سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

مضمون

صفحو :35

هوءَ چوڻ لڳي:

”مونکي تاريخ جي گهڻي خبر نه آهي، پر ايترو معلوم اٿم ته منهنجو وطن صدين کان طوائف الملوڪيءَ جو شڪار رهيو آهي ۽ اسپين وارن چڱو وقت اڄوڪي هالينڊ ۾ نقاد وجهي راڄ ڪيو آهي. 1576ع ۾ سڀني گڏجي اسپين وارن کي ٻاهر ڪڍڻ جو معاهدو ڪيو.

”هالينڊ انگريزي نالو آهي. اصل نيدرلئنڊ آهي. سمنڊ جي سطح کان هيٺاهين تي هجڻ ڪري سمنڊ جي اُٿل ۽ وير جي خطرو رهي ٿو ۽ حفاظتي بندن جي آسري تي رهڻو پوي ٿو. پهرين فيبروري 1953ع تي وڏي وير چڙهي ۽ چار لک ايڪڙ زمين ٻڏي ويئي. 18 سئو ماڻهو مري ويا. 1949ع ۾ انڊونيشيا کي آزادي ڏني ويئي، 1970ع جي آدمشماري موجب هڪ ڪروڙ ٽيهه لک آدم رهي ٿو. ڪجهه ٻاهرن علائقن ۾ به اسان جي مادري زبان ڊچ ڳالهائي وڃي ٿي. اسان جي هڪ جمهوري بادشاهت آهي. راڻي جُوليانا پنهنجي ملڪ جي ترقيءَ ۽ جمهوري نظام کي هميشه اوليت ڏني آهي. هوءَ 1909ع ۾ ڄائي ۽ 1937ع ۾ شهزادي برنارڊ سان شادي ٿي. 1938ع ۾ شهزادي بيٽرڪس ڄائي جيڪا تخت جي وارث هئي ۽ هاڻي تخت تي ويٺي آهي ۽ وڏي راڻي هاڻي شهزادي سڏجي ٿي.“

”آهين ته تون به شهزادي“، دودي چيو. مارٿا شرمائجي ويئي. ”تنهنجي لاءِ پنهنجي وطن ۾ ڪهڙي شخصيت آهي، جنهن تي فخر ڪري سگهين ٿي.“

”ريبنس (Rubens) جنهن جو سورهين ۽ سترهين صديءَ جي مصوريءَ ۾ اهم مقام آهي ۽ مون کي سندس ڪم بيحد پسند آهي.“ مارٿا چيو. دودي پڇيو. ”منهنجي لاءِ ٻيو هالينڊ ۾ ڇا آهي.“

”ٻيو- ها! تنهنجي لاءِ ٽيهن کان وڌيڪ وڏا سرڪاري عجائب گهر آهن. مهينن جا مهينا پوي گهم.“

”بس ڪو بهانو ڪريان. هالينڊ جي سرسبز سرزمين گهمڻ لاءِ ڪو ڪارڊ ملي وڃيم. آهي ڪو آسرو؟“

”ٿي سگهي ٿو موقعو ملي وڃي.“

”تون مدد ڪندينءَ؟“

”ها ضرور.“ مارٿا چيو. دودي ”ها ضرور چوڻ ڪافي نه آهي.“

”ڇا مطلب؟“

”مطلب هي ته دل کولي مدد ڪرڻي پوندي ۽ توکي ئي ڪرڻي پوندي. جي مدد نه ڪندينءَ ته آءٌ اڄ ئي واپس ڪراچيءَ جو ٽڪيٽ وٺندس.“ دودي چيو.

”خدارا ايئن نه ڪج.“

”اِهو ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن صحيح رويو نه ورتو ويو.“ دودي چيو. هن چتائي مارٿا جي منهن ۾ نهاريو. اُن نظر کي مارٿا سمجهيو. هوءَ مرڪڻ لڳي ۽ ٻنهي هٿن جو آڱريون هڪٻئي ۾ ڦاسائيندي چيائين:

“مون بابت تون گهٽ ٿو ڄاڻين.“

”آءٌ جڏهن اِهو ڄاڻان ٿو ته تون انسان دوست آهين ۽ هر بندوق باز ۽ شڪاريءَ کي نندين ٿي، ته بس- ٻيو مون کي ڇا کپي. اسان جي دوستن جو هي اتحاد ۽ ساٿ اِنهيءَ سبب ته آهي.“ دوديءَ چيو.

”اِهو ته صحيح آهي.“ مارٿا چيو“ پر اهو به ته ڄاڻ نه ته منهنجي ذاتي زندگي ڪهڙي موڙ تي بيٺي آهي.“

”چڱو ٻڌاءِ.“

”آءٌ ڪا شهزادي نه آهيان!“

”منهنجو ڪم هڪ غريب شهزاديءَ سان آهي. مون کي محلن کان نفرت آهي. دوديءَ چيو.

”آءٌ هارلم جي هڪ غريب هاريءَ جي ڌيءَ آهيان. مون ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ورتي ۽ ثانوي تعليم ائمسٽرڊيم ۾ ورتم. اُتي منهنجي ماءُ کي به هڪ بس ڪمپنيءَ ۾ نوڪري ملي ويئي هئي. ائمسٽرڊيم ۾ چار سال رهياسين. منهنجي گرئجوئيشن به ٿي ۽ اسڪول ۾ نوڪري به ملي. اسڪول ۾ چارليءَ سان منهنجي ملاقات ٿي.“ ايترو ٻڌڻ سان دودي بينچ ۾ پهلو بدلايو. مارٿا بيان جاري رکيو- ”چارليءَ ۽ مون هڪ ٻئي جو جيون ساٿي بڻجڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ڪا رڪاوٽ به نه هئي. جلدي اسان جي شادي ٿي ويئي.“ دودي وري به پاسو بدلايو ۽ ٽنگ ٽنگ تي چاڙهي ويٺو.

مارٿا چيو: ”چارلي ڏاڍو سٺو ماڻهو هو. منهنجو هر طرح خيال رکندو هو. اسين هر هفتي وندر ورونهن لاءِ ڪنهن نه ڪنهن تفريح گاهه، عجائب گهر يا فارم ڏي ويندا هئاسين. چارلي کي به مون وانگر عجائب گهرن ڏسڻ جو گهڻو شوق هو. زندگي ڏاڍي مزي ۾ گذري هئي. اوچتو هڪ طوفان آيو، جنهن منهنجي خوابن جا محل ڊاهي ڇڏيا. چارلي پنهنجي ڪلاس جي شاگردن سان گڏ هڪ زرعي فارم تي پڪنڪ لاءِ ويل هو. شام جو سندس موٽڻ جو انتظار پئي ڪيم ته فون آئي. هڪ خوفناڪ حادثو ٿيو هو، جنهن ۾ ويگن پرزا پرزا ٿي ويئي هئي. ٻارهن شاگرد ۽ چارلي موت جو شڪار ٿي چڪا هئا.

”منهنجي اکين اڳيان اونداهه اچي ويئي. چارلي جي جدائيءَ ۾ ڇهه مهينا ته هوش ۾ ئي نه هئس ۽ اسڪول انتظاميه به اهو به بهتر سمجهيو ته آءٌ موڪل تي رهان. موڪل ختم ڪري نوڪريءَ تي چڙهيس. هيءَ اسڪالرشپ ملي ۽ اجهو تنهنجي سامهون ويٺي آهيان.“

”اوه! تنهنجي ڪهاڻي سچ پچ دک سان ڀريل آهي: آءٌ محسوس ڪري سگهان ٿو ۽ اهو سچ به آهي ته ڏک سکن جي سونهن، گهوريا سک ڏکن ري.“ اهو اسان جي شاهه عبداللطيف چيو آهي. توکي خبر هوندي ته هُو اسان جو ڪو شاعر نه آهي، پر رهبر ۽ دلين تي راڄ ڪندڙ بي تاج بادشاهه آهي. شعرن جا حوالا ته اديب ڏيندا آهن، پر شاهه صاحب جي شعرن جا حوالا هر ماڻهو ڏيندو آهي. هُو ڏک جي ماهيت کان ڪو اهڙو واقف هو، کيس ڏک جو شاعر چئجي ته صحيح ٿيندو. چوي ٿو: ’ڏکيون جان نه مڙن تان تان ڀنڻ نه ٿئي‘، ۽ ٻيو توکي ڇا ٻڌايان. تو هينئر ڏک جهڙيون ڳالهيون ڪيون آهن. شاهه صاحب جون ٻه سٽون ٻڌندئين ته وڌيڪ دکي ٿيندي. اُن ڪري شاهه صاحب جي طرفان آٿت ڏيندس ته ’جيڪي ڏنائون سو سڀئي صحت.‘ مارٿا! تنهنجي صبر کي به داد ڏيان ٿو، پر اسين اوڀر جا رهواسي جيڪي ٿيو تنهن تي قانع ۽ صابر هوندا آهيون. پيارا وڇڙي وڃن ٿا ته ٻه ڏينهن روڄ راڙو ڪري رب جي رضا تي راضي رهون ٿا ۽ محسوس ڪريون ٿا ته الله صمد بي نياز آهي، جيڪي چاهي سو ڪري ٿو. روئبو رڙبو ۽ هنجون هاربيون ته محبوب موٽي ڪونه ايندو، تنهن ڪري ڏکيا سکيا ڏينهڙا گهارڻا آهن. جيڪي مليو تنهن کي آزار ڪونه چئبو جي سکن ۾ سزا ٿا رهن رهون ته ڏک به جهوليءَ ۾ جهلبا.“ دودو خاموش ٿي ويو. ٻنهي جي سنجيده چهرن مان اهو پئي لڳو ته هاڻي ڪجهه به نه چئجي.

گل بهار وارو جلسڙو به ختم ٿي چڪو هو. ڪار وٽ آيا ته مارٿا، چنگ ۽ سريتا دودي سان ڪار ۾ ويٺيون ۽ گل بهار سنگهه ڏاڙهي کنهي چوڻ لڳو: ”ڪار ۾ ڏاڙهيءَ وارو ڳرو. ٺيڪ آهي. آءٌ، معجزو ۽ ٻه دوست ٻيا به آهن، پٺيان اچون ٿا. “ دودي ڪار اسٽارٽ ڪئي. پوئين سيٽ ۾ چنگ ۽ سريتا جلسي جون ڳالهيون ڪنديون رهيون. دودو ۽ مارٿا ”هون هان“ ڪندا رهيا. چِنگ ٻنهي کي ٿورو ڇيڙڻ جي ڪوشش ڪئي. پوءِ هوءَ ڪامياب نه ٿي.

 

جوڳي من جا نه ميرا

گل بهار سنگهه رولو ۽ خانه بدوش قبيلن جي ٻولين تي کوجنا ڪري رهيو. هن خاص طور سنڌ ۽ هند ۾ دراوڙن ۽ ڏاکڻي علائقي جي ڀيلن، ڪولهين، سنٿالن، جوڳين، سامين، گونڊن، باگڙين، ڪارين ۽ اهڙن ٻين رولو گروپن جو عمومي مطالعو ڪري انهن جي ٻولين تي هڪ ٿيسز لکڻ جو پروگرام ٺاهيو. ڀيل سنڌ ۽ هن ۾ وڏو گروپ هو. سنڌ ۾ انهن جو چڱو تعداد هو. ”ڪي پنندا آهن، ڪي شڪار ڪندا آهن. انهن کي شڪاري چئبو آهي. ڪي سنڌ جي مسلمانن وانگر مزوري ۽ هارپ به ڪن. لاڙ جو مشهور ملهه شڪاري ڪنهن کان وسريو هوندو. حمزو جت هن جو شاگرد هو. ڪولهي بهترين هاري آهن، سنڌ ۾ حيدرآباد، بدين، ٿرپارڪر ۽ سانگهڙ ضلعن ۾ خاص طور زميندار ڪولهي هاري رکڻ پسند ڪندا آهن. زالين مڙسين ڪم جا سچلا آهن.“ دودي جي ڏنل هن معلومات کي گل بهار سنگهه تمام گهڻي اهميت ڏني. وٽس ڀارت ۾ ڇپيل ڪجهه ڪتاب هئا. انڊيا آفيس لئبرري لنڊن ۾ به ڀارت جي رهاڪو ڀيلن، سنٿالن ۽ گونڊن بابت گهڻو مواد موجود هو. وٽس ’درو درشن‘ جي تيار ڪيل ”ڀارت جا ڀيل“ جو وڊيو ڪيسٽ به هو. دودي اُها فلم ڏٺي ته هن محسوس ڪيو ته ڀارت جا ڀيل ثقافت جي ذري ذري ۾ سنڌ جي ڀيلن جهڙا هئا.

اهڙيءَ طرح ڪارين بابت به سنڌ ۽ هند ۾ ڪو فرق ڪونه هو. ڪاريا لوهه مان ڪهاڙيون، ڏانٽا، چنگ ۽ اهڙيون ٻيون شيون ٺاهڻ ۾ ماهر آهن. سنڌ جي لاڙ طرف هي قبيلو گهڻي تعداد ۾ رهي ٿو. زالون مردن جي مدد ڪن ۽ ڪجهه ٽول به وڪڻن. دودي جيڪا خاص معلومات پنهنجي دوست کي ڏني اُها سامين بابت هئي. اِهو بحث ڪندي ۽ حوالا وٺندي ’شاهه جو رسالو‘ بحث هيٺ آيو. سر رامڪلي جو ذڪر نڪتو ته گل بهار کي ٻن لحاظن کان شاهه جو رسالو پنهنجي ٿيسز جو اهم ماخذ لڳو. هڪ ته اُهو کيس گرنٿ صاحب وانگر شعر ۽ نصيحت جو خزانو محسوس ٿيو، ٻيو سُر رامڪلي ته سندس ٿيسز جو ماخذ بنجي پئي سگهيو. دودي کيس سورلي، علامه قاضي ۽ ٻين ليکڪن جا انگريزي ۾ لکيل ڪتاب ڏسيا ۽ سُر رامڪليءَ جا ڪيترا بيت گُرمکي ۾ حوالن سميت لکيائين. جڏهن گل بهار اُهي رڳو پنهنجي گرمکي لکيت ۾ پڙهيا ته هو ور ور ڪري بيتن کي گُروئن جي ڪلام وانگر شبدن جي گائڪي ۾ ڳائڻ لڳو.

دودي کيس ٻڌايو ته شاهه عبدالطيف ڀٽائي جوڳين جا ڪيترائي قسم ڄاڻايا آهن، جيڪي پنهنجن جدا جدا ڪمن سبب هڪ ٻئي کان مختلف به آهن. انهن ۾ جوڳي، ويراڳي، ڪاپڙي، لاهوتي، بيکاري، نانگا، مهيسي، سامي، آديسي، ڪُلپتي، سناسي، گودڙيا، ڪن ڪٽ، ڪاپٽ، ڪن چير، توڙي جوڳين جا ٻيا نالا آيل آهن. گُرو، ناٿ ۽ اهڙا ٻيا لفظ ڏسي گل بهار؛ بهار بهار ٿي ويو. گيتا جو يوگين وارو مضمون به ساڳيوئي رامڪليءَ ۾ بيان ٿيل نظر آيو. گل بهار راڳڻي رامڪليءَ ۾ بيتن کي جهونگاري ڏٺو ته حيران ٿي ويو، ڄڻ ته راڳڻيءَ جا ٻول/لکشن گيت ئي هئا. خاص طور داستان پهرئين جي وائيءَ ته کيس نچائي ڇڏيو. هو ور ور پڙهڻ لڳو ۽ ڪٿي ڪٿي جهونگارڻ به لڳو.

سَندڙيان سِڱڙي، ڳالهه ڳجهڙي، مون ماريندي ڪڏهن،
جا وڄائين جَتڙا، نه تنهن نڙ جهڙي،
مُرليءَ کي جنهن مات ڪيو، نه تنهن تُل تُنبڙي،
تاريو جنهن توڏيءَ کي، نه سو گِهنڊ نه گِهنڊڙي،
نه سري نه سنڌڪا، نه هند ههڙي،
گهانڊار مرون موهيا، هي ماڻهو موهيندڙي،
اديون  عبداللطيف  چئي،  هيءَ  مئا  جـــئاريندڙي.

گل بهار جي ٿيسز ته پنهنجي جاءِ تي رهي، هن ۾ ڄڻ بجلي ڀرجي ويئي هئي. هڪ هنڌ ويهي نه پيو سگهي.

”يار! شاهه عبداللطيف ته منهنجو بابو آهي“ ائين چئي زمين تي سجدي ۾ ڪري پيو. دودو حيرانيءَ سان کيس ڏيڻ لڳو. جڏهن اُٿيو ته دودي چيو:

”هاڻي دير ٿي ويئي آهي. آءٌ به وڃي پنهنجي فونيٽڪس درست ڪريان.“ دودو هليو ويو. گل بهار جذبات کان مغلوب ٿي وري سجدي ۾ ڪري پيو.

سڀڪو پنهنجن نصابن، سيمينارن ۽ ٿيسز لاءِ مواد گڏ ڪرڻ، لائبررين ۾ وڃڻ ۽ لکڻ پڙهڻ ۾ رڌل هو. گل بهار جي ٿيسز جو اهم مضمون دوديءَ جي مدد تي بيٺل هو. هُو گُل بهار جي وس آهر سچائيءَ ۽ خلوص سان مدد ڪندو رهندو هو.

هڪ ڏينهن جڏهن ٻئي مليا ته گل بهار سامين جو ذڪر ڇيڙيو. دودي چيو:

”سامي حقيقت ۾ مون نه رڳو ڏٺا آهن پر منهنجو هنن سان گهڻو لاڳاپو ۽ واقفيت به رهي آهي. آءٌ سنڌ جي لاڙ پاسي جو آهيان. هِن طرف هُنن جي چُر پُر به گهڻي آهي.“

اُن کان پوءِ دودي کي جيڪي ڪجهه معلوم هو سو گل بهار کي ٻڌايائين. سامي هڪ خانه بدوش قبيلو آهي. گاهه پٺي جي سٺي تي، ۽ ڪجهه پنهنجي گذر سفر خاطر هنن جي لڏ پلاڻ جو سلسلو جاري رهندو آهي. عورتون گهڻو ڪري پننديون آهن ۽ مرد اڪثر نانگ پڪڙڻ ۽ شڪار ڪرڻ ۾ مصروف هوندا آهن. ڳوٺن ۾ ميرليون وڄائي، نانگ ڏيکاري يا ڪڏهن ڪو ٻيو ڪرتب ڏيکاري، ڪڏهن گذارو ڪن. کين اناج ڪڏهن پئسو ملي، ان تي گذران ڪن. شڪار ۾ گدڙ سندن پسنديده جانور آهي. گدڙ جو گوشت شوق سان کائين. ڪڏهن ڪو چڱو زميندار کين گڏهن جي چرڻ لاءِ فراخدليءَ سان زمين جو ٽڪر گهڻي وقت لاءِ ڏئي ته شڪر گذار ٿين.

سامين جو چڱو مڙس ناٿو فقير ۽ سندس خاندان سنڌ ۽ ڏاڍي ٺٺ سان رهيو، ناٿو فقير هڪ رعبدار شخصيت جو مالڪ هو. سندس ڀاءُ ڪانڀو فقير گهوڙن جو شوقين هو. ٻئي ڀائر خاص ۽ سهڻن تنبن ۾ رهندا هئا ۽ سامين جي عام کاڌ خوراڪ ۽ رهڻي ڪهڻيءَ کان سندن زندگيءَ مختلف هئي. سُٺيون رليون ۽ گهر جو ٻيو ساز وسامان ڪم آڻيندا هئا. سامين وٽ ڀرت ۽ رلين ٺاهڻ جو نمونو به مختلف هو. رلي اهڙي ٺاهيندا هئا جو ڪپڙي ڌاڳي جو اُڻت ۾ ڍڪجي ويندو هو ۽ فقط ڌاڳو ئي نظر ايندو هو.

ڪانڀو فقير جو بهترين گهوڙو پيشه ور سوار وٽ ترتيب ۾ هوندو هو گهوڙن جي مقابلي/ خميس ۾ حصو وٺندو هو. پاڙي جا زميندار به اڪثر خميس ۾ حصو وٺندا هئا.

هڪ ڀيري جڏهن جون 1955ع ۾ ڪانڀوءَ جو ڪُميت گهوڙو بدين جي شاهه قادريءَ جي ميلي وارو خميس ۾ سوڀارو ٿيو ته هن خوشي ٿي پنهنجن دوستن عبدالحميد جوڻيجي، جان محمد پرهياڙ. ڀلُو پرهياڙ، اُستي هاشم ۽ ٻين کي دعوت ڏني. دوستن پئي چرچا ڪيا ته اڄ گدڙ جو پلاءُ ملندو، پر ڪانڀو فقير دوستن جي آڌرڀاءُ ڪندي بهترين گوشت، مڇيءَ ۽ ڪڪڙن جا پڪل طعام پيش ڪيا ۽ اهڙين خوبصورت ولين تي کين وهاريائين جو سڀ گهڻو خوش ٿيا ۽ کين سامڻين جي ڀريل ڀرت ۾ رلين جا تحفا به ڏنائين.

دوستن جي اچڻ ۽ واپس ٿيڻ وقت فقيرن جڪي مرلين جا واڄٽ ڪيا ته هيڪاري رنگ لائي ڏنا. ٻئي هفتي ڪانڀو فقير کي پٽ ڄائو، سڀني دوستن خبر آڻيندڙن فقيرن کي خرچيون ڏنيون ۽ جلد کان جلد وڃي اجرڪون ۽ مٺايون فقير جي ماڳ تي ڏيئي آيا. سامي گهڻو خوش ٿيا جو پاڙي جي زميندارن سندن خوشيءَ ۾ حصو ورتو ۽ کين مان ڏنو.

ناٿو فقير سامين جو ڄڻڪ ديوتا هو. ڪابه ڳالهه ڪندو هو ته ڄڻ ڀٿر جو ليڪو. حڪم ڪندو هو ته هر سامي کي اُن کي مڃيندو هو.

گل بهار سنگهه سامين بابت مليل هن معلومات مان جي نُڪتا خاص طور نوٽ ڪيا انهن ۾ فرمانبرداري اهم هو. اِهو طريقو سڀني خانه بدوش قبيلن جو رهيو ته سردار جي حڪم کي غيبي طاقت جو حڪم ڄاڻندا هئا، فقط سنڌ جا جَتَ هن ڳالهه کان آجا هئا. پٽيل ته هنن جو به هوند هو پر اُن جو درجو ڪنهن ديوتا جو نه هو. جَتَ وڏا مالدار ماڻهو آهن. مينهون اُٺ ۽ ٻيو چوپايو مال ڌارين ۽ انهن جي اُپت مان گذر سفر ڪن. چيو وڃي ٿو ته اولهه ڏي سفر ڪيائون، عراق ۽ ٻين ڀر وارن علائقن ۾ رهيا. اُتي کين زط سڏيو ويو. مصر ۾ رهيا ۽ اُتان جڏهن يورپ طرف وڌيا ته مصر (ايجپٽ) جي مناسبت سان هُو جپسي سڏيا ويا.

گل بهار هڪ سوال پڇيو:

”جيڪي ماڻهو سنڌ ۾ چوپايو مال ڌارڻ وارا هئا، سي اولهه ۾ نچڻ ڳائڻ، ٽوڻا ڦيڻا ڪرڻ ۽ ڍارا هڻڻ وارا ڇو ٿيا؟“

دودي چيو: ”اِهو عجيب ته آهي، پر پناهگير ٿيڻ ۽ وطن ڇڏڻ سبب انسان جي جا ذهني حالت ٿئي ٿي ۽ صدمو رسي ٿو، متان اُن ڪري هجي.“ گل بهار هن ڳالهه تي اڃان سوچي رهيو هو ته دودي چيو: ”ڏس سنڌي بنيادي طور امن پسند ماڻهو آهن، ۽ سنڌ کان ٻاهر گهٽ نڪرڻ گهريو اٿن. پر ماضيءَ ۾ سنڌي هندن واپار خاطر دنيا ۾ پکڙجي سنڌ جو مان مٿانهون ڪيو آهي ۽ قديم وقت کان روزگار خاطر عرب ايران ڏانهن سفر ڪيو اٿن سنڌ مان ايران ڏي ڪي ڳائڻن جا ٽولا پهتا، جن جو ذڪر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي ڪتاب ”سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ“ ۾ ڪيو آهي. هنن کي سنڌ ۾ لوارا ۽ ايران ۾ لوليان سڏجي ٿو. ساساني درٻار ۾ هنن جي پذيرائي ٿي. فردوسي ۽ ٻين شاعرن جي ڪلام ۾ به لورين جو ذڪر اچي ٿو.

هڪڙا سنڌي سامونڊي جهازن تي نوڪريون به ڪندا رهيا ۽ دنيا ۾ پکڙجي ويا. عربي لغات ۾ انهن لاءِ لفظ بيسري (جمع بيا سرة) موجود آهي. سنڌي لغات ۾ ’بيسر‘ سرويچ ۽ سرفروش جي معنيٰ ۾ اچي ٿو. هي بيسري جهازن تي حفاظت جو ڪم ڪندا هئا. سنڌ ۾ مثنوي بيسرنامه ان جو مثال آهي ۽ ڪنڌ ڪپائڻ وارن سرويچن جو ان ۾ ذڪر آهي. گهٽ ۾ گهٽ هن لفظ جي معنيٰ ثابت ٿئي ٿي.“

”هڪ خيال سڀني پناهگيرن کي ساڳيو هوندو آهي. اُهو هي ته هتي جانور رهندڙ هئا. اسان اچي ثقافت، معيشت، زراعت ۽ واپار کي ٽيڪ ڏني. پر سنڌي هندو پاڻ کي پناهگير ٿي فاتح نه ڄاتو. هنن کي احساس رهيو ته هنن جان بچائي پر وطن قربان ڪري ڇڏيو.“

چڱو وقت هنن جي هيءَ گفتگو ٿيندي رهي. بهار سنگهه داد ڏيڻ جي انداز ۾ چيو: منهنجا پيءُ اوهين هڪ عجيب قوم آهيو. هڪ ته وطن ڇڏڻ نٿا چاهيو، پر جي ڇڏيو ٿا ته به پاڙ سنڌ سان ڳنڍيل رکو ٿا. منهنجو واسطو وري جن جوڳين ۽ سامين سان آهي، انهن لاءِ به شاعر به سچ چيو آهي: ”جوڳي من جا نه ميرا.“

اسڪول جي ڪئنٽين ۾ گل بهار ۽ دودو ويٺا هئا ته سَريتا ۽ انوپ آيا. دودي چيو:

”اچو سائين“

”مهرباني سائين.“

”تون به چئو“ گل بهار سَريتا کي چيو.

”مهرباني سائين.“ انوپ چيو.

”ڀلي ڪري آيا.“ دودي چيو. گل بهارِ شرارت واري انداز ۾ انوپ کي چيو: ”اسين به انسان آهيون. ڪڏهن اسان سان به مٺا ٻول ٻوليندا ڪريو. ڪئين سَريتا جي؟“

”ها“ سَريتا چيو.

”ها! جوابدار به اوهين آهيو.“ گل چيو.

”آءٌ ڇو؟“

”هر وقت اوهان جي رخ روشن تي نظرون ڄمائي رکي ٿو.“ گل بهار چيو. سَريتا مرڪي کيس ’مسخرو‘ چيو ۽ انوپ ”اوهان جو رخ روشن ئي اهڙو آهي ڪونه، جنهن تي نظرو ڄمائي رکجن.“

”صحيح آهي“ دودي چيو.

”جگ موهن ڪور ته چوندي آهي ته پُٽَ تون تمام سندر آهين.“

”اِها مائي ڪير آهي.“ انوپ پڇيو.

”پاڙي جي ماسي آهي. امان جي ساهيڙي آهي.“ گل بهار چيو. سڀ مٿس کِليا، پر جيڪو وقت ويٺا رهيا، سو گل بهار ميراثيو جي مخصوص انداز ۾ هن جوڙي کي دعائون ڪندو رهيو. اُٿندي چيائين: ”چڱو دوستو، خوش رهو آباد رهو، پر هن ڏاڙهيءَ جي پارت اٿو.“

* * *

 

ائين نه چئو

چِنگ لِنگ کُو اصل پي چنگ (پيڪنگ) جي يونيورسٽي ۽ تعليمي ادارن جي علائقي وائي ڪُنگ سن جي رهاڪو هئي. هن پي چنگ (پيڪنگ) يونيورسٽي مان چيني زبان ۾ آنرس ڪئي هئي ۽ سندس خاص موضوع، محاورن جو مطالعو (Dialectology) هو. هن آنرس ۾ چيني زبان جي اٺن محاورن جو سرسري اڀياس ڪيو ۽ ڏکڻ چين جي اڪثر ننڍن محاورن/ اپڀاشائن جو به مطالعو ڪيائين. هونئن به چيني زبان جي اتر ڏکڻ جي محاورن ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. چنگ لنگ کي اهم محاورن فوڪينيز (Fukinese) ڌيان ڇڪائڻ لڳو. خاص طور اُن لاءِ هن پيڪنگ جي انسٽيٽيوٽ آف فارين لئنگويجز (غير ملڪي ٻولين جي اداري) ۾ داخلا ورتي ۽ انگريزي پڙهي. ڇهن مهينن ۾ هن انگريزيءَ جو نصاب پورو ڪيو. کيس استادن صلاح ڏني ته لنڊن اسڪول آف اورينٽل اسٽڊيز ۾ محاورن جي مطالعي لاءِ داخلا وٺي. ڏکڻ چپن مان ئي گهڻا چيني صدين کان لڏي ڇا اولهه ڇا اوڀر ويا هئا. انهن جو محاورو به فوڪينيز هو. چينگ لِنگ کي موقعو به ملي ويو ۽ هوءَ ائين لنڊن اچي پهتي.

چِنگ لِنگ کُو هڪ غريب خاندان جي ڇوڪري هئي. 1949ع ۾ چين جي آزاديءَ سان گڏ هن جو پيءُ به زميندار جي تُرم مان آزاد ٿيو ۽ نئين انقلابي حڪومت کيس مرڪزي بازار وانگ فُوچِين ۾ چانهن ۾ چانهن جي اسٽور تي رکيو، جتي هو محنت سان ڪم ڪرڻ لڳو. چِنگ کيس 1968ع ۾ ڄائي. هوءَ ٽن ٻارن ۾ ننڍي هئي. هُن جي ابتدائي تعليم به وائي ڪُنگ سُن ۾ ٿي. سندس ڪلاس ڀاين ۾ چانگ چيئي هن جي گهري دوست ٿي ويئي. ڇوڪرن ۾ وانگ سان هن جي چڱي گهرائي رهي، جيڪو هر وقت کيس انگريزي سکڻ ۽ انگريزي ڪتاب پڙهڻ لاءِ تاڪيد ڪندو رهندو هو. هُوءَ مطالعو ته ڪندي هئي، پر کيس گهڻو خفت ٻوليءَ جو مطالعو ڪرڻ جو هو. 1976ع ۾ پهرين وزير اعظم چواين لائي ۽ پوءِ چيئرمن مائو گذاري ويو ته لِن پيائو جا حامي اُڀري آيا ۽ تنگ شيائو ڦنگ ملڪ جو رهبر بنجي ويٺو. هن جي دؤر جي ابتدا ۾ ئي مادام مائو (چيانگ چنگ) ۽ سندس ساٿين کي عهدن تان لاهي نظر بند ڪيو ۽ لويو ويو تَنگ آمريڪي امداد سان چين ۾ تعميري ڪم ڪيو. چيئرمن مائو جي پاليسين کي خيرآباد چيو ويو. ڪميونزم به ڪمزرو پوندو ويو. چين ۾ قائم، ٿيل هڪ پارٽيءَ واري ”نئين جمهوريت“ کي جون 1989ع ۾ چئلينج ڪيو ويو ته ان کان اڳ چنگ لنگ کُو لنڊن پهچي چڪي هئي نه ته هڪ ٽئنڪ جو کاڄ بيشڪ ٿي وڃي ها؛ ڇو جو لنڊن رواني ٿيڻ وقت وانگ، چانگ چيئي ۽ ٻين ساٿين جي ڳاليهن ۾ هن کي اِها بوءِ آئي هئي.

چِنگ جي ملاقات دودي سان لنڊن جي چائنا ٽائون ۾ چيني نئين سال جي فنڪشن ۾ ٿي. ساڳئي اسڪول ۾ هجڻ ڪري ۽ خاص طور دودي جي ڪوٽ تي لڳل چيني ٻلو ڏسي چِنگ پهرين ڳالهايو ۽ دودي کان پڇيائين: ”هي ٻلو اوهان ڇو لڳايو آهي.“

”هي مون کي پنهنجي چاچي کان مليو آهي، جيڪو 1966ع ۾ چين ويو هو!“

”اوه! پوءِ آءٌ ته اُن سان ملي نه سگهي هونديسِ.“ چِنگ چيو.

”ها، جيڪڏهن ڄائي هوندئين ته.“

”ٻه سال پوءِ ڄائي هيس.“

”اِن خوشيءَ ۾ ڀائٽي سان ئي مل.“

اُن کان پوءِ اسڪول ۾ ملندا رهندا هئا.  چنگ ڏٺو ته دودي کي ڪي لفظ چيني زبان جا به آيا ٿي ۽ پي چنگ کان به واقف هو. هن کي پنهنجي چاچي کان اِهي ڳالهيون معلوم ٿيون هيون. هو هاڻي چنگ کي سلام بدران ’ني هائو‘ چوندو هو. هڪ ڏينهن اسڪول ڏانهن ويندي ٻنهي جي ملاقات ٿي. دودي ’ني هائو‘ چيو. چنگ مرڪي جواب ڏٺو ”ني هائو! تعليم ختم ڪري، هڪ ڀيرو مون سان گڏ پيڪنگ هل.“

”ها! بلڪل هلندس، جيڪڏهن تون تُنگ اُوڪُوان واري هوٽل ۾ سيخ ڪباب  ۽ من ٿئو کارائيندين!! دودي چيو. چنگ ٽهڪ ڏيئي کلي چيو ”اهو به توکي چاچي ٻڌايو آهي يا ڪتابن ۾ پڙهيو اٿئي؟“

”سنڌي ۾ لکيل ٻه ڪتاب به پڙهيا اٿم، پر گهڻيون ڳالهيون چاچي کان ٻڌيون اٿم. من ٿئو ٻاڦ تي ٺهيل ڪڻڪ جي روٽيءَ کي چئبو آهي. سن ڪيانگ هوٽل ۾ پلاءُ به ملندو آهي. ان کي سن ڪيانگ جي ٻوليءَ ۽ چيني ۾ پلاءُ ئي چئبو آهي. سن ڪيانگ چين جو اولهه وارو مسلمان آباديءَ وارو صوبو آهي. گاديءَ جو هنڌ اورُو مُوچي آهي. چيني ۾ هن صوبي جو نالو شِين چِيانگ آهي، جئن پيڪنگ ته انگريزي نالو آهي، اصل بي چينگ آهي يعني اُترين گادي دودي چيو: ”هي ڳالهيون چِنگ لنگ کو کي حيران ڪرڻ لاءِ ڪافي هيون. هن پڇيو: ”ته پوءِ توکي اِها به خبر هوندي ته نانڪنگ کي چينيءَ ۾ ڇا چئبو آهي ۽ ڪئنٽن جو چيني نالو ڇا آهي؟“

”نان چِنگ (ڏاکڻي گادي) ۽ ڪئنٽن جو نالو آهي ڪُوان چو- معنيٰ ڪونه ٿي اچي.“

چنگ تاڙيون وڄائيندي چيو ”هارائي ويو، هارائي ويو.“

”هوندو ڪو ٽنڊو غيره، جئن سُوچو ۽ هانگ چو وغيره“ ايتري ۾ ڪلاس جو ٽائيم ٿي ويو ۽ دودو امتحان کان بچي ويو.

پي چِنگ (پيڪنگ) ۾ گهڻو ڪري سڀني صوبن جي نالي گهٽ ۾ گهٽ وڏي اعليٰ درجي جي هوٽل آهي، جنهن ۾ اُن صوبي جو وايو منڊل ۽ خاص کاڌا ملندا آهن. سن ڪيانگ هوٽل وانگر سِڇُوان صوبي جي هوٽل ۾ وري اهڙا طعام ملندا آهن، جن ۾ مرچ نمايان هوندا آهن. پلاءُ ۾ چانور گهٽ مرچ گهڻا هوندا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com