟“
”دودي جو فوٽو ڏياري موڪليان.“ انوپ چيو
”ته پوءِ ڄڃ به ڪراچيءَ کان ايندي.“ سريتا چيو. انوپ پنهنجي
ڄاڙيءَ ۾ هٿ وجهي فخريه انداز سان چيو: ”ههڙو
معجزو ٻيو ڪو هوندو!“
بهرحال سريتا جو فوٽو بمبئيءَ موڪليو ويو ۽ سس کي پسند آيو، پر
اتي فقط مالي ۽ سماجي حالات جي شڪايت هوندي هئي.
خط مراٺي ٻوليءَ ۾ هوندا هئا، اُن ڪري لڪائڻ جون
ڳالهيون انوپ لڪائي ويندو هو. سندس ماءُ خاص طور
اهو لکندي هئي ته: ”اسين غريب آهيون، هڪ پري جي
ڇوڪريءَ سان شاديءَ جو خرچ برداشت ڪيئن ڪري
سگهنداسين؟ سريلنڪا ڏي سفر جو خرچ ئي وڏو مسئلو
هو“ نيٺ ڊڄي انوپ اُهو اظهار ڪيو.
”سائين! رڳو فوٽو پسند پيو ته سڀ ڪجهه ٿيو.“ سريتا چيو ”ٻي ڪنهن
ڳالهه جو فڪر نه ڪرڻ کپي. معجزو ٿي ويندو.“
”ڏس! شرمندو نه ڪر.“ سريتا ڏانهن اشارو ڪندي ”ههڙي سانوي صورت
ڪنهن جو هوش وڃائڻ لاءِ ڪافي نه آهي.“ ”خوشامد“،
سريتا چيو.
ڪئمپس تي ٻنهي پنهنجي پڌريءَ جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ اهو ته شادي
واپسيءَ تي ڪولمبو ۾ ٿيندي. ڄڃ بمبئيءَ کان ويندي.
سڀئي دوست گهڻو خوش ٿيا. گل بهار ته ڊونر ڪباب سان دعوت به ڪري
ڇڏي، جنهن ۾ دودو، چنگ مارٿا ٺُما ۽ ڪي ٻيا دوست
به شامل ٿيا. دودي مارٿا ڏانهن نهاري چيو: ”گهيرو
هاڻ تنگ ٿيندو پيو وڃي.“
* * *
نئين سال ۾ پڙهايون ٿيون. سماجي ۽ سياسي ميڙ ٿيا ۽ پريت جا پيچ
پختا ٿيندا ويا. هرڪو پنهنجو ڪم مڪمل ڪرڻ ۾ لڳو
رهيو. دودو هڪ طرف پيار جي دنيا ۾ سرفراز هو ته
ٻئي طرف پنهنجي انسان دوستيءَ واري طبعيت سبب
ممتاز هو. هن جي بي اطمينانيءَ ۾ به هڪ اطمينان
نظر ايندو هو. هن پنهنجي طرفان سماجي سياسي ميدان
۾ هر طرح خدمت ڪئي هئي. هن هر موقعي تي سامراج جي
ڪردار کي ننديو ٿي. هن جي مارٿا سان محبت به ڄڻ
سندس سياسي سوچ جو هڪ حصو هئي. هو اڪثر مارٿا کي
چوندو هو ته آءٌ نٿو ڄاڻان ته تون مون کي ايتري
پرڪشش ڇو ٿي لڳين! اُن ۾ فقط صورت نه آهي. صورت
اندر به هڪ ٻيو شخص آهي. جيڪو ڏسڻ واري کي پاڻ ڏي
ڇڪي ٿو.
آءٌ خوبصورت نه آهيان. مارٿا کلي پڇيو.
”بيشڪ خوبصورت به آهين پر تنهنجي ظاهري حسن کانسواءِ تو ۾ ڪو
حسن ازل به آهي. جيڪو وڌيڪ مقناطيسي آهي.“ دودي
چيو. هي اهڙو موضوع هو. جنهن تي دودو ڪيترو ئي
ڳالهائي پئي سگهيو پر کيس ڊپ هو ته سندس گفتگو
مشرقي شاعري نه ٿي وڃي.
هڪ ڏينهن هُن همت ڪري صاف لفظن ۾ مارٿا کي پنهنجي اندر جي ڳالهه
چئي. رات جا اٺ ٿيا هئا. لنڊن هائوس جي ڀر واري
وليم گُڊ اِنف پارڪ ۾ هڪٻئي جي ويجهو ويٺا هئا.
مارٿا مرڪي ڏانهس نهاريو ۽ چيائين!
”مون کي احساس آهي، تون منفرد ۽ وڻندڙ ماڻهو آهين. تنهنجن خيالن
ئي مون کي تو ڏانهن راغب ڪيو آهي. تنهنجو پيار
آسمان وانگر وشال آهي. توسان ناتو جوڙڻ هڪ بهترين،
دل واريءَ سمارٽ ماڻهوءَ سان ناتو جوڙڻ ٿيندو،
ايٿوپيا ۾، دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ ڏڪر پوي ته به
دلگير تون ٿيندو آهيان. فلسطين ۽ سريلنڪا ۾، بلڪ
ڪٿي به ظلم ٿئي ته ملول ٿو ٿين. سنڌ ته تنهنجو وطن
آهي. سنڌ ۾ 1983ع ۽ ان کان پوءِ جيڪي ڪجهه ٿئي
پيو. تنهن جي باري ۾ تو هتي دوستن جو ضمير جاڳائي
وڌو آهي. گل بهار ڏس! هو خالصتان تحريڪ جو حامي ٿي
ڪري به دهشت گرديءَ کي نندي ٿو. مون کي تنهنجو هر
رايو قبول آهي، هر ڳالهه قبول آهي.“
”سچ“
”ها! آخري فيصلو ڪرڻ ۾ ڪجهه وقت لڳندو. وطن وارن کي به آگاهه
ڪريان.“ مارٿا چيو. ڪجهه مشرقي انداز به هجن نه!“
”بيشڪ بيشڪ“ دودي خوش ٿي مارٿا ڏي نهاريو ۽ آسمان جو ٿورو
مڃيندي چيائين:”اڄ کان هي سچ پچ گُڊ انف پارڪ
آهي.“ ٻئي مرڪندا هٿ هٿ ۾ ڏيئي ٻاهر نڪتا. |