مهر خادم
سنڌي ٻالڪ ساهت جي مختصر تاريخ
جڏهن ڪنهن به انسان جي زندگيءَ ۾ ادب جاءِ والاري ٿو، تڏهن ان
وجود جي مکڙي ٽڙي خوشبودار گل ٿي پوي ٿي. ادب ئي
انسان ۾ اٿڻ، ويهڻ، ڳالهائڻ ۽ ڳوڙهي سمجھ جي شڪتي
پيدا ڪري ٿو، بلڪل ائين جيئن ڪنهن ننڍڙي ٻار کي
ماءُ هٿن کان وٺي گھمائڻ جي ارادي سان پير
کڻائيندي آهي. ساڳي ئي ريت انسان کي ادب زندگيءَ
جي حقيقت کان واقفيت ڏيئي انهن ڏانهن ڍنگ سان وک
وڌائڻ جو طريقو سيکاري ٿو.
سنڌي ادب ۾ سڀ کان پهرين نظم جي شروعات چوڏهين صدي عيسويءَ ۾
ٿي، پر نثر ۾ ان جي ابتدا ارڙهين صديءَ جي وچڌاري
ٿي. موجوده ادبي تاريخ موجب سنڌيءَ ۾ ڇپيل پهرين
نثري آکاڻي، منشي اڌارام ٿانورداس جي ”آکاڻي راءِ
ڏياچ ۽ سورٺ جي“ آهي، جيڪا 1849ع ۾ شايع ٿيل ڪئپٽن
اسٽئڪ جي سنڌي گرامر ۾ ضميمي طور ڏنل آهي. اها
ڪهاڻي ديوناگري لپيءَ ۾ آهي، ڇو ته موجوده لپيءَ
جي شروعات 1853ع کان ٿي. انهيءَ ضميمي ۾ گمنام
ليکڪن جون ٻيون به ڪهاڻيون هيون، جن مان هڪ
”شهزادي املهه ماڻڪ ۽ شهزادي حسين پريءَ جي آکاڻي“
هئي. جيڪا بعد ۾ 1934ع ڌاري ڏيارام عربي سنڌيءَ
لپيءَ ۾ شنڌو مخزن ۾ ڇپائي هئي. ان کان پوءِ غلام
حسين قريشيءَ جي ”ڀنڀي زميندار جي ڳالهه“ (1854ع)
۽ ميران محمد شاهه اول جي ”سڌاتوري ۽ ڪڌاتوري جي
ڳالهه“ (1854ع) سنڌيءَ جون اوائلي آکاڻيون آهن.
اهي ٻيئي بنسي ڌر چرنجي لال هندي تان ورتل هيون.
پروفيسر منگھارام ملڪاڻيءَ پنهنجي ”سنڌيءَ نثر جي تاريخ“ ۾
ميران محمد شاهه اول جي 1861ع ۾ شايع ٿيل ڪتاب
”مفيد الصبيان“ کي سنڌيءَ ۾ ٻارن جي ڪهاڻين جو
پهريون مجموعو ڄاڻايو آهي. هنديءَ تان ورتل انهيءَ
ڪتاب ۾ ٻارن لاءِ نصيحت ڀريون ۽ وندرائيندڙ
ڪهاڻيون ڏنل هيون.
1854ع ۾ منشي ننديرام ميراڻيءَ، ايجوڪيشنل انسپيڪٽر سنڌ، مسٽر
ايلس جي شرڪت سان مشهور ”ايسپ جون آکاڻيون“
انگريزيءَ تان ترجمو ڪيون. 1860ع ۾ منشي اڌارام
سنسڪرت تان ورتل ”طوطي مينا“ جو ترجمو فارسي
ٻوليءَ تان ڪيو. هن ڪتاب ۾ ”الف ليليٰ“ وانگر
نهايت دلچسپ ۽ نصيحت واريون آکاڻيون ڏنل هيون.
1864ع ڌاري ديوان ڪيولرام سلامتراءِ دلچسپيءَ ۽
دانائيءَ سان ڀريل ڪهاڻين جو ڪتاب ”سوکڙي“ نالي
سان لکيو، جيڪو تعليم کاتي جي رڪاوٽن سبب سندس
ڪتاب ”گل شڪر“ وانگر ڪافي عرصي کان پوءِ 1908ع
ڌاري ڇپيو.
دوان ڪوڙيمل چندن مل 1891ع ۾ ٻارن لاءِ اصلوڪين ڪهاڻين جو سڀ
کان پهريون مجموعو ”ٻاراڻيون آکاڻيون“ جي نالي سان
شايع ڪرايو. انهيءَ دور ۾ لوڪومل پنواڻيءَ ٻارن
لاءِ ڪتاب ”واندڪائيءَ جي وندر“ لکيو، جنهن ۾
روحاني ۽ ڪرامتي ڪهاڻيون هيون. 1985ع ۾ روچيرام
گجومل جون لکيل اخلاقي ڪهاڻيون ”عجيب نڪتا“ جي
نالي سان شايع ٿيون.
مئي1914ع ۾ شڪارپور کان هوپفل اڪيڊمي (هاڻوڪي هاءِ اسڪول- 2)
مان ماهوار هوپفل اڪيڊمي ميگزين شايع ٿيندي هئي.
هوپفل اڪيڊمي ميگزين کان پوءِ ”ٻالڪ ميگزين“
ماهوار رسالو ان وقت جي هيڊ ماستر ٺڪر هولارام
سهجرام جي ادارت ۾ 1932ع تائين شايع ٿيندو رهيو.
پنج سال بند رهڻ کان پوءِ مئي 1937ع کان ٻيهر
ساڳئي هيڊ ماستر جي ادارت هيٺ پڌرو ڪيو ويو. مئي
1937ع کان نومبر 1937ع تائين ايڊيٽريءَ جا فرائض
سنڀالڻ کان پوءِ ٺڪر هولارام سهجرام پنهنجي ڌيءَ
مس دياونتي هولارام ٺڪر جي حوالي ڪيا. 1937ع ۾
بهاري لال هريرام ڇاٻڙيا جي ادارت ۾ ”سدرشن“ نالي
ٻاراڻو رسالو شايع ٿيو. جنوري، فيبروري 1938ع ۾ هن
رسالي جو ساليانو پرچو شايع ڪيو ويو، جيڪو 34 صفحن
تي مشتمل هو. هن پرچي ۾ شيخ اياز جو نظم ”مرد خدا“
شايع ٿيو هو، جيڪو هنريت هو:
نه غم دنيا جو آ ان کي، نه دنيا کان ڪنارو آهه،
نه ڏيڻو آهه نه وٺڻو آهه، نه حيلو آهه، نه چارو
آهه.
نه پنهنجي سان محبت آهه، نه نفرت غير سان ان کي
سڀن ۾ ذات حق ڏسڻو اهو ان جو نظارو آهه.
15 اپريل 1938ع کان مسٽر نارائڻداس ايل بولاڻي (نماڻو) جي ادارت
۾ ماهوار ”موج“ نڪرڻ لڳو.
پرمانند ميوارام 1912ع ۾ ”دل بهار“ جي نالي سان ٻارن لاءِ ٽوٽڪن
جو ڪتاب لکيو. 1915ع ڌاري نانڪرام ڌرمداس ٻارن
لاءِ اخلاقي ڪهاڻيون ”ڌرم راءِ جي وهي“ ۽ ”جيوت جو
جس“ لکيون. ڏيئومل محبوب راءِ 1921ع ۾ ”اخلاقي
تعليم“ نالي هڪ ڪتابڙو شايع ڪرايو، جنهن ۾ اخلاقي
ڪهاڻيون ڏنل هيون.
”سندر ساهتيه منڊل“ وارن به ٻارڙن لاءِ دلچسپ ڪتاب شايع ڪرايا،
جن مان ويرومل جو ”موجي آکاڻيون“ 1928ع ۾ نانڪرام
ڌرمداس جو ”کل خوشي“ 1932ع ۾، ميلارام منگتراءِ جو
”چرچن جي چهر“ 1933ع ۾، خاص طرح ذڪر لائق ڪتاب
آهن. ساڳئي موضوع تي 1922ع ۾ مرزا قليچ بيگ پڻ
ٻارن لاءِ هڪ ڪتاب ”ٻارن جي وندر يا پروليون“
لکيو.
سندر ساهتيه منڊل پاران ٻارن لاءِ شايع ٿيندڙ ڪتابن جي ليکڪن ۾
نمايان نالو ميلارام منگتراءِ جو آهي، جنهن سهڻي ۽
ساديءَ ٻوليءَ ۾ ٻارن لاءِ نهايت ڪارائتا ڪتاب
لکيا، جن کي سندر ساهتيه منڊل پاران تصويرن سان
سينگاري شايع ڪيو ويو. سندس ڪتابن مان انصاف جون
آکاڻيون، اخلاقي دنيا، پارس، گل گاڏي، ڦلواڙي،
اڏند کٽولي ۽ پرستان ٻارن لاءِ ان دور جا اهم ڪتاب
هئا. سندر ساهتيه منڊل جو اهو اشاعتي سلسلو 1925ع
کان 1947ع تائين هلندو آيو. آخر ۾ هن اداري پاران
ٻارن جي ادب جي واڌاري لاءِ ”گل ڦل“ رسالو پڻ جاري
ڪيو ويو. 1946ع ۾ نارائڻداس ڀمڀاڻيءَ جو ”ٻارن
لاءِ آکاڻيون“ جي نالي سان هڪ باتصوير ڪتاب شايع
ٿيو، جنهن ۾ ٻارڙن لاءِ دلچسپ ڪهاڻيون ڏنل هيون.
ساڳئي سال ايم. آر. مائيداساڻيءَ ”ٻچي رمضان“ جي
نالي سان ٻارن لاءِ ڪهاڻين جو ڪتاب انگريزيءَ تان
ترجمو ڪري ڇپايو هو.
ڀڳوان سکراڻي جو ”لال ٻلي“ ۽ ٻارن جي ٻين آکاڻين جو ڪتاب ”منوهر
ساهتيه مندر“ پڌرو ڪيو. 1925ع کان 1940ع تائين
هندستان جي ٻولين مان ترجمي ڪرڻ جو رجحان وڌيو. ان
ڏس ۾ اردو، هندي، بنگالي، گجراتي ۽ مرهٽي وغيره
مان سوين ڪهاڻيون سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيون، جن مان ڪجھ
حصو ٻارن جي ڪهاڻين جو هو. 1922ع ۾ ڄيٺمل پرسرام
”نئين سنڌي لئبرري ۽ سستو عمدو ساهت مالا“ شروع
ڪيو، جنهن پاران سؤ کان مٿي ڪتاب شايع ٿيا. مرزا
قليچ بيگ جا ترجمو ڪيل لباخان درزي ۽ خليفو ڪهنگ،
نيلو پکي، ٻه جاڙا ڀائر، طلسمي گڏي، ٽي ديو يا
راڪاس، ستن شهزادن جي ڪهاڻي انهيءَ اداري پاران
شايع ٿيا. 1944ع ۾ شيوڪ ڀوڄراج دادا جي ادارت ۾
ٻارن لاءِ ”گلستان“ نالي رسالو جاري ٿيو. جنهن ۾
ٻارن لاءِ دلچسپ ۽ ڪارائتيون ڪهاڻيون شايع ٿيون.
گلشن ادب ٽنڊو محمد خان، اداره گلستان حيدرآباد، ٻارن جي ٻاري
بدين، ٻارن جي ادب جي اشاعت جي سلسلي ۾ نمايان ڪم
ڪيو. انهن ادارن کان سواءِ آر. ايڇ. احمد اينڊ
برادرس حيدرآباد، امين ڪتاب گھر حيدرآباد، آر.
ايم. اينڊ برادرس حيدرآباد وارن به ٻارن لاءِ
ڪهاڻين جا ڪجھ ڪتاب شايع ڪرايا.
طلسماتي موضوع تي حاجي حقير ابن مڱڻ جا ”جادوءَ جي گڏي“ ۽
”جادوءَ جي منڊي“، شوق سنڌيءَ جو ”ڪرامتي تخت“،
بلاول پرديسيءَ جو ”جادوءَ جو گلاب“، حسام سومري
جو ”جادوءَ جي پينگھ“، فدا سرهئي جو ”غيبي خزانو“،
قاضي صابر مصطفيٰ جو ”گل گلاب پري“ گل محمد آزاد
صوفيءَ جو ”الادين ۽ ان جو ڪرامتي ڏيئو“، محمد بخش
جوهر جو ”جادو جو پنکو“، نذير حسين ڀٽيءَ جا
”جادوءَ جا صوف“ ۽ ”خوفناڪ جزيرو“ ذڪر لائق ڪتابڙا
آهن.
کل ڀوڳ ۽ عام دلچسپيءَ جي ڪهاڻين ۾ بهاري ايڇ. ڇاٻڙيا جو ڪتاب
”سرلا ۽ ست ڄامڙا“، پير محمد عالم صديقيءَ جو ”ٺڳن
جو استاد“، حاجي حقير ابن مڱڻ جو ”ڀولڙي راڻي“،
محمد الياس همغم جوکئي جو ”گلوءَ جي شادي“، محمد
بخش جوهر جو ”بيوقوفن جو بادشاهه“ نمايان ڪتاب
آهن.
سائنسي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ نذير حسين ڀٽيءَ ٻارن لاءِ سائنسي ڪهاڻين
جا ڪتاب لکيا، جن ۾ ”چنڊ ۽ راڪيٽ“، ”خطرناڪ بم“ ۽
”دنيا جو پهريون راڪيٽ“ شامل آهن.
تاريخي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ غازي ابن اڱڻ ٻارن لاءِ دودو چنيسر جي نالي
سان ڪتابڙو لکيو. تازو سنڌ ثقافت کاتي سنڌ جي
سپوتن جي حوالي سان 15 ڪتاب شايع ڪرايا آهن، جن ۾
شاهه عبداللطيف ڀٽائي، شاهه عنايت، مخدوم بلاول،
سچل سرمست، قائد اعظم، ذوالفقار علي ڀٽو، ڪامريڊ
حيدر بخش جتوئي، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو،
علامه آءِ. آءِ. قاضي، مرزا قليچ بيگ، جنرل هوش
محمد شيدي، دولهه دريا خان، مولانا عبيدالله سنڌي،
دين محمد وفائي، ۽ پير حسام الدين راشدي شامل آهن.
احسان احمد بدويءَ جو ”وڻندڙ آکاڻيون“، محمد سومار شيخ جا ”کپرو
چور“ ۽ ”ماءُ جي قرباني“، اياز پاٽولي جو ڪتاب
”اميد جا ڪرڻا“، ”بخت جي ڪنهن سان ريس“، ”ڇٽيهه
لکڻو“ ۽ ”رات جي راڻي“، ٻارن جي ڪهاڻين جا سٺا
ڪتاب آهن.
قبول ڀٽيءَ ٻارن لاءِ ڪهاڻين جا چڱا ڪتاب ڇپرايا. سلسليوار
ڪهاڻي ”حليم حرڪتي“ لکي، جيڪا ٻارن ۾ ڪافي مقبول
ٿي.
ڪهاڻي پبليڪيشن حيدرآباد وارن، شمس الدين سومري، بشير ڀٽيءَ،
صبغت الله ميمڻ ۽ نذير ڀٽيءَ جا ٻارن جي آکاڻين جا
16 ڪتاب مورتن سان سينگاري شايع ڪيا. بخاري
پبليڪيشن کاهي ۽ گلزار ادب حيدرآباد وارن به وس
آهر ٻارن جي ڪهاڻين جا چڱا ڪتاب شايع ڪرايا.
پرواني سيوهاڻيءَ نه صرف ٻارن لاءِ ڪهاڻيون ۽
ڊراما لکيا، پر علمي طور ڪوششون وٺي ٻارن جي ادب
جي اشاعت ۾ پنهنجون ڀرپور صلاحيتون استعمال ڪيون
آهن. هن جي ڪهاڻين جا ڪتاب ”انڌي فقيرياڻي“، ”سهڻي
صلاح“ ۽ ”تماشو“ ذڪر لائق آهن. آگم پبلشنگ ايجنسي
حيدرآباد ٻارن جي ادب جي ترقيءَ لاءِ ”ٻالڪ ڪتاب
لڙي“ جي نالي سان هڪ سلسلو جاري ڪيو. هن اداري
ٻارن لاءِ نثر ۽ نظم جا سستا ۽ سٺا ڪتاب ڇپرايا.
ڪهاڻين جي ڪتابن ۾ اڪبر جسڪاڻيءَ جا ”رمون پيٽي“ ۽
”بتين واري ناني“، ادل سومري جو ”جيتن جي
ڪانفرنس“، ”آچر جا احوال“ ۽ ”نئين دور جا نوان
سبق“ ، رضيه صديقيءَ جو ”پديءَ جو ٻڪر“، شمس الدين
سومري جو ”ماسي کتو“، الاهي بخش ٻانڀڻ جو ”ڪانون
جي ڪاهه“، ۽ ج. ع. منگھاڻيءَ جو ”پتنگ پويان ڊوڙ“،
تصويري ڪهاڻين جي سلسلي ۾ قربان جعفري جو ڪتاب ”ٽي
سپاهي“ ٻارن لاءِ موهيندڙ ڪتاب آهن. ان کان سواءِ
”نيشنل بوڪ فائونڊيشن“ وارن به ”چڻنگون“ ۽ ڪجھ ٻيا
ڪتاب ان سلسلي ۾ تصويرن سان سينگاري شايع ڪيا.
سنڌالاجيءَ پاران شايع ٿيل ”پرڏيهي ڪهاڻيون“ ۽
سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپيل گوهر ممتاز قاضي جو
ڪتاب ”ڀولڙي جي ڀُل ۽ ٻيون آکاڻيون“ ٻارن جي ادب
جا معياري ڪتاب آهن. علي مرتضيٰ ڌاريجي ٻارن کي
سائنسي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ ”سيل جي آتم ڪهاڻي“، ”مغز جي
آتم ڪهاڻي“ ۽ ”هٿ جي آتم ڪهاڻي“ لکيا آهن.
جن نون ليکڪن جا ٻارن جي ڪهاڻين جا ڪتاب شايع ٿيا، تن ۾ نظير
شوري جو ”پاڇي پٺيان ڊوڙ“، منظور بيدار جو ”هي
ساٿي سيئي“، عبدالرحمان جتوئي جا ”علقمند صوبيدار“
۽ ”سياڻو ڪانءُ“ ۽ اشرف زمان جو ”پکين جي دنيا ۾
انقلاب“ ذڪر لائق ڪتاب آهن.
غلام محمد لاکي، محمود مغل ۽ سليم سهتي پرڏيهي ڪهاڻيون ترجمو
ڪري ڇپرايون.
ڪجھ ليکڪن ٻارڙن لاءِ ڪافي ڪجھ لکيو آهي پر انهن جا مجموعا شايع
نه ٿيا آهن، تن مان ملڪ نديم، نثار بزمي، فيروزه
سما، امام راشدي، زاهده گوپانگ، ثريا سوز ڏيپلائي
۽ ابن لائق سومرو شامل آهن.
سنڌي ادبي بورڊ ٻارن لاءِ لوڪ ڪهاڻين جو جلد پنجون، مراد علي
مرزا جو ترجمو ڪيل ڪتاب ”ٻارن جون آکاڻيون“ شايع
ڪرائڻ سان گڏ مرزا قليچ بيگ جا ترجمو ڪيل 12 کن
ٻارن لاءِ ڪهاڻين جا ڪتابڙا شايع ڪرايا.
سينئر ليکڪن مان دادا سنڌي ٻارن لاءِ ”سنڌ جون تاريخي ڪهاڻيون“
نالي ڪتاب لکيو. مراد علي مرزا ٻارن لاءِ پرڏيهي
ڪهاڻيون ترجمو ڪيون. الطاف شيخ جو ”ڏاهي جھرڪي ۽
ٻيونَ آکاڻيون“ جي نالي سان ٻارن لاءِ ترجمو ڪيل
ڪهاڻين جو ڪتاب شايع ٿيو. حميد سنڌيءَ جو ترجمو
ٿيل ٻارن لاءِ ڪتاب ”سوني زنجير“ پڻ ڇپيو. شمس
الدين عرساڻيءَ جو تاريخي ڪهاڻيءَ جو ڪتاب ”لاکو
ڦُلاڻي“ شايع ٿيو. ”چنڊ تي جاسوسي“ ۽ بهادر احسان“
وغيره به لکيون جيڪي ٻارن جي ماهوار رسالي گل ڦل ۾
شايع ٿيون. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ”ڇيلڙي وارو
شهزادو“ ۽ ٻارن لاءِ ٻيون ڪهاڻيون تحرير ڪيون. ظفر
عباسي ٻارن لاءِ ڪهاڻين جي ڪتاب ”تارا تارن هيٺ“
لکڻ کان سواءِ ٻين ڪهاڻين سان گڏ طنزيه ۽ اصلاحي
ڪهاڻيون لکيون آهن. يوسف سنڌيءَ پڻ ٻاراڻي ادب
لاءِ ڪم ڪيو آهي.
ممتاز عباسي، دريا خان دلگير، آصف مٺياڻوي، ناز سنائي، حفيظ
ڪنڀر، عابد مظهر، قاضي آصف، اڪرام ساگر، نور گھلو،
رخسانه ناز سومرو، مهر خادم، فرزانه شاهين، شمس
النساءِ عباسي، محمد امين بلوچ، پريل دايو، الطاف
سومرو، عزيز ڪنگراڻي، ممتاز بخاري، غلام محمد غازي
مهر، سڪندر سرواڻ، خليل عارف سومرو ۽ سراج چنا پڻ
ٻارن لاءِ سٺو لکيو آهي.
آزاديءَ کان اڳ ٻاراڻو ادب ڪافي شايع ٿيندو هو، جنهن ۾ سينئر ۽
نوجوان ليکڪ باقاعدگيءَ سان لکندا هئا، خاص طور تي
ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ۽ شڪارپور مان ٻارڙن لاءِ
رسالا ۽ ڪتابي سلسلا وغيره شايع ٿيندا هئا.
آزاديءَ کان پوءِ ٻارن جا اڄ تائين جيڪي به رسالا يا ڪتابي
سلسلا شايع ٿيا آهن، انهن ۾ گلستان، گل ڦل، گلن
جھڙا ٻارڙا، پرڀات، چڻنگ، گلشن، ڏياٽي، روشن تارا،
جوت، ٻالڪ، پوپٽ، گلڙا، لالي، چنڊ تارا، مُرڪ،
ٻالڪ رنگ ۽ سارنگ ذڪر لائق آهن. گلزار ادب ٽنڊو
محمد خان وارن ”ٻارن جو ڊائجيسٽ“ به شايع ڪيو پر
ان کي هلائي نه سگھيا.
ماهوار اديون ۽ ماهوار سوجھرو جون خدمتون به ساراهه لائق آهن.
اڄ ڪلهه ماهوار گل ڦل، مُرڪ، ٻالڪ رنگ، سارنگ ۽
روزانه اخبارون: هلال پاڪستان، عوامي آواز، جاڳو،
عبرت، مهراڻ، سنڌ نيوز، آفتاب، پڪار، ڪاوش ۽ برسات
جي ٻاراڻن صفحن کان سواءِ پندرهن روزه عبرت مئگزين
۽ ماهوار پارس ۾ به ٻارن جا صفحا شامل هوندا آهن.
ماهوار رسالي ”سگھڙين سٿ“ ۾ به ٻارڙن جو صفحو شامل هوندو هو،
جيڪو ڪجھ وقت هلڻ کان پوءِ بند ٿي ويو.
1947ع کان 1973ع تائين ٻاراڻي ادب جا فقط 135 ڪتاب شايع ٿيا.
1973ع کان 1983ع تائين شايع ٿيندڙ ٻارن جي ڪتابن
جو تعداد به ٽيهن کان مٿي ڪونه ٿيندو. نثر جي ڀيٽ
۾ نظم جا ڪتاب ٻارڙن لاءِ تمام گھٽ شايع ٿيا.
1947ع کان1973ع تائين 26 سالن جي عرصي ۾ ٻارن لاءِ
ڪوبه نظمن يا گيتن جو ڪتاب شايع نه ٿيو. نصابي
ڪتابن، ڪجھ ٻاراڻن رسالن ۽ ڪتابي سلسلن ۾ چند
شاعرن جا ٻارن لاءِ لکيل نظم، گيت، ۽ ٻول شايع
ٿيندا رهيا، پر اهي هڪ جاءِ تي ڪتابي صورت ۾
سهيڙجي نه سگھيا. اهڙن شاعرن ۾ مرزا قليچ بيگ،
ڪشنچند بيوس، سليم ڳاڙهوي، رشيد احمد لاشاري، نثار
بزمي، احمد خان آصف، بردو سنڌي، الطاف عباسي، نادم
بچل شاهي، استاد بخاري ۽ امداد حسيني شامل آهن.
بعد ۾ ٻارڙن لاءِ جيڪي ڪتاب لکيا ويا سي هي آهن: ڊاڪٽر تنوير
عباسي جو ترتيب ڏنل ”ٻاراڻا ٻول“، استاد بخاري جو
ترتيب ڏنل ”ٻاراڻا گيت“ ۽ سندس ”هي گيت گلابي ٻارن
جا“ سوسن مرزا جو ”سڀان جا ٻيجل“، ادل سومري جا
”روز ٽڙن رابيل“، ”چنڊ پشم گولو“، ”پتلين جو
تماشو“، ۽ ”پوپٽ جھڙا گيت“، نصير مرزا جو ”ڌرتيءَ
جا تارا“، اياز گل جو ”گل ۽ تارا“، ذوالفقار سيال
جو ”مکڙين مالها“، ”منهنجي ديس جا ٻار“، ”گلن جھڙا
گيت“ ۽ ”لفظن جا رانديڪا“، نياز پنهور جو ”سپون ۽
ڪوڏ“، منظور ظفر جو ”ٻالڪ گيت“، ”ڌرتيءَ جا گل“،
مختيار مڱڻهار جا ”دنيا آهي گول“ ۽ ”ڌرتي روشن
ٿيندي“، اختر درگاهي جو ”گل ۽ مکڙيون“، زاهد شيخ
جو ”جيجل تنهنجي جھول ۾“، اقبال شينو جو ”جھڙا گل
گلاب جا“، مقصود گل جو ”ڪرڻا ڪرڻا“، مختيار ملڪ جو
”ٽم ٽم ٽانڊاڻا“ ۽ ڊاڪٽر نواز علي شوق جو ”گيتن جي
گلزاري“ شامل آهن.
1979ع ”ٻارن جو سال“ ڪري ملهايو ويو، پر ان سال به ٻارن لاءِ ڪو
خاص ادب تخليق نه ڪيو ويو.
هينئر اسان جا ليکڪ ۽ ليکڪائون ٻارڙن لاءِ شاعري ۽ ڪهاڻيون
تخليق ڪن پيا. ٻارڙن جي ادب لاءِ هيل تائين ڪو
اطمينان جھڙو ڪم نه ٿيو آهي، پر تنهن هوندي به اڳي
کان وک وڌي آهي. نوجوان سٺو ۽ سگھارو مواد تخليق
ڪن پيا. اسان وٽ ان ڳالهه جي هميشه کوٽ رهي آهي ته
اسان ٻارڙن جي عمر کي ورهايو ناهي، يعني ڪهڙي عمر
جي ٻار لاءِ ڪهڙو مواد هئڻ گھرجي. ٻارڙن جي عمر جو
تعين ڪري ادب تخليق ڪرڻ اڄ جي تمام اهم ضرورت آهي.
اسين پنهنجن ڏاهن مان اميد ٿا ڪريون ته هو ان طرف
جلد قدم کڻي واٽ ڏيندا، ته جيئن ٻارڙن لاءِ معياري
۽ سگھارو مواد تخليق ٿي سگھي. سٺو ۽ سگھارو مواد
ڏيڻ سان ٻارڙن ۾ مطالعي جو شوق به وڌندو. ان عمل
سان ٻارڙن جي ذهنن ۾ پختيون سوچون جنم وٺنديون، ڇو
ته ٻارڙن کي ئي ايندڙ وقت ۾ سماج کي سنوارڻو آهي.
ٻاراڻو ادب نه صرف لکڻ جي ضرورت آهي پر ٻاراڻي ادب
کي وڌ کان وڌ شايع ڪرڻ جي به ضرورت آهي. ان جي ڪري
خاص طرح سان سرڪاري ادارا انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي،
سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ ثقافت کاتو، اڳتي وک وڌائي
ٻارڙن جي ادبي مواد کي معياري نموني سان شايع
ڪرائين. ان عمل سان نه صرف ليکڪن جي همت افزائي
ٿيندي پر ٻارڙن جي ذهني اوسر سان گڏوگڏ هڪ بهترين
ادبي ورثو به گڏ ٿيندو.
حوالا
”انگريزي راڄ ۾ شڪارپور ۾ ٻاراڻو ادب“ (گل ڦل
فيبروري 1987ع).
ڀٽائي تحقيقي جرنل.
”مهراڻ“ سنڌي ادب نمبر 1984ع.
سنڌي ادب جي مختصر تاريخ (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو) |