يار ياڪي ٿيءُ اوطاقي
يونيورسٽي ڪئمپس تي، ڪلاس رومن ۾، لئبريريءَ ۾ ۽ هر هنڌ رونق
هئي. هرڪو تيزيءَ ۾ هو، ڄڻ ڪجهه هٿن مان نڪري پئي
ويو. ڪن لاءِ امتحانن جا ڏينهن هئا. هر ڪنهن جو
پنهنجو پروگرام هو. ڪٿي ٿيسز جي ٽائپنگ جو ڪم پئي
ٿيو، ته ڪٿي پيپر پئي ٿيا. ڪٿي ٿيسز جي دوستيءَ جو
ڪم پئي هليو ته ڪٿي نتيجا به نڪري چڪا هئا. غرض ته
اسڪول آف اورينٽل ائنڊ آفريڪن اسٽڊيز
(SOAS)
۽ ٻين اسڪولن ۽ ادارن ۾ هميشه واري چهل پهل کان به
وڌيڪ رونق هئي. گل بهار سنگهه جي نتيجي جو اعلان
ٿي چڪو هو. هن کي ايم. اي. جي ڊگري ملي چڪي هئي.
هُو دوستن کان موڪلائڻ ۾ پورو هو. جتي به ويو ٿي،
اُتان روئي پئي آيو. اڳلو روئي نه روئي، جذباتي
ٿئي نه ٿئي، گل بهار. سنگهه روئڻ ۽ سڏڪا ڀرڻ ۾
تيز. هڪ ڀيري دودي چرچو ڪندي کيس چيو هو: ”سَتونِت
ڪور کي ياد ڪونه ڪندو آهين.“
”ڪهڙي ستونت ڪور؟“
”ڪا هجي کڻي.“ دودي چيو. گل بهار ٽهڪ ڏيندي چيو هو: ”ڪا ته
هوندي. ستونت نه هوندي ته سُر جيت ڪور هوندي.“
لنڊن مان موڪلائڻ وقت به هُن جو برو حال هو. سريتا ۽ انوپ کي هڪ
ئي وقت ڀاڪر ۾ ڀري چوڻ لڳو: ”سُٺا ڇوڪرا ٿي رهجو.
بابي جي آشيرواد اوهان سان آهي.“ ڪنهن جي ڪجهه چوڻ
کان اڳ ۾ چيائين: ”ڪوبه ايئرپورٽ تي نه هلندو.“
”هڪڙو ماڻهو.“ دودي چيو.
”نه“
”ها!“
”اڙي منهنجا پيءُ ڇو ٿو هيٿرُو ايئرپورٽ جو دشمن ٿين. آءٌ
ٻڌايانءِ ٿو ته آءٌ ايئرپورٽ تي ڪن ڪندو سانءِ.“
”آءٌ اِهوئي ڏسڻ لاءِ هلان ٿو.“ دودي چيو. ”هڪ دوست مون کان اڳ
به بنا موڪلائڻ جي هليو ويو آهي، اوڏانهن جتان هوُ
واپس نٿو اچي سگهي. اُن جو خيال مون کي ائين پيو
ستائي جو آءٌ دنيا جو هي وڇوڙو وري وري ڄڻ سَهڻ
گهران ٿو ۽ ڀوڳڻ گهران ٿو، هُن دلبر جي جدائي.“
اِهو ٻڌي گل بهار لاجواب ٿي ويو. هٿ ٻڌي رهيو. ٻنهي جي اکين ۾
ستارا چمڪي رهيا هئا.
جنهن ڏينهن گل بهار سنگهه روانو ٿي رهيو هو، تنهن ڏينهن هيٿرو
ايئروپورٽ تي هي املهه ماڻڪ ۽ وڇوڙي جا لڙڪ وري
ظاهر ٿيا. چمڪيا ۽ جذب ٿي ويا. هوڏانهن ايئر انڊيا
جو جهاز اُڏاڻو ۽ هيڏانهن ٽيوب ٽرين سنيٽرل لنڊن
ڏانهن سفر شروع ڪيو.
* * *
انوپ ۽ سريتا جي پڌري ته ٿي ويئي هئي، پر شاديءَ جو پروگرام وطن
واپس پهچڻ تي رٿيل هو. اڄ ٻنهي کي ايم. اي. جون
ڊگريون به ملي چڪيون هيون. انوپ چاهيو ٿي ته هتان
گهٽ ۾ گهٽ گڏ روانا ٿيون. ٻنهي کي پنهنجي ملڪ جي
ائير لائن ۾ وڃڻو هو. گهڻي ڪوشش کان پوءِ ٻنهي کي
ايئر انڊيا ۽ ايئر سريلنڪا ۾ هڪ ئي ڏينهن وارين
اُڏامن ۾ جايون ملي ويون.
آچر جو ڏينهن هو ۽ ٻنهي اُڏامن ۾ اڍائي ڪلاڪن جو فرق هو. پهرين
سريتا جي فلائيٽ هئي. دودو ۽ مارٿا به گڏجي آيا.
خبر سان سريتا موڪلائي اڪيلي روانگي لائونج ۾ هلي
ويئي. انوپ ڪجهه هيٺ مٿي ٿي ويو. دودي سندس پٺي
ٺپري ۽ چيائين: ”هلو مٿي ريسٽورنٽ ۾ هلي ويهون.
جيستائين تنهنجو جهاز تيار ٿئي.“ ٽنهي چانهه پئي
پيتي، ته فرلانگ کن پري ايئر سري لنڪا جو جهاز اچي
بيٺو. مسافر لائونج کان سِڌا ڪوريڊار (خاص سرنگ/
ورانڊو) ذريعي وڃڻا هئا. اُن ڪير هو ڪوريڊار ئي
ڏسي سگهيا ٿي.
دودي پڇيو ”ڄڃ بمبئيءَ کان ڪڏهن رواني ٿيندي ؟“
”ڏسون حالات تي ڇڏيل آهي.“
”ڪارڊ اچڻ کپي، اطلاع خاطر ئي سهي.“ دودي چيو ۽ پنهنجي ائڊريس
هڪ چِٺڪيءَ تي لکي ڏنائين. هُن اڃا چٺڪي ورتي ته
ايئر انڊيا جي مسافرن کي روانگي لائونج ۾ وڃڻ لاءِ
چيو ويو. آخر انوپ به موڪلايو ۽ دودي جدا ٿيندي
کيس چيو: ”معجزو ٿي ويو.“ انوپ فقط مرڪيو ۽ اندر
هليو ويو. هوائي اڏي کان ٻاهر اچي ٽيوب ۾ ويهندي
مارٿا چيو: ”هوائي اڏو ظالم آهي.“
”ڇو“ دودي سمجهندي به اڻڄاڻ بنجندي پڇيو.
”ماڻهن کي جدا ڪري ٿو، ٻيو وري ڇو.“ مارٿا چيو: ٽيوب پنهنجي
رفتار سان هلي رهي هئي. مارٿا چپ ٿي ويئي جڏهن
سُرنگ کان ٻاهر ٽيوب ٽرين ٿي لنگهي ته هن عمارتن
جي قطارن ڏي نهارڻ ٿي شروع ڪيو ۽ جڏهن سرنگ ۾ هلي
ٿي ويئي ته هُن چپ چاپ نظرون هيٺ ٿي ڪري ڇڏيون ۽
پنهنجو هٿ دودي جي ٻن هٿن جي گرم آغوش ۾ ڏيئي
ڇڏيائين.
”ڪيترن ڏينهن کان ڪرائيٽيرين ٿيئٽر واري ڊراما لاءِ سنڀري رهيا
آهيون.“ دودي چيو.
”ها!
“Run for your Wife” مارٿا چيو. ”ڇو نه اڄ ڏسجي . ڪجهه دل به وندري ويندي؟“
”ٺيڪ آهي.“ دودي چيو.
اِهو سوچي پڪاڊلي ۾ لهي پيا ۽ ڊراما ڏسي شام جو ماڳ موٽيا. هاڻي
سندن ساٿ وارن مان لنڊن ۾ فقط چنگ لِنگ کُو وڃي
بچي هئي. اُها وانگ جي بي وفائيءَ سبب پهريون ته
چڱي صدمي جي اثر هيٺ هئي، پر دودي ۽ ٻين دوستن جي
دلداريءَ جي ڪري اِهو اثر گهٽجي ويو هوس ۽ ڪم جي
گهڻائيءَ ۾ ڏک دٻجي ويو هو.
هڪ ڏينهن دودي کي چيائين ته جڏهن وزيراعظم چو. اين لائي گذاري
ويو هو ته چيئرمن مائو عوام کي چيو هو ته ڏک کي
قُوت ۾ بدلائڻ کپي.
پوءِ چِنگ خود پنهنجي ڏک کي قوت ۾ بدلايو ۽ هوءَ ڪم ۾ جنبي ويئي
۽ ايم اي جي ڊگري هٿ ۾ وٺي، چنگ به هڪ ڏينهن پي
چنگ رواني ٿي ويئي.
* * *
دودي ۽ مارٿا جي لنڊن مان روانگي چند ڏينهن ۾ ٿيڻي هئي. هڪ
ڏينهن مارٿا کي چيائين: ”مون کي شعرن جو ايترو شوق
آهي، جو آءٌ اڪثر شعرن جي دنيا جو باسي ٿي ويو
آهيان. اڄ هڪ شعر ٻڌو اٿم، ڪنهن هندوستاني سنڌي
شاعر جو آهي. تون ڄاڻين ٿي ته اسان جا سنڌي هڪڙا
هندوستاني ڇو آهن.“
ها توکي شعر ٿي ٻڌايم:
منهنجي دل آه سراءِ سُورن جي،
بي اجهن لاءِ مـان اجهو آهيان.
دودي جي پنهنجي دل به سورن جي سراءِ هئي. هن جو ماضي، هن جو
لنڊن وارو دؤر، قربتون ۽ فاصلا. هڪڙا تعلق اُهي،
جي پنهنجي وطن ۾ هئا. هڪڙيون جدايون اُهي هيون، جن
جي زخمن تي لنڊن جي دوستن گل بهار، انوپ سريتا ۽
چِنگ پها رکيا هئا. مارٿا ته اُن زخم کي ڇُٽائڻ
لاءِ اڻ ڄاڻائيءَ ۾ جيڪو ڪيو، سو دودي جي زندگيءَ
۾ تمام اهم هو. هن گهريو ٿي ته مارٿا کي پنهنجي
ماضيءَ کان واقف ڪري شعر ٻڌائڻ به اُن سلسلي جي
ڪڙي هئي.
”ڇا شعر حقيقت بيان ڪري سگهن ٿا؟“
”ها.“ مارٿا چيو ”آءٌ تنهنجي ٻڌايل شعرن مان هڪ طويل ۽ پُر درد
ڪهاڻي به مرتب ڪري چڪي آهيان.“ اهو ٻڌي دودو حيران
ٿي ويو ته ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي. هُن پنهنجي
ماضيءَ جي داستان جو درد ڀريو حصو ياد ڪرڻ به نه
ٿي گهُريو. پر پرچو ڪري کڻي پڇيائين: ”ٿورو اُن
ڪهاڻيءَ مان ٻڌي سگهون ٿا؟“
”ها! ڇو نه! هڪ خوبصورت ڇوڪري هئي؟ هوءَ سنڌ جي هڪ شهر ۾ رهندي
هئي. پنهنجي ضد ۽ وفا جي ڪري مثالي هئي.“ مارٿا
چيو.
”توکي ڪيئن خبر پئي ته ڪا ڇوڪري هئي؟ هاڻي موجود ڪونهي ۽ شهر جي
رهاڪو هئي. ٽيون ته مثالي به هئي.“ دودي چيو.
”زنده هجي ها ته تو جهڙو ماڻهو هن جي خيال کان اِن حد تائين به
پاڻ کي آزاد ڪري نه سگهي ها. باقي ٻه ڳالهيون مون
تنهنجن ڳالهين مان معلوم ڪيون آهن. انسان جڏهن
مختلف شهرن جا نالا وٺي ٿو ته ڪنهن شهر جو نالو
ڪجهه اهڙي انداز سان وٺي ٿو جو لهجي جي نرمي ۽
چهري جا ڀاوَ اهو راز کولي وجهن ٿا. باقي رهيو
مثالي ۽ ضدي هجڻ وارو معاملو ته هڪ جهڙا پکي ئي گڏ
اُڏامندا آهن.“
”ڪبوتر سان ڪبوتر-“
”ها.“ مارٿا چيو.
”ان جو مطلب اِهو ٿيو ته هاڻي اسان ٻنهي کي به هڪ ئي اُڏام ۾
هلڻو آهي. ڊگريون سڀاڻي ملنديون. هڪ فيصلي تي پهچڻ
کپي.“ دودي چيو.
”بس! پهچي وڃ.“ مارٿا چيو. ”مون کي احساس آهي ته تون ستايل
ڌرتيءَ جو هڪ دلبر دودو آهين. مون فيصلو ڪيو آهي
ته اڄ تون جيئن چوندين تيئن ٿيندو.“
”ته پوءِ ڪڍان پاسپورٽ.“
”ڪڍ پاسپورٽ.“ مارٿا هٿ وڌائيندي چيو. دودي اُٿي بئگ مان
پاسپورٽ ڪڍي هُن جي هٿ تي رکيو ۽ ٻئي اُٿي هالنڊ
جي سفارت خاني روانا ٿيا.
ويزا- ٽڪيٽَ، ڪي ايل ايم-
ائمسٽرڊم- هارلم!
* * *
l
ادبي خط
ضميري پڇاڙيون...
مهراڻ 1-2/ 1994ع ۽ اوهان جو خط ڪلهه مون کي مليا آهن.
مهربانيون.
محبت ٻرڙي جو مضمون پڙهي مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي جو اسان جي
نوجوانن ۾ تجسس آهي، تمنا آهي، ڳولها آهي، سوچ ۽
فڪر آهي. وڏي ڳالهه ته ايتري همت آهي جو ههڙي خشڪ
موضوع تي ويهي سوچيو اٿس ويچاريو اٿس، ۽ سٺ صفحن
جو هڪڙو عالماڻو موضوع لکيو اٿس. ان کان به وڏي
ڳالهه ته جيئن سندس سوچ ۽ تحقيق کيس هڪڙي نئين
ڳالهه سمجهائي آهي ته سندس انقلابي روح ۾ اهڙي تڙپ
آهي جو تيار ٿي ويو آهي ته ماڻهن کي ٻڌائي ته
هيترو وقت جيڪو اوهان کي عالمن پئي پڙهايو ۽ اوهان
جيڪي پئي ڳالهايو سو غلط پئي ڳالهايو. هاڻي اسين
ٿا اوهان کي سنڌي ٻولي نئين سنئين سيکاريون ته
قاعدي موجب ڇا چئبو ۽ غلط کي درست ڪرڻ جي واٽ به
ڏيکاري ڇڏي اٿس. آءٌ جيڪي هتي عرض ڪندس تنهن مان
منهنجو مقصد هرگز اهو ناهي ته محبت صاحب جي همت کي
ٽوڙجي. آءٌ وري به چوندس ته اهڙي همت ۽ اهڙي
صلاحيت وارا نوجوان ته اسان کي گهرجن. مضمون ۾
تمام سٺيون سٺيون ۽ ڇرڪائيندڙ ڳالهيون ڪيون اٿس،
انهن جي جيتري همت افزائي ڪجي اوتري گهٽ آهي. پر
اهو به ضروري آهي ته دڳ ڏٺل نه هجي ته ماڻهو پڇا
ڪري. پڇڻا نه منجهڻا. جنهن ڳالهه تان محبت صاحب
مضمون جي شروع ۾ ڇرڪيو آهي ۽ پنهنجي جملي ”اسين
توهان وٽ ٺيڪ شام جو ڇهين وڳي پهچنداسون“ کي غلط
سمجهي پوءِ سڄي تحقيق ڪئي اٿس ۽ مضمون جي آخر ۾
پنهنجي شڪ کي پڪ جي صورت ۾ بدلائي اصرار ڪيو اٿس
ته اهو جملو اڄ ته ٺهيو سدائين کان غلط هو ۽ آهي ۽
ان جون صحيح صورتون ٽي ٿينديون: |