سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

مضمون

صفحو :1

مهراڻ 1961ع، نمبر:پهريون

ايڊيٽر:غلام محمد گرامي

 

عاشقَ مَرندا ڪينڪي، رهندا ڪين مڪان ۾!

ديواني درياءَ جو، پيتئون پيالو پُر ڪري،

اَجر منجهه اَمر ٿيا، اُهي گڏيا ڪين جهان ۾.

غيب ۾ جي غرق ٿيا، تن گهاوَ گردن ۾ لڳا،

ٻولي ٻولن ٿا ٻي نه ڪا، اُهي رهن ’الامان‘ ۾.

ڪيئي پڙهندي سال ٿيا، روزا نمازون نفل نِي،

تن ڪُٺن ڪل ڪانه ڪا، باطون جي بيان ۾.

چِين ولايت گهر ڪري، گهَڙي گهارن ڪينڪي،

پَسن هادي حق کي، رهن ٿا بئبان ۾.

هردم آهي دم دوست ڏي، اُهي سونهن ٿا سرانجام ۾،

سو”سچوءَ“ کي ئي مليو، هي گُر اچي ته گيان ۾.

- سچل سرمست رحه

 

*

جهُليو جن تي حال، انهن کي آءُ ڪيئن نه سڃاڻان!

مڃن ماضي ڪينڪي، نڪو استقبال،

لِڪو ناهي لوڪ کؤن، انهن جو احوال،

جي مون پڇيو، جيڏيون، آهي وِرهه وصال،

’ووءِ-ووءِ‘ ٻاجهون تن کي، نڪو قيل نه قال،

”سچوءَ“ سڃاتو تن کي، جن کي عشق ڪمال.

سچل سرمست رحه

 

 

گذارش

 

نئون سال

 

هي عالم گونا گون رنگينن جو مظهر آهي. هر هڪ مظهر پنهنجي عجائبات جو حامل ۽ تغير پذير قدرن جو خالق آهي. زندگي هڪ روان ۽ دوان، مسلسل لامنتها عمل ۽ رد عمل آهي، جنهن جي ابتدا موهم ۽ انتها لامعلوم.عدم ۽ وجود جو هي فلسفيانه يا مذهبي تعمير، هر دور ۾ عالمن ۽ دانشمندن لاءِ توجهه طلب رهندو آيو آهي؛ پر فڪري ۽ فلسفيانه موشگافين جو سارو حاصل مطلب اهو آهي ته:

ڪي نه ڪشود، نه ڪشود، بحڪمت اين معامرا،

اها مام نهايت معنيٰ خيز آهي، پرعقل وارن لاءِ.

انسان، زندگيءَ جي خلعت فاخزه پهري، زمان ۽ مڪان جي گردش دوران ۾ سرگردان حيران ۽ پريشان، نالان ۽ دست بگريبان آهي، سندس جدوجهد ۽ تگ ودو، زمان ۽ مڪان جي تغير پذير ارتقا ۾ هڪ دائمي مثالي عمل ۽ حقيقي عمل جي حيثيت رکي ٿو، مظاهر فطرت کي مطالع ڪندي، ڏسندي وائسندي، واچيندي ۽ ووڙيندي، لکهان سال لتاڙيا اٿس.

سندس ان مطالعي، تجربي، مشاهدي ۽ تلاش مختلف علمن ۽ فنن کي جنم ڏنو آهي،ان حساب سان،اسين پنهنجن بزرگن جي لکها ورهين واري مطالعي ۽ شعور جا حقيقي وارث به آهيون ۽ ناقد به آهيون، ڇو ته انهن جي فيصلن ۽ نتيجن کي علم ۽ مطالعي جي دنيا ۾ وڏي حيثيت حاصل آهي، ۽ رهندي به.بلڪل ان وانگر، اسان جي تنقيد ۽ تحقيق جي وري آئنده دور لاءِ ماضيءَ جو شاندار ورثو بنجي ويندي، اسان جا ايندڙ نسل اسان جي علم ۽ تلاش، تجربي ۽ مشاهدي جو تنقيدي جائزو ائين ئي وٺندا، جيئن اسين پنهنجن اڳين بزرگن جي فڪري ڪاوشن کي جديد مقتضيات آهر سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا، ۽ پرکيون به ٿا، سکڻ ۽ پرکڻ جا اِهي معيار ۽ قدر، اسان جا ۽ اسان جي دور جا اهي بنيادي عناصر آهن، جن ۾ اسان جي زندگي، چڱي يا مَٺي، ’وقت‘ گذاري رهي آهي.

’وقت‘ پنهنجيءَ جاءِ تي هڪ زنده ۽ جاودان حقيقت آهي، جنهن کي اسين زماني جي اضافي، تقسيم سان بيان ۾ ڪريون ٿا، ماپيون به ٿا، ۽ سندس ملهه به ڪريون ٿا؛ حالانڪ جاچ ۽ ڳَڻَ جا اهي گز ۽ ماپا، وٽ ۽ توراڙا، اسان جا پنهنجا ذهني پيمانا آهن. محض اضافي، نسبتي ۽ غير حقيقي! اها راءِ دراصل هڪ ازلي ۽ ابدي حقيقت آهي، محض فلسفيانه موشگافي نه آهي، نڪا سائنسي لنتراني، اسان پنهنجيءَ سهولت لاءِ، ماپ ۽ تور جي ذهني پيمانن سان، اڄ ۽ سڀاڻي، ڪالهه ۽ پرهينءَ کي جنم ڏنو؛ هفتا، مهينا، سال ۽ صديون گهڙي وڌا؛ ۽ روشن خياليءَ ثبوت ڏيندي، ’ماضي ۽ حال ۽ استقبال‘ چئي ويٺاسون_حالانڪ نڪو ’ماضي‘ جو وجود، نڪو ’استقبال‘جو وجود؛ اگر ڪجهه آهي ته اهو ’حال‘ آهي، جنهن ۾ اسين آهيون، ۽ جو اسان ۾ آهي؛ اسان کان سواءِ، حال بي معنيٰ ۽ ’حال‘ کان سواءِ اسان جو وجود لا يعنيٰ! هن عظيم فلسفيانه حقيقت کي اسان جي سنڌي عارف، شاهه لطيف، ٻه صديون اڳ هن طرح بيان ڪيو آهي؛

ڪنين ماضي من ۾، ڪنين استقبال،

حيف تنين جي حال،جن وساريو حال کي.

’شاهه‘ پنهنجيءَ عظيم تنقيدي نظر سان ’زمان‘ جي تسلسل ۽ بي ربط تقسيم ڏانهن اشارو ڪيو آهي، سنڌ جي ٻئي دانشمند صوفيءَ، صديق فقير، وري هن طرح ورجايو آهي؛

جيڪي آهي’اڄ‘سو سڀان ناهه،”صديق“چئي،

واڄي وانگر وڄ،مٿي کي مُرلي ڪري!

’اڄ ۽ سڀان‘ جي ان اضافي ڇنڊ ڇاڻ ۾ اسان جي سنڌي دانشمندي انسان جي عظيم جدوجهد کي مقصود بذات قرار ڏنو آهي، ۽ نه زماني جي قُرب ۽ بُعد کي ڪا اهميت بخشي آهي. اجهو، جنهن کي ’اڄ‘ ٿا سڏيون، سو سڀاڻي تي ’ڪلهه‘ ٿي ويندو! چند گهڙين جي گذرڻ کي ’اڄ‘، ’سڀان‘ ۽ ’ڪلهه‘ سڏي، اسان انساني زندگيءَ ۾ ان جي پيچيدن مسئلن جو ڪهڙو حل پيدا ڪيو آهي؟_ان کي ڪي سمجهو ئي سمجهي سگهن ٿا. اجهو، سچل بادشاهه هن طرح ٿو مهميز ڏئي؛

مڃن ماضي ڪينڪي، نڪو استقبال،

لڪو ناهي لوڪ کؤن، انهن جو احوال.

انسان جي جدوجهد کي ’زمان‘ جي اضافي نسبتن سان ماپڻ، منطقي طور به صحيح نه آهي. هر عمل جي ’ڪيفيت‘ ۽ ’ڪميت‘ ان افاديت ۽ دقت پسنديءَ سان لازم آهي، لوهه جي ٽڪر کي گرم ڪري، مترڪن سان مروڙي، ميخ ٺاهڻ ۾ جا جهَٽَ گذري ٿي، اُن ’جهَٽَ‘ کي تخليقي حيثيت کان ڇا چئبو؟ ڪهڙي قدر ۽ ڪهڙي معيار سان ان ’وقت‘جو وزن ڪبو؟_ جڏهن ان ’ميخ‘ جي، مادي حيثيت سان، هليءَ چليءَ موجب قيمت ٿيندي رڳا چار ڏوڪڙ! آيا چئن ڏوڪڙن کي معيار ۽ قدر مقرر ڪري وقت ۽ وَٿ جي قيمت ساربي، ياوقت جي تيز رويءَ کي اڳيان رکي چئبو ته جڏهن ته ’ميخ‘ پندرهن منٽن ۾ جڙي راس ٿي آهي، تڏهن ان جو ملهه ’چار ڏوڪڙ‘ ڪٿڻ انساني ذهن جو مغالطو آهي؛ هن وَٿ جي قيمت ته ڪو بادشاهه ڪٿي سگهي ٿو! ان جي مقابلي ۾، ڪو وينجهار، موتين کي پرکي، ڪَڇَ کي ڪوري، ونڌي، سَڳن ۾ سوري، هڪ نو لَکو هار بنائي اچي ٿو اڳيان رکي ۽ ’ميخ‘ جي مقابلي ۾،’مهينا‘ لڳايو ڇڏي. سندس پرکڻ ۽ ڇنڊڇاڻ، ونڌڻ ۽ ڪورڻ کي لوهه جي مترڪن واريءَ ’مروڙ_سروڙ‘ سان پرکبو، ته پوءِ اهو ئي سطحي نتيجو نڪرندو ته جڏهن ته ’وقت‘ تمام گهڻو لڳو آهي، تڏهن هن جي قيمت، ميخ جي قيمت کان به گهٽ هئڻ گهرجي _ وڌ ۾ وڌ ٻه ڏوڪڙ! بهرحال، اسان جي ذاتي ۽ ذهني ماپن ۽ توراڙن،’وَٿ ۽ وقت، محنت ۽ افاديت‘ کي جڏهن ته مٿين قسم جي ’قدرن ۽ معيارن‘ سان پئي پرکيو آهي، جن ۾ ’ڪيفيت ۽ ڪميت‘ (quality and quantity) کي به نظر انداز پئي ڪيو ويو آهي، تڏهن اسان جو فيصلو هر حال ۾ غلط پئي نڪتو آهي. ان صورتحال تي سنڌي عارف کان به رڙ نڪري وئي آهي؛ چي،

ويا سي وينجهار،هيرا لال ونڌين جي!

اهي هيرن ۽ لالن جا ونڌيندڙ وينجهار ڇو ويا؟ جواب ڏنائين؛

اَگهيو ڪائو ڪَچ، ماڻڪن موٽ ٿي،

پلئه پايو سچ، اَڇيندي لڄ مران!

’شاهه‘ انهن وينجهارن جي بيقدري، هنرمندن جي عدم مقبوليت، خريدارن ۽ شوقينن جي عدم بصيرت تي سخت چوٽ ڪئي آهي،جي ڪَچ ۽ سچ، ماڻڪ ۽ ڪائي ۾ فرق نه ڪري سگهيا! جن وينجهارن جي ونِڌَ ۽ پُوچَ کي لوهار جي مترڪن جي معيار سان پرکي ملهه ڪيو، تن مت ۽ هڙ جي کُٽل خريدارن اڳيان سچ کي پلؤ ۾ پائي اَڇيندي، ڪو هنرمند لڄ نه مرندو ته ڀلا جيئندو به ڇا؟ اڳتي هلي ’شاهه‘ چيو آهي؛

تنين سندا پوئيان،سيهي لهن نه سار،

ڪُٽن ڪُٽ لوهار،هاڻي اُنهين ڀيڻئين!

ويچارن ويجهارن جي دُخاڻن تي لوهارن جي مترڪي بازي ۽ ڪُٽ ڪُٽان، وٺ وٺان ۽ هڻ هڻان کي ڏسي،’شاهه‘ جا مهميز ڏني آهي، اها تازيانه عبرت به آهي، ۽ سندس تنقيدي جزالت به، شال اسان ۾ به ’شاهه‘ جو شعور پيدا ٿئي، ۽ اسين ’ڪيفيت ۽ ڪميت‘ جي معيارن سان وَٿ جو ملهه ڪَٿي سگهون! رڍون مڙيئي ٻوٿَ ڪاريون سهي، پر ’رڍ‘ رڳو ’ڪاري رنگ واري مُنهن‘ جو ته نالو ڪو نه آهي! ’سَٺ ۾ ٽي ويهون‘ ته ٺيڪ، پر رپين ۽ ٺڪرين ۾ فرق ته ضروري آهي. اهو ’فرق مراتب‘ اهي تنقيدي شعور، جو ويو ته هڙئي هلاڪ!

هر امر جدا گانه حڪمي دارد،

گر فرق مِراتب نه ڪني، زنديقي.

عارفن ’فرق مراتب‘ نه ڪرڻ کي لامذهبيت، الحاد ۽ زنديقيت سڏيو آهي، جنس جنس جو مُلهه آهي. سنڌي سُگهڙ چون ٿا،’بابا، مال تي مُلهه آهي‘. ’ماپي‘ جو ملهه نه آهي، پر ’وَٿ‘ جو ملهه آهي. سون ۽ لوهه جي مڻ ۾ ڪو صوري ۽ معنوي فرق ضرور رکبو، توڙي جو ماڻَ وارو وَٽ ته ساڳيو ’مَڻُ‘ ئي آهي، هر حال ۾ ذوق نطر کي ’جنس‘ ڏانهن رکبو ۽ نه ماڻَ ۽ ماپ ڏانهن.

اي اهل نِظر، ذوق نِظر خوب هي، ليڪن

جو شي ڪي حقيقت ڪو نه سمجهي وه نظر کيا!

ڳالهه شروع ڪئيسون زماني ۽ وقت جي، پر بحث وڃي ڪيفيت ۽ ڪميت جي فلسفيانه موضوع تائين پهتو.حاصل ڪلام،چئي چڪا آهيون ته اڄ ۽ سڀان، ڪلهه ۽ پرينءَ، راتيون ۽ ڏينهن، هفتا ۽ مهينا، سال ۽ صديون، جُڳَ جڳاندر، ڪل جڳ ۽ ست جڳ سميت آهن اسان جون ذهني پيمائشون، دماغي اختراع ۽ ٺڪاءَ؛ ورنه زمانو آهي ازلي ابديت، ۽ ابدي ازليت! نه ڪو ماضي، نه ڪو حال، نه ڪو استقبال_هڪ مسلسل ۽ لامنتها جدوجهد، تاڻو تاڻ ۽ هل هلان_ لامحدود، غير سڪون آشنا، روان ۽ دوان؛

ازل ان کي پيڇي ابد سامني،

دمادم روان هي يم زِندگي.

ابد ۽ اهو وقت، ازل به اهو وقت. سنڌي عارف ڪهڙو نه سچ چيو آهي؛

جيڪس قيام مڙِن، ته ڪَرَ اوڏا سپرين!

’شاهه‘ ته ڪاريءَ قيام کي به ’اوڏو‘ پيو سڏي _ پوءِ اها قيام ڀلي ته ست جڳ ۽ ڪل جڳ کان پوءِ اچي!ڀلي ته سائنسدانن جي چوڻ موجب اربها ارب ۽ کربها کرب سال، سي به فُوري گذري وڃن_۽ هر نُوري سال جي ڊيگهه چون ٿا، اسان جا مقرر ڪيل ڪروڙها سال! بس، اهو آهي اسان جي وقت جو حساب ڪتاب، جنهن لاءِ پيا چئون ته هفتو ٿيو، مهينا گذريا، ۽ ورهيه لڳي ويا! اها آهي حقيقت، ۽ ٻي آهي اسان جي ڪَٿَ ۽ ماپ. حالانڪ يوناني ۽ عربي فيلسوفن ته هزارين سال اڳ چئي ڇڏيو آهي_ زمانو، حرڪت جي’مقدار‘ جو نالو آهي، جا ’حرڪت‘زماني جو هڪ ظهور آهي. اسان جو وجود به حرڪت جي هڪ مقدار سان ئي’متعين‘ ٿئي ٿو، ٻيو ان کان وڌيڪ ڪجهه ڪين آهي.

اهو آهي يوناني ۽ عرب فيلسوفن جو ٿلهو ليکو، جنهن کي به اسين ته ڪين سمجهي سگهيا آهيو...حيف آهي اسان جي حال تي!

ڳالهه کٽائڻي، ٻارهن مهينا خير سان پورا ٿيا. اسين 1961ع جي نئين سال ۾ قدم رکي چڪا آهيون. ’مهراڻ‘ جو هي پرچو، هلندڙ سال جو پهريون پرچو آهي. دير مدار جو فلسفو ۽ ڪَڇَ ماپ، ڪيفيت ۽ ڪميت جي لحاظ سان، ڪا ئي ۽ ڪچ، موتيءَ ۽ ماڻڪ جي ملهه ۽ افاديت آهر پرکڻ گهرجي، ته پوءِ ليکو سولو آهي.

 

مهراڻ

 

’مهراڻ‘هڪ فڪري ۽ دانشمندانه دعوت کي کڻي، سنڌي ادب ۾ 1946ع ۾ جنم وٺي، جمود ۽ بيحالي جي خلاف مسلسل چوڏهن سالن کان ادب جي ترقي پذير قدرن کي پيش ڪندو رهيو آهي. ’مهراڻ‘جن پاڪ نهاد اديبن جي ڪاوشن ۽ فني ڪوششن سان وجود ۾ آيو، تن ۾ جناب عثمان علي انصاريءَ جو اسم گرامي سر فهرست آهي. سنڌي ادب ۽ ڪلچر جي هن ڄاڻوءَ، شاهه جي ڪلام ۽ پيغام جي محقق، سنڌي زبان جي منفرد اهل قلم،’مهراڻ‘ جو سنگ بنياد ان وقت رکيو، جڏهن سنڌي ادبي بورڊ جي موجوده هيئت ڪا نه هئي، ۽ ’سنڌي مرڪزي صلاحڪار بورڊ‘ جي اڃا ابتدائي تشڪيل مس ٿي چڪي هئي، جنهن جو مکيه روح روان به انصاري صاحب پاڻ هو. سندس توجهه ۽ تربيت، خدمت ۽ جدوجهد سان هڪ طرف سنڌي ادبي بورڊ وجود ۾ آيو، ۽ ٻئي طرف ’مهراڻ‘ سنڌي ادب لاءِ ’سنگ ميل‘ جي حيثيت حاصل ڪري، دنياوي ادب ۾ هڪ مثالي پرچو شمار ڪرڻ ۾ آيو. ’مهراڻ‘ جو موجوده بلند معيار ۽ افادي مقام دراصل ان دور جو مرهونِ منت آهي، جنهن دور ۾ ڪنهن سنڌي رسالي کي شايع ڪرڻ جُوي شِير وهائڻ کان گهٽ دقت پسند ڪم ڪين هو. ’الفضل للمتقد‘.

’مهراڻ‘ جي ابتدا مارچ 1946ع ۾ ٿي. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب عثمان علي انصاري، مولانا دين محمد وفائي، پروفيسر هرومل سدارنگاڻي ۽ مسٽر لالچند امرڏنو مل جڳتياڻي هئا. ان جو ٻيو دور 1955ع ۾ شروع ٿيو، جو باقاعدي ۽ مسلسل هن وقت تائين قائم ۽ دائم آهي. اِن دور ۾ جويو صاحب، علامه دائود پوٽو مرحوم، ڊاڪٽر بلوچ صاحب ۽ سيد حسام الدين راشدي صاحب، يڪي بعد ديگر ’مهراڻ‘ جي ادارت ڪندا آيا آهن. ’مهراڻ‘ ٻنهي دورن ۾ معنوي ۽ افادي حيثيت سان معياري رهيو، پر جڏهن ته پڙهندڙن جو علمي معيار ۽ ادبي ذوق هر حال ۾ جدا جدا ٿئي ٿو، تڏهن لازمي طور ڪن دوستن کي ڪي اوڻايون به نظر آيون هونديون، نه ته هر ڪنهن حلقهء خيال وٽ ’مهراڻ‘ کي قدر ۽ تحسين جي نگاهه سان پئي ڏٺو ويو آهي. پسند ۽ نظر جو اهو فرق جڏهن ته لازمي امر آهي، تڏهن، مخلصانه جدوجهد ڪندي، نه ڪنهن وقتي مسرت جي گنجائش رهي ٿي ۽ نه ڪو غم جو جهوراڻو ئي ويجهو اچي ٿو.

ادب جڏهن ته زندگيءَ جو سنواريندڙ ۽ معمار آهي، تڏهن، ان جي خدمت ڪندي، زندگي بخش ۽ فڪر انگيز مواد کي سهيڙيندي ۽ سنواريندي، روح کي ايتري طمانيت پهچي ٿي، جا سڀ ڏک سور ميٽي ٿي ڇڏي. البت اهل ذوق پڙهندڙن جي تحسين کي حوصله افزائيءَ جي مترادف ضرور سمجهيو ويو آهي.

’مهراڻ‘ سنڌي ادبي بورڊ جو مثالي ۽ مقبول عام پرچو آهي، ۽ اشاعت جي سلسلي ۾ خود سنڌي ادبي بورڊ لاءِ ’علاماتي‘حيثيت حاصل ڪري چڪو آهي، هونئن ته ادبي دنيا ۾ ڪيئي ادارا آهن، جي علمي ادبي ڪتاب پيا شايع ڪن. انجمن ترقيء اردو، پنجاب ايڪڊمي، پشتو ايڪڊمي، بلوچي ايڪڊمي، گجراتي مرڪز ۽ بزم ترقيءَ ادب اردو جو خدمتن کان هر ڪو واقف آهي. پر انهن وٽ، ڪتابن کان سواءِ، ’مهراڻ‘ جهڙو ڪو علمي ۽ ادبي رسالو ڪونه آهي. اهو شرف رڳو ”سنڌي ادبي بورڊ“ کي حاصل آهي جنهن جي رسالي مهراڻ جو معيار نهايت بلند آهي، ۽ سندس معيار ۽ ساک، شهرت ۽ مقبوليت سان هند ۽ سنڌ جو ڪو به رسالو برميچي نٿو سگهي، هونئن به، پاڪستان جي علائقائي زبانن ۾ نه ايترو معياري ادب آهي، ۽ نه وٽن ايترا اديب ئي آهن، جن جي ڪاوشن ۽ علمي تحقيقات سان هوند ’مهراڻ‘ جهڙو ڪو شاندار پرچو شايع ڪري سگهن.

’مهراڻ‘ جي ان بلند معيار ۽ ادبي خدمت لاءِ تحسين ۽ آفرين جو مستحق ’بورڊ‘ آهي ۽ ان سان گڏ سنڌ جا اديب ۽ عالم، دانشمند ۽ فنڪار، جي ڪنهن به انعام ۽ لالچ، معاوضي ۽ امداد جهريءَ پست جاذبيت کان سواءِ، فقط ادب ۽ سنڌي زبان جي خدمت لاءِ ايترو شسته، معياري، تعميري ۽ اعليٰ درجي جي مواد پهچائين ٿا، جنهن جو عشر عشير به هند ۽ سنڌ جي ڪنهن ماهوار يا سماهي رسالي کي پلئه نٿو پئجي سگهي.

علاقائي ادب ۾ ’مهراڻ‘ جي اها معياري حيثيت، سنڌ جي اديبن، مفڪرن، مؤرخن، محققن، شاعرن، فنڪارن ۽ سُگهڙن جي مخلصانه تعاون جو نتيجو آهي، جي سنڌي ادب جي نشو نما ۽ ارتقا لاءِ رات ڏينهن نُور نچوئي عملي جهاد ۾ مصروف آهن، جي جديد دور جي بين الاقوامي، لساني ۽ ادبي تقاضائن کي سمجهن ٿا، ۽ جن جو اهو عقيدو آهي ته اسان جي قومي زندگيءَ ۽ تهذيبي ۽ ثقافتي تازگيءَ جو مدار لساني ورثي تي آهي.

اها به حقيقت آهي ته هن دور ۾ لسانيات ۽ ادب جي ميدان ۾ پاڪستان جو علاقائي ادب ۽ ان جا اديب_سنڌي، پنجابي، گجراتي، بلوچي، ۽ پشتو وارا_لساني جهاد ۾ مصروف آهن، ۽ پنهنجن لساني حقن لاءِ ادبي طور مخلصانه نموني ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، پر سنڌي اديب انهن کان گهڻو اڳتي وڌي چڪا آهن، ان سلسلي ۾، اردو ۽ بنگاليءَ جي امتيازي مقام کان قطعه نظر، پنجابي ايڪڊمي، گجراتي مرڪز ۽ بلوچ ايڪڊمي سبقت جي گوءِ کڻڻ لاءِ مصروف آهن؛ حالانڪ اردو ۽ بنگاليءَ جهڙين سرڪاري زبانن کان سواءِ باقي سڀ علاقائي زبانون ۽ سندن ادب، سنڌي ادب جي مقابلي ۾ نڪو اهڙا قابل فخر لساني معيار رکن ٿيون، نڪو سندن ثقافت ئي اهڙي زنده ۽ صحت بخش آهي، ۽ نڪو سندن ادبي قدر هن جديد دور جي عالمگير انساني قدرن جا حامل آهن، انهن جاڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتاب گڏي اگر ڪو تخمينو ڪيو وڃي ته پوءِ به سنڌي ادب سان، ڪيفيت ۽ ڪميت جي لحاظ کان، سندن ڪو مقابلو ٿي نٿو سگهي، باقي رهيو رسالي جو سوال، سو هيل تائين فقط ”پنجابي“ نالي رسالي جون چند اشاعتون نظر مان گذريون آهن. اهو رسالو به سندس ايڊيٽر، مولانا عبدالمجيد ’سالڪ‘ جي وفات کان پوءِ قريب قريب ختم ٿي چڪو آهي. باقي زبانن ۾، عليٰ هذاالقياس.

اهڙي دور ۾ اهل قلم بزرگن کي به گذارش آهي ته هو، روايات سابقه موجب، پنهنجيءَ تحرير ۽ تخليق کي ذرا تيز ڪن؛ ڇا لاءِ ته موجوده سنڌي ادب ۽ سنڌي ثقافت جي زندگيءَ ۽ اشاعت جو سوال سندن فني ڪاوشن سان وابسته آهي. سندن توجهه سان ئي سنڌي ادب ۽ رسالا، مخزنون، اخبارون ۽ ڪتاب ڇپجي رهيا آهن، ورنه سنڌي ادب جو حال به ٻين علاقائي زبانن وانگر هجي ها، جن وٽ نڪي آهن معياري رسالا ۽ ڪتاب، ۽ نڪي آهن وٽن ايتريون اخبارون. اهو به امتيازي فرق آهي ته سنڌيءَ جي مقابلي ۾ ٻين علاقائي زبانن ۾، اردو ۽ بنگاليءَ کان سواءِ، آڱرين تي ڳڻڻ جيترا اهل قلم مس ملي سگهندا. انهن جي مقابلي ۾ سنڌي اديب سوين ۽ هزارين آهن، جي پنهنجيءَ تحرير ۽ تخليق سان لساني مقابلي جي ميدان ۾ هڪ فوجي دستي وانگر ڪم ڪري رهيا آهن. سنڌي اديبن جي تعاون ۽ حوصله افزائيءَ جي اها ڪيفيت ڪا گهٽ حوصله افزا ۽ مسرت انگيز ڪا نه آهي جو هڪ ’مهراڻ‘ ۽ ’نئين زندگيءَ‘ جهڙا رسالا ماهوار ۽ ٽماهي شايع ڪري سگهجن ٿا. پر سوال فقط ’ڇپائيءَ‘ جو آهي؛ ڪو ڇاپڻ وارو هجي، باقي مواد جي ته ڪا ڪمي ڪا نه آهي.

وکر ڍيرؤن ڍير، پر وهائو ويسلا!

سنڌي ادب ۾ وَکر جي ڪا قلت ڪا نه آهي، پر ڪو خريدار ۽ وڻجارو به هجي نه ! ’مهراڻ‘ جو ضخيم نمبر، 350 صحفن جو، 1960ع جو آخري پرچو تازو شايع ٿي چڪو آهي، هر پرچو 1961ع جي پهرينءَ ششماهيءَ جو به اِن ئي مهيني ۾ شايع ڪيو ويو آهي. ڊڪلريشن ۽ ان جي فني تقاضائن جي پورائيءَ لاءِ، هي پرچو اگرچ ضخامت جي لحاظ سان صفحن ۾ گهٽ آهي، پر معيار جي حيثيت سان روايتي بلندين جو حامل آهي. ان کان پوءِ اپريل_مئي_جون 61ع جو پرچو پڻ پوري آب تاب سان پنهنجي وقت تي شايع ٿي رهيو آهي. ان جو مواد (اٽڪل اڍائي سؤ صفحن تي مشتمل) پريس ۾ پهچي چڪو آهي، ۽ ڇپائيءَ جا مرحلا تيزيءَ سان طي ڪري رهيو آهي. اميد آهي ته بنا ڪنهن ناگهاني کانجائي جي رسالو اشاعت پذير ٿي پنهنجن ناظرين جي علمي تشنگيءَ کي اُجهائيندو ۽ گذريل دور جي دير مدار جي تلافي ڪندو _ السعي مني والاتمام من الله تعاليٰ.

هن پرچي جو مواد

هن پرچي ۾، دستور موجب، فن ۽ فڪر جي مختلف صنفن تي معياري ۽ فڪرانگيز مواد پيش ڪيو ويو آهي.

حصه نظم ۾ بيت، ڏوهيڙا، ڪافيون، وايون، گيت، نظم، آزاد نظم، ترائيل، غزل، قطعا ۽ رباعيون پيش ڪري رهيا آهيون. هن حصي جي سينگاريندڙن ۾ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، ميران محمد شاهه، گوورڌن محبوباڻي، هري دلگير، ارجن ’شاد‘، عبدالحليم ’جوش‘، ’نياز‘همايوني، محمد خان ’غني‘، ’سليم ڳاڙهوي‘، سرشار عقيلي، ڊاڪٽر ’خليل‘، ليکراج ’عزيز‘، مخدوم امين ’فهيم‘، عبدالله ’خواب‘، سگهڙ ٻيڙو ڪنڀر، نعيم دريشاڻي، نثار بزمي، برڪت علي ’آزاد‘، ’تاج‘ بلوچ، هريڪانت، نيازعلي ’محسن‘، ’ناطق‘ ’امداد‘، ’ذوالفقار‘ راشدي، موتي پرڪاش، ’سوز‘ ’آصف‘، ’معمور‘، ’شام‘، ’رضا‘، ۽ ٻيا ڪينه مشق ۽ نوان شاعر اچي وڃن ٿا.

افسانن ۾، طارق اشرف جو ’چهڪ‘، نسيم کرل جو ’خاڪي پنهنجيءَ فطرت ۾‘، غلام نبي مغل جو ’سهڻو سور‘، حميد سنڌيءَ جو ’زندگي بنجي نه شل سسئيءَ جا سور‘، بهترين اصلي افسانا آهن. ترجمن ۾ خواجه احمد عباس جو افسانو، ممتاز مرزا ترجمو ڪيو آهي_’ ڏِيا تيل ڦليل جا، ٻاريم تائين ٻانگ‘. ڪرشن چندر جو ’چيني پنکو‘، نظيري ٿيٻه ترجمو ڪيو آهي.هنريڪ ايبسن جو ’هيڊا گابلر’، نياز شاهد ترجمو ڪيو آهي. اهي سڀ معياري افسانا آهن.

مقالن ۾، جناب عثمان علي انصاريءَ جو مقالو، ’سنڌ جي تهذيب‘، هڪ تهذيبي ۽ ثقافتي چيز آهي، جنهن ۾ واديء مهراڻ جي سادي ۽ ايمان افروز تهذيبي حيثيت کي بين الاقوامي تهذيبي قدرن جي مقابلي ۾ پيش ڪري، سنڌي تهذيب جي ترجيحي حيثيت کي نمايان ڪيو ويو آهي. ان کان پوءِ ’منصوره‘ جي تاريخي، علمي ۽ تهذيبي حيثيت ۽ عربن جي دور جي پس منظر متعلق سنڌ جي مشهور محقق ۽ مورخ سيد حسام الدين راشديءَ جو مقالو آيل آهي، جو پنهنجيءَ تاريخي حيثيت سان سنڌ جي تاريخ جو اهم باب آهي ۽ نهايت معلومات افزا چيز آهي. شيخ ’اياز‘ جا خط پنهنجي انشائيه انداز ۽ ندرت طرازيءَ جي حيثيت سان شهپارا آهن؛ ادب ۽ زبان جي لحاظ سان معلومات ۽ مشاهدي جي لحاظ سان، فڪرانگيز به آهن، ۽ لذيذ به، پروفيسر طاهر عليءَ پنهنجي مضمون ۾ امير خسروءَ جي حالات ۽ شاعرانه ۽ ادبي ڪمالات متعلق مفصل بحث ڪيو آهي؛ خاص طرح طوائف الملوڪيءَ واري دور جي عبرت انگيز نقاب ڪشائي ڪري، خسروءَ جي جامع ۽ همه گير سياسي بصيرت کي اُجاگر ڪيو ويو آهي، ۽ معلومات افزا مقالو آهي. ’ليلا_مجنون‘، مصر جي مشهور نابينا عالم ڊاڪٽر طٰہ حسين جو تحقيقي مقالو آهي، جنهن تاريخي ۽ تنقيدي حيثيت سان جڳ_مشهور عشقيه روايت، ’ليلا ۽ مجنون‘، کي مدلل طرح سان هڪ فرضي قصو ثابت ڪيو آهي،۽ علمي ۽ ادبي دنيا ۾ هڪ نئين ۽ فڪرانگيز بحث جو آغاز ڪيو آهي.’فيس‘عامريءَ جي ان پراڻيءَ روايت کي هونئن ته صدين کان عرب ۽ عجم، هند ۽ سنڌ ۾ تاريخي روايت واري حيثيت ملي چڪي آهي، پرعلامه طٰہ حسين پنهنجيءَ تحقيق سان ان روايت کي درايت جي ڪسوٽيءَ تي پرکي، اپيل ڪئي آهي ته اديبن ۽ عالمن کي گهرجي ته هو پنهنجن روايتن کي درايت جي روشنيءَ ۾ مطالع ڪرڻ سکن، ڇو ته جامد تلقيد هميشه انساني شعور لاءِ مهلڪ ثابت ٿي آهي. ان جو ترجمو ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ ڪيو آهي.

آخر ۾ ’مهراڻ‘ جا موتي، مثالي ٽڪرا، ۽ تبصرا آيل آهن.

اميد آهي ته ’مهراڻ‘ جا ناظرين ڪرام ۽ ادبي عظام پنهنجي تعاون ۽ امداد سان اسان کي بدستور نوازيندا رهندا؛ ’مهراڻ‘ سان پرت جا پيچ ۽ پيوند ۽ پختا رکيو ايندا، ۽ هر حال ۾ ناتو نباهيندا رهندا.

آخر ۾ آءٌ محترمي شمشيرالحيدري، اسسٽنٽ ايڊيٽر ’مهراڻ‘، جي ڪارڪردگيءَ جو شڪر گذار آهيان، جنهن مواد جي ترتيب ۽ اشاعت ۾ فني طور تحسين جوڳو تعاون ڪيو آهي.

محترم علي بخش احمد زئي، بورڊ جو پريس مئنيجر، ۽ سندس ڪارڪن پڻ شڪريي جا مستحق آهن، جن ’مهراڻ‘ کي هڪ مهيني جي مدت ۾ ڇاپڻ جو مثال قائم ڪري، پنهنجي تعاون جو سٺو ثبوت ڏنو آهي.

محترم جويي صاحب جي واپسي

محترم محمد ابراهيم جويو، جو سنڌي ادبي بورڊ جو پهريون سيڪريٽري ٿي تعليم کاتي مان آيل هو، سو تعليم کاتي جي اصرار تي، سنڌي ادبي بورڊ جي خدمات کان فارغ ڪري، واپس گهرايو ويو آهي، جويو صاحب ’بورڊ‘ جو پهريون صاحب فن اديب ۽ منتظم هو. سندس علمي، ادبي ۽ فني خدمتن جو اعتراف هر حلقهء فڪر وارن وٽ مسلمه حقيقت حاصل ڪري چڪو آهي، هينئر تعليم کاتي ۾ اسسٽنٽ پبليڪيشن آفيسر جي منصب تي فائز ٿيڻ کي سندس فنڪارانه صلاحيتن جي خدمت لاءِ بهترين انتخاب چئي سگهجي ٿو.

جويو صاحب طباعت ۽ ايڊٽ جي جديد ۽ قديم فن ۽ پريس جي معاملات جو وڏو ڄاڻو آهي. ادبي بورڊ جون اشاعتون ۽ انهن جو انفرادي معيار سندس فنڪارانه ڪاوشن جو شاهڪار آهي.فن طباعت جي باريڪ ۽ لطيف چيزن کي صحيح طور استعمال ڪرڻ ۽ اجاگر ڪرڻ ۾ جويي صاحب کي ماهرانه دسترسي ۽ يدطوليٰ حاصل آهي. سنڌي ادبي بورڊ کي لامحاله اهڙي اهل فن جي خدمتن ۽ صلاحيتن جي ڪمي محسوس ٿيندي.

افسوس جو ڪن فني ۽ ملازمت جي سلسلي ۾ اڻٽر اسباب ماتحت، تعليم کاتو جويي صاحب کي پاڻ ڏانهن جذب ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي. پاڻ ’مهراڻ‘ جي نئين دور ۾ ايڊيٽر به ٿي رهيو آهي، ۽ ’مهراڻ‘سندس فني ۽ معياري حسن نِگاهه جو زنده يادگار آهي. ان حالت ۾، ’مهراڻ‘ جو ادارو کانئس دلي ڏک سان موڪلاڻي به ٿو ڪري، ۽ سندس نئين عهدي تي فائز ٿيڻ جي مبارڪ به عرض رکي ٿو. ادارو دست بدعا آهي ته هو صاحب پنهنجي نئين منصب تي قائم رهِي، شال سنڌي علم ادب جي پيش بها خدمت ڪري سگهي._غ.م.گرامي

 ” دنيا ۾ رڳو ماءُ_ پُٽ جو ئي رشتو نه آهي، بلڪ پيءَ ۽ پٽ، ڀاءُ ۽ ڀيڻ، ڏير ۽ ڀاڄائي، زال ۽ مڙس، ۽ انهن جي وچ ۾ محبت جا هزارين پيچ ۽ ڦيرا آهن، ليڪن انهن سڀني جو مرڪز، جنگ ۽ امن جي وچ ۾ بيٺل، رفيع الشان ’انسان‘ آهي. جڏهن هن دنيا ۾ ڪو هڪڙو به انسان تلف ٿي وڃي ٿو، تڏهن ان سان گڏ هڪ پُوري دنيا تلف ٿيو وڃي؛ هڪ زالَ بيوهه ٿيو وڃي، هڪ ماءُ جي ڪُک سڙيو وڃي، هڪ پيءُ جي ڪمر ٽُٽيو پوي، ڀاءُ جو بازُو ڀڄيو پوي، ڀيڻ جي چپن تي دردناڪ دانهون تڙڦڻ لڳن ٿيون ۽ معصومن جي اکين جو سمورو تيج جهَڪو ٿيو وڃي. محبت جي رشتي سان حياتيءَ ۾ گرمي آهي، پر اُتر قطب جي لافاني برف به انساني زندگيءَ ۾ ايتريقدر جمود نٿي پيدا ڪري، جيتريقدر جڳ جا شعلا پيدا ڪن ٿا؛ آءٌ نٿو چاهيان ته محبت جي اِها مقدس باهه، اسان ازلي’آتش پرستن‘ تي هميشه لاءِ سرد ۽ خاموش ٿي وڃي_۽ گرم گرم خونَ ۽ ٽهڪندڙ محسوسات وارو جيئرو جاڳندو انسان، ۽ سندس سموري تهذيب ۽ ان جي حاصلات، جمادات جي صورت ۾ بدلجي وڃي!“ (راجندر سنگهه بيديءَ جي ڪتاب ’مان امن چاهيان ٿو‘ مان اقتباس)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com