سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1994ع

مضمون

صفحو :40

پنهنجيءَ جاءِ تي علم ادب جو ڀنڊار آهن. سندن علمي، ادبي ۽ ديني خدمتن بابت تفصيلي طرح لکيو ويو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته جن شخصيتن کي هن ڪتاب ۾ پيش ڪيو ويو آهي، اهي هن فاني جھان مان لاڏاڻو ڪري ويون آهن. هن ڪتاب ۾ جملي 22 شخصيتن تي خاڪا لکيا ويا آهن، جن ۾ حاجي محمود خادم. عطا حسين شاهه موسوي، رشيد احمد لاشاري، محمد بخش مجنون، ممتاز علي کوکر شهيد، مولائي شيدائي، قلندر بدوي، مولانا غلام گرامي، عبدالله اثر، سيد خادم حسين شاهه، قاضي علي اڪبر درازي، حافظ خير محمد اوحدي، پير حسام الدين راشدي، عطا محمد حامي، شيخ عبالرزاق راز، جمال الدين بخاري، پروفيسر اڪرم انصاري، احمد خان آصف، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، سيد سردار علي شاهه ذاڪر، حافظ محمد احسن چنا ۽ قاضي عبدالحئي قائل شامل آهن. ڊاڪٽر صاحب انهن شخصيتن جي تمام ويجھو رهيو آهي ۽ انهن جي جيءَ ۾ جھاتي پائي انهن جي ڏک سک ۽ علمي مانَ مرتبي جو ڪاٿو لڳائي لکيو آهي.

هي ڪتاب انهن شخصيتن جي علمي ادبي خدمتن جو احاطو ڪري ٿو، جن وڏيون ستم ظريفيون سٺيون، پوءِ به پنهنجي جدوجھد ۽ ادبي خدمتن کي جاري ساري رکيو ۽ پنهنجو وارو وڄائي ويا. اهڙن ماڻهن کي تاريخ هميشه امر بڻائي ڇڏيو. ڊاڪٽر ميمڻ صاحب اهڙن ماڻهن جي علمي ڪارگذارين تي لکي هڪ طرف پنهنجو فرض به پورو ڪيو آهي ته ٻئي طرف انهن جي حياتيءَ جي مختلف گوشن کي اجاگر به ڪيو آهي. حقيقت ۾ ڊاڪٽر صاحب انهن شخصيتن جي ادبي ڪارنامن تي لکي ڄڻ ته هڪ دور جي ادبي تاريخ به پيش ڪئي آهي. ڪتاب تي ٻه اکر لکندي ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب لکيو آهي ته ”هي اهي علمي ۽ ادبي شخصيتون آهن، جن سان منهنجو قرب ۽ محبت جو تعلق رهيو ۽ جن سان قرب ڪچهريون ۽ روح رهاڻيون ٿيون، يعني جن سان گھڙيون گھاريم، انهن سانگين کي ساريندي ڪجھ لکيو اٿم. اڃا ڪن تي لکڻو اٿم، جيڪو هن  ڪتاب جو ٻيو جلد هوندو.“

ڪتاب سنڌ جي مشهور اداري مهراڻ اڪيڊمي ڪراچي پاران شايع ڪيو ويو آهي. هي ادارو ديني ادب سان گڏ سنڌ جي علم، ادب ۽ تاريخ تي به سٺا ڪتاب شايع ڪري چڪو آهي. هن ڪتاب جي قيمت صرف 36 رپيا رکي ويئي آهي، جيڪو سنڌ جي سڀني ڪتب فروشن وٽان ملي سگھندو.

- امام راشدي

زندگيءَ تنهنجا رنگ هزار

سفرنامو اسان جي الطاف شيخ جو لکيل هجي يا سريلي بانسريءَ جھڙي عبدالغفار تبسم جو، سفر نامي جي اصل خوبي هوندي آهي ان جو اسٽائيل يا انداز تحرير، يعني جو ڪجھ لکيو ويو آهي، آيا اُهو دلچسپ انداز به تحرير ٿيل آهي يا نه.

مان سمجھان ٿو ته دلچسپ تحرير اُها آهي جنهن کي پڙهندڙ روانيءَ سان پڙهندو وڃي ۽ مٿس بوريت جو بارُ اصل نه پوي. يعني تحرير پڙهندي پڙهندڙ کي پيرن هيٺان ٿوهر جي ڪنڊن جھڙو نه، گلن جي واس جھڙو احساس ٿيندو رهي ته اهڙي انداز ۾ لکيل سفرنامي کي سڏبو ”ڪامياب سفرنامو“.

هتي اسان جي هن سفرنامه نگار عبدالغفار تبسم، جنهن لاءِ مان گواهي ٿو ڏيان ته پاڻ نه فقط سهڻو شاعر آهي، پر ساڳئي وقت هُو ڇاڪاڻ ته هڪڙو پيارو، پيار ڪندڙ ۽ مُرڪندڙ شخص به آهي، ان ڪري وک وک تي هُن سان گڏ، هن سفرنامي ۾ ساڻس ڪمپني ڪندي، هلندي، گھمندي بوريت جو احساس بلڪل ئي نٿو ٿئي.

عرض ڪريان ته عبدالغفار تبسم وٽ پنهنجي هن سفرنامي ”زندگيءَ تنهنجا رنگ هزار“  تحرير ڪرڻ جو اصل وڏو محرڪ بڻي آهي ”سانا“، يعني ”سنڌي ائسوسئيشن آف نارٿ آمريڪا“، جنهن جي اٺين ڪنوينشن ۾ هُن آمريڪا ۾ وڃي گھاريو هو ۽ اِن بهاني سير سياحت مان به پورو پورو لطف ماڻيو هو.

سفرنامي جا ٽوٽل چوڏهن چيپٽر آهن ۽ ”سانا“ جي پهرين گڏجاڻيءَ کان سفر جي جيڪا دلچسپ روداد شروع ٿئي ٿي ته مختلف مرحلن مان ٿيندي، اها دلچسپ ۽ وندريل سياحت، هيوسٽن الوداع ۽ ڊلاس ايئرپورٽ تي اچيو دنگُ ٿئي.

مان سمجهان ٿو ته ’تبسم‘ جي هن سفرنامي جي مکيه انفراديت اُن جو روزنامچي وارو اسلوب آهي، جنهن ۾ هن روزنامچي ۾ لکجندڙ وانگر جهاز ۾ چڙهڻ کانپوءِ، ٻئي پار پهچي کڻڻ لاءِ ميزبانن طرفان ليٽ پهچندڙ گاڏيءَ تائين، هڪ هڪ ڳالهه کي لکت ۾ رڪارڊ تي آندو آهي، هونئن اِن ڏس ۾ عرض ڪريان ته اهڙن بيانن ۾ فطري سادگي ته بلاشڪ هوندي آهي، پر لکندڙ کي جي نثر لکڻ تي مهارت ناهي ته اِهائي اينگههُ پڙهندڙ لاءِ بوريت جو باعث به بنجندي آهي، پر خير ... جيئن مون مٿي چيو ته غفار ايترو ته پيارو شخص آهي جو ڪهڙو ڪافر ڪنهن به سفر ۾ هن سان همسفر ٿيندي بوريت جو شڪار ٿيندو، بهرحال، قطع نظر اِن ڳالهه جي، مون کي پڪ آهي هُو پنهنجي ڪنهن ايندڙ سفرنامي ۾ غير ضروري ڳالهيون ڇڏي، رڳو ضروري ۽ ڄاڻائڻ جهڙا تفصيل ڄاڻائيندو.

سو تبسم وٽ، جيئن مون ٻڌايو ته هِن سفرنامي لکڻ لاءِ اصل محرڪ ته ”سانا“ ڪوينشن ئي آهي ۽ هن اِن ڪنوينشن جا سڀ ڊيٽيل ته لکيا ئي آهن، پر هن سفرنامي جي ساراهڻ جهڙي ٻي خوبي هي به آهي ته ڳالهين ئي ڳالهين ۾ ۽ غير محسوس انداز ۾ هو پڙهندڙن کي ٻي مزيدار معلومات به ڏيندو ويو آهي، مثالطور، هالي ووڊ جي يونيورسل اسٽوڊيو جو تفصيل .... Gay ڪلبن، عجائب گهرن ۽ آرٽ جي ميوزيمس جو اتو پتو ... وچ وچ ۾ ليکڪ جي پنهنجي ننڍپڻ جون ساروڻيون ... يا آمريڪا ۾ رونقون ۽ لٽڪا چشڪا ڪٿي ڪٿي آهن، اُن جو وات ۾ پاڻي آڻيندڙ احوال .... ۽ علاوه ازين هن سفرنامي ۾ اسان کي ڪيترن ئي سنڌ کان پري ويٺل ۽ پنهنجي دؤر جي ڄاتل سڃاتل چهرن ۽ شخصن سان به ملڻ جو موقعو ملي ٿو. مثال طور اقبال ترين، جنهن کي لڳ ڀڳ ڏهه پندرهن سال اڳ ٽي. ويءَ تي ڏسندا هئاسين ... ۽ تبسم جي سفرنامي ۾ ان جو ذڪر پڙهي ۽ تصوير ڏسي ته ڪيڏي نه خوشي ٿي ٿئي. اڇا! ته هي اقبال ترين آهي؟ وه وا! هي ته اُهڙي جو اهڙو ئي آهي سهڻو، سمارٽ هشاش بشاش، بلڪل اوئين جهڙو ڏهه پندرهن سال اڳ ٽي ويءَ ۾ نظر ايندو هو. خير اقبال ترين کان سواءِ هر دلعزيز دوست مالڪ ڏني شيخ جو تذڪرو ... ۽ سندس ”وغيره وغيره“ ڳالهين ته خاص طرح سان هن سفرنامي جو دلچسپ حصو آهن. مثال طور تبسم مالڪ ڏني جي کونگهرن بابت ڪهڙي نه انوکي تشبيهه ڏيندي ڄاڻايو آهي ته مالڪ ڏني جا کونگهرا (ڪمري اندر) روم جي ڪليسا ۾ گهنڊ جيان وڄي رهيا هئا.“

تبسم هن سفرنامي ۾ ان کان سواءِ به هنڌ هنڌ تي پنهنجي روان دوان نثر ۾ ڪي انوکيون تشبيهون ڪم آنديون آهن ۽ دلچسپ ڳالهين ۽ معلومات سان هن سفرنامي کي دلچسپ بنايو آهي ۽ ظاهر آهي (پيارا پاٺڪو) اوهين اُن مان لطف اندوز ته اُن ئي وقت ٿي سگهندا، جڏهن ڪنهن به بڪ اسٽال تان پنجاهه روپين عيوض ان کي خريد ڪري پڙهندا ۽ شال جلد اوهان ائين ئي ڪريو. آمين!      

- نصير مرزا

پنجين موسم کان پوءِ

ننڍي وهيءَ ۾ خوبصورت ڪهاڻين ارپڻ واري ڪهاڻيڪار طارق قريشيءَ جي ڪهاڻين جو مجموعو ”پنجين موسم کان پوءِ“ سچائي اشاعت گھر دڙو شايع ڪرايو آهي. سنڌي ڪهاڻيءَ جي جڳمڳ اڀ تي جتي نسيم کرل، طارق اشرف، امر جليل، ماڻڪ، نجم عباسي، ماهتاب محبوب ۽ ٻيا کوڙ نالا روشن آهن، اتي طارق قريشي به خوبصورت ڪهاڻيون لکي پنهنجو چلڪو مڃايو آهي.

هن ڪتاب ۾ ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڏهه ڪهاڻيون شامل آهن، جيڪي موضوع ۽ اسلوب جي حوالي سان بهترين ڪهاڻيون آهن ۽ طارق جي عمر ۽ مشاهدي جي لحاظ کان وڻندڙ ڪهاڻيون آهن. طارق ڪهاڻين ۾ نوان نوان تجربا ڪيا آهن ۽ ان ڏس ۾ هو ڪنهن حد تائين ڪامياب به ويو آهي. سندس اهي ڪهاڻيون ايندڙ وقت جون ڪهاڻيون آهن. سندس ڪهاڻين جا موضوع سماجڪ آهن، انهن ۾ ”گذري ويل منظر“، ”بزنس“، ”معاهدو“ ۽ ”پڙ“ ڳڻي سگھجن ٿيون. ”بزنس“ ڪا متاثر ڪندڙ ڪهاڻي نه آهي، اگر ان ۾ ٿورو سسپنس کان ڪم ورتو وڃي ها ته هن ڪهاڻيءَ کي سٺين ڪهاڻين ۾ شمار ڪري سگھجي ها. ”گذري ويل منظر“ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال جي عڪاسي ڪندڙ ڪهاڻي آهي. هر هڪ منظر من پيهي ويندڙ، پر ڪٿي ڪٿي روايتي محسوس ٿيندڙ، ڪلائميڪس تي پهچي ڪهاڻي پنهنجو ڪانسيپٽ ظاهر ڪري ٿي.هن ڪهاڻيءَ ۾ ليکڪ رومانس جا غير ضروري سين سٿيا آهن، جيڪي ڪٿي ڪٿي بي مقصد ٿا لڳن.

ڪهاڻي ”معاهدو“ جو موضوع هن ئي ماحول مان ورتل آهي. هن ڪهاڻيءَ کي سنڌيءَ جي سٺي مزاحيه ڪهاڻين ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو. ڪهاڻيءَ جو ڪلائميڪس به سٺو آهي. طارق هر ڪهاڻيءَ ۾ ڪٿي نه ڪٿي مزاح کان ڪم ورتو آهي. ڪٿي ڪٿي ته کل ڇڏائجيو وڃي ۽ ٽهڪ نڪريو وڃن!

”ابدال“ ڪهاڻي ڊائلاگ ليس ڪهاڻي آهي. ”ابدال“ ننڍڙو بارنهن سالن جو نينگر آهي. ڊائلاگ به اجايا ۽ پلاٽ ڪمزور آهي. ٻارنهن سالن جو نينگر، سو به ٻهراڙيءَ ۾ ايڏو ذهين نه هوندو آهي، جو ايڏيون وڏيون ڳالهيون ڪري شروع کان وٺي آخر تائين ڪهاڻيءَ جو ڪوبه ڪانسيپٽ نظر نٿو اچي. ليکڪ خبر ناهي ته ڇا ٻڌائڻ گهريو آهي.

”پڙ“ سٺي ڪهاڻي آهي، پر ان ۾ ڪٿي ڪٿي ليکڪ ڊائلاگس سان نباهه نه ڪري سگهيو آهي. هيءَ ڪهاڻي به هن ماحول جو چٽو پٽو عڪس آهي.

”نئون جانور“ ڪهاڻي سنڌيءَ ۾ سائنسي ڪهاڻين جي کوٽ کي ڪجهه نه ڪجهه پورو ضرور ڪري ٿي ڪلائيمڪس سان سٺو نباهه ڪيو ويو آهي ۽ پلاٽ به سگهارو آهي. ”جيون جيئن آهي تئين ناهي“ ڪهاڻي هڪ شاعر ۽ جرنسلٽ جي گفتگو آهي. طارق جي هيءَ ڪهاڻي موضوع جي گهرائپ ۾ وڃي لکيل ڪهاڻي آهي. شاعر جي جيون جي وارتا ٻڌندي (پڙهندي) لڙڪ اکين ۾ اٽڪيو پون. شاعر جي جيون جي وک وک تي ڪنـڊا وکريا پيا آهن،پر هو مايوس نه آهي. هيءَ ڪهاڻي شاعر جي جذبن جي پوري ريت ترجماني ڪري ٿي. ڪهاڻيءَ جو ڪلائميڪس اتساهه ڏياريندڙ آهي.

”ظالم اعظم“ ڌرتي تي ٿيندڙ ڏاڏاين جو چٽو عڪس آهي ۽ ان جو ڪلائميڪس سندر آهي. ”پنجين موسم کان پوءِ“ هن ڪتاب جي بهترين ڪهاڻي آهي. هن ڪهاڻي لکڻ تي طارق کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي.

طارق جون ڪهاڻيون هن جي پنهنجي جيون جون ڪهاڻيون به آهن. اهي سڀ سندس جدوجهد جون ساکي آهن. ان جو اظهار هن پنهنجي مهاڳ ۾ به ڪيو آهي. هن جي جيون ۾ جيڪي به واقعا، الميا ۽ ڏک آيا، هن اُنهن کي ڪهاڻين جو روپ ڏنو آهي.

ڪتاب جو مهاڳ هن پاڻ لکيو آهي، ”ڪهاڻي جي ڪهاڻي“ جي عنوان هيٺ هن پاڻ سان ٿيل دوکن ۽ المين جو اظهار مهاڳ ۾ ڪيو آهي. ڪي ڪي اهڙيون ڳالهيو به بيان ڪيون اٿس، جيڪي ٻڌائيندي اسين عام طرح ڪيٻائيندا آهيون، سندس ڪهاڻين جي مجموعي مطالعي مان پڌرو ٿئي ٿو ته طارق نئين ٽهيءَ جي اڀرندڙ ڪهاڻيڪارن جي قطار ۾ سڀ کان پهرئين نمبر تي بيٺل آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com