سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1994ع

مضمون

صفحو :7


             
l

اظهر ٻانڀڻ

غزل

ماڪ ڦولن تي وسي مُرڪي پئي،
رات زلفن تي ٽمي مرڪي پئي.

 

سانوريءَ جي ريس ۾ اڄ مون ڏٺو،
شام ڀي سُرخي هڻي مُرڪي پئي.

 

راڳڻي جهومي پئي ۽ پيار مان،
گيت منهنجي کي چُمي مرڪي پئي.

 

آ هوا مُک تان ڪيو پردو پري،
چوڏُسان، ڏِسُ چاندني مرڪي پئي.

 

سونهن سينگاريندي پنهنجي، اوچتو
پاڻ هوءَ ۽ آرسي مُرڪي پئي.

 

لوڪ ساري کان لڪي هڪ پوپٽي،
منهنجي نيڻن ۾ ٽڪي مُرڪي پئي!
                       
l

محمد اسماعيل خاصخيلي

وصل جي واٽ ڏي کولي، مٺا منهنجي کٽي قسمت،
مران يا  مان  جيان   جاني ، اها  منهنجي  کٽي  قسمت.

حياتيءَ ۾ مٺا مون کي، پري توکان نه ٿيڻو آ،
پئي پلپل ڪبي توسان وفا منهنجي کٽي قسمت.

 

کڻي اکڙيون مٺا مون ڏي، ڀلا تون کِل ته مان خوش ٿيان،
مڃ محبوب!  اي پيارا، صدا منهنجي کٽي قسمت.

 

اول ۾ تو اسان سان هي، پرين ها پيچڙا پاتا،
مگر  هاڻي  نه  ڪر مون سان جفا، منهنجي کٽي قسمت.

هجر ۾ هي گهڙيون منهنجون، قيامت جي برابر ٿيون،
مٺا جاني نه ٿي جيئري جدا، منهنجي کٽي قسمت.

 

اڙي وئي دل مٺا توسان، ڪيان آزيون پيو توکي،
هلي   تون  هاڻ  مون  ڏي  آ  ڀلا، مـنهنجي کٽي قسمت.

ڪري لائق لکين پنهنجا، جڏو هي جيءُ جياري وڃ،
سڄڻ ايڏي نه ڏي مون کي سزا، منهنجي کٽي قسمت.

 

رهي ڦاٿل سدائين ٿو، سپاهي سورَ تنهنجي ۾،
اچي تون مل، نه ڏي مون کي ڏٽا، منهنجي کٽي قسمت.
                               
l

محمد علي ”ماجد“

سامهون شرمائين!
لڪي ڇو پوءِ در مان-
ليـــئا    ٿـــي    پــــائـــين؟

ڏسندي ئي ٿيان غرق
ساگر ۽ تو نيڻن ۾
ڪونهي   ڪو    فــــــرق.

پون سانوڻ مينهڙا
سڄڻ مون کي سارجانءِ
ياد ڪري سي ڏينهڙا.
             
l

امين زرداري

وائي

او    پرديــــــــسي     يــــار،

آءُ ته ڪريون روح رهاڻيون.

ڏاڍو مون کي آهي ستايو،

سپرين   تنهنجي   ســــار،

آءُ ته ڪريون روح رهاڻيون.

تنهنجو ساٿ سڄڻ آ منهنجي،

جــــيون    جـــــو   سينگار،

آءُ ته ڪريون روح رهاڻيون.

تنهنجي آئي روح اڱڻ تي،

ٽــــــڙنــــدا   گـــــل   هـــــزار،

آءُ ته ڪريون روح رهاڻيون.

تون آن سونهن سراپا تون ئي،

سهڻـــــــن   جــــــــو    ســـــــردار،

آءُ ته ڪريون روح رهاڻيون.

ڪيڏي آس امين کي آهي،

تنهنجو   ٿـــــئي    ديــــدار،

آءُ ته ڪريون روح رهاڻيون.

l

”آس“ ٻٻر

وائي

ڪيڏيون يار وَڻيون وو-

ڪڻيون ڪينجهر ڪَپ تي.

منهنجي من صحرا اندر،

تنهنجون   ســـــاروڻيون-

ڪڻيون ڪينجهر ڪَپ تي.

رومانــــويءَ  شام  جــو،

تنهنجي  ياد  گهـــڙيون-

ڪڻيون ڪينجهر ڪَپ تي.

سانجهيءَ منظر موهڻو،

ماڻـــــهوءَ  ۽  مڪـڙون-

ڪڻيون ڪينجهر ڪَپ تي.

يادن  جي  ته  اٿاهه ۾،

سٽون جي به  جڙيون-

ڪڻيون ڪينجهر ڪَپ تي.

ايندڙ پرئين  پار  کان،

مڪڙيون ’آَس‘ ڳڻيون-

ڪڻيون ڪينجهر ڪَپ تي.

علي اظهار

تو ڇا هٿ ڏنو، منهنجن راهن ۾،
                                         ڏيئا ٻري پيا.

تو جي يار پکيڙيون، تنهنجن ٻانهن ۾،
                                         ڏيئا ٻري پيا.

جيئن جو چنڊ چڙهيو، نمِ جي لامن ۾،
                                         ڏيئا ٻري پيا.

ڪنهن جي ڏسڻ سان ئي منهنجي پلڪن ۾،
                                         ڏيئا ٻري پيا.

يادون آيون اوچتو، ٿڪل لمحن ۾،
                                         ڏيئا ٻري پيا.

l

ثريا سوز ڏيلائي

رم جهم رم جهم ميلو آهي،
ڏاڍو رنگ رسيلو آهي،
هيڏي رونق هوندي سوندي،
ماڻهو ڄڻ ته اڪيلو آهي!

 

مُرڪي مُرڪي ملجي ٿو،
ڪيڏو خوش ٿي کَلجي ٿو،
جيون منجهه جهميلو آهي،
ماڻهو ڄڻ ته اڪيلو آهي!

 

جڳمڳ جڳمڳ جوت جلي پئي،
اونداهيءَ کي دور پَلي پئي،
جڳ سارو جَرڪيلو آهي،
ماڻهو ڄڻ ته اڪيلو آهي!

 

ڪيڏا سارنگَ رَچايون ٿا،
پنهنجو مَن پرچايون ٿا،
هَر هَر ڪيڏو حِيلو آهي،
ماڻهو ڄڻ ته اڪيلو آهي!

 

ڏسو ته ڪيڏا خوش آهيون،
هڪ ٻئي کي ٿا ڪيڏو چاهيون،
ميل ڪڍون پوءِ ميلو آهي،
ماڻهو ڄڻ ته اڪيلو آهي!

 

سوچ سٺي سان حالت مَٽبي،
تنهائي پڻ ويندي گهٽبي،
پوءِ ئي ته چئبو ميلو آهي!
ڪوئي هاڻي اڪيلو ناهي،
بيشڪ رِم جِهم ميلو آهي.
                  
l

 

 

”آزاد“ انور ڪانڌڙو

هائيڪا

مان هان اڪيلو،

هر گهٽي هر چؤنڪ تي،

متل آ ميلو.

 

اڄ صبح سوير،

ڪڙو کڙڪيو در جو،

آيو آهي ڪير؟

 

آئي آهه بهار.

موٽي مُند ملڻ جي،

ساجن لهه ڪا سار.

 

تنهنجي راهه ڏسي،

ڪاري ڪڪر جيان،

پيا نيڻ وسي.

l

فراز پيرزادو

سمنڊ جون آخر ڇُلنديون ڇوليون،
چنڊُ ڀي ٻوليندو ڪي ٻوليون.

 

دور افق جهونجهڙڪي ۾،
آءُ هلي ڪي يادون ڳوليون.

 

منهنجي ڪوتا ۾ جو آهي،
تنهن هن منهنجون راتيون روليون.

 

اُڀ ۾ رات ها ٻرندڙ شعلا،
وستيءَ وستيءَ آهن گوليون.

 

تنهنجو ڀي ڪو ملهه ته هوندو،
هت لڳن ٿيون سڀ تي ٻوليون.

 

هٿ تنهنجي ۾ خنجر آهي،
رت هاڻيون هِن اجريون چوليون.
                  
l

راحيله امان قريشي

وائي

توکي پئي ساريم،

تنهنجن يادن مـــان:

خوشبو وکري وئي!

گلن تي گيت لکيم،

ساري  لــفــظن  مان:

خوشبو وکري وئي!

نان لکي پاڻي ۾ اڇليم،

ساگـــر   لــــهرن   مــان:

خوشبو وکري وئي!

هن ٿي  وار  سـنواريا،

وکــــريل  زلــفن  مان:

خوشبو وکري وئي!

l

گل ڪونڌر

غزل

توکي پيار ڳالهيون ٻُڌائڻ ٿو چاهيان،
عجب نينهن توسان نڀائڻ ٿو چاهيان.

 

لڳي نه هجي لنؤن، ڪنهين ساڻ جهڙي،
اهڙي  لنؤن  مان  توسان  لڳائڻ  ٿو   چـــاهيان.

گهري تون ڀلي وٺ مون کان منهنجي جندڙي،
توکي دل جي ديوي بنائڻ ٿو چاهيان.

 

ڦُرڻ جي تون چاهين ڀلي تون ڦري وٺ،
توکان پنهنجو من مان ڦرائڻ ٿو چاهيان.

 

ساڙين ٿي جي مون کي ڀلي تون ساڙي ڇڏ،
توکان جان پنهنجي جلائڻ ٿو چاهيان.

 

مگر ياد رک تون ”گل“ جي زبان کي،
توکي پاڻ مان ڀي وڻائڻ ٿو چاهيان.
                         
l

ستار وسنداڻي

وائي

تو جي مون کي ارپيا،

جــــيون   ۾    گُــــلدان:

اکين سامهون ٿا ڦِرن.

رات سموري خواب ۾

ڪـــيڏا    قــــبرســــتان:

اکين سامهون ٿا ڦِرن.

موهن ديــبل ۽ اروڙ،

شهر   ٿيل   ويــران:

اکين سامهون ٿا ڦِرن.

ڪيئي ڪراچي روڊ تي،

ديـــــوانا     انــــــــــسان:

اکين سامهون ٿا ڦرن.

l

نياز ملاح

وائي

سُتل نيڻن ۾،

سندر سپنن ۾،

تنهنجي خوشبو هئي!

کوليم خط سارا

سڀني لفظن ۾،

تنهنجي خوشبو هئي!

پيرن جو آواز ۽

روڪيل ساهن ۾

تنهنجي خوشبو هئي!

توڙي زخمي ها

پوءِ به جذبن ۾

تنهنجي خوشبو هئي!

ويجهو جيئن ايندو ويس

شهر جي  رستن  ۾

تنهنجي خوشبو هئي!

هوءَ    هلي   ويئي

ليڪن  ڪمرن  ۾

تنهنجي خوشبو هئي!

l

جلال ڪوري

گيت

هوءَ ستارن جيئن چري،

آهي ڳالهيون ٿي وري،

چنڊ سوچي ٿو پيو!.

سامري  ڪهڙو   ڪندو،

هن سکيءَ سان هسري؟

منڊ سوچي ٿو ٿو پيو!

ڪيتري  آهي  ڪڙي

ديس تنهنجي دلبري!

ڏنڊ سوچي ٿو پيو!

ديس ڪهڙي کان وري

جيءَ جهڙي جل  پري!

کنڊ سوچي ٿو پيو!

l

خليل لاکير

ڪوهه ڇنڊين ٿو ڇوهُه؟
سائين! سدا سونهن ۾-
هوندو ڪونهي موههُ!

 

ڪوهه ڇنڊين ٿو ڇوههُ؟
سائين! مون تي ڪونه آ-
تنهنجو ڪوئي توههُ!

 

ڪوهه ڇنڊين ٿو ڇوههُ؟
پوڄا ڪرڻ پيار ۾-
ڪو ڀي ڪونهي ڏوههُ.
                 
l

 

 

امداد حسيني

ڪلهه ۽ اڄ

 

اڄ جو مون

هُن کي هُن جي نالي ساڻ سڏيو

هُن آکيو

”معاف ڪجو

مون کي مسز فلاڻي چؤ!“

۽ مون سوچيو،

هڪڙو ڀيرو

هُن آکيو هو:

معاف ڪجو

مون کي منهنجي نالي ساڻ سڏيو!“

ائين چئي هن پنهنجن وارن کي جهٽڪيو هو

۽ هُن جو پانڌ وڃي ڪنڊن سان اٽڪيو هو

۽ منهنجو من ڀٽڪيو هو!

مان ڪنڊن سان الجهيو اٽڪيو هوس

هُن جو پانڌ ڇڏائيندي

ساڄي آڱر جي پهرئين بُل تي

رت ڦڙو چمڪيو هو

جيڪو هُن جي سينڌ ۾

سيندور بڻيو هو!

پوءِ اسان ٻن

ائين ڪيو هو

جيئن وڻيو هو!

ڪلهه هوءَ مون سان ايئن مِلندي هئي

ندي ملي جيئن ساگر سان

اڄ هوءَ ايئن اچي ٽڪرائي

مٿو لڳي جئن پٿر سان!

T

ترجمو: امير علي چانڊيو

Yesterday and Today

FREE VERSE

I called her,

Today,

I called her by name

And She replied “excuse me!

Please Call me mrs. So  and so!”

I Recalled

Once She had said:

Excuse Me!

Call me by name!”

And she twitched her long black hair

Thus her skirt clung to the thorns

Which wrenched my heart

My bleeding heart!

And with drizzling drops of blood

I embroiled and entwined with thorns

And thus thorns pricked into my right finger

While unleashing edge of her skirt

Simmering glistening drop of blood

Oozing out on the finger tip

And it filled her parting head

Like a vermillion, like a minium.

We both, then

Did whatever we liked

And untill yesterday

Yes until yesterday

We met each other

As ocean and river usually meet

Today, she

Suddenly came across

I felt my head had clanged with the rock!

 

 

l

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com