l
جاويد سوز هالائي
وائي
سانوريءَ جـي لاءِ پيار،
ٿو رهي من ۾ سدا.
نيٺ کٽـــندو پنڌ هيءُ،
يار مون کي اعتبار،
ٿو رهي من ۾ سدا.
او سکي موهـي پـــيو،
تنهنجي نيڻن جو خمارُ،
ٿو رهي من ۾ سدا.
زندگي ارپي وڃي ٿو،
شخص هڪڙو نيڻ ٺارُ،
ٿو رهي من ۾ سدا.
تون ڪڏهن ايندينءَ مٺي،
مون کي تنهنجو انتظار،
ٿو رهي من ۾ سدا
توسان گـڏجي گهاريل،
سندري پويون بـــــهارُ،
ٿو رهي من ۾ سدا.
�
ملهار سنڌي
غزل
سونهن ڀريو سنسار ڪٿي آ،
تنهنجو پهريون پيار ڪٿي آ؟
منهنجي ڳچيءَ ۾ وجهندي هئينءَ تون،
ٻانهن جو سو هار ڪٿي آ؟
زلفن جيڪي واس ورهايا،
موتين جي مهڪار ڪٿي آ؟
تنهنجي مرڪڻ سان ٿيندي هئي،
اوندهه ۾ چمڪار ڪٿي آ؟
توسان گڏ جا هوند هئي سا،
مون لئه مند بهار ڪٿي آ.
چانڊوڪيءَ ۾ تو جو ڪيو هو،
مون سان سو اقرار ڪٿي آ؟
سوچن ۾ تون آنهه سمايل،
دلڙي توکان ڌار ڪٿي آ؟
دل جي ٿر تي برسي پئي شل،
اهڙي مُند ملهار ڪٿي آ؟
l
روشن گهانگهرو
غزل
جا خوشي مون کان رسي وئي سا خوشي ڳوليان پيو،
پيار سان ڀرپور پياري زندگي ڳوليان پيو.
آ ملي مون کي سدائين ڇو وفا بدلي جفا؟
غرض کان خالي هجي سا دوستي ڳوليان پيو.
بيڪسي ۽ بيوسي جنهن درد آ تحفو ڏنو،
دل تي جنهن جو راڄ آ سا دل پري ڳوليان پيو.
ٽوهه ڀي ڪڏهين مٺو ٿيو آهه ڇا مصريءَ جيان؟
زهر ۾ ٿو آءٌ ويٺو چاشني ڳوليان پيو.
آءٌ پياسو آهيان ڄڻ ٿر سندي ٿوهر جيان،
جا ڪيم نيڻن منجهان سا ميڪشي ڳوليان پيو.
دوستو! مون کي ڏسيو ملندي الائي سا ڪٿان،
بي چسي هن زندگيءَ لئه دلڪشي ڳوليان پيو.
جنهن گهڙي مرڪي ڏنو هو موهه سان مون ڏي مٺي،
سال ٿيا سڪندي وري ساڳي گهڙي ڳوليان پيو.
راهه تنهنجي ٿيون ڏسن ”روشن“ اکيون آسائتيون،
چنڊ سان گڏ چاهه واري چاندني ڳوليان پيو.
l
منظور منگي
وائي
رات ڪاري کُٽي، باک جلدي ڦٽي، غم گهڙي ۾ گهٽَي
جي تون
مرڪي پوين.
چند چمڪي ڀلي سونهن جي زور تي، پر نه توکان کٽي،
جي تون
مرڪي پوين.
سرنهن ڦولار ۾ گُل پٽيندي، وجهي سونهن تنهنجي سٽي،
جي تون
مرڪي پوين.
ڪوئي گهايل صدين ستايل هجي، ساههُ ويندو پٽي،
جي تون
مرِڪي پوين
هڪ نه ”منظور“ پر لوڪُ سارو مٺي، سِرُ به ڏيندو ڪٽي،
جي تون
مرڪي پوين.
l
محمد شريف طالب
غزل
سڄڻ اوهان جو جواب ناهي،
عنايتن جو حساب ناهي.
لبن تي لالي ۽ ڳل گُلابي،
رنگن ۾ اهــڙو گــــلاب ناهـــي.
ڏسان اوهان کي مٺا مان ويهي،
اکين ۾ اهڙو تاب ناهي.
ڪجن ويهي اندر جون ڳالهيون،
اوهان کان ڪوئي حجاب ناهي.
اکين عجب آ خمار اهڙو،
ڪو مون پيتو شراب ناهي.
درد مندن جو حال پڇجي،
ڪنهن کي ستائڻ ثواب ناهي.
بقا نه آهي حسن کي طالب،
رهيو ته ڪنهن جو شباب ناهي.
l
جوهر بروهي
غزل
جي رُسي مون کان وڃين ٿو، منهنجي خيالن ۾ آءُ،
چوڏهينءَ تي ڪهل کائي، تون اجالن ۾ نه آ.
هر پل ڳوڙها ٿي ميڙي منهنجي وياڪل زندگي،
گيت، اڻ پوري غزل ۽ هو جمالن ۾ نه آءُ.
لوڪ منهنجي ڪيفيت کي ڪونه ٿو سمجهي سگهي،
تون به پنهنجو قرب ڪر منهنجي سوالن ۾ نه آءُ.
قربدارن کان بنا عيدون به اڻڀيون ٿيون رهن،
دل جي وستي منجهه تون ماتم مثالن ۾ نه آءُ.
تنهنجي صورت جي ڪشش منُ ڪيترا موهي وڌا،
روز ايندو رهه اسان وٽ، هينئن سالن ۾ نه آءُ.
مڙس ٿي موکيون محبت، پيار ورڇيون پاڻ ۾،
لوڪ آڏو آ، ڪتابن جي حوالن ۾ آءُ.
تو سنواري سينڌ، اُڀ ۾ انڊلٺ وکري وئي
خلق تڙپائي وڌاءِ، ايڏن ڪمالن ۾ نه آءُ.
تنهنجي لئه جوهر ٿو سوچي يا ٿو سوچي پيار لئه،
تون ڇپيل آن دل تي، اخبارن رسالن ۾ نه آءُ.
l
سلمان سومرو
[1]
تنهائيءَ جو غم
ايترو ته گهرو ٿي ويو آهي،
جو مون کي گمان آهي ته
اها تنهائي موت جي ٻيو نالو آهي
[2]
هر گل،
صبح جي ماڪ پوڻ سان،
ٽڙي پوندو آهي.
پر هي گل،
جيڪو مون پوکيو آهي،
تنهنجي مرڪ سان ئي
ٽڙي پوندو آهي.
l
اڪبر مصطفيٰ سرمرو
[1]
هن کاهيءَ ۾ ٽپو ڏنو،
۽ اسين سڀ ڏسون پيا.
هن کاهيءَ ۾ ٽپو ڏنو،
۽ اسين سڀ کلون پيا.
هن کاهيءَ ۾ ٽپو ڏنو،
۽ اسين سڀ روئون پيا،
جو هاڻي هو کاهيءَ ۾ زندهه نه آهي
[2]
هڪ سڪل وڻ مان هوا جي جهوٽي تي،
پڻ ڇڻي پاڻيءَ ۾ پئي ٿو،
دائرو ٺهي گم ٿي وڃي ٿو.
تنهنجو اچڻ به ان دائري جيان آهي،
۽، اهو دائرو،
منهنجي زندگي آهي.
l
مصطفيٰ ارباب
مزدور
بار کڻندي
هُو ٿڪجي پيو
ڦڦڙ آڪسيجن جا
ڊگها ڪش ڇڪڻ لڳا
هُن ساهي پٽڻ لاءِ
ڀت کي ٽيڪ لڳائي
۽ اکيون گهڙي کن لاءِ
رُٺل محبوبه جي دري وانگر
بند ڪيائين
ته هڪ لمحي لاءِ
اهو سمورو وزن
جيڪو هُن قسطن ۾
پنهنجي جيون ۾
کنيو هو
هڪ ئي وقت
پنهنجي سر تي محسوس ڪيائين
عيني شاهدن
تعجب مان ميڊيڪل رپورٽ ٻڌي
هُن جي موت
ڪنڌ ٽٽڻ ڪري ٿيو هو.
l
سيال حيات
گيت
ديدار لئه در يار تي سنسار جُهڪي ٿو،
سنسار جهڪي ٿو اُتي هر بار جهڪي ٿو.
رانول کي رنگين رُت ۾ سر راهه ڏٺو مون،
و لله ڏٺو
مون:
اولهه نڪي اوڀر اُتي هر پار جُهڪي ٿو.
رُخ يار جو ڪعبو آ غلافن ۾ رهي ڀل،
حجابن ۾ رهي ڀل:
اُن پاڪ حرم جي اڳيان پينار جهڪي ٿو.
غم درد منجهان آهه نڪي دانهن ڪري ٿو،
توڻي جو مري
ٿو:
تڏهين انهيءَ عاشق اڳيان آزار جهڪي ٿو.
سينگار ڪري يار جو بازار اچي ٿو،
ڪهرام مچي ٿو:
قدمن تي سندس عاشق نادار جهڪي ٿو.
رت ڇاڻ آ زخمن سان صفا چور لڳي ٿو،
منصور لڳي
ٿو:
سوريءَ تي صدق سان جو سزاوار جهڪي ٿو.
منهنجي ته رقيبن کي وڻي يار ٿو منهنجو،
رتبو ڏسو اُن
جو:
عظمت اڳيان منٺار جي اغيار جهڪي ٿو.
ها ”سيال“ به سربسجود حسنِ ازل آ،
هڪڙو ”حياتِ“
ڇا:
ساجن اڳيان هر سونهن جو سردار جهڪي ٿو.
l
وشال
وائي
صبح جيسين اچي،
ساٿ ڏي تون سکي!
رات آهي ڊگهي!
لاٽ ٻرندي رهـــي،
مان وٺان ڪجهه لکي!
رات آهي ڊگهي!
چنڊ! اڄ ڪا ٻڌاءِ،
شاهه جي شاعري:
رات آهي ڊگهي!
ڪجهه چوڻ جي ڪري،
چُپ نه ڪر او مـــٺي:
رات آهي ڊگهي!
منهنجي سيني مـٿان،
ڪجهه ته چئه ڪنڌ رکـي:
رات آهي ڊگهي!
ٿي سحر پــوءِ گهر،
ڊيل جان وڃ ڊڪي:
رات آهي ڊگهي!
l
اختر جمال ڀنڊ
بيت
تيسين ثنا سونهن جي، جيسين آهي جوت،
اچي ويو جي موت، پو ڀي هوندس پيار سان.
رُسي ٿي پئي رات جو، هي منهنجي ننڊ،
ڀانيان ٿو مان منڊ، آهي منهنجي اک تي.
ڏي تون سرڪي سونهن جي، هيج منجهارئون هوت،
قرب ڪڻيون ڪي اوت، منهنجي هن ڪشڪول ۾.
لک اڃان ڀي سنڌ تي، تون ٿو چوين ڀاءُ،
ها! هي مون کي ماءُ، لولي ڏيندي هو چيو.
اڃا ڪاهيو قافلو، پري آهي پنڌ،
همالا کان ڀي هتي، رکو اوچو ڪنڌ،
ڀُري پوندو انڌ، ڏاهپ جي ڏهڪاو سان.
هاري پاڃاري وجهي، ڏاندن کي آکيو،
وڃي ڪا ووڙيو، خوشي هر جي اوڙ مان.
خوشبو پنهنجي کيت ۾ ڄڻ ٿي پکيڙي،
ڌرتي ٿي کيڙي، هوءَ جا وني ور سان.
l
بخشل باغي
غزل
تو اڳيان ائين زبان تي تالو آ،
ڄڻ ته سيني ۾ لڳل ڪو ڀالو آ.
بيت هر لُڙڪ ڄڻ ته ڀاسي ٿو،
پيار ڀي شاهه جو رسالو آ.
تون جو اڄ منهنجي ٻکن ۾ آن،
تڏهن ته هر طرف اُجالو آ.
چاندني آ شراب ۽ ڌرتي!
مـــيــڪــــدي ۾ پـــيل پــــيالو آ.
تنهنجي لفظن جي ڪيان ڇا ساراهه؟
تنهنجو آواز ڀي حوالو آ.
چنڊ! پهرينءَ جو ائين کڙيو آهي،
ڪن تنهنجي ۾ ڄڻ ته والو آ.
ساٿ تنهنجو لڳي ٿو برکا جان،
نينهن تنهنجو پرين نرالو آ.
مينهن لُڙڪن جو وسي ٿو باغي،
منهنجي نيڻن ۾ اڄ جُهڙالو آ.
l
رئوف پارس دايو
ڇمر ڪئي ڇڇڪار،
مارن مال سنبوهيو،
کنوڻ جا کجڪار.
رڻن رات اُٺو،
سارنگ ساٺ ڪري،
گسن گاهه ڦُٽو.
l
آدرش
[1]
جڏهن تون،
پيرين اُگهاڙي،
مون ڏانهن ايندي آهين،
ته دَڳ،
گيت جون سٽون بنجي ويندو آهي.
[2]
خط اڌ ۾ رهجي،
ڪري پيو هو.
پاڻي گلاس،
هت مان ڇڏائجي،
ويو هو.
بي خياليءَ ۾،
سگريٽ،
آڱرين کي ساڙيو هو.
شايد اُن وقت،
تو منهنجو نانءُ ورتو هو.
[3]
رات جو اماس ۾،
جنهن وقت منهنجي محبوبه،
شام جي رنگ جهڙا،
سهڻا سپنا کڻي ايندي آهي،
ته منهنجي ننڊ،
شاعري بڻجي ويندي آهي.
l
امر سنڌي
غزل
جاڳيو جاڳيو سپنا جاڳن،
سالن کان پيا الڪا جاڳن.
ماضي ڏينهڙا گذريل يادون،
هر هر پيا ٿا لمحا جاڳن.
تنهنجي وئي کان پوءِ او ساجن،
نيڻن ۾ پيا ڳوڙها جاڳن.
ٽهڪن وچ ۾ ترسي ترسي،
بيٺل ڪي پيا سُڏڪا جاڳن.
مون وانگر اڄ ڪي ڪي ماڻهو،
ڪيڏو پيا ٿا تنها جــــاڳن.
تنهنجي ئي رستي ۾ پيا ٿا،
منهنجا نيڻ پـــياسا جــــاڳن.
غيرن سان گڏ توکي ڏسندي،
ڌڙڪيو پيا ٿا جذبا جاڳن.
پنڌ پهرانهون آهي پيارا،
چوڏس پيا ٿا پهرا جاڳن.
منهنجي لکيل خطن ۾ ڏس،
لڙڪن جا پيا تحفا جاڳن!
”امر“ تنهنجي راهن تي،
منهنجا پيا ٿا پيرا جاڳن!
l
زخمي انور نوحاڻي
آيو اونهارو-
هردم تنهنجي ياد،
روئان ڏينهن سارو.
پلپل پون پور-
تڙپان ٿو ڏينهن رات،
جيون سور ئي سور.
|