”ڌرتي سارو ديس“ ۾ مواد جي چونڊ نصير ڏاڍيءَ
خوبصورتيءَ سان ڪئي آهي. اها تعريف مون تي رڳو فرض
ادا لاءِ واجب نه آهي، پر جڏهن به اسان جي سامهون
ڪنهن جي سٺي ڪوشش اچي ته اسان کي ساراهڻ ۾ ڪنجوسي
نه ڪرڻ گھرجي. نصير سفرنامن جي چونڊ ڪرڻ وقت مرزا
قليچ بيگ، سيد ميران محمد شاهه، قاضي عبدالمجيد
عابد جا نالا سامهون رکي، سفرنامن جي شروعاتي دور
کان وٺي ويندي اڄ تائين جي سفر نامن لکندڙن، جنهن
۾ شيخ اياز، غلام رباني آگرو، تنوير عباسي، آغا
سليم، ماهتاب محبوب، الطاف شيخ، عنايت بلوچ، هدايت
پريم، خيرالنساءِ جعفري، فقير محمد لاشاري، طارق
عالم، اشتياق انصاري، حسن مجتبيٰ، عبدالحئي پليجو
شامل آهن، جو مواد چونڊيو آهي.
چونڊ ڪرڻ وقت نصير هن ڪتاب ۾ اهي سفرناما شامل ڪيا آهن، جن ۾
ڏيهي ۽ پرڏيهي ملڪن جي باري ۾ ”وڌ کان وڌ ڄاڻ“
شامل آهي ۽ جنهن ۾ سفرناما لکندڙن اُتان جي ڪلچر
کان ويندي رومانس تائين پنهنجي لکڻين سان انصاف
ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي آهي. جيئن عنايت بلوچ ۽ آغا سليم
جي سفرنامن ۾
Subjectivity
جو
touch
سٺو ٿو لڳي؛ هلڪي رومانٽڪ انداز ۾ واقعن جو اختتام
دل تي هڪ گھرو اثر ڇڏي ٿو. اسان وٽ جيڪي سفرناما
لکيا ويا آهن، انهن ۾ اهڙا نالا گھٽ آهن جن کي
ذاتي طور تي سياست سان گھڻي دلچسپي هجي ۽ جيڪي خاص
سياحت خاطر ملڪ کان ٻاهر ويا هجن. تنوير عباسي ۽
طارق عالم علاج خاطر ملڪ کان ٻاهر ويا هئا. ان ڏس
۾ تنوير عباسي جو پهريون سفرنامو انداز بيان جي
خيال کان معلومات ڏيندڙ ۽ انتهائي دلچسپ آهي. ساڳي
دلچسپيءَ جوعنصر طارق عالم جي سفرنامي ۾ اول کان
آخر تائين ملي ٿو.
سفرنامن جي دنيا ۾ الطاف شيخ جو نالو قابل ذڪر آهي، جنهن سنڌيءَ
۾ سڀ کان وڌيڪ سفرناما لکيا آهن. ان کان پوءِ
اشتياق انصاريءَ جو نالو اچي ٿو، جنهن پاڪستان ۽
پاڪستان کان ٻاهر سياحت جي غرض سان ڪيترائي ڏٺا
آهن ۽ سفرنامن کي قلمبند ڪيو آهي. ان کان سواءِ
ٻيا جيڪي به سفرناما لکندڙ آهن، پنهنجي ڪنهن ذاتي
ڪم سان يا ڪنهن ادبي سڏ تي يا پنهنجي پروفيشن جي
حوالي سان ملڪ کان ٻاهر ويا آهن، ۽ واپس اچي هنن
پنهنجن تجربن ۽ مشاهدن کي پڙهندڙن سان شيئر ڪيو
آهي، جنهن جي لاءِ پڙهندڙ سندن يقيناً بيحد
ٿورائتا آهن.
اسان وٽ سير وسياحت ڏانهن لاڙو گھٽ رهيو آهي. اسان وٽ همراهه
دادوءَ کان ڪراچيءَ تائين ويندو آهي ته کيس پرديس
لڳندو آهي. اهڙيءَ صورتحال ۾ هي ڪتاب يقيناً
پڙهندڙن لاءِ وڏي اتساهه جو ڪارڻ بڻبو. خاص ڪري
انهن ماڻهن لاءِ، جن پنهنجو ملڪ به چڱيءَ طرح سان
نه ڏٺو آهي. اها هڪ
Motivation
آهي ته پنهنجو ملڪ ڏسو، دنيا جي مختلف تهذيبن کي
ويجھي کان ڏسو پوءِ پڙهندڙ سان پنهنجا تجربا ۽
مشاهدا شيئر ڪيو. ان ڏس ۾ مون کي انگريز پروفيسر
جين ٿي ياد اچي، جيڪا عام زندگيءَ ۾ انتهائي ساده
لباس پائيندي هئي ۽ انتهائي سادگيءَ سان رهي پئسا
بچائيندي هئي ۽ موڪلن ۾ دنيا جي مختلف ملڪن ڏانهن
نڪري ويندي هئي. اِتي مونکي نصير جي مهاڳ جا هي
لفظ ٿا ياد پون، جنهن ۾ هن پنهنجي من پسند ليکڪا
قرةالعين حيدر جو حوالو ڏيندي لکيو آهي ته
”قرةالعين چواڻي ته انسان صرف هڪ دفعو ئي ڌرتيءَ
تي ايندو آهي ۽ پوءِ ختم ٿي ويندو آهي، جو زندگيءَ
صرف هڪ دفعو ئي زندهه رهڻ لاءِ ملندي آهي. ماڻهو
مري ويندو آهي ۽ پوءِ ڪڏهن به هن دنيا کي نه ڏسي
سگھندو آهي.“
هن ڪتاب ۾ ”سنڌي ساهت ۾ سفرنامن جي اوسر“ نالي ولي رام ولڀ جو
انتهائي مفيد ۽ معلوماتي مقالو شامل آهي، جنهن ۾
هن سفرنامي جي ارتقائي منزلن کان گذرندي موجوده
دور جي جديد سفرنامي تائين جي سفر کي مختصر پر
پراثر انداز سان بيان ڪيو آهي. سندس اها محنت ۽
ڪوشش ساراهڻ جوڳي آهي. مون نصير کي صلاح ڏني هئي
ته هو چونڊ سفرنامن ۾ پنهنجو سفرنامو به شامل ڪري.
پر نصير ڪسرنفسي کان ڪم وٺندي پنهنجو سفرنامو ان
چونڊ سفرنامن ۾ شامل نه ڪيو.
نصير چواڻي ته گوتم ٻڌ جي جاتڪ ڪٿائن ۾ به لکيل آهي ته ”اکيون
بي وفا هونديون اُٿو. انهن کي جيڪو ڏيکارڻو اٿو،
هن جنم ۾ ئي ڏيکاري ڇڏيو.“ شايد تڏهن ئي نصير
منفرد ۽ خوبصورت سفرنامن جي چونڊ ڪري پڙهندڙن جي
تصور کي
Rich
ڪرڻ خاطر سندن اکين کي اُهي منظر ڏيکارڻ جي ڪوشش
ڪئي آهي، جيڪي اڄ تائين سندن نظرن کان اوجھل هئا.
”ڌرتي سارو ديس“ عبرت بوڪ ڪلب جي ڪتاب نمبر 4 طور شايع ڪيو ويو
آهي، جنهن جي سٽاءُ تاج جويي ۽ زيب سنڌي جي ذمي
رهي آهي. هن ڪتاب جا صفحا 270 آهن ۽ ان جي قيمت
پنجاه رپيا (سادي ڪاپي 20 رپيا) رکيل آهي. ڪتاب جي
وڻندڙ ٽائيٽل، ان جي معيار ۾ واڌارو ڪيو آهي.
- شبنم گُل
سرها ساهه پرينءَ جا
اسان جي سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ بي. اي. آنرس يا ايم. اي ادب ۾ ڪرڻ
لاءِ اچڻ وارن شاگردن جي اڪثريت گھڻو ڪري مجبوريءَ
سبب، ٻين ڊپارٽمينٽس ۾ داخلا نه ٿي سگھڻ جي ڪري
ايندي آهي، ان ڪري شروعاتي ڪلاسن ۾ هو ادب جي الف
کان به اڻڄاڻ هوندا آهن. لکڻ ته پري جي ڳالهه آهي،
هنن مان گھڻن جو ته ڪورس جي ڪتابن کان سواءِ ڪڏهن
ڪو هڪڙو صفحو به پڙهيل ڪونه هوندو آهي. ڪو شعر، ڪا
ڪهاڻي يا ڪو ناول پڙهيل هئڻ ته تمام وڏي انوکي
ڳالهه سمجھبي.
اهڙي ماحول ۾ جڏهن ڪو شاگرد ادب جي ساڃاهه هئڻ سان گڏو گڏ هم
عمر ادبي ماحول سان مانوس هئڻ جو تاثر ڏيندو آهي
ته ڏاڍي خوشي ٿيندي آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن ڪلاس ۾ هڪ
کان وڌيڪ اهڙا شاگرد هوندا آهن ته سچ ته ڪلاس ۾
پڙهائڻ جو مزو اچي ويندو آهي. استاد کي به جڏهن
خالي چهرن بدران دلچسپي وٺندڙ شاگرد ملندا آهن ته
ان مان پنهنجي طرفان کين مڪمل ڄاڻ ڏيڻ لاءِ اتساهه
حاصل ڪندو آهي. طارق عزيز شيخ جو ڪلاس به اهڙو ئي
هڪ ڪلاس هوندو آهي، جنهن ۾ پڙهائي آءٌ ذهني تسڪين
محسوس ڪندي آهيان ۽ جڏهن خبر پيم ته طارق هڪ ليکڪ
به آهي ته خوش ٿيس. هن جو ڇپيل ڪتاب ”سرها ساهه
پرينءَ جا“ پهريون ڪتاب آهي ۽ پاڻ به اڃا ننڍڙو
آهي، اميد ته اڃا گھڻو لکندو. ڊائري لکڻ ڪا اهڙو
حيرت ۾ وجھندڙ ڳالهه ڪانهي ڇو ته اڪثر ماڻهو ڊائري
لکندا آهن، ها پر حيرت ۾ وجھندڙ ڳالهه اها آهي ته
ڇپائي وڃي ۽ بنا ڪنهن ايڊيٽنگ جي ڇپائي وڃي! اها
ڏاڍي همت جي به ڳالهه آهي.
منافقين جي هن دور ۾ ماڻهو پنهنجو پاڻ کي دنيا آڏو فرشتو ڪري
پيش ڪندا آهن، پنهنجي اندر جي احساسن ۽ جذبن کي
ٻين کان لڪائي رکندا آهن ۽ محبت جي معاملي ۾ ته
بنهه اظهار ڪونه ڪندا آهن، پر طارق جو هي ڪتاب آهي
ئي سندس ”اندر جي آرسي.“ سندس سڀ جذبا ۽ احساس ان
۾ چٽا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. جن ۾ سندس اندر جو حساس ۽ سچو
انسان پڌرو آهي ۽ انهن سڀني جذبن مٿان حاوي آهي.
سندس پنهنجو پيار ڪنهن هڪ هستيءَ سان، جنهن کي هو
اندر جي اونهاين مان چاهيندو نظر اچي ٿو ۽ هن سان
جھيڙا ۽ ميڙا، رسڻ ۽ پرچڻ، ملڻ ۽ وڇڙڻ ئي سندس
موضوع آهن.
عام سماجي اخلاقي معيارن موجب جيڪو اهڙن نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين
کي اهڙي نموني سان پنهنجي پيار ۾ گم ٿيڻ تان منع
ڪجي ۽ چئجي ته ”بابا هيءَ تنهنجي پڙهڻ لکڻ ۽
ڪيريئر ٺاهڻ جي عمر آهي. هن عمر جي تخليقي قوتن کي
پنهنجو مستقبل سنوارڻ لاءِ ڪتب آڻڻ گھرجي،“ پر
طارق جھڙي هڪ سڄاڻ ۽ محنتي نوجوان کي ايئن به نٿو
چئي سگھجي، جو هو پنهنجي پڙهائيءَ ۾ سيريس آهي ۽
جنهن کي پنهنجو ”مستقبل“ سمجھي ٿو، ان کي حاصل ڪرڻ
لاءِ مستقبل جي ڪيريئر کي بهتر هئڻ گھرجي، ان
ڳالهه جي به ڄاڻ رکي ٿو. هن انهيءَ هڪ انسان جي
محبت کي ٻين انسانن سان محبت کان ڌار ڪونه ڪيو
آهي. هو فٽ پاٿن تي سمهندڙ غريبن جو احساس به رکي
ٿو ته ڪچري جي دٻن مان مانيءَ ٽڪر ڳولي کائيندڙ
معصوم ٻارن جي لاءِ به دل ۾ درد محسوس ڪري ٿو ته
سماج جي ڏاڍاين جو شڪار مظلوم عورتن سان پڻ همدردي
محسوس ڪري ٿو. هن لاءِ ڊائري يا ڪهاڻيءَ جو ميڊيم
صرف هڪ ذريعو آهي، وسيلو آهي. ڪڏهن ڊائريءَ ۾ ٿو
اندر اوتي ته ڪڏهن ڪهاڻيءَ ۾ پنهنجي دل جا جذبا ٿو
ظاهر ڪري.
طارق جو انداز بلڪل سندس ٽهيءَ جي نمائندگي ڪري ٿو. هو تمام
داخلي ۽
Subjective
۾ لکي ٿو. هن تي خارجي ماحول، ان ۾ ٿيندڙ واقعا ۽
وارداتون ايترو ته گھرو اثر ڪن ٿيون جو انهن جي رد
عمل ۾ پيدا ٿيندڙ سندس داخلي ڪيفيتون لفظن جو روپ
وٺي نروار ٿين ٿيون ته ان ۾ هو مڪمل طرح سان
Involve
نظر اچي ٿو.
هن ڪتاب ۾ تمام گھڻين خوبين سان گڏ ڪي خاميون به آهن (ڇپائيءَ ۽
پروف جي خامين جو ليکڪ سان واسطو ڪونهي)، پر
ٻوليءَ جون ڪي خاميون آهن ۽ لفظن يا جملن جي
استعمال ۾ ڪٿي ڪٿي هن کان ڪي غلطيون ٿيون آهن، جن
کي احساس ڏيارڻ سان آسانيءَ سان دور ڪري سگھيو ٿي،
پر لڳي ائين ٿو ته ڪتاب ڇپرائڻ کان اڳ هن ان کي
ڪنهن وڏي يا تجربيڪار ماڻهوءَ جي نظر مان گذارڻ
ضروري ڪونه سمجھيو آهي. بهرحال ليکڪ جو پهريون
ڪتاب هئڻ ڪري چئي سگھجي ٿو ته وقت سان هو اهڙين
خامين تي قابو پائي وٺندو ۽ سنڌي ادب جي ميدان ۾
رکيل سندس قدم پختا ٿيندا ۽ هُو نوجوان ليکڪن ۾ هڪ
سٺو اضافو ثابت ٿيندو. هو ته خوش نصيب آهي جو هن
جي گھر ۾ ادبي ماحول آهي ۽ هو پنهنجي وڏن، پڦي ۽
ماءُ پيءُ کان تمام گھڻي رهنمائي حاصل ڪري سگھي
ٿو، پر لڳي ائين ته هن پنهنجي والد کي به پنهنجو
ڪتاب ڇپجڻ کان اڳي ڪونه ڏيکاريو آهي، نه ته اهي
ننڍڙيون غلطيون نه هجن ها. منهنجي خيال ۾ ته طارق
وٽ لکڻ جي تمام سگھاري ڏات موجود آهي، وٽس گھرو
جذبو به آهي ۽ خيال به اوچا اٿس، هو هڪ ڏينهن سنڌي
ادبي کيتر جو وڏو نالو بنجي ويندو ۽ سندس انهيءَ
ڪاميابيءَ تي خوش ٿيڻ وارن ۾ هڪ استاد جي حيثيت ۾
آءٌ به هڪ هوندس، جو چوندا آهن ته ڪنهن ماڻهوءَ جي
ڪاميابيءَ تي ۽ ترقيءَ تي خوش ٿيڻ وارن ۾ پنهنجي
ماءُ، پيءُ کانسواءِ صرف هڪ ٻي هستي هوندي آهي،
جيڪا هڪ استاد جي هستي هوندي آهي.
هي ڪتاب باک پبليڪيشن حيدرآباد شايع ڪيو آهي، جنهن جو سرورق
وڻندڙ آهي. سفيد ڪاغذ تي ڊيمي سائيز ۾ ڇپيل هن
ڪتاب جا 136 صفحا آهن ۽ ان جي قيمت 35 رپيا آهي.
- ڊاڪٽر فهميده حسين
گھڙيون گھاريم جن سين
سنڌي ادب ۾ خاڪن لکڻ جي صنف پنهنجي اهميت مڃائي چڪي آهي ۽ ان
صنف ۾ ڪيترائي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن ۽ ڪي ڇپجي
رهيا آهن. مطلب ته خاڪا نگاريءَ جي صنف ڏينهون
ڏينهن ترقي ڪري وڌي رهي آهي. خاص ڪري سنڌي ادب ۾
اسان جي جھوني ٽهيءَ ان صنف کي متعارف ڪرايو ۽
انهن خاڪا لکي ادب جي آبياري ڪئي ۽ اهوئي سبب آهي
جو اڄ خاڪا نگاريءَ جو فن، شوق ۽ ذوق وڌندو رهي
ٿو. ادب جي انهيءَ صنف ۾ بيشمار ڪتاب ڇپجي چڪا
آهن، جن ۾ تازو شايع ٿيل ڪتاب ”گھڙيون گھاريم جن
سين“ به نهايت اهميت وارو آهي. ان ڪتاب جو ليکڪ
سنڌيءَ ٻوليءَ جو مڃيل محقق ۽ اديب ڊاڪٽر ميمڻ
عبدالمجيد سنڌي آهي. ڪتاب جي نالي مان ئي ظاهر آهي
ته هن ڪتاب ۾ انهن شخصيتن جو ذڪر ڪيل آهي، جن سان
ليکڪ جو خاص تعلق رهيو آهي، پر ساڳئي وقت اهي
شخصيتون پنهنجي شعبي ۾ غير معمولي اهميت جون مالڪ
به هيون. ظاهر آهي ته ڊاڪٽر صاحب پاڻ به تاريخدان،
عالم ۽ اديب آهي ته سندس تعلق به اهل علم ۽ اهل
قلم سان رهيو آهي، تنهنڪري هن ڪتاب ۾ به ڊاڪٽر
صاحب انهن دوستن ۽ احبابن جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي
اهلِ علم به هئا ته اهل دل به هئا. ڊاڪٽر صاحب جو
انهن دوستن سان دوستيءَ جو ناتو طويل عرصي تائين
رهيو ۽ اهوئي سبب هو جو ڊاڪٽر ميمڻ صاحب اهڙين
شخصيتن جي علمي ادبي مان مرتبي جو اڀياس ته پيش
ڪيو آهي پر ساڳئي وقت انهن جي ذاتي زندگيءَ، خلوص
۽ محنت تي به روشني وڌي آهي، جنهن سان انهن شخصيتن
جي حياتيءَ جو حقيقي خاڪو ذهن جي اسڪرين تي چٽي
طرح اڀري اچي ٿو.
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد صاحب جن شخصيتن تي پنهنجي نقطئه نگاهه سان
لکيو آهي، اهي شخصيتون پنهنجيءَ |