واقعي هوءَ خوبصورت هئي، پر حسن فقط ظاهر جو نالو ناهي؛ سندس
باطن به بيحد خوبصورت هو.
هوءَ ڪا عام ۽ سطحي فنڪار نه هئي. پڙهيل لکيل ۽ سلجهيل ذهن واري
عورت هئي. فن. ادب ۽ شاعريءَ تي به ڳالهائي سگهندي
هئي. انهن سڀني محرڪن ۽ گڏ ڪم ڪرڻ سبب اسان جي
ويجهڙائي، مان سمجهان ٿو ته فطري ڳالهه هئي. ساڻس
منهنجي واسطي ۾ ڪوبه اڻ وڻندڙ جواز قطعي نه هو.“
”هون!“
”سچ ٻڌايو، منهنجو شانيءَ سان واسطو ته سيپريشن جو سبب نه بڻيو
هو؟“
”بظاهر ته مون کي شانيءَ جي نيت ۽ ڪردار ۾ ڪوبه شڪ محسوس نه ٿيو
هو ۽ مان سمجهان ٿي شاني اسان جي وچ ۾ ڪنهن وڏي
مسئلي جو سبب نه هئي!“
”ته پوءِ توهان مون کي نادره جي معاملي ۾ سمجهڻ ۾ غلطي ڪئي
هوندي!“ هو انديشو ظاهر ٿو ڪري.
”نادره ته ڏاڍي چڱي ڇوڪري هئي!“ زرينا وراڻي ٿي.
”پر ڪڏهن ڪڏهن نادره جي حوالي سان مون کي توهان جو ڪونه ڪو جملو
ٻڌڻو پوندو هو!“ هو ذهن تي زور ڏيندي چوي ٿو،
”جيتوڻيڪ نادره ۽ منهنجي عمر ۾ ڪافي فرق هو. پر
يقين ڪيو، گهر کان ٻاهر مان ساڻس گهٽ ئي مليو هوس.
هوءَ اڪثر توهان جي سامهون ئي اچي مون سان ملندي
هئي. مون کي ڀائيندي هئي، فقط هڪ آرٽسٽ جي حيثيت
سان. ٻيو ڪو مسئلو نه هو. هوءَ ڏاڍي معصوم ڇوڪري
هئي. کيس احساس ئي نه هو، ته سندس انهيءَ عقيدت ۽
معصوم چاهت سبب مون کي توهان جا جملا ٻڌڻا پوندا
هئا!“
”ها، مون کي به محسوس ٿيندو هو ته هوءَ ڏاڍي معصوم ڇوڪري آهي،
پر ڪڏهن ڪڏهن هن جو توهان سان فري ٿيڻ منهنجي اندر
جي عورت کان برداشت نه ٿيندو هو.“ زرينا ماضيءَ ۾
جهاتيون پائڻ لڳي ٿي،“ ۽ گهر آيل مهمان کي ڪجهه
چوڻ بجاءِ مان اڪثر ڪاوڙ توهان تي ئي اڪيلائيءَ ۾
هاري وٺندي هيس. پر مان سچ ٿي چوانءِ، نادره به
مون کي توهان کان ڌار ڪرڻ جو سبب محسوس نٿي ٿئي!“
ڪجهه دير ٻئي خاموش ٿي وڃن ٿا. اندر ئي اندر ڄڻ ٻئي ماضيءَ جي
پيچرن تي هلندا رهن ٿا.
”مارگريٽ جي باري ۾ توهان جو ڪهڙو خيال آهي؟“ هو سوال ڪري ٿو.
مارگيٽ جو نالو ٻڌي زرينا جي چهري تي هڪ رِنگ اچي هليو وڃي ٿو.
هوءَ ڪي لمحا ڪجهه سوچڻ لڳي ٿي، ۽ پوءِ وراڻي ٿي، ”مارگيٽ سان
ته توهان جو ڪافي وقت گذرندو هو!“
۽ مارگيٽ جو حوالي سان ماڻهو توهان کي فضول ڳالهيون به ٻڌائيندا
هئا!“
”خبر ناهي.........“
”هڪ ڊاڪٽر جي حيثيت ۾، باقي نرسن کان مان مارگيٽ کي انڪري وڌيڪ
پسند ڪندو هوس، ته هوءَ پنهنجي ڊيوٽيءَ کي فرض
سمجهي ڪندي هئي!“
۽ ڇا نائيٽ ڊيوٽيءَ ۾ اڪثر توهان سان ڊگهيون سيٽنگس نه ڪندي
هئي؟“ زرينا جي لهجي ۾ مارگيٽ جي حوالي سان اڃا به
ڪجهه تلخي ٿي محسوس ٿئي.
”هڪڙي ئي وارڊ ۾ نائيٽ ڊيوٽيءَ سبب ڊگهيون سيٽنگس ڪا اڻ ٿيڻي
ڳالهه ناهي. هونءَ به هوءَ دلچسپ گفتگو ڪندي هئي،
لطيفا ٻڌائيندي هئي، شعر ٻڌائيندي هئي، تنهن ڪري
نائيٽ ڊيوٽيءَ جو عذاب گهٽجي ويندو هو. مان فقط ان
ڪري ئي کيس ريسپانس ڏيندو هوس.“
”پر ڪڏهن ڪڏهن منهنجي اندر ۾ شڪ جو ڪنڊو چڀڻ لڳندو هو، ته هوءَ
توهان کي مون کان شيئر ٿي ڪري!“
”توهان فقط ماڻهن جي ڳاليهن تي ڌيان ڏنو هو، منهنجي اندر جي
سچائيءَ کي نه پرکيو هو!“
”شايد توهان درست آهيو.“
”مان سمجهان ٿو، شايد مارگيٽ جو وجود اسان جي جدائيءَ جو سبب
بڻيو هو!“
”نه،. ان وقت به مان ائين ٿي محسوس ڪندي هيس ته توهان وقتي طور
تي مارگيٽ ڏانهن ڇڪجي ٿا وڃو. باقي هوءَ مارگيٽ جي
شخصيت ۾ مون کي ڪڏهن به اهو سحر محسوس نه ٿيو هو،
جيڪو توهان کي قابو ڪري وٺي.“
”ته پوءِ اسان جي زندگيءَ جي حادثي ۾ مارگيٽ جو ڏوهه نه هو!“
”نه، قطعي نه.“
”مان اڪثر راتين جو گهر کان ٻاهر رهندو هوس.“ هو ڏاڙهيءَ ۾ هٿ
ڦيريندي چوي ٿو، ڪڏهن هاسپيٽل ۾ نائيٽ ڊيوٽي هوندي
هئي، ته ڪڏهن وري دير تائين ٽي وي اسٽيشن تي هوندو
هوس.“
”ها، توهان اڪثر دير سان واپس ايندا هئا، يا سڄي رات به غائب
هوندا هئا!“
”زرينا، اسان جيڪو هڪڙي منٽ جو سين ٽيليويزن اسڪرين تي ڏسندا
آهيون، ڪڏهن ڪڏهن ان هڪڙي منٽ جي سين جي رڪارڊنگ ۾
ڪلاڪن جا ڪلاڪ لڳي ويندا آهن! نڄاڻ ڪيترا ريٽيڪ
ڏيڻا پوندا آهن. جيڪڏهن هڪڙي آرٽسٽ کان ڪا معمولي
غلطي ٿي ويئي، ته ان سين ۾ موجود باقي سڀني آرٽسٽن
کي به ظاهر آ اهو سين ٻيهر رڪارڊ ڪرائڻو آهي.
فنڪار ته ٻين جي غلطين جي سزا به ڀوڳيندو آهي.
اسين فنڪار ته هڪڙو سين رڪارڊ ڪرائڻ کان پوءِ، وري
پنهنجو ٻيو سين اچڻ تائين ڪجهه دير سڪون سان سيٽ
تي ويهي سگهندا آهيون، پر مصيبت ته پروڊيوسر لاءِ
هوندي آهي، جيڪو مسلسل پينل تي قابو هوندو آهي!“
کيس موضوع کان هٽي وڃڻ جو احساس ٿو ٿئي ته هو
خاموش ٿي وڃي ٿو، ۽ ڪجهه وقفي کان پوءِ چوي ٿو،
”پر مان سمجهان ٿو، راتين جو دير سان اچڻ اسان جي
وچ ۾ ڪنهن وڏي حادثي جو سبب نه هئڻ کپندو هو. ان
ڪري ته توهان کي خبر هوندي هئي ته يا ته مان
هاسپيٽل ۾ ڊيوٽيءَ تي آهيان، يا ڪنهن ڊرامي جي
رڪارڊنگ ۾.“
”ها، مان محسوس ڪيان ٿي ته اهو به ڪو ايڏو وڏو جواز نه هو!“
هوءَ پنهنجي چهري جي پاسي تي وري آيل وارن کي
پوئتي هٽائي ٿي.
”ته پوءِ شايد راحيلا خان اها هستي هئي، جنهن توهان کي ذهني طور
تي مون کان دور ڪري ڇڏيو هو!“ هوءَ خاموش ٿي گهور
ڪري زرينا ڏانهن ڏسي ٿو.
زرينا ڪنڌ جهڪائي ٿي ڇڏي.
”راحيلا خان جي ڪري توهان اڪثر مون سان تيز ٿي ويندا هئو! پر
يقين ڪيو، راحيلا سان منهنجي ويجهڙائي فقط ذهني هم
آهنگيءَ جي ڪري هئي. فرينچ ڄاڻيندڙ اها خاتون جڏهن
به ڪنهن فرينچ نظم جو ترجمو ڪندي هئي ته مون کي
اچي ڏيکاريندي هئي. هوءَ ٻوليءَ جي معاملي ۾ مون
کان صلاح وٺندي هئي، جو کيس گرامر جي گهڻي ڄاڻ نه
هئي. ائين ئي آهستي آهستي منهنجي ساڻس ويجهڙائي ٿي
هئي. باقي جيڪڏهن هوءَ خوبصورت هئي، خدا کيس حسن
ڏنو هو، ته ان ۾ منهنجو ته ڪو قصور نه هو!“
”توهان گهر کان ٻاهر به ته اڪثر ساڻس ملندا هئا!“
”ها، گهڻو ڪري فنڪشنس ۾ هوءَ مون سان گڏ اچي ويهندي هئي.“
”ساڻس گڏ توهان مختلف هنڌن تي گهمندا به ته هئا!“
”ها، هڪڙو دفعو ساڻس گڏ بيچ تي ويو هوس، يا ڪجهه دفعا ڪنهن
ريسٽارنٽ ۾ ويهي ساڻس چانهه پيتي هئم.“
”پر مون کي محسوس ٿيندو هو ته توهان کيس ڪجهه وڌيڪ وقت ڏئي رهيا
آهيو!“
”مان کيس ايترو ئي وقت ڏيندو هوس، جيترو ڪنهن مرد دوست کي ڏئي
سگهان ٿو. مون کيس ڪڏهن به عورت ڪري نه ڏٺو هو.
هوءَ مون کي دوست ئي محسوس ٿيندي هئي. جيڪڏهن وقت
جي ڳالهه آهي، ته راحيلا خان جڏهن به ايندي هئي،
مون کان وڌيڪ سندس وقت ته توهان سان گذرندو هو!“
زرينا ڪوبه جواب نٿي ڏئي، ڄڻ وٽس انهيءَ ڳالهه جو ڪو جواب آهي
به نه. هو وري ڳالهائي ٿو، ”توهان يقين ڪيو،
راحيلا خان ڏاڍي صاف ۽ دل واري خاتون هئي. هوءَ
اڪثر مون کي توهان جو خيال رکڻ لاءِ چوندي هئي.“
”ها، ائين ته واقعي هو. هوءَ پاڻ به منهنجو ڏاڍو خيال ڪندي
هئي!“ زرينا اعتراف ٿي ڪري.
”توهان يقين ڪيو، جنهن ڏينهن راحيلا کي خبر پئي ته مون توهان کي
طلاق ڏئي ڇڏي آهي. ان ڏينهن کان پوءِ هن مون سان
ملڻ ڇڏي ڏنو.“
”۽ توهان به يقين ڪيو ته مون به راحيلا کي غلط نه سمجهيو هو، پر
نڄاڻ ڇو ڪڏهن ڪڏهن منهنجي اندر ۾ شڪ جي اونداهي
پکڙجڻ لڳندي هئي!“ سندس لهجي ۾ افسوس جو تاثر آهي،
”پر راحيلا خان کي به مون ڪڏهن ڏوهي ناهي ڪيو.“
”ته پوءِ ڇا هو! ڇا ٿي ويو!“ هو پنهنجي اندر ۾ ڪجهه ڀڄندي
ڀُرندي محسوس ٿو ڪري. زرينا ڪوبه جواب نٿي ڏئي.
ڄنگهون سڌيون ڪري، صوفي تي ٽيڪ ڏئي آهلي ٿي پوي.
سندس نظرون ڇت ۾ وڃي بيهي ٿيون رهن. ائين ٿو محسوس
ٿئي ڄڻ هوءَ خلائن ۾ دور ڪٿي گهوريندي هجي، ڪجهه
ڳوليندي هجي....
ڪي خاموش لمحا هنن ٻنهي جي وجود تي ڇائنجي ٿا وڃن.
پنهنجي اندر جي ڀڃ ڊاهه کي هو پنهنجي اکين ۾ محسوس ڪري ٿو. سندس
پنبڻين جي وچ ۾ پاڻي جمع ٿيڻ لڳي ٿو.
”مان هڪڙو فون ڪري وٺان!“ هو اٿي ڊرائنگ روم کان ٻاهر هليو وڃي
ٿو.
بيڊروم مان فون ڪري لائونج ۾ اچي ٿو ته ڪچن ۾ آواز ٻڌي، ڪچن
ڏانهن وڌي وڃي ٿو. ڪچن ۾ زرينا پنهنجي رئي جي پلئه
سان اکين کي به اگهي رهي آهي ته مانيءَ جي تياري
به ڪري رهي آهي. آهٽ تي پوئتي منهن ورائي ٿي.
”پليز توهان ويهو وڃي. اٺ ٿي رهيا آهن. ڪجهه ٺاهي
وٺان، بادل به اچڻ وارو هوندو.“
هو نه چاهيندي به اتان هليو وڃي ٿو. بيڊ روم ۾ وڃي ليٽي پوي ٿو.
اکيون پوري ٿو ڇڏي. سڪون نٿو مليس. پاسا ورائيندو
ٿو رهي. ڪافي دير کان پوءِ بيچينيءَ وڌي وڃيس ٿي
ته اٿي لائونج ۾ نڪري ٿو اچي. لائونج ۾ ڊائننگ
ٽيبل تي زرينا پاڻي پي رهي آهي، هو سندس سامهون
وڃي ويهي ٿو. ”مون کي به اڃ لڳي آهي.“
خالي ٿيل گلاس ۾ بوتل اوتي، گلاس ڀري هن ڏانهن وڌائي ٿي. هو هڪ
ساهيءَ گلاس وات ۾ اوتي ٿو ڇڏي، ۽ سامهون رکيل
بوتل کڻي پاڻيءَ جو ٻيو گلاس به پي ٿو وڃي.
”زرينا، مون توهان جي حق کي ڪنهن عورت سان، ڪڏهن به شيئر نه ڪيو
هو.“
”مون به توهان کي لوز ڪيريڪٽر جو طعنو ته ڪڏهن نه ڏنو هو.“
”ته پوءِ هي سڀ ڪجهه ڇو ٿيو! ڇو ٿيو اهو ڪجهه! “ سندس آواز ڀرجي
اچي ٿو. زرينا چپ چاپ ويٺي رهي ٿي.
”هڪ ڳالهه ٻڌايو“ سندس چهري تي گهري ڏک ڪري ڪيفيت محسوس ٿيڻ لڳي
ٿي، ”توهان کي منهنجي خاندان وارن سان ڪا خاص
شڪايت هئي!“
”نه“ زرينا وراڻي ٿي. ”توهان ته شروع کان ئي مون کي ڌار رکيو
هو.“
”۽ مون کي به ته توهان کان ڪا وڏي شڪايت ڪڏهن نه رهي هئي.“ هو
پيڙجڻ لڳي ٿو، ”نه مون گهر جي انتظامن بابت ڪڏهن
شڪايت ڪئي هئي، ۽ نه ڪڏهن توهان جي ڪردار تي شڪ
ڪيو هوم. پوءِ اهو سڀ ڪجهه ڇو ٿيو؟“
زرينا کي ڪوبه جواب نٿو سجهي.
”ڪهڙو سبب هو آخر؟“ هو پنهنجي سوال تي زور ٿو ڏئي.
”سبب!“ زرينا جهرڻ لڳي ٿي...
”ها، مون کي سبب ٻڌايو. ٻڌايو ڪهڙو سبب هو؟“
”الائي ڪهڙو سبب هو! الائي ڪهڙو سبب هو!“ زرينا پنهنجو مٿو، هٿن
جي وچ ۾، ڊائننگ ٽيبل تي رکي ڇڏي ٿي. ڪجهه دير کان
پوءِ هو زرينا جو دٻيل دٻِيل سڏڪو ٻڌي ٿو.
”زرينا، پليز!“ هو زرينا کي سڏي ٿو.
زرينا ڀنل اکين سان منهن مٿي ڪري ٿي، ”توهان کي ڪهڙي خبر! مان
ته پاڻ گذريل ٻارنهن سالن کان سبب ڳوليندي رهي
آهيان!“
”خبر ناهي اهوسڀ ڪجهه ڇو ٿي ويو!“ هو هٿ مهٽڻ لڳي ٿو. ”ڪيئن ٿي
ويو ايڏو وڏو حادثو جو خبر به نه پئي!“
”هڪ ڳالهه چوان؟“ زرينا جا چپ ڪنبڻ لڳن ٿا.
هو ڪنڌ لوڏي هاڪار ڪري ٿو.
”مان سمجهان ٿي، منهنجي اکين اڳيان ته بي سبب ڳالهين ۽ مسئلن جي
ڌنڌ اچي ويئي هئي، پر آخر ۾ جذباتي توهان به ٿي
ويا هئا!“ زرينا جو جيءُ جهرڻ لڳي ٿو، ”جيڪڏهن
توهان تڪڙ نه ڪيو ها، ڪجهه صبر کان ڪم وٺو ها،
ڪجهه عرصو مون کي ڇڏي ڏيو ها ته شايد منهنجو ذهن
صاف ٿي وڃي ها، ۽ سڀ ڪجهه درست ٿي وڃي ها! شايد
اهو ممڪن هو!“ هوءَ هٿن ۾ منهن لڪائي روئڻ لڳي ٿي.
زرينا کي سڏڪندو ڏسي، سندس اکين ۾ ڀرجي آيل زهر به ٻاهر نڪرڻ
لڳي ٿو. اوچتو سندس دل اڌمو کائي ٿي؛ ۽ هو چاهي
ٿو، اتي زرينا کي ڀاڪر ۾ ڀري وٺي ۽ سندس ڳوڙها
اگهي، کيس ڇاتيءَ سان لائي ڇڏي. هو ٽيبل تي هٿ رکي
اٿڻ جي ڪري ٿو ته انهيءَ لمحي کيس احساس ٿئي ٿو ته
هاڻي کيس ائين ڪرڻ جو ڪوبه حق ناهي. هو پنهنجا
سمورا حق وڃائي چڪو آهي، ۽ نستو ٿي ويهي رهي ٿو.
ڪجهه دير کان پوءِ جڏهن هو پاڻ سبڀالي وٺي ٿو،
تڏهن زرينا کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري، ”پليز زرينا!“
زرينا مسلسل سڏڪندي رهي ٿي.....
”بادل اچڻ وارو هوندو. ”هو وري کيس سمجهائي ٿو، ”ساڻس گڏ صوفيا
به هوندي، ڪجهه خيال ڪيو!“
زرينا ٿڌو ساهه کڻي، اکيون اگهندي باٿ روم ڏانهن منهن ڌوئڻ هلي
وڃي ٿي. زرينا جي ٻاهر نڪرڻ کان پوءِ هو باٿ روم ۾
وڃي منهن ڌوئي ٿو ۽ ٽوال سان منهن اگهندو ٻاهر اچي
ٿو. ڊائننگ ٽيبل وٽ ويٺل زرينا جي ڀرسان وڃي چوي
ٿو، ”مون کي معاف ڪري ڇڏجو زرينا!“
”معافي ته مون کي توهان کان وٺن گهرجي!“ زرينا ڪنڌ مٿي کڻڻ جواب
ڏئي ٿي.
هو ٽوال هڪ ڪرسيءَ جي مٿان رکي ٿو، ”بادل اچڻ وارو هوندو. مان
ڊرائنگ روم ۾ ويهي سندس انتطار ٿو ڪيان.“
هو ڊرائنگ روم ڏانهن هليو وڃي ٿو. زرينا اتي ئي ويٺي رهي ٿي.
ڊرائنگ روم ۾ وڃي صوفي تي آهلي پوي ٿو، ۽ پنهنجي
اندر جي طوفان کي ماٺو ڪرڻ جي جدوجهد ڪري ٿو. ڪجهه
ئي دير گذري ٿي ته ڪال بيل جو آواز ٻڌي ٿو، ڪال
بيل جي آواز تي اوچتو ڄڻ اندر جي طوفان جو رخ مٽجي
وڃي ٿو، ۽ هو انهيءَ طوفاني ڪيفيت مان آجو ٿي وڃي
ٿو، ۽ سڌو ٿي ويهي رهي ٿو.
دروازو کلڻ جي آواز سان هو بادل جو آواز ٻڌي ٿو، ”امي، هي آهي
صوفيا!“
”السلام عليڪم آنٽي!“ صوفيا جو آواز اڀري ٿو.
زرينا صوفيا کي ڇڪيءَ ڇاتيءَ سان لائي ٿي.
بادل جي نظر اوچتو ڊرائنگ روم جي دروازي ڏانهن کڄي وڃي ٿي.
”اوهه بابا! توهان ڪنهن مهل آيا!“ ۽ حيرت مان
ٻانهو کولي پيءُ ڏانهن وڌي ٿو.
هو ٽهڪ سان گڏ وراڻي ٿو، ”اڙي پلستر! مان ته ڪيتري دير کان
تنهنجو انتظار ويٺو ڪيان!“ ۽ اڳتي وڌي بادل کي
ڀاڪر ۾ ڀري وٺي ٿو.
هو ڪي پل بادل کي ڀاڪر ۾ ئي جهلي رکي ٿو، ۽ پوءِ کيس ڀاڪر مان
ڪڍي صوفيا ڏانهن وڌي وڃي ٿو. صوفيا جي مٿي تي رکي
کيس شفقت ڀري نظر سان ڏسي ٿو، ”اچ پٽ، هلي آ!“
صوفيا هن ڏانهن ڪجهه حيرت مان ڏسندي ڊرائنگ روم ۾ داخل ٿئي ٿي.
صوفيا، زرينا جي ڀرسان ويهي رهي ٿي، ۽ بادل کي هو
ڇڪي پنهنجي پاسي ۾ ويهاري ٿو، ”ڪيئن آهين اڙي
پلستر!“
بادل مرڪي پوي ٿو، ”مان ته ٺيڪ آهيان بابا، پر توهان پنهنجي اچڻ
جو اطلاع به نه ڏنو!“
”اڙي، ٻڌائي اچي ملڻ سان وصل جي راحت گهٽجي ويندي آهي!“ هو بادل
جي ڪلهي تي هٿ رکي ٿو، ”اوچتو اچي ملڻ واري
سرپرائيز جو ته اسان تصور به ڪري نه سگهندا
آهيون!“ هو کن لاءِ زرينا ڏانهن ڏسي وٺي ٿو.
”بابا.... هي.... هي صوفيا آهي!“
”سٺي آهي تنهنجي پسند.“ هو مرڪي صوفيا ڏانهن ڏسي ٿو.
صوفيا ڪنڌ جهڪائي ٿي ڇڏي، پر بادل صوفيا جي اکين ۾ اٽڪيل سوال
کي ڏسي ٿو وٺي. ”صوفيا! مون بابا ۽ امي جي باري ۾
توکي جو ڪجهه ٻڌايو هو، اهو به درست آهي.“
”ها پٽ! مان ڊگهي آواره گردي کان پوءِ، اڄ اوچتو ئي اوچتو واپس
پهتو آهيان. مون کي خبر نه هئي ته بادل جي امي به
هتي آهي، مان ته بادل کي نه ڏسي واپس ويس، پر....“
هو پنهنجي ڳالهه کي پورو ڪرڻ کان سواءِ ڇڏي ٿو
ڏئي. سندس هٿ جو زور بادل جي ڪلهي تي وڌي ٿو وڃي.
”توهان سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي انڪل!“ صوفيا پهريون ڀيرو ڳالهائي
ٿي، ”سچ مون کي توهان سان ملڻ جو ڏاڍو اشتياق هو!“
”حيرت آهي، توهان کي هڪ چنڊي جي پيءُ سان ملڻ جو شوق!“ هو مرڪي
وراڻي ٿو صوفيا هلڪو ٽهڪ ڏئي خاموش ٿي وڃي ٿي.
زرينا صوفيا جي ٻانهن ۾ هٿ وجهي اٿڻ لڳي ٿي. ”اچ ڌيءَ.“
صوفيا زرينا سان گڏ ڊرائنگ روم کان ٻاهر هلي وڃي ٿي.
”سٺو ٿيو بابا، اڄ توهان به اچي ويا!“ بادل پيءَ ڏانهن ڏسي ٿو.
”اڙي انهيءَ لاءِ ته پنهنجي اميءَ کي ٿينڪس چئه، جنهن مون کي
سڏي وهاريو، نه ته مان دروازي کان ئي واپس ٿي
ويس.“
۽ پوءِ هو سفر جون ڳالهيون ڪرڻ لڳن ٿا. ڪجهه دير کان پوءِ وري
موضوع صوفيا ڏانهن ڦري وڃي ٿو. لائونج مان صوفيا ۽
زرينا جي ڳالهائڻ جو آواز به ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته
ڊائننگ ٽيبل تي برتن رکڻ جو آواز به.
”اچو ماني کائي وٺو. ٿڌي ٿي ويندي.“
زرينا ڊرائنگ روم جي دروازي کان اچي چوي ٿي. ماني کائيندي هو
ڀوڳ چرچا ڪري ۽ پنهنجي سفر جا لطيفا ٻڌائي صوفيا ۽
بادل کي وندرائڻ جي ڪوشش ڪندو رهي ٿو. پر کيس ائين
ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ هو اهڙو جوڪر هجي، جيڪو پنهنجي
ظاهري وجود پٺيان لڪل اندر جي طوفان کي لڪائڻ ۾
ناڪام ٿي رهيو هجي- ۽ جنهن به لمحي هو پنهنجي اندر
جي اونداهيءَ کي پنهنجي لهجي مٿان ڇانئجندي محسوس
ڪري ٿو ته خاموشي اختيار ڪري، نه چاهيندي به ننڍا
ننڍا گرهه اندر ۾ لاهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. سوچ- ساگر
کي بند ٻڌڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. پر جڏهن هو محسوس ڪري
ٿو، ته هي ٽي وي اسٽوڊيو ناهي، جتي هو ڪامياب
اداڪاري ڪندو هو، پر هن وقت هو پنهنجي پٽ جي گهر ۾
ناڪام اداڪاري ڪري رهيو آهي، تڏهن هو مانيءَ مان
هٿ ڪڍي اٿي بيهي رهي ٿو ۽ پنهنجي ناڪام اداڪاريءَ
جو آخري ڊائلاگ ڳالهائي ٿو، ”ڪڏهن ڪڏهن محسوس
ٿيندو آهي، ڄن پيٽ به پوڙهو ٿي ويو آهي، کاڌي جو
وڌيڪ بار برداشت ئي نٿو ڪري!“
هو باٿ روم ۾ وڃي هٿ صاف ڪري سڌو ٿئي ٿو، ته کيس احساس ٿئي ٿو
ته سندس پنبڻيون آليون ٿي چڪيون آهن. ٽاول سان هٿ
۽ اکيون صاف ڪري، هو باٿ روم مان نڪري ڊرائنگ روم
ڏانهن ايندي، لائونج ۾ ڊائننگ ٽيبل ڏانهن هن ڄاڻي
واڻي نه ڏٺو هو، پر کيس محسوس ٿيو هو ته انهيءَ
مهل کاڌي جي ٽيبل تي ڪنهن به ڪجهه نٿي کاڌو، سڀ
خاموش هئا.
هو چپ چاپ صوفا تي ويهي ڪنڌ جهڪائي ٿو ڇڏي، ڄڻ سڄي ڪائنات ڪنڌ
جهڪائي گم سم ٿي وڃي ٿي. هو پنهنجي وجود ۾ رشتن جي
اهڙي ڇيت چڀندي محسوس ڪري ٿو، جنهن کي ڏسي ناهي
سگهبو، فقط محسوس ڪري سگهبو آهي. زرينا جي آهٽ تي
هو ڪنڌ کڻي ڏانهس ڏسي ٿو. هوءَ سندس سامهون ويهي
رهي ٿي.
”بادل صوفيا جي سلسلي ۾ توهان سان ڳالهائڻ ۾ شرمندگي ٿو محسوس
ڪري.“ زرينا چوي ٿي، ”انهيءَ سلسلي ۾ هو توهان جي
رضامندي ٿو چاهي.“
”مون کي پنهنجي محدود ٿي ويل حقن جو احساس آهي.“ هو وراڻي ٿو،
”فيصلي جا اختيار بادل ۽ توهان جا آهن!“
”هڪ پيءُ جي حيثيت ۾ توهان کي پنهنجي راءِ جو ته پورو پوور
اختيار آهي!“ زرينا کيس قائل ڪرڻ واري نوع ۾ چوي
ٿي.
”ڇڻيل پن جيان ٽٽي پيل رشتي کان پوءِ مون کي ڪنهن حجت جو اختيار
ته ناهي، پر ان جي باوجود هن موقعي تي مان توهان
سان حجت ڪندي اهو چوندس ته توهان جو فيصلو ئي
منهنجو فيصلو هوندو!“ هو ڪنڌ جهڪائي ٿو ڇڏي.
”منهنجو ڇاهي!“ زرينا وراڻي ٿي، ”منهنجي خوشي ته بادل جي هستيءَ
سان لاڳاپيل آهي. هونءَ به صوفيا سلجهيل ۽ سٻاجهي
ڇوڪري ٿي لڳي.“
هو صوفا جي پاسي ۾ رکيل بئگ سوري پنهنجي اڳيان رکي ٿو،”منهنجي
وڃڻ جو وقت ٿي ويو آهي.“
”ڪيڏانهن ويندؤ؟“ زرينا جي ٻن لفظن ۾ سَوَن سوالن جو پڙاڏو آهي.
”ڏهه پيا ٿين، يارهين واري ٽرين ۾ لاڙڪاڻي هليو ويندس.“ وراڻي
ٿو، ”ڪجهه دير اڳ مون فون ڪري ٽائيم ڪنفرم ڪيو
هو.“
”پر ڇا هن مهل تڪليف ڪرڻ ضروري آهي!“ زرينا جي لهجي ۾ درد جو
تاثر اڀري ٿو اچي.
”اسان جي هٿن مان سمورا ڪارڊس نڪري چڪا آهن.“ هو هٿ مهٽڻ لڳي
ٿو، ”اتفاق جي ڏور ۾ ٻڌل لمحن کي قيد ته نٿو ڪري
سگهجي نه! هوءَ به هڪ ڇت هيٺان هاڻ وڌيڪ وقت گذارڻ
جو مون وٽ ڪوبه جواز ناهي!“
زرينا ڪوبه جواب نٿي ڏئي. سندس چيل ڳالهه جي جواب لاءِ زرينا کي
لفظن جو هئڻ به ممڪن نٿو لڳي. بس، سندس اندر ۾ ڪو
احساس سڏڪي رهيو آهي. احساس جي سڏڪن هاڻي
ڪميونيڪيشن جي باوجود به ڪڏهن ڪڏهن مجبورين جي ڄار
۾ ڦاسي، انسان دل جي درياهه مان ٻاهر ڇڪجي ويندو
آهي! اهڙي ئي ڪيفيت آهي هن جي، پر هو درد جي وجود
تي هيومر جي چادر تاڻي، هلڪي رڙ ٿو ڪري،
”بادل--!اڙي پلستر، هيڏانهن اچ!“
بادل ڊرائنگ روم جي دروازي ۾ اچي بيهي ٿو. چپ چاپ، اٻاڻڪو. ڇو
ته هن پنهنجي پيءُ جي وڃڻ بابت ٻڌي ورتو هو، ۽ کيس
خبر آهي، ته ڪنهن به حالت ۾ پيءُ کي روڪي نه
سگهندو. پيءُ جي طبعيت کان هو چڱيءَ ريت واقف آهي.
”صوفيا کي سڏي وٺ، ۽ هيڏانهن اچي ويهه!“
بادل اتان ئي ڪنڌ ورائي، لائونج ۾ ويٺل صوفيا کي سڏي ٿو، ۽ پاڻ
پيءُ جي پاسي ۾ اچي ويهي رهي ٿو. صوفيا سندس
سامهون، زرينا جي ڀرسان اچي ويهي ٿي. هو بئگ جي زپ
کوليندي بادل ڏانهن ڏسي هلڪي ٽهڪ سان چوي ٿو، ”۽
هاڻي دوگانو چوڻ جو وقت اچي ويو آهي، اڇا تو هم
چلتي هين!“
هو پرفيوم جون ٻه باٽلز ڪڍي، هڪ بادل جي هٿ ۾ ڏئي ٿو، ۽ پوءِ
اٿي وڃي هڪ باٽل صوفيا کي کي ڏئي، سندس مٿي تي هٿ
رکي ٿو،”پٽ! منهنجي بادل کي، منهنجي پلستر پٽ کي
سڄي زندگي خوب تنگ ڪجانءِ، وڙهجانس، ناراض ٿجانس،
پر پيار جي خوشبوءَ کي سنڀالي رکجانءِ. ڇو ته اها
خوشبو اڏامي وڃي. ته پنهنجو وجود وڃا ويهندي آهي!“
سندس لهجو ڳرو ٿي وڃي ٿو. سندس هٿ صوفيا جي مٿي تي
پيل رهي ٿو ۽ هو ڪنڌ ورائي بادل ڏانهن ڏسي ٿو.
”محبتن جي ڇت ۾ ڪڏهن به غلط فهمين جا ڪريڪس نه
وجهجو!“
صوفيا کي مٿي تي چمي ڏئي وڃي پنهنجي جاءِ تي ويهي ٿو، ۽ بئگ جي
زپ بند ڪرڻ کان اڳ پرفيوم جي ٽئين باٽل ڪڍي، زرينا
ڏانهن ڏسي، بنا ڪجهه چوڻ جي ٽيبل تي رکي ٿو ڇڏي، ۽
بئگ کڻي اٿي بيهي ٿو رهي. هو سڀ اٿي بيهي رهن ٿا.
بادل کي خبر آهي ته وهندڙ درياهه کي روڪڻ ممڪن ناهي، پوءِ به هو
آخري ڪوشش ڪري ٿو، ”بابا! مون امان کي چانهه ٺاهڻ
لاءِ چيو هو.“
هو هلڪو ٽهڪ ڏئي بادل کي ڀاڪر ۾ ڀري وٺي ٿو، ”اڙي پلستر! منهنجي
حصي جو پتيءَ وارو ڪڙو پاڻي تون پي وٺجانءِ!“ بادل
کي ڀاڪر مان ڪڍي صوفيا ڏانهن ڏسي پنهنجي ڳالهه
جاري رکي ٿو، ”۽ منهنجي حصي جي کنڊ جا ٻه وڌيڪ
چمچا صوفيا جي ڪپ ۾ وجهي ڇڏجانءِ.“
”چڱو، مان توهان کي ڇڏي اچان!“ بادل وراڻي، ٿو، ”هونءَ به صوفيا
لاءِ وڃڻو اٿم.“
”توکي خبر آهي، ته مان توکي حڪم ٿو ڏيان، ته تون صوفيا کي ٻن
وڌيڪ کنڊ جي چمچن وارو چانهه جو ڪپ پيارڻ کان
سواءِ ڊرائنگ روم کان به ٻاهر قدم نه رکندين—مان
پاڻيهي هليو ويندس.“ هو زرو ڏئي بادل کي ويهاري
ڇڏي ٿو.
بئگ کڻي زرينا ڏانهن ڏسي ٿو، سندس نظر زرينا جي وجود تي بيهجي
وڃي ٿي، پر ٻئي پل ئي محسوس ڪري ٿو ته سندس پيرن ۾
پيل ڏور انهن ڪارڊس سان ٻڌل آهي، جيڪي سندس هٿن
مان ڇڏائجي، طوفان ۾ اڏامي رهيا آهن ۽ هو طوفاني
هوائن ۾ آيل ڇڻيل پن جيان ٻاهرئين دروازي ڏانهن
ڇڪجي وڃي ٿو.
دروازي مان ٻاهر نڪري پوئتي هٿ ورائي دروازو بند ڪرڻ جي ڪوشش
ڪري ٿو ته سندس هٿ تاڪ بجاءِ ڪنهن ڪپڙي ۾ وڃي اٽڪي
ٿو. پوئتي منهن ورائي ڏسي ٿو، زرينا جي رئي جو
پلئه سندس هٿ ۾ آهي، ۽ هوءَ در کي ٽيڪ ڏئي بيٺي
آهي. هو رئي جي پلئه کي ڇڏي ڏئي ٿو، هڪ پل لاءِ
پنهنجي خالي هٿ کي ڏسي ٿو ۽ پوءِ ڪنڌ ورائي ڏاڪا
لهڻ لڳي ٿو. ڪجهه هيٺ وڃي. ڪنڌ ورائي پوئتي ڏسي
ٿو. زرينا اڃا به دروازي ۾ بيٺي آهي، ۽ سندس اکين
مان ٻه لڙڪ سندس چهري تي نشان ڇڏي ڪٿي ڪري پيا
آهن. ڪي پل هو زرينا جي ڀنل چهري ڏانهن ڏسندو رهي
ٿو، ۽ پوءِ موڪلاڻيءَ لاءِ هٿ ڪري ٿو ته سندس
پنبڻين مان به لڙڪ ٽمي سندس ڏاڙهيءَ جي وارن ۾
اٽڪي ٿا پون. موٽ ۾ زرينا هٿ مٿي ڪري ٿي ته سندس
هٿ ۾ جهليل پرفيوم جي باٽل هٿ مان ڇڏائجي، فرش تي
ڪري ٽٽي پوي ٿي. خوشبو اُڏڻ لڳي ٿي!
هو مٿي کنيل هٿ واري ٻانهن سان اکيون اگهي، ڪنڌ ورائي، ڳرا ڳرا
قدم کڻندو ڏاڪڻ لهڻ لڳي ٿو. |