l
مشتاق بخاري
بيت
آءٌ مسافر مٺڙا، ڪونهي هتڙي گهر،
آهيان ڏينهن پهُر، ترسيل تنهنجي شهر ۾.
اڏري اُتر سنڌ ۾، آيو آ ڄڻ ٿر،
توبن سارو تَرُ، راڻا رڻ پٽ ٿو لڳي،
صبح سويري اڄ، اتر آهي لڳو،
شايد سانوڻ ڀڳو، سياري جي سيءَ کان.
ڏاڍو سفر ڏکيو، اونداهين آ واٽ،
ويتر مون کي اساٽ، پرين تنهنجي پيار جي.
مهتابي مک تي، توکي تِر ڪارا،
جن تي مون پارا، ”مشتاق“ مُئا ڪيئي.
l
صابر هيسباڻي
وائي
جهونگاريندس جيڏي،
آئون ساڳيو گـيت،
ها، دل جي وستيءَ ۾.
اُڏري ويا هن جيڪي، سي ئي موٽن ميت،
ها، دل جي وستيءَ
۾.
جيون جنهن کان جاڳي، ايندي نيٺ پريت،
ها، دل جي وستيءَ
۾،
ساٿ ملي جي پوي من! چُرندي پوءِ سنگيت،
ها، دل جي وستيءَ
۾،
ائن بيٺو آ تولاءِ، صابر! تارن ريت،
ها، دل جي وستيءَ
۾.
l
جمن احمداڻي
غزل
جدا ٿي ويا جڏهن آهيون، ملي ناهيون سگهيا مٺڙا،
ڦٽل آهيون فراقن جا، کلي ناهيون سگهيا مٺڙا.
برهه جي باهه لڳي اهڙي، بدن سارو سڙي ويو آ،
جدائي آ جلايو جو ٺري ناهيون سگهيا مٺڙا.
پنهنجو هو پيار اهڙو ڄڻ هئي ڦولار جي موسم،
سُڪائي تو ڇڏيو ٻيهر، ڦٽي ناهيون سگهيا مٺڙا.
اسان هوڙاڪ هاڪاري پرين جي پيار ۾ ڇڏيا،
ٻُڏي وياسين، وري ٻيهر تري ناهيون سگهيا مٺڙا.
رڳو رئندي ۽ تڙپندي، ”جمن“ گذري پيو جيون،
مرڻ چاهيو هئوسون پر مري ناهيون سگهيا مٺڙا.
l
رخسانه ”پريت“ چنڙ
غزل
تند تپي ڪا، سانت ٽٽي پئي،
ديپ جلي ڪو، رات ٽٽي پئي.
سار اها جا پل ۾ سامهون،
ساجن پهچي تات ٽٽي پئي.
سور نه سنگسار ائين جو،
سپنن جو محلات ٽٽي پئي.
جذبو جي اڊڙيو، ٽوپيو ويو،
پر نه اسان جي ڏات ٽٽي پئي.
سٽ سٽ ۾ امرت اوتيون جو،
زهر سندي ئي ذات ٽٽي پئي.
ڪيڏا ڏات ڏئي ڏڍ تنهن ڏينهن،
جنهن ڏينهن تي جذبات ٽٽي پئي.
l
اقبال رند
وائي
ڍنــــگـــــــر ٿــــيا ڍولا،
اولا اکڙين جا ڪري.
لڪون ساري لوڪ جون،
جهلـــيائون جهـــــــولا،
اولا اکڙين جا ڪري.
رُئن ڌوئن رات جا،
رتــــــولـــــيا چــــــــــولا،
اولا اکڙين جا ڪري.
متان مون تان لاهـيو،
اکين ســـــندا اولا،
اولا اکڙين جا ڪري
l
ماڻڪ ملاح
وائي
نينهن نـديءَ ۾ اچــڻي آهي-
چوڏهــينءَ چــــانـــــڊوڪي!
هير هندورو بنجي لڏندو جنهن ۾ پنهنجو چاهه،
پريت انهيءَ ۾ پچڻي
آهي:
چوڏهـينءَ چـــانــــــڊوڪي!
کورو کامي پوندو دل مان درد اوهان جو جيئن،
مـــچ انهيءَ ۾ مچـڻي
آهي:
چــــوڏهـــــينءَ چانــــڊوڪي!
من مندر ۾ ڌوپ جلايم، اندر بنايم اُجرو،
نيٺ ته ان ۾ نچڻـــي
آهي:
چــــوڏهـــــينءَ چانــــڊوڪي!
چاهه چُڪي ڪا چندرما کان ملندي ڀانءِ ضرور،
روح رڳن ۾ رچڻي آهي:
چــــوڏهـــــينءَ چانــــڊوڪي!
اُڀ ۾ رُلندڙ چنڊ جي آهي منزل ماڻڪ واري،
جذبن سان سا جچڻي آهي:
چــــوڏهـــــينءَ چانــــڊوڪي!
l
دشوار سومرو
آءٌ درخت آهيان
ايذائن جا
ڏاڍا ڪهاڙا هڻين ٿو،
آءٌ نهر ۾ ٻڏي ويندس،
ڪري برباد ٿي ويندس.
مون کي وڌيڪ نه ايذاءُ،
آءٌ اڳي ئي گهڻو ايذايل آهيان.
آءٌ اهڙو درخت آهيان،
جيڪو نهر ڏي نوڙيل آهي،
ڪناري تي آهي.
l
علي دوست عاجز
غزل
چنڊ ڪيئن تو چميو هوندو،
هي تو سپنو ڏٺو هوندو!
رڃ کي سمجهي پاڻي، هرڻ،
شام تائين ڊڪيو هوندو!
ديد جو ڪرشمو دوستو،
جو مئو سو جيو هوندو!
برهه جي باهه جنهن کي لڳي،
يار ڪيئن سو سوتو هندو!
توسان ملندي ملاقات جو،
وقت پورو ٿي ويو هوندو!
سپنو جنهن ۾ ملان توسان،
ان ۾ ڪيڏو مزو هوندو!
هار گيتن جا کڻي عاجز،
تنهنجي آجيان ڪندو هوندو!
l
مهر خادم
وسڪارو
ڪنهن پل
منهنجي من جون اداسيون
تنهائي ۾
وڪوڙي وڃن ٿيون
تنهنجون يادون
ذهن آڳر تي
تري اڇن ٿيون
ان پل منهنجي نيڻن جا بادل
چهري جي رستي تي
وسڻ شروع ٿين ٿا.
l
درد سولنگي
ڏيڍوڻا
ڪينجهر جي ڪنارن تي،
تنها ٿو ڦِران اڄ مان، مڪليءَ جي چارن تي.
ڪينجهر جو مٺو پاڻي،
آهين تون الئي ڪاٿي، من منهنجي سندي راڻي.
ڪينجهر تي کجيءَ جو وَڻ،
اچ تون سکي موٽي، موٽيو آ وري ساوڻ.
ڪينجهر ۾ پيون وهنجنِ،
چوڌاري ته نورين جا، ٿا ٽهڪ پيا گونجن.
پاڻيءَ ۾ ڀڳل ڪپڙا،
ٿا صافُ صفا ڏسجنِ، گوريءَ جا ڀنل انگڙا.
ڏس چيٽ ڦٽو آهي،
هن مُند ۾ او مٺڙي، ناراض ٿبو آهي؟
تِر جيئن اٿئي ڳل تي،
تون تئين مِٺي آهين، هر وقت منهنجي دل تي.
ڳاڙهاڻ رڳو آهي،
ڪينجهر ۾ آهن پريون، يا آڳ لڳي آهي.
پاڻيءَ جا ڦڙا ڳل تي،
ٿا ائين لڳن گوري، ڄڻ ماڪ هجي گل تي.
سرهاڻ اڃان آهي،
چپ تنهنجا چميا ها مون، آلاڻ اڃا آهي.
ڇا سونهن مٿان لکجي،
اڄ چنڊ ٽڪن عيوض، ٿي سونهن پئي وڪجي.
l
زاهد شيخ
غزل
پير کڄي، ڇيرُ وڄي، مورُ نچي ٿو،
بوند وسي ٿر مٿي رنگ رچي ٿو.
وير وڌي، هير ٿڌي، سمنڊ ڪناري،
مُند مٿان جوڀن سان ميلو مچي ٿو.
کوڙ کِجي، مُرڪ کڻي، جيءَ ملي پيا،
ٻهڪ ٻُڌي، ٻيرين ۾ ٻور پچي ٿو.
توکي سڏيندي ئي سُڪي ساهه وڃي ها،
جيءُ چوين ٿو ته جڏو جيءُ بچي ٿو.
l
منظر راڄپر
غزل
اسان لاءِ چنڊ خوشين جو ته کڙيوئي ناهي،
گلاب پنهنجي اڱڻ تي ڪو ٽڙيوئي ناهي.
مون سان گڏ آهي ڀلا ڪيئن مڃن منهنجون اکيون،
وهامي سال ويا هن، هو ته لڙيو ئي ناهي.
تنهنجي يادن جا پکي دل تي پڌاريا آهن،
تنهنجي سُنهن مون ته تن مان ڪو تڙپيوئي ناهي.
ڇو ڀلا منهنجو قلم ان تي ڪوئي گيت لکي،
جنهن جي اک ڳوڙهو ته ڪڏهن ڳڙيوئي ناهي.
وقت ساکي آ ته وڙهندو ٿو اچي ڏاڍن سان،
ڏس ته منظر جو قدم هڪ به ٿڙيو ئي ناهي.
l
ذوالفقار سيال
غزل
اوهان کي، اوهان کان کسڻ ٿو چاهيان،
توسان چاهه اهڙو ڪرڻ ٿو مان چاهيان.
زماني سڄي جي نظر کان بچائي،
اکين ۾ لڪائي ڇڏڻ ٿو مان چاهيان.
پري توکان ٿي مان حصا ٿي ويو هان،
هاڻي پاڻ ميڙي اچڻ ٿو مان چاهيان.
وساري ڇڏين تون پنهنجو پاڻ کي به،
توکي پيار ايڏو ڏيڻ ٿو مان چاهيان.
مان چاهيان ٿو محبت جو معيار بڻجي،
سڄي جڳ سان گڏجي هلڻ ٿو مان چاهيان.
l
سڪندر شيخ
غزل
ڪڪر برسيو نصيبن جي نه ٿر تي.
نه کڙڪو ئي ٿيو ڪو دل جي در تي.
سو اُڏاري ڪيئن ڀلا جيوت پکيئڙو،
لڳي نفرت جي جنهن کي چوٽ پر تي.
سگهيو کولي نه اندر جون اکيون جو،
ڪري ڪهڙي نظر سو پنهنجي گهر تي.
هو ڪوڙي آ انا جي عرش پهتو،
مگر ڪرندو اَوس سچ جي پڌر تي.
ڊگها تڪرار، تلخيون زندگين ۾،
۽ بيٺي آ حياتي پل پهر تي!
l
احمد ٽالپر
غزل
کسي کِل، روئڻ جون هِي راهون نه روڪيو،
لڙيل لَڙڪُ، سڏڪا ۽ آهون نه روڪيو.
ڀلي دوار دل جا نه پوريل پٽيو پر،
وڃايل اُميدن جون واهون نه روڪيو.
مُحبت يا نفرت سان هيڪر نهاريو،
نقابن ۾ جاني! نگاهون نه روڪيو.
تصور ۽ سپنا، ڪي سوچون ڪي يادون،
اِهي زندگيءَ جون پناهون نه روڪيو.
هي ڌرتي آ گونگي ۽ آڪاس ٻوڙو،
ڪري ڪوٽ اُوچا، هي دانهون نه روڪيو.
ناممڪن ملڻ آ ته ”احمد“ ائين ئي،
کڄيل هي خيالن ۾ ٻانهون نه روڪيو.
l
سميع لنڊ
پوپٽ
ڪومايل گلن جيان،
هو سڀ اداس.
زندگيءَ مان ئي نراس،
آهي جن ۾ پکڙيل،
ڄڻ ڪوئي هراس!
تن مان ڪهڙي،
تون رکين ٿو آس،
پوپٽ وڃ اڏامي،
ڪين ايندئي راس،
توکي مکڙين جو واس
l
روبينه ابڙو
غزل
ماٺو آ ماحول اندر ۾!
هاءِ ٻُري ڪو ٻول اندر ۾!
رُلندو آ تولاءِ رڳن ۾،
رهندو آ ڪو رول اندر ۾!
سڪ جا سڪا ، سئن انوکي،
ڪير جهلي ٿو جهول اندر ۾؟
ڳولهي ڳولهي ٿڪبي آن پو،
ملندو آ هو ڍول اندر ۾!
ڳوٺ سڄو آ ماٺ وڪوڙيو،
ڪيڏو آ چوٻول اندر ۾!
سور سنڀاري پوءِ ٿو سرجي،
گيتُ ڪوئي اڻمول اندر ۾!
ننڊن بدلي ڏات کپي، چئه؟
ڪير ڪٿي پيو مول اندر ۾!
l
سندرتا قدرت راشدي
آءٌ ڇا؟
پُڇ نه مون کان ته مان ڪير لا...
آءٌ احساس ۽ پيارُ هان...
منهنجي سوچڻ تي پهرو لڳل.
بند دنيا جا در مون مٿان،
آءٌ ڪوٽن جو سينگارُ هان...
منهنجي مرڪڻ تي پهرو لڳل.
آءٌ مظلوميت جي صدا،
ٻُڌڻ وارن مٿان بارُ هان...
منهنجي روئڻ تي پهرو لڳل.
درد دنيا انوکا ڏنا،
ڏوهه ڌاران سزاوارُ هان...
منهنجي تڙپڻ تي پهرو لڳل.
راشدي! صبر ڏُک جو پرين،
روح گهايل جو اظهارُ هان...
سُونهن پُوڄڻ تي پهرو لڳل.
l
بانو محبوب جوکيو
نثري نظم
تنهنجي جدائيءَ ۾،
ڪجهه هٿ تنهنجو هو،
ڪجهه هٿ منهنجو هو،
۽ وڏو هٿ زماني جو هو.
اسان ٻنهي وچ ۾،
جدائي وڃي پئي ڦهلبي،
ڪوڙي ڪنهن افواهه جيان!
خوشين کي چئو!
اسان سندن
توجهه ٿا چاهيون-
گهڻن ڏينهن جي بک کان پوءِ
غيرت ٿڌي ٿي وئي آ،
غريب جي وساميل چُلهه جيان
l
پريم پتافي
وائي
ڪوتا آڳر ۾،
درد نٿا ماپي سگهن!
ڀرڳي نيٺ مري ويو،
پوءِ بــــه قـــــبر ۾:
درد نٿا ماپي سگهن!
هرڪو من موهن دڙو،
پنهنجي هن تر ۾:
درد نٿا ماپي سگهن!
قيدي سُڏڪن ٿا پيا،
ڦاســــــي گهــــــر ۾:
درد نٿا ماپي سگهن!
سوچي ڀوڳي ٿو پيو،
ڪـــــوي انـــــدر ۾:
درد نٿا ماپي سگهن!
l
راهي چنا
ماڻهوءَ جي ڀؤنڪ
ڪالهه منجهند جو،
مون پنهنجي ڪمري ۾،
انسانيت جي عظمت تي،
ڪجهه لکيو ويٺي.
اوچتو گهٽي ۾ گوڙ ٿيو
مون ٻاهر نڪري ڏٺو
ماڻهو ماڻهوءَ تي
ڀؤنڪي پيو!
پريان پاڻي جي پوسل تي،
ڪُتا گهري ننڊ ۾ سُتل هئا،
بي خبر هئا! |