ڊاڪٽر پرسو گدواڻي
جَتڪيءَ ۾ مينهن جا نالا
هن مقالي ۾ پيش ڪيل مواد مارچ 1980ع کان وٺي جنوري 1994ع تائين
انيڪ دؤرن دوران ڪٺو ڪيل آهي. نه فقط ايترو پر،
”ٻنيءَ“ جي ڪيترن ئي ڳوٺن مان ڪيترن ئي بزرگن ۽
نوجوان جَتن کان ڄاڻ حاصل ڪئي ويئي آهي. ڪڇ جي ٻني
علائقي ۾ جديد زماني جي شهري سُکن کان پري ڏينهن
جا ڏينهن سج اُڀرڻ کان وٺي شام جو سج لهڻ تائين
جھنگل ۾ مالوندن سان ڦِريو آهيان ۽ ساڻن گڏ ويهي
ٻاجھريءَ جي اَڻڀي مانيءَ جو لطف به ماڻيو اٿم.
منهنجي حالت کي ڏسي ڪن بزرگن جتن کي مٿي ڦريل
سمجھيو ۽ ٻنيءَ کان ڪجھ ميل پري نکترڻا شهر جي
ڊاڪٽرن کي پڻ منهنجي چريائيءَ واري حالت جي باري ۾
ٻڌايو. پر مالڪ جي مهر سان اَڃان تائين مٿو سالم
اَٿم ۽ ايشور جي اڳيان به ڪرپا رهندي.
هڪ ٻي ڳالهه جو ذڪر به بيجا نه ٿيندو ته مان ڪڇ (گجرات) جو
رهاڪو نه آهيان. مان ته مهاراشٽرا جي پوني شهر ۾
رهان ٿو، جتان ٻنيءَ ۾ جتن جي ڳوٺن تائين پهچڻ ۾
مون کي ٻه ڏينهن ۽ هڪ رات لڳندا آهن.
مان جتن تائين ڪيئن پهتس، اهو به هڪ عجيب اتفاق آهي. دراصل جتن
۽ ٻين جاتين تائين، جيڪي ٻنيءَ ۾ رهن ٿيون، انهن
تائين پهچائڻ جو جس ۽ شرف منهنجي ڪڪي روهتيشن کي
آهي. سپٽمبر 1979ع جي ڳالهه آهي. آرَتوار جو ڏينهن
هو. منهنجي ڪڪو ٽي. وي ڏسي رهيو هو ته اُن وقت ڪڇ
۾ سائبيريا مان ڪجھ مهينن لاءِ هر سال لڏي ايندڙ
پکين
(Flammingo)
تي ڊاڪيو مينٽري فلم شروع ٿي. شروع شروع ۾ اُٺن جو
قافلو ڏيکاريل هو ۽ سنڌي گيت ڳائي رهيا هئا. مان
ٻئي ڪمري ۾ ويٺو هوس. روهتيش يڪدم ڊڪندو آيو ۽ مون
کي ٻڌايائين. فلم ختم ٿيڻ کان پوءِ ٿو چويم ”ڊئڊي!
اهي ماڻهو ضرور سنڌي آهن، پر سنڌ مان لڏي نه آيا
آهن.“ هو ان وقت فقط يارهن سالن جو هو ۽ ستين درجي
۾ پڙهندو هو. مون بلڪل بي خياليءَ وچان چيومانس ته
ڇا ٿو چوڻ چاهين. جواب ڏنائين، ”توهين چوندا آهيو
ته توهان کي به سنڌ ۾ گايون، مينهون ۽ گھوڙا هئا،
پر توهين نه کڻي اچي سگھيا. پوءِ هيءُ ماڻهو وري
ڪيئن کڻي آيا هوندا. هي ضرور ڀارت جا ئي آهن.“ مان
ٿورو ڇرڪيس ۽ هن جي چوڻ کي گنڀيرتا سان کنيم ۽ هن
جي چوڻ ۾ سچائي نظر آيم. بس اِتان منهنجي کوج جي
شروعات ٿي جا 1980ع کان وٺي اڄ تائين هلي رهي آهي.
1988ع ۾ پاڻ روهتيش به جڏهن بي. ايس. سي ۾ پڙهندو
هو، تڏهن ٻنيءَ جي ڪيترن ئي جتن جي ڳوٺن ۾ رهي آيو
۽ سندن گھرن ۾ ٻاجھر جي ماني، مکڻ ۽ هلڪي جھڻ جا
ڍَوَ ڪري آيو ۽ جتن کان مليل سڪ ۽ سنيهه جا اڄ به
ڳڻ ڳائيندو آهي.
جتڪي نالو مون جتن جي اُپٻولي
(Dialect)
کي ڏنو آهي. مان جتڪيءَ کي سنڌي ٻوليءَ جي هڪ
”طبقائي اُپٻولي“ مڃان ٿو، ڇو ته جتڪي ڪنهن هڪ
علائقي يا ايراضيءَ تائين محدود نه آهي، پر اِن جا
ڳالهائيندڙ هند پاڪ اُپکنڊ ۾ پکڙيل آهن. ڀارت ۾ پڻ
هو گجرات راجيه جي ڪڇ ۽ بناسڪانٺا ضلعن ۾ وسيل
آهن. ان کان سواءِ راجسٿان راجيه جي جيسلمير ۽
ٻارميڙ ضلعن ۾ پڻ ڦهليل آهن. جَت هن وقت اڪثر مال
گذار آهن، پر ڪي ڪي کيتيءَ ۾ پڻ رڌل آهن. مال ۾ هو
اڪثر گايون، مينهون، ٻڪريون ۽ اُٺ چاريندا آهن. پر
ڪڇ جي رڻ واري علائقي ۾ هو ڪنهن وقت مال جي روانگي
۽ آمدنيءَ جي ڪم ۾ ڪافي مددگار هوندا هئا. جڏهن
ريل گاڏيون ڪونه هيون، پڪا رستا ڪونه هئا، موٽرون
۽ لاريون ڪونه هيون، اُن زماني ۾ ڪڇ ۽ سنڌ جي
واپار ۾ جتن جو وڏو يوگدان
(Contribution)
هو ۽ ماڻهن کي هڪ هنڌان ٻئي هنڌ وٺي وڃڻ ۾ پڻ جت
ڪافي مددگار هوندا هئا. دراصل جتن جي اهڙي ئي هڪڙي
قافلي جو نظارو
Flammingo
پکين جي ڊاڪيومينٽري فلم ۾ منهنجي ڪڪي روهتيش ڏٺو
هو.
هاڻي اچجي جتن جي ٻوليءَ تي. جت جيتوڻيڪ سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ
آهن، پر سندن اُپٻولي معياري سنڌيءَ کان ٿوري ڦريل
آهي. نه فقط هنن جي اُچارن ۽ لهجي ۾ فرق آهي، پر
لفظي ڀنڊار جي لحاظ کان ڏسبو ته جتڪيءَ ۾ تمام
گھڻا لفظ آهن، جيڪي معياري ٻوليءَ ۾ ڪونه آهن. نه
فقط ايترو پر هنن جا ڪيترائي لفظ سمن، سومرن،
مُتون وغيره ڪيترين قومن ۾ ئي نٿا ملن. سندن لفظي
ذخيرو، خاص ڪري مال گذاريءَ سان واسطو رکندڙ لفظن
جي ڪجھ ٿوري جھلڪ پيش ڪري رهيو آهيان. جيتوڻيڪ مون
وٽ اُٺن، گاين ۽ ٻڪرين سان واسطو رکندڙ لفظن جو پڻ
وڏو ذخيرو آهي ۽ جتن جي زندگيءَ جي ٻين پهلوئن سان
واسطو رکندڙ لفظ پڻ آهن. هيٺ ”مينهن“ سان واسطو
رکندڙ لفظن جو اڀياس ڪيو ويو آهي. سندن لفظي ڀنڊار
جو جڏهن بلڪل ويجھائيءَ کان اڀياس ڪبو ته هنن جي
سوچ جي خبر پوي ٿي. مثال طور رواجي طرح معياري
سنڌيءَ ۾ رنگن جي حساب سان ڪاري يا ڀوري وغيره ئي
چيو ويندو آهي، پر ڪاري رنگ کي به جتن ايترو ته
باريڪ بينيءَ سان ڏٺو آهي جو هنن فقط ڪاري رنگ
تائين سنتوش نه ڪيو آهي. هنن ڪاري مينهن کي به الڳ
قسمن جي آڌار تي الڳ الڳ نالا ڏنا آهن، جئن ته
ڀوراشي ڪاري، نانگڻ، ارنگ ڪاريءَ ۽ ٻوهار. هيءَ
ڳالهه جت قوم جي سوچ جي نفيسائي ٿي ڏيکاري، ڇو ته
مٿين نالن مان جيڪر هڪڙوئي مثال کڻجي ارنگ ڪاري.
هن کي ڀڃبو ته ٿيندو اَ+ رنگ +ڪاري اَ=نه،
رنگ=رنگ، ڪاري=ڪاري. يعني ٻاهرين معنيٰ ته ٿيندي
نه رنگ ڪاري، پر ان جي اصلي معنيٰ آهي اهڙي ڪاري
رنگ واري ميهن جنهن کي ٻيو ڪو رنگ نه هجي يعني سڄي
ڪاري.
هن مقالي ۾ هڪ ٻي ڳالهه پڻ ڌيان لهڻو. مينهن کي نالا ڏيڻ يا
مينهن تي نالا رکڻ جي جيڪا ريت يا رسم جتن ۾ آهي
اُن جا ٻه پهلو آهن. پهريون آهي اُهو نالو جيڪو هو
حوالي طور ڪتب آڻيندا آهن ۽ ٻيو آهي اُن نالي سان
مينهن کي سڏ ڪرڻ جو. مثال طور جيڪڏهن مينهن جي
مالڪ کي پنهنجيءَ مينهن جي باري ۾ ڪجھ ٻڌائڻو آهي
ته پوءِ هو مينهن جو بيان نالن جي حوالي سان ڪندو
آهي، جيئن کٽر، ٻانڊي، ڪنڍي، وغيره. جنهن جو مطلب
ٿيو ته کٽر يعني تڪليف سان کير ڏيندڙ، ٻانڊي معنيٰ
پڇ ڪٽيل ۽ ڪنڍي معنيٰ وڪڙيل سڱن واري. مطلب ته
اُها مينهن جا تڪليف سان کير ڏيندي آهي، اُن جو پڇ
ڪٽيل آهي ۽ سڱ وڪڙيل اٿس. اهڙيءَ طرح مينهن جي
انيڪ گڻن جي آڌار تي جيڪي نالا ايندا آهن، اُنهن
مان هر ڪنهن مينهن جي سڃاڻپ ڪري سگھجي ٿي. هيءُ
نالا دراصل اسم عام ٿي ڪتب ايندا آهن، پر مينهن جا
ٻيا نالا پڻ ٿيندا آهن، جن کي جيڪر اسم خاص چئجي
ته وڌاءُ نه ٿيندو. اُهي نالا جت قوم اِئين رکندي
آهي ڄڻ پنهنجي پٽ ڌيءُ جا نالا ٿا رکن. اِهي نالا
هو مينهن کي گھر ۾ يا جھنگ ۾ سڏ ڪرڻ لاءِ ڪتب
آڻيندا آهن، اِهو بلڪل اِئين جئن اسين پنهنجي ٻارن
کي سندن نالن سان سڏ ڪندا آهيون. اِهي نالا به
تمام گھڻا آهن. اهڙن نالن جي پڻ هيٺ اوک ڊوک پيش
ڪئي ويئي آهي. هت ايترو لکڻ ضروري آهي ته اِنهن
ڏنل نالن جي مينهن کي پڻ خبر هوندي آهي. اِن جي
تصديق مون هڪ کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ ڪئي آهي. ڀٽاري ڳوٺ
۾ (هن ڳوٺ ۾ حاجي ولي محمد صاحب رهندو آهي، جيڪو
وڏو عالم آهي ۽ وٽس اُڻويهين صديءَ جو ”شاهه جي
رسالي“ جو هڪ تمام سهڻو دستخط آهي. اِن کان سواءِ
سندس شخصي لئبرريءَ ۾ چڱي جت جي شعرن جو هڪ دستخط
آهي، جو هو ڇپائڻ لاءِ ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي) ٽاڪ
منجھند جو مال سان بيٺو هوس ۽ سڀ وڻن جي ڇانَو ۾
بيٺا هئاسين، اُتي مون بيٺل همراهن کان پڇيو ته
ڪنهن جي ڪنهن جي مينهن جو نالو ”مومل“ آهي. پنجن
همراهن چيو ته سندن مينهن جو نالو ”مومل“ آهي. ان
وقت اُتي اٽڪل ڏيڍ سَئو مينهون ته واهه جو بيٺيون
هيون. مون هڪڙي همراهه کي هڪل ڪئي ته ميان پنهنجي
مومل کي پاڻ وٽ گھراءِ. هن جئن آواز ڏنو ”مومل،
مومل، مومل....“ ته سندس مومل هن وٽ ڊڪندي آئي.
پهرين آواز تي هڪ کان وڌيڪ مينهن ۾ چر پر ٿي، پر
پوءِ ڊوڙي پنهنجي مالڪ وٽ فقط هڪ مينهن ئي آئي.
پوءِ هڪ هڪ ڪري پنجن ئي همراهن پنهنجين موملن کي
سڏ ڏئي گھرايو. پوءِ اُتي بيٺل همراهن کان پڇيم ته
ڪنهن جي مينهن جو نالو ”ڀاڳي“ آهي ڇا؟ ته هڪ ٻن
همراهن ها ڪئي. اُنهن به جڏهن ”ڀاڳي ڀاڳي......“
ڪئي ته اُهي به بنا غلطيءَ جي پنهنجن مالڪن وٽ
ڊوڙنديون آيون. اِنهن سببن ڪري ٻئي قسم جي نالن کي
مان اِسم خاص ئي چوڻ چاهيندس. جيتوڻيڪ اِنهن نالن
کي حوالي طور به ڪتب آندو ويندو آهي. مثال طور ڪو
جيڪر پنهنجي پَيءُ کي چوي ته ”اَبا! اڄ ڀاڳيءَ کير
سنوالو ڏنو“ تڏهن چئبو ته هن ڀاڳي نالو حوالي طور
به ڪتب آندو. هيٺ ٻنهين قسمن جا نالن جو وچور پيش
ڪجي ٿي:-
1. حوالي طور ڪتب ايندڙ نالا:- هن قسم جي نالن کي اِسم خاص طور
ڪتب نه آندو ويندو آهي. هيءُ نالا سگن، کير يا
ڪنهن وِڏ وغيره جي آڌار تي رکيا ويندا آهن. هيٺ
سلسليوار انهن جو اَڀياس پيش ڪجي ٿو:
1. کير جي آڌار تي:
(1) جيڪا جلد ۽ بنا تڪليف جي کير ڏئي.................سُئانلي.
(2) جيڪا تڪليف سان کير ڏئي...........کٽر.
(3) جيڪا رڳو هڪ مالڪ کي سڃاڻي اُن کي ئي کير ڏئي،
ٻئي جو هٿ سڃاڻي اُن کي کير ڏهڻ نه
ڏئي............اوسارَ.
(4) جيڪا گھڻو کير ڏئي.........ڀَليِ.
(5) جيڪا ٿورو کير ڏئي...........کٽل.
(6) ويم کي ٻارنهن مهينا ٿي وڃن ته به کير
ڏئي....ڪانگھاري.
(7) جيڪا ٻڍاپي سبب کير ڏيڻ بند
ڪري........ويهڪيل.
2. عمر جي آڌار تي:
(1) ڄمڻ وقت..........وڇ.
(2) هڪ مهيني جي...........وڇ.
(3) ٻارهين مهيني جي................ ٻارهاڙي.
(4) وچولي عمر جي............نِهاڻ.
(5) وڏي عمر............پوڙهي.
3. ويامڻ جي حساب سان:
(1) جيڪا پهريون دفعو ويامي......اينهون/پهريات.
(2) جيڪا ٻيو دفعو ويامي.........ٻيارون.
(3) جيڪا ٽيون دفعو ويامي............نيارون.
(4) جيڪا چوٿون دفعو ويامي ... چوپيٽي.
(5) جيڪا پنجون دفعو ويامي .... اَڌوتِ.
4. ٽنگن جي حساب سان:
(1) هڪ ٽنگ کان منڊي هجي ته .... منڊي.
(2) ٻئي ٽنگون منڊيون هجن ته ..... ٻائو ٻهليندل.
5. پڇ جي حساب سان:
(1) پڇ ڊگهي هجي ته ........... پڇي.
(2) پڇ ڪٽيل هجي ته ............ ٻانڊي.
(3) پڇ اَڇو هجي ته ...... چونئري.
(4) پڇ اڇو هجي ۽ سڄو بدن ڪارو هجي ته ........ نانگڻ.
6. سڱن جي حساب سان:
(1) هڪ سڱ واري ....... کانڊي.
(2) وڪڙيل سڱن واري ........ ڪنڍي.
(3) هيٺ سڱن واري ..... ڀلٽي.
(4) مٿي سڱن واري ..... گوشي يا نهري.
(5) سڱن وريل پر پوئتي وريل .... ڇٻي.
مٿي ”ڪُنڍي“ مينهن ٻڌائي ويئي آهي. شاهه صاحب به ڪنڍي مينهن جو
بيان ڪيو آهي، ”جيئن مينهن ڪُنڍيءَ پور، تيئن دوست
وراڪو دل سان.“ پر جتن ۾ ڪُنڍيءَ جا به قسم ٿين
ٿا:
7- ڪنڍي مينهن جا قسم:
(1) ڪوڏياري ڪنڍي ...... جنهن جي سڱن ۾ ڪوڏيون هجن.
(2) ڇَلي ڪنڍي .... جنهن جا سڱ گولائيءَ ۾ بلڪل سوڙها هجن.
(3) ڇٻي ڪنڍي ...... جنهن جا سڱ هيٺ لٿل هجن.
(4) پٽياري ڪنڍي ..... جنهن جا سڱ پٽيءَ وانگر هجن.
(5) ڌاوڙي ڪنڍي .......... سامهون سڱ جو گول هجي.
(6) سمي ڪنڍي ....... گول سڱ هجن.
(7) ڪلنگياري ڪنڍي ..... پٺيان سڱ جي ڪلنگي وڌيل هجي.
(8) هالي ڪُنڍي ..... هڪڙو سڱ ڪنڍو ۽ ٻيو سڱ هيٺ هجي.
(9) گوشي ڪنڍي ........ جنهن جا سڱ مٿي کان مٿي هجن.
8. رنگن جي حساب سان:
(1) ڀوري رنگ جي ...... گجر، ڳاڙهي گجر، ڌنوري گجر.
(2) پڇ اڇو ۽ باقي بدن سڄو ڪارو هجي ته ........ نانگڻ.
(3) منهن اَڇو ۽ باقي سڄي ڪاري ........ ٻوهاڙ.
(4) چٽڪمري ....... جهري.
(5) مٿي تي اَڇو ٽڪو هجي ته ............... ٽڪلي.
(6) پير اَڇا هجن باقي سڄي ڪاري يا ڀوري هجي ته ..... ڌوتل.
(7) سڄي مينهن بلڪل ڪاري هجي ۽ ٻيو ڪوبه رنگ نه هجيس ته
............... ارنگ ڪاري.
9. بيمارين جي حساب سان:
(1) قبضي هجيس ته.........ٻنڌَ.
(2) هر هر پيشاب ڪندي هجي ته..............ڪش.
(3) ٿڌ لڳيس ته......................گھال.
(4) اڳيان پير جھلي ۽ نڪ چٽي اوٻاسي ڏئي ته.............آڦري.
(5) هر وقت آڦري هجيس ۽ گھڻو وقت پيٽ ڀرسمهندي هجي
ته....................کنڀراءِ.
هاڻي اِهي ٿيا حوالي طور ڪتب ايندڙ نالا، پر جت قوم ۾ مينهن جا
نالا شخصي نالا به ٿيندا آهن، جن جو ٿوري ۾ هيٺ
بيان ڪيو وڃي ٿو، ڇو ته هيءُ نالا ڪي به ٿي سگھن
ٿا.
هن قسم جي نالن ۾ سنڌ جي مشهور سورمين خاص ڪري مومل، مارئي ۽
گجر نالا ملن ٿا. پر اڄ تائين گھٽ ۾ گھٽ مون کي
سسئي ۽ سهڻي نالا نه مليا آهن. ان سبب پڇڻ تي جتن
وٽ ڪوبه ڪارڻ نه هو.
”چندن“ ۽ ”ڪنڊڙي“ نالا اهڙا آهن، جيڪي وڻن جي آڌار تي ملن ٿا.
پکين ۾ ٻني علائقي ۾ ”مور“ جام ٿين ٿا. اصل صبح جو اُٿ ته ڀونگن
جي مٿان مور اڪثر ڏسڻ ۾ ايندا. اِهوئي سبب آهي ته
مور ۽ ڊيل ٻئي نالا مينهن لاءِ ملن ٿا. عجب اِهو
آهي ته سنڌيءَ ۾ مور ته جنس مذڪر آهي، پر جتن وٽ
اِهو جنس مونث ٿي ڪم آندو ويندو آهي، اُهو به خاص
مينهن لاءِ.
اِنهن کان سواءِ ڪي خاص نالا جيڪي مليا اٿم، اُهي آهن کٿوري،
نانگيل، ڀاڳ، ڇڳاري، وندر، ڪئي ڙي، ڪارهي، واڌائي،
ڊاک، منگلي، گيني، ٽڪلي، پياري، نرم، ڍولي، پتري،
راڻ، ڪٽوري، ڀوڏاري (خاص) ڪري اُن کي چون جنهن کي
ڪمر ۾ ور هجي)، ڪاروئي، پاڳاري، وينڍڙي، مٿير،
ساڪري، هن لسٽ ۾ ٻيا به مان سمجھان ٿو ته سوين
نالا آهن.
هت هڪ ڳالهه کي جيڪر چٽو ڪيان ته هن مقالي ۾ فقط مينهن جي نالن
جوئي بيان ڇو ڪيو ويو آهي. گاين ۽ ٻڪرين ۽ اُٺن جو
ڇو نه. دراصل مون وٽ جيڪو اِسناد
(Data)
آهي، اُن جي آڌار تي مان چئي سگھان ٿو ته ڪي نالا
اهڙا آهن جيڪي خاص اُٺين جا يا خاص اُٺن جا ئي رکي
سگھجن ٿا. يا ڪي وري فقط گاين سان ئي لاڳو آهن ۽
ڪي وري فقط ٻڪرين سان ي ئي لاڳو آهن ۽ اِهو مان
فقط جتن جي ئي باري ۾ نٿو چئي سگھان. دراصل سوڍن
جي سوڍڪيءَ جو پڻ اِن ڏس ۾ تمام گھڻو اِسناد اٿم.
وشواس اٿم ته جلدئي اِهو مقالو پڻ پيش ڪري سگھندس.
شڪر ادا ئي: هن مقالي لکڻ ۾ جن جتن مدد ڪئي اٿم اُنهن ۾ خاص ڪري
حاجي جھَلڻ صاحب ۽ حاجي سليمان صاحب (ڳوٺ وزيرا) ۽
حاجي سليمان جو فرزند شمس الدين جيڪو 1980ع ۾ فقط
ستن سالن جو هو، اُن هر دوري ۾ مدد ڪئي اٿم. لوڻي
ڳوٺ جي سرور جت، ڀٽاري جي عبد جت، موتي چُور ڳوٺ
جي آرياڻي، تل جي مکڻ جت ۽ ٻين انيڪ جتن، جن مون
کي هن مقالي لاءِ مدد ڪئي آهي، اُنهن سڀني جو مان
ٿورائتو آهيان.
(نوٽ: هيءُ مقالو انگريزيءَ ۾ ”انٽرنيشنل جرنل آف ڊرئويڊين
لِگئسٽڪس“ جي جون 1987ع جي واليوم 16، نمبر 2 ۾
ڇپيل
Buffalo names in jatki
جو سنڌيءَ ۾ وڌايل روپ آهي، جو خاص ”مهراڻ“ وسيلي
سنڌيءَ پاٺڪن آڏو پيش ڪجي ٿو.)
|