محمد دائود بلوچ
موهني
”هي ڏهه رپيا وٺ.“
”ڇو؟“
”عيد جي خرچي اٿئي.“
”اڳي ته ڪڏهن به خرچي ڪونه ڏني اٿوَ.“
”هاڻي سوچيو اٿم ته گهٽ ۾ گهٽ عيد تي ته توکي خرچي ڏيندو رهان.“
”ڇو هاڻي سوچيو اٿوَ؟“
”بس، ائين ئي.“
”هاڻي ڪهڙي ضرورت پيئي اٿوَ.“
”ڪابه ضرورت ڪانه اٿم. تون ڏهه رپيا وٺ.“
”اڳي ته پورو ڳالهائيندا به ڪونه هئا، اڄ ڏهه رپيا ڏيو ٿا. اهي
ڏهه رپيا مهنگا ته ڪونه پوندا.“
”ڏهن کان وڌيڪ مهنگا ڪونه ٿيندا.“
”اهو ڳالهائڻ جو بهانو آهي.“
”نه“
”ته پوءِ ڇا آهي.“
”عيد جي خرچي.“
”ٺيڪ آهي، ڏسان ته عيد جي خرچي ڪهڙا رنگ ٿي لائي.“
* * * *
”هي خرچي وَٺُ.“
”ڇا جي خرچي.“
”ميلي جي.“
”ڪهڙو ميلو؟“
”اسان جي شاهه عبداللطيف ڀٽائي گهوٽ جو ميلو.“
”توهان جو ڇا ٿيندو آهي. توهان به شاهه آهيو ڇا؟“
”منهنجو ڪجهه به ڪونه ٿيندو آهي، پر عزيزن کان عزيز ترين آهي ۽
مون کي پنهنجن کان وڌيڪ پنهنجو آهي.“
”اڄ ڪلهه ڏاڍا مهربان ٿي پيا آهيو.“
”اڳي به هوس.“
”مان ته ٽَڪو به ڪونه سنڀران. ڪيتريون ننڍيون وڏيون عيدون آيون،
ميلا ملاکڙا آيا.“
”اڳي انهيءَ طرف پورو ڌيان ڪونه هو.“
”ته چئبو ته هاڻي انهيءَ طرف پورو پورو ڌيان آهي.“
”جيئن تون سمجهين.“
* * * *
”هي ڏهه رپيا وٺ.“
”ڇو؟“
”عيد جي خرچي اٿئي.“
”ڪهڙي عيد.“
”عيد ميلاد النبي.“
”هن سال گهڻيون عيدون ٿي پيون آهن. گذريل سال ته هڪڙي عيد به
ڏسڻ ۾ ڪانه آئي.“
”عيدون ته اڳي به هيون، پر ..... پر......“
”پر...... پر ...... ڇا.“
”پر منهنجي توسان محبت ٿي ويئي آهي.“
”هاڻي آيا نه پنهنجي اصلي مقصد تي. انهيءَ ڪري ته مان اوهان سان
ڳالهائيندي به نه آهيان. اهي پئسا مان اوهان کي
پهرين تاريخ تي واپس ڪنديس.“
”ڇو..... ڇو ..... اهڙي ڪابه ڳالهه نه آهي......“
”ڳالهه هجي يا نه هجي، ڪجهه ته آهي جو ظاهر ٿي پيا.“
”سچ پڇين ته منهنجي توسان دل ٿي ويئي آهي.“
”پر مون کي افسوس آهي جو منهنجي توهان سان دل ڪانه آهي.“
”ائين نه چئو، منهنجيءَ دل کي صدمو رسندو.“
”صدمو رسي ته ڀل رسي، مان ڇا ڪريان- هروڀرو توهان سان محبت
ڪريان، نه ته توهان کي صدمو رسندو.“
”ها، سچ ٿي چوين.“
”مون کان اهڙو ڪم ڪونه ٿيندو. مان اوهان سان محبت ڪري ڪونه
سگهندس...........“
”محبت ٿي ويندي آهي، ڪئي نه ويندي آهي.“
”منهنجي اوهان سان ڪابه محبت ڪانه ٿي آهي.“
”پر مان ته توسان محبت ڪريان ٿو، منهنجي ته توسان محبت ٿي ويئي
آهي.“
”توهان هينئر چيو ته محبت ٿي ويندي آهي، ته توهان مون سان محبت
ڪيئن ٿا ڪريو.“
”ڪوشش ڪبي ته ٿي ويندي.“
”ڪوشش ڪريو يا نه ڪريو، هتان ڪجهه به نه ملَندو. مان مردن جي
اها چال سمجهان ٿي.“
”ڇو؟ اڳي به ڪنهن جا هٿ لڳا اٿئي ڇا؟“
”هٿ ته لڳل ڪونه اٿم، پر خبر اٿم.“
”ڪهڙي خبر.“
”تون منهنجي ماءُ کي سڃاڻين؟“
”چندا کي.“
”چندا، عرف چاند بيبي، عرف چندا.“
”اهو عرف، عرف ڇا آهي.“
”اهو، اهو آهي ته منهنجي ماءُ پهرين چندا هئي، پوءِ وري چاند
بيبي ٿي ۽ هاڻي وري چندا ٿي.“
”مون ڳالهه نه سمجهي تون ڪنهن جي ڌيءُ آهين.“
مان ڪنڊي خان جي.“
”جي؟“
”ڇو، عجب ۾ پئجي ويا.“
”يعني، تون خاڪروب، ڪنڊي جي ڌيءُ ڪيئن آهين.“
”ڪنڊي جي ڌيءُ آهيان، تڏهن ته اوهان جهڙن کي سڃاڻان ٿي.“
”تنهنجي ماءُ، ڪنهن جي زال آهي.“
”پهرين ڪنڊي جي هئي، هاڻي ڪالو جي.“
”اهو ڪيئن؟“
”اهو هيئن جو مان اڃا ڄائي به ڪانه هيس ته ان وقت منهنجي ماءُ
جي جواني ديواني هئي. سندس ڦاٽندڙ وهي هئي. هرهڪ
ڏسندڙ سندس ڊيل جهڙي رفتار، گفتار، جسم جي لاهين
چاڙهين کان دل جهلي نه سگهندو هو. ديوانو بنجي
ويندو هو ۽ اهڙيءَ طرح ڪنڊو هن تي هرک هاري ويٺو.“
”توکي ڪنهن ٻڌايو؟“
”مون کي پنهنجي ماءُ ٻڌايو.“
”ڇا ٻڌايائين.“
”ٻڌايائين ته هوءَ جتي به ڪم ڪندي هئي، اتي نوجوان توڙي ڪرڙوڍ ۽
ڪراڙا به کيس بيهي ڏسندا هئا، تڪيندا ۽ نهاريندا
رهندا هئا. ڳالهائڻ لاءِ بهانا بنائيندا رهندا
هئا. منهنجي اچڻ وڃڻ جي وقت جو انتظار ڪندا هئا.
پوءِ هڪ ڏينهن مون ڪنڊي اڳيان پنهنجا هٿيار ڦٽا
ڪيا ۽ چندا مان چاند بيبي بنجي سندس گهر ۾ ويٺس ۽
جڏهن جواني هئي، تڏهن ڪنڊو کيس چُمندو ۽ چَٽيندو
رهندو هو. جڏهن دل ڀرجي ويس ته ڪنڊو وري هڪي ٻي
جوانڙي وٺي آيو ۽ اهڙيءَ طرح چندا جيڪا چاند بيبي
ٿي ويئي هئي، سا وري چندا بنجي ويئي ۽ مون کي وٺي
مامي (سندس ڀاءُ) وٽ آئي. پوءِ مامي کيس پئسن تي
ڪالو جي حوالي ڪري ڇڏي. مان جيڪا توهان کي حسين
لڳي رهي آهيان، خوبصورت لڳي رهي آهيان. هاڻي اوهان
سمجهي ويا هوندا.“
”مان سمجهي ويو آهيان، انهيءَ ناتي ته منهنجو وڌيڪ حق آهي جو
تون ڪنڊي جي ڌيءُ آهين.“
* * * *
”هيءَ ڏهه رپيا خرچي اٿئي.“
”ڇا جي؟“
”عيد جي.“
”هوءَ جيڪا پوڙهي ڏسو ٿا، انهيءَ کي وڃي خرچي ڏيو.“
”ڇو“
”مون کي ڏهن کان وڌيڪ خرچي ملي سگهي ٿي.“
”ڪٿان“
”جتي قدردان آهن.“
”۽ مان سالن کان تنهنجون واٽون نهاريندو آيو آهيان.“
”واٽن نهارڻ وارا، صرف نهاريندا ئي رهندا آهن. مون کي هاڻي دير
ٿي رهي آهي. مهرباني ڪري مون کي ڇڏيو.“
”پوءِ مان پري ٿي ويس. سوچيم ته وڏي مڇي ننڍي مڇيءَ کي کائيندي
آهي. پوءِ انهيءَ تاڙ ۾ هوس ته ڏسان ته آخر ڪهڙي
ڳالهه آهي. ڪير منهنجو رقيب آهي.........“
* * * *
پوءِ هڪ ڏينهن ڏٺم ته موهني منهنجي باس سان لڪي لڪي اشارن ئي
اشارن ۾ مرڪي رهي آهي.
* * * *
”ڏهه رپيا خرچي نه ڏيندا؟“
”ڇو“
”اڄ عيد آهي.“
”پر، تنهنجا قدردان ٻيا آهن.“
”انهن جي سڪ پوري ٿي ويئي.“
شبنم گل
هڪ لمحي جي خوشي
هوءَ فارينه جي ڊريس چينج ڪري رهي هئي ته سميع پريان رڙ ڪئي
”آشا! مان ليٽ پيو ٿيان، ميٽنگ ۾ پهچڻو اٿم“
فارينه کي تيار ڪري، هوءَ کيس ڊائننگ ٽيبل وٽ ڇڏي،
ڊوڙندي ڪچن ۾ ويئي. ناشتي جو سامان ٽري تي رکي
ڊائننگ ٽيبل تائين پهتي. فارينه ۽ فهد کا سلائس تي
مکڻ ۽ جام لڳائي ڏيئي وري ڪچن ۾ وڃي فٽافٽ چانهه
تيار ڪري کڻي آئي. جيستائين سميع ناشتو ختم ڪيو ان
وقت تائين هوءَ سندس بريف ڪيس ۽ ڪوٽ کڻي آئي.
”اڄ فون جي بل جي آخري تاريخ“ سميع کيس ياد ڏياريو.
”ها ياد اٿم، انڪري ته ڪاليج مان موڪل ڪئي اٿم، جيئن اڄ ئي
سمورا ڪم ڪري وٺان.“
هوءَ سميع، فارينه ۽ فهد کي ڇڏڻ دروازي تائين آئي ۽ مرڪي کين
خدا حافظ چيائين. واپس مُڙي هن گهر ڏانهن ڏٺو،
ڪابه شيءِ پنهنجي جاءِ تي نه هئي. پهرين هن بيڊروم
کي ٺيڪ ڪيو. ڊرائننگ روم ۾ ڪُشن زمين تي پيا هئا،
رسالا ۽ اخبارون الڳ وکريل هيون. سڀ کڻي ترتيب سان
رکي، ڪچن ۾ موٽي آئي. مختصر ناشتي کان پوءِ ڊريس
چينج ڪري، ٻاهر وڃڻ جو سوچي رهي هئي ته اوچتو چڪر
اچي ويس. گهڙيءَ پل لاءِ هوءَ صوفي تي ويهي رهي.
پنهنجي حالت کي سامهون رکي کيس ٻاهر جا سمورا ڪم ڪينسل ڪرڻا
پيا. گهر ۾ ويهي ڇا ڪنديس، هوءَ بوريت جي احساس
کان گهٻرائجي ويئي. کيس مونا جو خط ياد آيو. هوءَ
مونا جو خط کڻي کولي پڙهڻ لڳي. لکيل هو: ڊيئر آشا!
ڪڏهن ڪڏهن لڳندو اٿم ته پابندين ۾ ساهه ٻوساٽجي ويندو. الڳ گهر
جا ڪيڏا نه خواب ڏٺا هئم، پر تعبير جي ڪنجي منهن
سس جي هٿ ۾ آهي، انڪري في الحال رڳو خوابن سان دل
بهلايان پيئي. جوائنٽ فيملي سسٽم به هڪ عذاب آهي،
انسان پنهنجي مرضيءَ سان ڪجهه به نه ٿو ڪري سگهي.
خالد منهنجو ايترو خيال ناهي رکندو، جيترو پنهنجي
گهر وارن جو، ان ڪري جيئڻ جنجال آهي. جيڪڏهن
احتجاج ٿي ڪيان، ته خالد منٿ ميڙ ڪري مون کي چُپ
ڪرائي ٿو ڇڏي.
آشا! سوچان ٿي، تون ڪيڏي نه خوشقسمت آهين، جو هڪ خود مختيار
آزاد زندگي گذاري رهي آهين. ڪراچي جهڙي خوبصورشهر
۾ رهين ٿي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته سمنڊ ڪناري هڪ
خوبصورت فليٽ ۾ الڳ رهين ٿي. نه سس جو جهڳڙو نه
نڻاڻن جي ڪِر ڪِر. سميع ۽ توکي هڪٻئي جي احساسن کي
شيئر ڪرڻ جو ڪيڏو نه وقت ملندو هوندو! هڪ خالد
آهي، جو سڄي خاندان کي منهن ڏيئي رڳو رات جو ڪجهه
گهڙيون ئي مون کي ڏيئي سگهندو آهي. ۽ هونئن! اها
به ڪا زندگي آهي، جنهن ۾ تعلق رڳو خواهش پرستي جو
انڌو کوهه بڻجي وڃي. ائين ٿو لڳي شادي ڄڻ جسمن جو
سودو هجي.
اسان ٻنهي ۾ ضرور پيار جو ڪو جذبو هوندو، پر ان پيار ۾ ڏاڍي
تشنگي آهي، جيئن ڪنهن اُڃ ۾ مرندڙ ماڻهوءَ کي ڍڪ
ڍڪ ٿي پاڻي ملندو هجي. خير، پنهنجا ڏک ٻڌائي توکي
بور ڪرڻ نه ٿي چاهيان.
تنهنجي خط جو انتظار رهندو
فقط تنهنجي مونا.
خط پڙهي هوءَ مونا جي انداز تحرير تي مرڪي پئي. مونا سندس بيسٽ
فرينڊ هئي. حد کان وڌيڪ جذباتي ۽ کرو سچ
ڳالهائيندڙ بيباڪ ڇوڪري، پر ساهرا اهڙا مليس، جيڪي
ڪافي حد تائين ڪنزرويٽو هئا. جڏهن ته سندس پرورش
آزاد ماحول ۾ ٿي هئي. هوءَ سوچڻ لڳي ته ماءُ پيءُ
اولاد جي زندگيءَ جو فيصلو ڪرڻ وقت، کين مختلف
ماحول ۾ موڪليندي، اهو نه ٿا سوچين ته ان مختلف
ماحول ۾ سندس اولاد کي ايڊجسٽ ڪرڻ لاءِ ڪيترا نه
جتن ڪرڻا پوندا!
”ڇا مان واقعي خوش قسمت آهيان!“ آشا پنهنجي وکريل وارن کي سميٽي
سوچيو
کيس ياد، شاديءَ جي شروعاتي ڏينهن ۾ سميع هن کي ڪيڏو نه خوش
رکيو هو. هر ڪم سميع هن کان پڇي ڪندو هو. هن آشا
جي اصرار تي سمنڊ ڪناري فليٽ ورتو، جنهن کي هن
پنهنجيءَ مرضيءَ سان ڊيڪوريٽ ڪيو هو.
شاديءَ جي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ، چوڏهينءَ جي رات هو سمنڊ ڪناري
خاموش ويٺا هئا. نه ڳالهائڻ جي باوجود به هڪ ٻئي
جي موجودگيءَ جي احساس ۾ گم هئا. ڪيترا ڪلاڪ هو ان
ڪيفيت ۾ ويٺا رهيا. پوءِ خاموشيءَ کي ٽوڙيندي آشا
چيو هو:
”هاڻ گهر هلون!“
”مان سڄي رات هتي گذارڻ ٿو چاهيان.“
”ائين ويهي“ آشا کلي پئي
”ها ائين. هڪٻئي جي هٿن ۾ هٿ ڏيئي خاموش رهي سڄي رات
جاڳنداسين.“
”ائين بنان ڪجهه ڳالهائڻ جي؟“ آشا چنڊ کي ڏسندي چيو.
”جذبا لفظن جا محتاج ٿيندا آهن ڇا!“.
سميع جي ڳالهه ٻڌي سندس دل ۾ ڪنارن جهڙن سڪون لهي آيو.
محبت اندر جي دنيا جي تڪميل آهي. هن کي محسوس ٿيو، ڪائنات جو هر
رنگ تڪميل جي ان پرنور روشنيءَ سان گڏ رقص ڪري
رهيو هجي. ۽ اڄ هن چوڌاري ڀتين کي ڏٺو. سڀ ڪجهه
ڪيڏو نه بدلجي چڪو آهي. شايد اهو دنيا جو دستور
آهي جيڪو ڪلهه هو اُهو اڄ نه هوندو، ۽ جيڪو ڪجهه
اڄ آهي اُهو سڀاڻي نه رهندو. انساني مزاج، روين ۽
رشتن کي ڪا
Stability
ڪانهي.
هوءَ پنهنجي زماني جي موسٽ ايڪٽو گرل هئي، انڪري هن جلدئي گهر
جي هر ذميداري سنڀالي ورتي. گهر جا سمورا ڪم
سنڀاليندي بجلي، سوئي گيس، ٽيليفون جا بل هوءَ جمع
ڪرائڻ لڳي. گهر جو سيڌو سامان يوٽيلٽي اسٽور تان
وٺي ايندي هئي. پهرين ٻارن کي اسڪول ڇڏڻ سميع جي
حوالي هو، اُهو به هن پاڻ سنڀالي ورتو. ٻارن کي
اسڪول ڇڏڻ پاڻ ڪاليج هلي ويندي هئي. سميع کي گهرجي
طرفان ڪوبه فڪر نه هو.
پر آخر ڪيستائين؟. هوءَ زندگيءَ جي يڪسانيت کي جلد گهٻرائجي
ويئي. هاڻ هو هڪ ڪلڪيوليٽيڊ مشيني زندگي گذاري
رهيا هئا. سميع شام جو ڇهين بجي گهر واپس ايندو
هو. ڪپڙا تبديل ڪري چانهه پي ويهندو هو ته سندس
ڪونه ڪو دوست اچي ويندو هو. سميع ڪافي سوشل هو،
سندس دوستن جو حلقو انتهائي وسيع هو. اها ڳالهه
آشا کي ڏاڍو بيزار ڪندي هئي. هن جي شديد تمنا هئي،
ته سميع زندگيءَ جي هر معاملي کي هن سان برابر
شيئر ڪري. ڪڏهن سندس حال پڇي. اُهي ساڳيون ننڍيون
ننڍيون رنجشون، اُهي ڳالهه ڳالهه تي رُساما موٽي
اچن، جن سان پيار جي جذبي ۾ شدت ۽ پنهنجائپ جو
احساس ٿيندو آهي. پر انهن سڀني ڳالهين لاءِ وقت
گُهريل هو، جنهن جي آشا جي زندگيءَ ۾ کوٽ هئي.
ٻارن جو اسڪول مان موٽڻ جو ٽائيم ٿي ويو هو. هن سميع جي آفيس
فون ڪئي ته سميع هڪ اهم ميٽنگ ۾ مصروف هو. هاڻ ڇا
ٿيندو! هوءَ پريشان ٿي ويئي. آخرڪار پنهنجي وکريل
قوت کي گڏ ڪري هن ٻارن کي وٺي اچڻ جو فيصلو ڪيو.
هوءَ جلدي جلدي تيار ٿي گاڏي کڻي ارم اپارٽمينٽس
کان ٻاهر نڪري ويئي.
رات جو هوءَ چيڪ اپ ڪرائي موٽي ته سميع جو موڊ سخت خراب هو.
ٻارن کي پنهنجي ڪمري ۾ سمهاري واپس بيڊروم ۾ موٽي
ته سميع خلاف توقع جاڳي رهيو هو. جڏهن ته هوءَ
ڏاڍي خوش هئي. کيس ائين محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ هوءَ
اندر جي گهُٽ کان ٻاهر نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويئي هجي.
سندس وجود خلائن ۾ هلڪو ڦلڪو ٿي اُڏامي رهيو هو.
چانڊوڪي سندس ٻانهن ۾ هئي ۽ ڪيترا ستارا هن مُٺ ۾
جهلي رکيا هئا. هڪ ٻيو اڻڏٺل وجود سندس اندر ۾
گردش ڪري رهيو هو. زندگيءَ جي
Monotony
ختم ٿي رهي هئي. هن محسوس ڪيو، سميع بي چين هو.
”ڇا ڳالهه آهي، ڇو پريشان آهيو؟“
”اسان کي ٽئين ٻار جي ڪا ضرورت نه آهي.“
سميع جي ڳالهه ٻڌي کيس صدمو رسيو. هن جي وهم ۽ گمان ۾ به نه هو
ته ڪو سميع ان انداز ۾ سوچي سگهي ٿو. هن غور سان
سميع کي ڏٺو. هن کي سميع جو چهرو ڏاڍو اوپرو لڳو.
کيس لڳو ته اندر ۾ ڪا شيءِ ڀڄي پيئي هجي. شايد
ويساهه جو نازڪ شيشو ڀڄي پيو هو. هو هڪ ٻئي جي
ويجهو هوندي به هزارن ميلن جي مفاصلي تي هليا ويا
هئا. هو نرم ۽ نازڪ جذبا رکندڙ سميع ته نه هو. هو
ماحولياتي آلودگي ۾ ساهه کڻندي کڻندي پنهنجي اندر
جي سونهن کي وڃائي ويٺو هو. هو ڪمپيوٽر ايج جو
مشيني انسان هو. يا خدا، انسان ايڏو جلدي به بدلجي
سگهي ٿو. سمورا احساس ۽ جذبا ائين مري به سگهن ٿا!
ڪاش، هوءَ سميع سان وڙهي سگهي ها. پر هن ته وڙهڻ،
رُسڻ ۽ پرچڻ جو حق به کسي ورتو هو.
”پر اها قدرت جي ڳالهه آهي“ آشا خار کائيندي چيو.
”ٻار جو
Abortion
به ٿي سگهي ٿو.“
”سميع.... !“ آشا سڪتي ۾ اچي ويئي.
”ان کان سواءِ بيو ڪو چارو نه آهي.“
”اهو گناهه آهي“ هوءَ هراسجي ويئي.
”توکي ائين ڪرڻو پوندو“ سميع سختيءَ سان چيو.
”تون هڪ خود غرض انسان آهين“ آشا جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا.
”آشا! نئين درو جي تقاضائن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪر. ملڪ ۾ اڳ ئي
آبادي جو ڪيڏو بوجهه آهي.“
”مان ڪجهه به ٻڌڻ نه ٿي چاهيان.“
”تون سڀاڻي ڊاڪٽر سيما سان ملي پنهنجو مسئلو حل ڪرائي ڇڏ.“
ائين چئي هو پاسو ورائي سمهي رهيو.
زندگيءَ ۾ پهريون دفعو هن کي سميع جي وجود کان نفرت محسوس ٿي.
هوءَ وهاڻو کڻي ڊرائنگ روم ۾ هلي آئي. ڪارپيٽ تي
وهاڻو رکي ليٽي پيئي ۽ سوچڻ لڳي ته شادي شده
زندگيءَ ۾ ٻار، عورت لاءِ سڀ کان وڏو سهارو هوندا
آهن. هڪ اهڙو
Supporting Factor
جيڪو عورت جي ڏکن ۽ محرومين جي وچ ۾ هڪ توازن پيدا
ڪندو آهي. عورت ماءُ آهي ۽ اهو ئي سندس سڀ کان
وڌيڪ خوبصورت روپ آهي. هوءَ انسان جي روپ ۾ هڪ
ڪائنات کي خلقي ٿي، جيڪو تخليق جي سگهه رکي ٿو
اُهو ڪڏهن به تخريبي نٿو ٿي سگهي.
”نه نه، مان ائين ٿيڻ نه ڏيندس.“ هوءَ سمهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي.
ان کان پوءِ ان موضوع تي هن جو سميع سان ڪيترا ڀيرا جهڳڙو ٿيو.
آخرڪار هن سميع سان ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو. ڪجهه ڏينهن
خاموش رهي. هوءَ جڏهن سميع سان ڳالهائڻ لڳندي هئي
ته وري ساڳئي موضوع تي بحث ٿيندو هو. ٻه ٽي مهينا
هن شديد اذيت ۾ گذاريا. هوءَ ڪنفيوز رهڻ لڳي. ذهني
اذيت کيس بيمار ڪري وڌو. هڪ ڏينهن هوءَ ڏاڪڻ تان
سلپ ٿي ويئي کيس هاسپيٽل ۾ ايڊمٽ ڪيو ويو. سندس
ٻار
Miscarriage
ٿي ويو، ان صدمي سندس دماغ سُن ڪري ڇڏيو. هفتو
اسپتال ۾ رهڻ کان پوءِ هوءَ گهر موٽي آئي.
”هو Unwanted Child
هو، تڏهن ته دنيا ۾ نه اچي سگهيو.“ هوءَ اهو سوچي
روئي پوندي هئي. سميع کي ڏسڻ سان ئي سندس چهري تي
نفرت جا آثار لهي ايندا هئا. هوءَ لاشعوري طور تي
ان واقعي جو ذميوار سميع کي سمجهڻ لڳي هئي.
هوءَ جن حالتن گذري کان رهي هئي، انهن ۾ ٻار جي خوشخبري کيس
نجات جو رستو لڳو هو. سندس وجود ۾ هلڪي درد جي
احساس ۾ هڪ عجيب مٺاس هئي، ڄڻ ته سندس رشتو هڪ
پُرنور دنيا سان جڙي ويو هو.
ان رات هوءَ بيڊ تي خاموشيءَ سان سُتي پيئي هئي. اوچتو دريءَ جو
پردو تيز هوا سان لڏڻ لڳو. کيس ڪمري ۾ آسماني
روشني محسوس ٿي. هن جي
Vision
۾ ٻار دريءَ مان اُڏامندو، هن کان ڪجهه فاصلي تي
اچي بيهي رهيو.
”تون مون کي ڇڏي ڪيڏانهن هليو ويو آهين!“
”مما! مان پنهنجيءَ دنيا ۾ تمام خوش آهيان.“
”پر مان توکان سواءِ خوش نه آهيان.“
”مما! مان توکان پري نه آهيان. جيڪڏهن محسوس ڪيو ته توهان جي
وجود جو اڻمٽ حصو آهيان.“
”مون کي تنهنجي سخت ضرورت هئي.“
”سٺو ٿيو ته مان دنيا ۾ نه آيس مما! توهان جي دنيا ۾ گهري
اونداهي ۽ ڏاڍي ڪرپشن آهي. هر ماڻهوءَ جي من ۾ کوٽ
آهي. هر ڪو خواهشن جي پڃري ۾ بند آهي. ماڻهن سچ جي
سگهه کان منهن موڙي ورتو آهي، انڪري مصلحتن جي
مورچن ۾ لڪا ويٺا آهن. اهڙيءَ دنيا ۾ اچي ڇا ڪيان
ها، جتي چهرن تي منافقت جو نقاب چڙهيل آهي، جتي
سچن رشتن جي ڪا سڃاڻپ ڪانهي. مصلحت ۽ بناوٽ جي ڏور
سان ٻڌل رشتن جي وچ ۾ رهندي مان ڪوڙ جي ان ڌنڌ ۾
وڃائجي وڃان ها. محروم تمنا ٿي رهان ها. پنهنجي
وجود ۾ اوپرو ٿي جيئڻو پوي ها.“
”منهنجي ويجهو اچ، جيئن مان توکي پيار ڪري پنهنجي اندر جي
محروميءَ جي تلافي ڪري سگهان.“
ٻار سندس اکين جي ويجهو آيو. هن جيئن ٻار کي جهلڻ جي ڪوشش ڪئي،
سندس هٿ هوا ۾ مٿي اُٿي هيٺ جهڪي ويا. هن اکيون
کولي چؤڌاري ڏٺو ته ڪمري ۾ هوءَ اڪيلي هئي. هوءَ
چهرو هٿن ۾ لڪائي روئڻ لڳي.
سمنڊ جي لهرن ۾ ڏاڍو چاڙهه هو. ان چانڊوڪي رات ۾ هوءَ اڪيلي دير
تائين سمنڊ جي لهرن کي ڏسندي رهي. لهرن، چنڊ ۽
هوائن ۾ هڪ عجيب هار موني هئي. سندس ڌڙڪنون منتشر
ٿيڻ لڳيون. کيس چڪر اچي ويو، هوءَ زمين تي ويهي
رهي.
”آشا! اهو ڪهڙو مذاق آهي؟“
هن ڪنڌ مٿي کنيو، هن جي اڳيان سميع بيٺو هو. سندس چهرو ڪاوڙ ۾
تپي ڳاڙهو ٿي ويو هو. هن ڏٺو ته ٻار ڪجهه فاصلي تي
بيهاريل گاڏيءَ ۾ پريشان ويٺا هئا.
”ڇا ڪيو آهي مون“ هوءَ اُٿي بيهي رهي.
”مان توکي ڪيتري دير کان ڳوليندو ٿو وتان ۽ تون بنان ٻڌائڻ جي
هتي هلي آئي آهين!“
”تون مون کي سڄي زندگي ڳوليندو رهندين، پر مان توکي ڪٿي به نه
ملنديس“، هوءَ لهرن ڏانهن مُنهن ڪري بيهي رهي.
”آشا! مان تنهنجي ان رويي کي ڇا سمجهان!“
”تو ڪڏهن مون کي سمجهڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي آهي.“
سميع کي خبر هئي ته ٻار واري حادثي کان پوءِ هوءَ ذهني طور تي
اپ سيٽ ٿي ويئي هئي، ان ڪري هن ڪاوڙ جي باوجود
لهجي ۾ نرمي پيدا ڪندي چيو:
”ڇا مون کان ڪا ڪوتاهي ٿي آهي؟“
آشا کيس حيرت سان ڏٺو هو ڪيڏو نه اڻڄاڻ بڻجي رهيو هو، ڄڻ ته
ڪجهه به نه ٿيو هو.
”توکي ياد آهي سميع! شاديءَ کان پوءِ هڪ رات اسان دير تائين
سمنڊ تي ويٺا هئاسين“.
”ها ياد آهي.“
”اُها رات تو مون کان کسي ورتي آهي. ان رات کان پوءِ ايندڙ ڪنهن
به رات ۾ وري ڪڏهن چنڊ نه اُڀريو آهي. مون کي اُها
رات موٽائي ڏئي.“
هوءَ سميع جي گربيان ۾ هٿ وجهي کيس جهنجهوڙي رڙيون ڪرڻ لڳي.
”آشا! پليز آشا! ڪجهه ته هوش ڪر“، سميع کيس سنڀاليندي چيو.
”مون اُها رات وڃائجي ويئي آهي. مون کي ٻيو ڪجهه به نه گهرجي،
فقط اُها رات گهرجي جنهن جي خاموشيءَ ۾ جذبن
ڳالهايو هو. مون کي اُها رات موٽائي ڏئي. خدا جي
واسطي مون کي اُها رات موٽائي ڏئي.“
هوءَ ٻارن وانگر روئي رهي هئي. هو ماڻهن جي توجهه جو مرڪز بڻجي
رهيا هئا. تماشي ٿيڻ کان بچڻ لاءِ هو آشا کي ٻانهن
کان وٺي گهليندو ڪار تائين وٺي آيو. گهر اچي هن
آشا کي زوري سليپنگ پلز کارائي سمهاري ڇڏيو.
وقت گذرڻ سان گڏ، آشا حالتن سان سمجهوتو ڪري ورتو. هاڻ هن سميع
کان اميدون وابسته ڪرڻ ڇڏي ڏنيون هيون. اُهائي
ساڳي مشيني زندگي وري موٽي آئي.
هڪ رات سميع دير تائين دوستن سان ويٺو رهيو ۽ هوءَ به بي چين
گهر ۾ گهمندي رهي. پنهنجي ڪمري ۾ دريءَ مان لهرن
مٿان چانڊوڪيءَ جي ڪرڻن جي جهرمر ڏسندي رهي. پوءِ
ٿڪجي سمهي رهي.
ننڊ جاڳ جي ڪيفيتن ۾ هن سميع جي موجودگيءَ کي محسوس ڪيو. هو
سندس ڀر ۾ ويهي سندس چهري کي غور سان ڏسي رهيو هو.
جيڪو هلڪي روشنيءَ ۾ ڦڪو ۽ بيمار لڳي رهيو هو. هن
کيس سڏ ڪيو.
”آشا!“
”جي“ هن اکيون کوليون.
سميع سندس وار چهري تان هٽائيندي چيو: ”آشا پنهنجو خيال رکندي
ڪر. ڏس ڪهڙي حالت ڪري ڇڏي اٿئي؟“
سميع سندس ڳل تي پيار سان هلڪي ٿڀڪي ڏيئي وڃي سمهي رهيو. آشا کي
محسوس ٿيو ته سندس من جي اونداهيءَ ۾ ڪو ديپ ٻري
پيو هجي. جيون ڪرڻا ڪرڻا ٿي جرڪي پيو هجي. ڪنهن
ڏورانهين سفر تان ايندڙ ٻيڙيءَ ساحل کي ڇهيو هجي.
ڄڻ مري ويل جذبا ٻيهر جيئرا ٿي پيا هجن. ڄڻ هر طرف
روشني هجي، من ۾ به ته روح جي گهراين ۾ به هڪ لمحي
جي ان خوشيءَ اڳيان هو پنهنجي ذات ۾ گلاب بڻجي
مهڪي پئي. ڪيترين راتين کان اوجاڳيل اکين ۾ ننڊ جا
سپنا لهي آيا.
ڇا سڄي زندگي محرومين جي اونداهين ۾ ائين لمحو لمحو ٿي لاٽ
ٻرندي رهندي. سندس اکين جي ڪنارن کان هڪ لڙڪ لڙڪ
وهاڻي ۾ جذب ٿي ويو. ٿوريءَ دير ۾ هوءَ سُمهي رهي.
سندس چهري تي اهو هڪ لمحو خوشيءَ جو گلابي عڪس
بڻجي جرڪي رهيو هو! |