شفيق نالي ۾ ”ر“ جي هجڻ وارو فقير جو ٻڌي وائڙو ٿي ويو ۽ سوچڻ
لڳو ته ”فقير کي اهو پتو ڪيئن پيو ته منهنجي محبوب
جي نالي ۾ ر جو حرف آهي. ضرور انتر يامي اندر جو
احوال ڄاڻيندو. ڪشف جو صاحب ڪمال شخص آهي.“
فقير وري رڙ ڪئي ”چئه ته آهي، فقير سڀ ڄاڻي ٿو. قبول ڪر.“
فقير جو رعب ڀريو آواز شفيق مٿان ڇائنجي ويو. هن هوريان چيو ته
”آهي.“
فقير اهو ٻڌي اهڙو ٽهڪ ڏنو جهڙو جوئاري داءَ لڳڻ وقت ڏيندو آهي.
فقير وري چوڻ شروع ڪيو، ”فقيرن جون اکيون اهو ڪجهه
ڏسن ٿيون جيڪي عام اکيون نٿيون ڏسي سگهن. اهي
ڌرتيءَ جي آخري تهه تائين پهچي ڏسن ٿيون ته اُتي
ڇا آهي. اُهي پاتالن ۾ پيهي سمنڊ جي سيني ۾ سانڍيل
رازن کي ڄاڻي وٺن ٿيون. اُهي ست آسمان پار ڪري سج،
چنڊ ۽ تارن جي ڀيدن کي معلوم ڪري وٺن ٿيون آدمي ڇا
آهي؟ مٽيءَ جو پتلو ان جي اندر جي رازن کي ڄاڻڻ
انهن لاءِ اوکو ڪم نه آهي.“ ائين چئي فقير ائين
ماٺ ٿي ويو ڄڻ شفيق کي ڪا خاص خبر ٻڌائڻ وارو هو
”تون مطلب ماڻيندين.“
”سچ“ شفيق جون واڇون خوشيءَ ۾ ٽڙي ويون.
”فقير به ڪڏهن ڪوڙا ٿيا آهن.“
”ڪڏهن؟“
”جڏهن فقير توتي راضي ٿيندو“ فقير ٿوري ساهي رکي وري چيو، ”تون
فقير جو سوال پورو ڪندين، فقير من جي مراد پوري
ڪندو.
”سائين حڪم ڪريو، تنهنجي کيسي ۾ ڇا آهي. فقير رعبدار لهجي ۾ هن
کي چيو. شفيق جي کيسي ۾ جيڪي پيسا هئا سي هن ٻاهر
ڪڍيا. هڪ سو جو، چار ڏهن ڏهن جا. ٻه پنجن پنجن جا
۽ ٽي هڪ هڪ روپئي وارا نوٽ هئا.
فقير وري تيز نظرن سان گهوري رعبدار لفظن ۾ شفيق کي چيو ”اي
فقير جي قدمن ۾ رک.“
شفيق سواءِ چُون چُرا جي سمورا پيسا فقير جي پيرن وٽ رکي ڇڏيا.
فقير وري ساڳئي لهجي ۾ چيو، ”پنهنجي محبوب جي گهر ڏي سڌو منهن
ڪري هليو وڃ. واٽ تي هيڏي هوڏي نه وڃجانءِ. نه ئي
ڪنڌ ڦيري هيڏي هوڏي، پٺيان ڏسجانءِ. نه ڪنهن سان
ڳالهائجانءِ.
شفيق فرمانبردار مريد وانگر فقير جي حڪم جي پيروي ڪندي پنهنجي
محبوب جي گهر ڏانهن نهايت چاهه ۽ شوق مان بيڌڙڪ
قدم کڻندو هلڻ لڳو. اڃا هڪ رستو ٻه گهٽيون مس ٽپيو
ته ڪيلم موٽر سائيڪل آڻي هن جي اڳيان بيهاري ۽ رڙي
ڪري چيائينس. ”دوست! ڪهڙن پورن ۾ آهين، ڪاڏي ٿو
وڃين.“
شفيق کان رڙ نڪري ويئي. ”ڪيئن ٻڌايانءِ ته ڪاڏي ٿو
وڃان.“روئڻهارڪو منهن ڪري چيائين. ”فقير جي حڪم ۾
گڙٻڙ ٿي ويئي.“
”ڪيئن“
”فقير جهليو هو ته ڪنهن سان نه ڳالهائجانءِ.
* * *
هڪ ڏينهن شفيق پنهنجين خيالن ۾ مدهوش. ڪنهن جي ياد ۾ بيقرار.
ڪنهن کي حاصل ڪرڻ جي اڻتڻ ۾ پريشان يونيورسٽي جي
بس ۾ ويٺو هو ته دريءَ کان ڪنهن اشتعار اندر
اُڇلايا. هڪ اشتعار هن جي جهوليءَ ۾ اچي ڪريو. هن
اشتعار هٿ ۾ کڻي غور سان ڏٺو. اشتعار جي ساڄي پاسي
مٿينءَ ڪنڊ تي هٿ ٺهيل هو. هٿ جي تريءَ تي نصيب،
عقل، علم، حياتي ۽ ڪاميابي جون ليڪون چٽيون بيٺيون
هيون. اُن جي مٿان ٿلهن اکرن ۾ لکيل هو، ”جادو اهو
جو ڪرشمو ڪري.“ ۽ ان جي هيٺا ن وري ساڳين ٿلهن
اکرن ۾ لکيل هو:
جو چاهيو سو پڇو
من جي مراد ماڻيو.
کاٻي پاسي ڪنهن مُردي جا ٻه هڏا منڌيئڙي وانگر بيٺل هئا ۽ انهن
جي وچ ۾ هڪ کوپڙي ڏيکاريل هئي، وچ ۾ اشتعار ۾ لکيل
هو:
”هرهنڌ ٺڪرايل ۽ مايوس حضرات ۽ خواتين لاءِ خوشخبريءَ جو پيغام.
محبت جي تعويذن جي ماهر جو اعلان. اسان جي رهبري
سان هزارين مايوس ۽ نا اُميد انسان پنهنجي دل جون
مرادون حاصل ڪري خوشيءَ ڀري زندگي گذاري رهيا آهن.
اسان جي عمليات بدولت سنگدل محبوب توهان جي قدمن ۾
هوندو. گهريلو جهڳڙن، بيماري، مڙس کي سڌي راهه تي
آڻڻ، اولاد جو نه ٿيڻ يا ٿي ڪري مري وڃڻ، انهيءَ
کان سواءِ ٻي ڪنهن به قسم جي پريشاني هجي ته اڄ ئي
تشريف فرما ٿيو ۽ دل جو سڪون ۽ من جي مراد حاصل
ڪيو.
فون نمبر 527104 وقت صبح 10 بجه کان شام 7 بجه تائين.
پتو ياد رکجو- خانداني عامل درويش شاهه
پهرين منزل بالمقابل ريگل سينما ڪراچي.
هن اشتهار پڙهيو. هن جون اکيون کُلنديون ويون، تان جو هن جي
اکين ۾ چمڪ ۽ چهري تي گلابي پائوڊر جهڙي رونق اچي
ويئي. هو هوريان چپن ۾ دهرائڻ لڳو، ”جو چاهيو سو
پڇيو، من جي مراد ماڻيو.“ هو وري چپ ٿي ويو ۽
اشتهار کڻي اکيون ان ۾ کپائي ڇڏيائين.“ سنگدل
محبوب اوهان جي قدمن ۾ هوندو. محبت جي تعويذن جي
ماهر جو علاج. جيئن اونداهي رات ۾ رکي رکي ٽانڊاڻو
ٽمڪ ٽمڪ ڪندو آهي تيئن هن جي مايوس دل ۾ اميد جو
ڪرڻو ٽمڪ ٽمڪ ڪرڻ لڳو . هن کي ياد آيو ته هن جي
خاندان م ڪنهن وڏي جي شادي سندس مرضي مطابق نه پئي
ٿي. ڪنهن ڪامل کان تعويذ وٺي آيو هو ۽ هن جو ڪم ٿي
ويو هو. جنهن سان شادي ڪرڻ ٿي گهريائين ان سان
سندس شادي ٿي ويئي هئي.
هن فيصلو ڪيو ته عامل درويش شاهه سان ملبو. هن کان محبت جو
تعويذ وٺبو. پنهنجي من جي مراد ماڻبي. تعويذ جي
اثر سان پنهنجي محبوب جي من ۾ جاءِ ٺائبي.
انهيءَ شام، اشتهار ۾ ڏنل عامل درويش شاهه جي پتي تي پهتو. هن
کي جاءِ ڳولڻ ۾ تڪليف نه ٿي. جاءِ جي ٻاهران هڪ
وڏو ڪارو بورڊ ٽنگيل هو، جنهن تي سفيد ٿلهن اکرن ۾
لکيل هو:
ماهر عامل درويش شاهه
اچو من جون مرادون ماڻيو.
هو ڏاڪڻ تي چڙهيو. ڏاڪڻ ۾ اونداه هئي ۽ ڪاٺ جي ڏاڪڻ هنڌان هنڌان
جهريل هئي. هن در تي پهچي گهنٽي جو بٽڻ دٻايو.
هڪڙي ماڻهوءِ در کوليو ۽ هن کي اندر وٺي ويو. ڪمري
۾ هلڪي روشني هئي ائين جيئن سمهڻ وقت زيرو بلب
ٻاري ڇڏبو آهي. هڪ اڌڙوٽ عمر جو ماڻهو جنهن جو مٿو
گنجو ڏاڙهيءَ جا وار اڌ اڇا اڌ ڪارا، قد ڪٻو ۽
ننڍو هو، هڪ ميز جي ڀرسان ڪرسيءَ تي ويٺو هو، جيڪا
سندس جسم ۽ قد جي حساب سان وڏي عمر جي لحاظ کان
قديم ٿي لڳي. ميز تي ڪجهه عمليات جا ڪتاب،
جنتريون، جوتش ۽ رمل جا ڪتاب ۽ هڪ شيشي جو گولو
شيشي جي اسٽينڊ تي رکيو هو. اُن جي ڀرسان هڪڙي
ننڍڙي عصا رکيل هئي.
عامل درويش شاهه، شفيق ڏانهن اهڙيءَ طرح نهاريو جئين ڪوريئڙو
پنهنجي ڄار ۾ ڦاٿل ملن کي ڏسندو آهي. هن کيس ميز
جي ڀرسان پيل ڪرسيءَ تي ويهڻ جو اشارو ڪيو.
عامل درويش شاهه ماڻهن جي نفسيات جي ڪمزورين کان واقف ۽ پنهنجي
حرفت ۽ هنر ۾ ماهر هو. هو ايندڙ شخص جي منهن ۾ ڏسي
سمجهي ويندو هو ته گراهڪ ڪهڙي مطلب سان آيو آهي ۽
ڪهڙي ڳالهه ٻڌي خوش ٿيندو ۽ خوش ٿي وڏي رقم نذراني
طور ڏيندو. غريبن کي غيب طرفان ملندڙ ڌن دولت جو
دلاسو، شاهوڪارن کي سندن دولت وڌڻ جي خبر ۽ بلئڪ
ڪندڙن کي اگهن چڙهڻ جو اطلاع ڏيندو هو. نوجوانن کي
نوڪريءَ ۽ پيار ۾ ڪاميابيءَ جي مبارڪ ۽ پوڙهن کي
حياتيءَ جا ڪيئي سال وڌائي ڏيندو هو. عورتن کي
اولاد جي خوشي، سس جي راضپي ۽ مڙس جي
فرمانبرداريءَ جو آسرو ڏيندو هو. هو نهايت حرفت
سان سياستدانن کي اليڪشن ۾ سندن پارٽي جي ڪاميابي
۽ سندن فتح ۽ مخالف پارٽي ۽ اُن جي اميدوارن جي
ذليل شڪست جا اطلاع ڏيندو هو. هو فخر سان سڀاڻي
جي موسم ۽ مستقبل جو اندازو لڳائيندو هو، جنهن ۾
پاڻ وٽ آيل ماڻهوءَ جي دل ۾ ڪاميابي، فتح ۽ خوشيءَ
جا وڏا خيال ڀريندو هو. هن وٽ جيڪو مايوس ايندو هو
سو پر اميد ٿي ويندو هو ۽ خوشيءَ سان پنهنجو کيسو
خالي ڪرائيندو هو.
ٽن ڏينهن کان عامل درويش شاهه وٽ ڪوبه امير ته ڇا غريب ماڻهو به
ڪونه آيو هو، تنهنڪري بُکايل بگهڙ وانگر ڪمزور رڍ
کي پنهنجي غار ۾ آيو ڏسي هن جي واڇ ڦڙڪڻ لڳي.
جيئن ئي شفيق ڪرسيءَ تي ويٺو ته ميز تي پيل گولو روشن ٿي ويو.
عامل درويش ڪجهه پڙهندو به رهيو ۽ گولي جي مٿان هٿ
به ڦيريندو رهيو. هو ڇا پڙهي رهيو هو، ڪهڙي ٻولي ۾
پڙهي رهيو هو، اهو شفيق کي سمجهه ۾ نه آيو. ”هي
قسمت جو گلو آهي.“ عامل درويش شاهه ڀڻڪيو ۽ شفيق
ڏانهن منهن ڪري چيائين، ”نوڪري؟“ سندس اهو تير
نشان تي پورو نه لڳو. شفيق جي چهري تي ڪنهن به قسم
جو جوش يا تاثر نه اڀريو ته يڪدم ماهر جوئاري
وانگر ٻيو پتو اڇلايائين، ”محبت جو معاملو آهي.“
اهي لفظ ٻڌندي ئي شفيق جي دل دَڪَ دَڪ ڪرڻ ۽ نبض تيز هلڻ لڳي.
هن جو رنگ جيڪو عشق جي پريشانيءَ سبب ڪاراٽيل هو
سرخ ٿي ويو. سندس زبان مان نڪتو ”ها سائين.“
”تنهنجي اندر داخل ٿيڻ سان ئي تنهنجي ستارن مون سان ڳالهايو هو
۽ تنهنجو احوال مون کي ٻڌايو هو.“
هن وري گولي ڏانهن نهايو ۽ ڏاڍيان چوڻ لڳو.
”حمل، ثور، سرطان، اسد، سنبله. ميزان، عقرب، قوس، جدي، دلو،
حوت.“ شفيق ڏانهن منهن ڪري چيائين ”جوان تنهنو برج
جواز ۽ سيارو قمر آهي.“ ٿورو ماٺ ڪري وري چيائين،
ستارن جو اهو ميڙ جيڪو جاڙڻ ڀائرن وانگر هوندو آهي
جوزا آهي. انهيءَ حساب سان تنهنجي خوشين سان گڏ
ڪجهه مايوسيون آهن. هن پوءِ جنتري کولي ۽ پني تي
ڪجهه حساب ڪرڻ لڳو. آڱرين تي ڪجهه ڳڻي پني تي
لکندو ويو. ڪجهه. جوڙ، ڪجهه ضرب، ڪجهه ونڊ ڪرڻ
لڳو. شفيق حيرانيءَ ۽ تجسس جي نگاهن سان هن ڏانهن
نهاريندو رهيو. ٿوري وقت کان پوءِ عامل شاهه ڪنڌ
مٿي کڻي چيو. ”تنهنجو برج جواز گردش ۾ آهي. تنهنجي
سياري قمر کي شمس سيارو گهيرو ڪيون بيٺو آهي، اهو
ئي سب آهي جو تنهنجي من جي مراد پوري ٿيڻ جا ڪي
سولا سوڻ ڏسڻ ۾ نٿا اچن.“
اهي لفظ ٻڌي شفيق کي ڍڪر وٺي ويا. هن کي اُداسائي ۽ مايوسي وٺي
وئي. ڏڪندڙ لفظن ۾ چيائين، ”سائين! پوءِ ڪجهه
ڪريو.“
هاڻي عامل درويش سمجهيو ته شڪار هٿيڪو آهي. وڏي مخرج سان
چيائين، ”الله وڏي طاقت جو مالڪ آهي. هو رحيم،
رحمان ۽ مشڪلڪشا آهي. جوان تون فڪر نه ڪر. تنهنجي
ستارن جي گردش کي ڦيرائڻو پوندو تڏهن وڃي تنهنجو
ڪم ٿيندو. شمس جو گهيرو هٽائڻو پوندو جيئن قمر
آزاد ٿئي ۽ تنهنجي من جي مراد پوري ٿئي. جنهن کي
تون چاهين ٿو اها توکي ملي.“
”سائين! ڪجهه ڪريو.“
”سڀ ڪجهه ٿيندو. محنت ڪرڻي پوندي. وقت لڳندو. خرچ ڪرڻو پوندو.“
”سائين! مان سڀ ڪجهه ڪندس.“
اهي لفظ عامل ٻڌي عامل درويش جي دل ٺري پيئي. هن جي سڪل منهن ۾
تازگي ۽ هن جي چنجهين اکين ۾ روشني، هن جي خشڪ چپن
۾ تحريڪ پيدا ٿي ويو. چڱو ڪجهه رقم ڏي جيئن تنهنجي
ستارن جي گردش جو ڪجهه ڪيو وڃي.“
شفيق يڪدم ٻه سو سو جا نوٽ ڪڍي عامل درويش شاهه جي اڳيان رکيا.
عامل درويش شاهه پنن تي نقش ڪڍيا. پنا ويڙهي شفيق
کي ڏيندي چيائين. ”هي تنهنجي ڪاميابيءَ جي پهرين
ڪنجي آهي. هڪ تعويذ جنهن جي مٿان سائو نشان آهي،
پنهنجي محبوب جي اهڙي جاءِ تي پورجانءِ جتان هن جو
۽ هن جي مائٽن جو ور ور ڪري لنگهڻ ٿئي. بهتر آهي
ته سندس گهر جي چانئٺ م پورجانءِ. ان تعويذ جي
اثر هيٺ تنهنجو محبوب ۽ ان جا مائٽ توتي مهربان
ٿيندا ۽ جيئن تون چاهيندين تيئن ڪندا. شفيق خوش ٿي
تعويذ وڏي عقيدت سان وٺي پنهنجي کيسي ۾ رکيو. وڏين
اُميدن ۽ آسرن سان خوش گهر موٽيو.
تعويذ پورڻ کان پوءِ هر روز انهيءَ انتطار ۾ رهيو ته ڪڏهن ٿو
تعويذ اثر ٿئي. سندس من جي مراد پوري ٿئي ۽ محبوب
حاصل ٿئي. جڏهن ڪجهه ڏينهن گذريا ۽ تعويذ پنهنجو
اثر نه ڏيکاريو تڏهن هو جامع مسجد جي مُلان وٽ ويو
جو پنهنجي ورد وظيفن جي ڪري مشهور هو. نه صرف شهر
بلڪ ڪٿان ڪٿان جا ماڻهو وٽس وظيفن لاءِ ايندا هئا.
هو هرهڪ ڪنهن کي وظيفو هٿ ۾ ڏيندو هو. ڪنهن کان
پائي پيسو نه وٺندو هو. چوندو هو ”الله جي اسم تي
پيسو وٺڻ حرام آهي. هيءَ به هڪ قسم جي نيڪي خيرات
آهي، ان جو اجر الله وٽ آهي.“
شفيق جڏهن کان جامع مسجد جي ملان سان ملي آيو هو ته هن ۾ عجيب
تبديلي اچي ويئي هئي. هو پنج وقت نماز کان سواءِ
تهجد ۽ اشراق جي نماز به پڙهڻ لڳو. ان کان سواءِ
صبح جو قرآن شريف جي دور سان گڏ دعاءِ نور دعاءِ
گنج العرش ۽ درود تاج به پڙهندو هو. ملان جي
هدايت مطابق رات جو سمهڻ کان اڳ ياسين مبارڪ جو
ورد به ڪرڻ لڳو. رات جو خاص وظيفو پڙهڻ به شروع
ڪيائين.
هڪڙي رات شفيق جي ڪمري مان ڀوائتي ۽ دل ڏاريندڙ رڙ ٻڌڻ ۾ آئي.
گهر جا سڀ ڀاتي ڊوڙاندا هن جي ڪمري وٽ اچي پهتا.
ڪمرو اندران بند هو، تنهن ڪري زرو سان درکڙڪائڻ
لڳا. اندران شفيق جو هلڪو آواز آيو”مان ٺيڪ آهيان.
توهان خدا جي واسطي منهنجو فڪر نه ڪريو وڃي سمهو.“
مگر شفيق جي ماءُ پنهنجي پٽ کي ڏسڻ کان سواءِ وڃڻ نٿي گهريو،
تنهنڪري مجبورن شفيق در کوليو ۽ ماءُ کي چيائين،
”امان! ڪابه ڳالهه ڪانهي، ننڊ ۾ ڀوائتو خواب ڏٺو
هوم جنهن ڪري رڙ نڪري ويئي.“
ٻئي ڏينهن جڏهن ڪليم شفيق وٽ پهتو ته هن جو چهرو اهڙو پيلو
ڏٺائين ڄڻ راتوڪي رات ۾ سندس جسم جو سمورو رت خشڪ
ٿي ويو هجي. هن جو منهن لٿل ۽ اُداس ٿي لڳو. شفيق
جڏهن ڪليم کي ڏٺو ته هن جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا ۽
روئندي چيائين، ”رات ويل ٿي ويو!“
ڪليم حيرانيءَ مان پڇيو ”ڇا ٿيو؟“
”دوست مان چلو پچائي رهيو هوس. اڻيتاليهه راتيون پوريون ٿي ويون
هيون. ڪلهه چاليهين ۽ آخري رات هئي. حڪم هو ته
وظيفي پڙهندي ڪجهه به ٿي پوي ڊپ ڊاءُ نه ڪجان نه
پنهنجي جاءِ ڇڏجانءِ. رات جيئن ئي وظيفو پڙهي رهيو
هوس ته مون ڏٺو ته آسمان مان هڪڙي بڇڙي شڪل وارو
ڀوائتو ڀوت هيٺ لٿو. هوريان هوريان مون ڏانهن وڌڻ
لڳو. مون کي ايتري ڊپ اچي ورايو جو مون کان دانهن
نڪري ويئي ۽ مان هيڏانهن مدد لاءِ ڊوڙڻ لڳس. وظيفو
ٽٽي پيو.“ اهو چئي هو ڪجهه گهڙيون سامت ۾ اچي ويو
۽ ٿوري ويل رکي ٿڌو ساهه ڀري چوڻ لڳو، ”يار اها
منهنجي آزمائش هئي.“ روئندي، سڏڪا ڀريندو وڌيڪ
چيائين، ”کٽيل بازي ٿوري ڳالهه تي هٿان ويندي
رهي.“ هن جي اکين مان ڳوڙهن جون بوندون هيٺ ڪرڻ
لڳيون.
ڪليم هن کي دلداري ڏيندي چيو، ”اهي سڀ وسوسي ۽ وهم جون ڳالهيون
آهن. دل نه هار، جن جو عشق صادق هوندو آهي اهي عشق
۾ ضرور ڪامياب ٿيندا آهن.“
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڪليم جڏهن شفيق وٽ آيو ته ڏٺائين ته شفيق
کٽ تي ليٽيو پيو آهي. هن جي مٿي، ٻانهن ۽ ڄنگهن تي
پٽيون ٻڌيل آهن. ڪليم گهٻرائجي پڇيو. ”توکي ڇا ٿيو
آهي؟“
جواب ۾ شفيق ٽهڪ ڏنو.
ڪليم حيرانيءَ مان پڇيو، ”ڇا ڪنهن سان جهڳڙو ٿيو اٿئي.“
”نه“
”ڇا ڪٿي ترڪيو آهين يا مٿاهين هنڌ تان ڪريو آهين؟“
”نه“
”ڇا ڪو ايڪسيڊنٽ“
”نه“
”ته پوءِ هي ماجرا ڇا آهي؟“
شفيق کلندي چيو ”ڪاميابي- عشق ۾ ڪاميابي.“
ڪليم ڪاوڙ ۾ رڙ ڪئي، ”اڙي تون اڌ مئو ٿيو کٽ تي پيو آهين. اها
ڪاميابي توکي ڪئين ملي؟“
”قاضي بابا.“ هو مرڪيو ۽ مرڪڻ سان گڏ جسم جي چرڻ سبب کي سُور جي
ٽاٽ اڀري ۽ هلڪي
”قاضي بابا! ڪليم رڙِ ڪئي. ”اهو الف اگهاڙو، سڪي تلاءَ وارو،
مستانو“
”هن کي اگهاڙو نه چئه هن الله جي عشق جو لباس پَهريو آهي. اُن
جي دعا آهي.“ شفيق جو وري پاسو چريو ۽ هن کان رڙ
نڪري وئي پرکلندي چيائين، ”توکي ته خبر آهي ته من
جون مرادون پوريون ڪندو آهي. اڄ مان به هن وٽ من
جي مراد کڻي ويو هوس.“
”پوءِ“
”هو الله جي عشق ۾ ايترو گم هوندو آهي جو ماڻهن جو پاڻ وٽ اچن
پسند نه ڪندو آهي. ماڻهو جڏهن هن جي استغراق ۾
رخنو وجهندا آهن ته هو ماڻهن کي مارڻ لاءِ اٿندو
آهي. جيڪا شيءِ کيس سامهون ايندي آهي اها کڻي
ماڻهن کي هڻندو آهي. جيڪو هن جي مار کان ڀڳو، اهو
نامراد ۽ ناڪام رهندو آهي. ها جيڪو مار سهي هن جي
پٺ نه ڇڏيندو ان جو ڀاڳو ڀلارو ۽ مقصد پورو ٿيندو
آهي. اڄ جڏهن مان اتي پهتس ته ماڻهن جو ميلو لڳو
پيو هو. عورتون، مرد، ٻار، ٻڍا، امير، غريب، مطلب
ته هر قسم جا ماڻهو موجود هئا. هن کي راضي ڪرڻ
لاءِ ڪو مٺايون، ڪو کاڌو، ڪو گل، ڪو ڪپڙا کنيو
ويٺو هو. قاضي بابا اکيون پوريون، الله جي ياد ۾
مگن ويٺو هو. اوچتو هن اکيون کوليون، پنهنجي چؤ
طرف ماڻهن جو ميڙ ڏسي هن کي ڪاوڙ آئي. پهريان
گاريون ڏيڻ لڳو پر ماڻهو هن جي گارين کي گل سمجهي
ويٺا رهيا ۽ انهن مان پنهنجي پنهنجي مقصد جا مطلب
ڪڍڻ لڳا. پوءِ هن کي جولان آيو. هن جو غصو تيز ٿي
ويو. ڀرسان پيل ڀتر کڻي ماڻهن کي هڻڻ لڳو. ماڻهن ۾
ڀاڄ پئجي ويئي. هر ڪنهن پنهنجي جان بچائڻ لاءِ
کڙين تي زور ڏنو، مگر مان اتي ماٺ ڪيو ويٺو رهيس.
چيم ”يا شهادت يا ڪاميابي“
هن هڪ ڀتر کڻي مون کي مٿي وارو وهائي ڪڍيو. منهنجو مٿو پهرين ئي
ڌڪ سان ڦيراٽيون کائڻ لڳو. هن ٻيو ڀتر اڇلايو،
پوءِ ٽيون پوءِ چوٿون. مان بي سڌ، بيخبر ٿي ڍيري
ٿي پيس. جڏهن اکيون کليون ته پاڻ کي هن حالت ۾
بستري تي ڏٺم“ هو اها ڳالهه ڪري مرڪڻ لڳو. ”مگر
منهنجي مراد پوري ٿي. قاضي بابا جي مار اجائي نه
ويندي. جنهن لاءِ هي زخم، هي چوٽون هي ڌڪ سٺا اٿم
اها پڪ سا هاڻي منهنجي ٿيندي.“ ائين چئي هو وري
مرڪڻ لڳو.
ايتري ۾ هن جو ڪمزور خوشبو سان ڀرجي ويو. هن ڪنڌ ورائي ڏٺو ته
هن جي ڀيڻ نجما نَون چمڪندڙ ڪپڙن، زيورن ۽ مڪمل
ميڪ اپ سان بيٺي هئي. هن ڪڇيو ان کان اڳ نجما چيو.
”ادا! اسان سڀ وڃون ٿا.“
”ڪاڏي“ هن پڇيو.
”راحيله جي شادي تي.“ هوءَ ائين چئي هلي ويئي.
هن ائين محسوس ڪيو ڄڻ پنهنجين خوشين ۾ مست هڪ اڏامندڙ پکيءَ کي
ڪنهن گولي وهائي ڪڍي ۽ اهو آڪاش مان ڌرتيءَ تي ڪري
پنهنجي رت ۾ ڦٿڪڻ لڳو. هن هڪ آه ڀري. هن جي اکين
مان ٻه ڳوڙها نڪتا، جي هن جي ڳلن تان وڌي هن جي
ڇاتي تي ڪري هن جي قميص ۾ جذب ٿي ويا.
”ڇا ٿيو؟“ شفيق حيران ٿي پڇيو.
”سڀ ابتڙ ٿيو.“ هن ٿڌو ساهه کڻندي چيو.
هو ڪافي وقت ماٺ رهيو ۽ شفيق حيرت ۾ پريشانيءَ مان هن ڏانهن
ڏسندو رهيو. جڏهن ڪليم ٿورو سامت ۾ آيو ته ڀڻڪيو،
”مگر منهنجو ته هن سان عشق حقيقي هو“. |