مولانا غلام محمد ”گرامي“ جي ارڙهين ورسي
”بزم گرامي“ ميهڙ پاران سنڌي ادبي بورڊ جي سهڪار سان سنڌ جي
نامياري عالم ۽ دانشور ۽ ٽماهي ”مهراڻ“ جي اڳوڻي
ايڊيٽر مولانا غلام محمد ”گرامي“ جي ارڙهين ورسي.
20 آڪٽوبر 1994ع تي بورڊ جي لان ۾ ملهائي ويئي.
جنهن جي صدارت سنڌ جي مشهور شاعر امداد حسيني ڪئي
۽ خاص مهمان ناميارو دانشور رسول بخش پليجو هو،
جڏهن ته اعزازي مهمان معروف اديب ڪيم بخش خالد ۽
سيد محمد شاهه (ڀاڻوٺ وارو) هئا. اسٽيج سيڪريٽريءَ
جا فرائض خان محمد پنهور ادا ڪيا.
سڀ ان پهريائين بزم گرامي ميهڙ جي صدر شيخ اسحاق دانش آيل سمورن
مهمانن کي ڀليڪار چوندي سندن ٿورو مڃيو. هن چيو ته
”گرامي صاحب سنڌ جو ناميارو پر وساريل عالم، اديب،
محقق ۽ نقاد آهي. کيس سنڌ، سنڌين، سنڌي ادب سان
عشق هو. هن دل جان ۽ اڻٿڪ ڪوششن سان سنڌي ادب ۽
سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪئي، جنهن ۾ زندگيءَ جون آخري
گهڙيون پڻ صرف ڪيائين.“
نامياري اديب، دانشور ۽ ماهوار ”ساڃاهه“ جي ايڊيٽر خاڪي جويي
ڳالهائيندي چيو ته ”گرامي صاحب مهراڻ ۾ تمام سٺو
ڪم ڪيو ۽ هن جهڙو محنتي ايڊيٽر مهراڻ نه مليو آهي.
هن مهراڻ ۾ هر فن تي مستند ۽ معتبر مواد پيش ڪيو.
گرامي صاحب مهراڻ وسيلي نون ليکڪن جي تمام گهڻي
همت افزائي ڪئي. هو وڏو عالم ۽ فاضل ماڻهو هو.“
ماهوار ”گل ڦل“ جي ايڊيٽر اڪبر جسڪاڻي ڳالهائيندي چيو ته ”گرامي
صاحب کي مون ڏٺو ڪونه پر هي اسين جيڪي هٿ گڏ ٿيا
آهيون، سو ڏسي سوچيان ٿو ته گرامي صاحب واقعي وڏو
عالم ۽ مفڪر هو. پر بنياد طور تي هو غريب هو ۽
سندس خاندان به مسڪيني حالت ۾ آهي. انڪري اسان هت
صرف ڪجهه ماڻهو گڏ ٿيا آهيون، جا سچ ته ڏک جهڙي
ڳالهه آهي.“
مشهور شاعر سرور نواز ٻگهيي ڳالهائيندي چيو ته ”گرامي صاحب سنڌي
ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ جيڪو علمي ۽ تحقيقي ڪم
ڪيو، ان جي اعتراف ڪرڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي.
اهڙن عالمن تي سنڌ کي سدائين فخر رهندو.“
مشهور ڪهاڻيڪار طارق عالم ڳالهائيندي چيو ته ”ڪي انسان ادارن جي
حوالي سان سڃاتا ويندا آهن ته ڪي ادارا ڪجهه
انسانن جي حوالي سان. غلام محمد گرامي صاحب به
انهن اعليٰ انسانن منجهان هو، جنهن سان سنڌي ادبي
بورڊ جي سڃاڻپ آهي.“
نئين ٽهيءَ جي شاعره انيتا شاهه مقالو پڙهندي چيو ته ”اسان ڪنهن
به سچي ماڻهوءَ جو انهيءَ جي عظمت جي لحاظ سان
مناسب قدر ڪونه ٿا ڪريون. حياتيءَ ۾ ته هو سور
کائن ٿا پر مُئي کان پوءِ به رڳو نالي ماتر ورسيون
ملهايون ٿيون وڃن. گرامي صاحب پنهنجي لاءِ جا منزل
مقرر ڪئي، ان تائين پهچڻ ۾ جيڪي به کيس تڪيلفون،
رڪاوٽون ۽ دشواريون سامهون آيون، تن کي پاڻ پنهنجي
مستقل مزاجي، همت ۽ جرئت سان منهن ڏنائون، پنهنجي
علمي، ادبي تحقيق کي جاري رکيائون ۽ پاڻ کي سنڌ جو
هڪ عظيم عالم ۽ فاصل ۽ اعليٰ درجي جو محقق ثابت
ڪيائون.
نامياري اديبه زاهده شيخ پنهنجي مقالي ۾ چيو ته ”گرامي اهڙو
عظيم آدرشي انسان هو، جنهن جي زندگي جو گهڻو حصو
ادبي ميدان تي ترقي پسند جديد جي محافظ جي حيثيت
۾ رجعت پرست ۽ مذهب جي ڪوڙن تشريح بازن سان جنگ
ڪندي گذريو. هو گهڻ گُڻي شخصيت هو. هو اديب، شاعر،
تنقيدنگار، استاد، صحافي، سنڌ جي تاريخ ۽ اسلامي
تصوف جو شارح ۽ راڳ جو ڄاڻو هو. سڀني شعبن ۾ سندس
ڄاڻ رڳو سطحي قسم جي نه پر تمام گهڻي گهرائيءَ
واري هئي.“
نامياري شاعر عبدالخالق ”شهيد“ سومري ڳالهائيندي چيو ته”گرامي
صاحب سنڌ جو رومي هو. هو سنڌ جو ابوالڪالم آزاد
هو. هو علم جو آفتاب هو. سنڌ ۾ سندن شاگردن ۽
مداحن جو ڪافي تعداد آهي. مان به سندس پراڻن
شاگردن ۽ مداحن مان هڪ آهيان. منهنجي ساڻن 1954ع
کان وٺي نيازمندي هئي، جڏهن اسان کي ٽريننگ ڪاليج
فارمين حيدرآباد ۾ فارسي پڙهائيندا هئا. ان وقت
کان وٺي سندس محبت جي سعادت نصيب ٿي ۽ فخر اٿم ته
اهڙي عظيم هستيءَ جو شاگرد آهيان.“
گرامي صاحب جي ورسي جي موقعي تي رسول بخش پليجو،
ڪريم بخش خالد، سيد محمد شاهه، امداد حسيني،
پروانو ڀٽي، مظهر علي خان جتوئي، محمد دائود بلوچ،
خاڪي جويو، محمد پريل اشرفاڻي، سرور نواز ٻگهيو،
عبدالخالق شهيد سومرو، رفيق مصطفيٰ عباسي، راجا
انور چانڊيو، ادريس جتوئي، زاهده شيخ، انيتا شاهه،
طارق عالم، اڪبر جسڪاڻي، شيخ اسحاق دانش ۽ آزاد
علي انور ڪانڌڙو ڳالهائي رهيا آهن.
گرامي صاحب جي ورسيءَ جا ٻڌندڙ
محمد پريل اشرفاڻي گرامي صاحب جي خدمتن جي واکاڻ ڪئي ۽ ساڻس گڏ
گذاريل گهڙين جون يادگيريون بيان ڪيون.
نامياري اديب محمد دائود بلوچ ڳالهائيندي چيو ته ”گرامي صاحب جي
شخصيت ڪنهن به تعارف جي محتاج نه آهي. گرامي صاحب
همه گير شخصيت جو مالڪ هو. قدرت طرفان کيس تقرير ۽
تحرير جي ڏات مليل هئي. گرامي صاحب وڏي شخصيت هو،
پر افسوس جو اسان سندس جيئري ڪوبه قدر ڪونه ڪيو.
جن جو جيئري قدر ڪونه ٿيندو آهي، انهن جو مئي کان
پوءِ ڪهڙو قدر ٿيندو. گرامي صاحب ڪيترن کي فيض
ڏنو، پر افسوس جي گرامي صاحب کي ڪنهن وٽان به ڪجهه
به نه مليو.“
نوجوان اديب ادريس جتوئي چيو ته ”گرامي صاحب کي جيئري توڙي مئي
طبقاتي مت ڀيد جو شڪار بنايو ويو هو. جيڪڏهن مٿئين
طبقي جو ماڻهو هجي ها ته سندس ورسيون وڏي پيماني
تي ٿين ها ۽ سندس ڪو ڪتاب اڻڇپيل نه رهي ها ۽ نه
ئي سندس مسودا اُڏوهين جي حوالي ٿين ٿا. اها اسان
جي گڏيل بيحسي آهي. هن انهيءَ دؤر ۾ سنڌ جي وجود
جي بجاءِ جاکوڙ ۽ جدوجهد ڪئي. جڏهن سنڌ جو نالو
وٺڻ ڪاريهر تي پير رکڻ جي برابر هو. شيخ اياز جيڪو
سنڌ جي ترقي پسند ادب جي علامت رهيو آهي، مشرقي
شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات جهڙو شاهڪار مقالو
لکي، ان جو بچاءُ ڪري، گرامي صاحب پنهنجو تاريخي
فرض ادا ڪيو آهي.“
جڏهن ته نوجوان شاعر راجه انور چانڊئي، سماجي ڪارڪن رفيق عباسي،
گرامي صاحب جي ويجهي دوست ۽ ڪامريڊ حيدربخش
جتوئيءَ جي فرزند مظهر علي جتوئي پڻ گرامي صاحب جي
ڪيل خدمتن طور کيس زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو.
نامياري شاعر پرواني ڀٽي چيو ته گرامي صاحب شرافت ۽ سچائيءَ جو
مجسمو، اخلاق ۽ اخلاص جو صاحب، اسان جي لاءِ وڏي
هستي هو. مستقل مزاجيءَ جو هيءُ عالم، جو ڪيتريون
ئي پريشانيون آيون، مگر بورڊ جي ملازمت کي خيرباد
نه چيائين، گرامي صاحب ادبي بورڊ جي نالي سان
سڃاتو نه ويندو هو، پر بورڊ گرامي صاحب جي نالي
سان سڃاتو ويندو ۽ بورڊ وارن گرامي صاحب کي ته
هميشه لاءِ وساري ڇڏيو آهي ۽ گرامي صاحب کي جيئري
توڙي مُئي ڪجهه به نه ڏنو آهي، ايستائين جو سندس
ڪتاب به نٿا ڇپرايا وڃن.“
اعزازي مهمان، گرامي صاحب جي جهوني ويجهي دوست سائين سيد محمد
شاهه ڳالهائيندي چيو ته ”گرامي صاحب سنڌي قوم ۾ هڪ
وڏي وٿُ هو. آءُ گرامي صاحب سان سندس حيدرآباد ۾
اچڻ جي پهرئين ڏينهن کان، ائين کڻي چئجي ته گڏ
هوس. مون جو ڪجهه مرحوم تي ٿيندي ڏٺو ۽ هن ڪيئن
اهو سڀ ڪجهه سٺو، اُن جو بيان ڪرڻ ئي ڏکيو پيو
لڳي. هن عظيم محقق، تاريخدان، فلسفيءَ، سڀني مذهبن
جي ڄاڻوءَ، لطيف ۽ ان جي فڪر جي پارکوءَ ۽ قلم جي
ڌڻيءَ جو جيئري جيڪو حال هو، تنهن کان ڪوبه باشعور
علمي حلقو اڻواقف نه هوندو. هو وڏو عالم هو. هن
سڄي عمر ادب ۽ ٻوليءَ جي خدمت ڪئي. هن جي علم،
تحقيق ۽ شاعريءَ مان فائدو وٺندڙن ۽ سکندڙن جو وڏو
حلقو پيدا ٿيو. اسان زندهه هوندي پنهنجي ڪنهن به
محسن کي، جيڪو هن جو مقام ۽ مرتبو آهي، اهو نه
ڏيندا آهيون ۽ هن سان ڪنهن به تنگ ۽ مشڪل گهڙيءَ ۾
ڀاڱي ڀائيوار نه ٿيندا آهيون ۽ ساڳيو حال گرامي
صاحب جو به ٿيو. پر گرامي صاحب کي ته ڄڻ اسان
وساري ڇڏيو آهي. اسان کي سندس پونئيرن جي مالي مدد
ڪرڻ گهرجي ۽ سندس لکڻين کي ڇپائڻ گهرجي.“
اعزازي مهمان جناب ڪريم بخش خالد ”گرامي صاحب داناءُ ماڻهو هو ۽
هن جي مشاهدي جي قوت گهري هئي.“
مهمان خاص محترم رسول بخش پليجي چيو ته ”سنڌ جيڪي دانشور پيدا
ڪري آهن، انهن مان گرامي صاحب هيٺئين مان ڪلاس
وارو ماڻهو هو، جيڪو تمام وڏي ۾ وڏو ماڻهو ٿي
اڀريو. سنڌ ۾ هو واحد ۽ يگانو ماڻهو هو، جنهن
ڪيترائي فڪري ماڻهو پيدا ڪيا. گرامي صدين جو علم
پڙهائيندو ۽ ورهائيندو رهيو. لطيف جا جيڪي آدرش
هئا، گرامي انهن جو مجسمو هو. هو جينيس ماڻهو هو.
سنڌ اڄ تائين گراميءَ جهڙو ماڻهو پيدا نه ڪيو آهي.
هو انسائيڪلوپيڊيا ته هو، پر هو چرندڙ پرندڙ
يونيورسٽي به هو.“
صدارتي تقرير ڪندي امداد حسيني چيو ته ”گرامي صاحب هڪ باعمل
عالم هو. هن رڳو تحريري طور سنڌي ٻوليءَ سنڌي ادب
۽ مجموعي طور تي سنڌ جو مقدمو نه وڙهيو آهي، بلڪ
هن ان ڏس ۾ عملي سطح تي به جاکوڙ ڪئي آهي. ان ڏس ۾
اهو چوڻ وڌيڪ صحيح ٿيندو ته گرامي صاحب هر انهيءَ
تحريڪ ۾ هڪ رهنما اڳواڻ جو ڪردار ادا ڪيو، جيڪا
سنڌ جي مفادن ۾ هئي. ون يونٽ جي جبري دور ۾ جڏهن
سنڌي ٻوليءَ کي پرائمري سطح تائين واڙيو ويو ۽
سنڌي ادبي سنگت سنڌي ٻوليءَ جي بحاليءَ لاءِ عظيم
تحريڪ هلائي. جيڪا مجموعي طور تي سڳوري سنڌ جي
بحاليءَ جي تحريڪ هئي، انهيءَ تحريڪ ۾ گرامي صاحب
مهڙ جي مورچن جي هڪ بي ڊپي ۽ سورهيه سپاهي وارو
ڪردار ادا ڪيو. گراميءَ جهڙا عالم نه رڳو پوري سنڌ
لاءِ فخر جو باعث آهن، پر پوري عالم لاءِ شرف ۽
فخر جو باعث آهن.“
جلسي ۾ هيٺان ٺهراءُ يڪراءِ پاس ڪيا ويا.
(1) سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ وارو درجو ڏنو وڃي.
(2) سنڌي ادبي بورڊ کان گهر ڪئي ويئي ته مولانا گراميءَ جون
ڇپيل توڙي اڻ ڇپيل لکڻيون سهيڙي بورڊ پاران ڪتابي
صورت ۾ ڇپرايون وڃن.
(3) گرامي صاحب جي پٽ کي ادبي بورڊ ۾ نوڪري ڏني وڃي.
(4) سنڌ الاجي ۾ ”گرامي ڪارنر“ قائم ڪيو ويو.
(5) ميهڙ جي هاءِ اسڪول کي گرامي صاحب جي نالي سان منسوب ڪيو
وڃي.
(6) ڄامشورو ڦاٽڪ کان ادبي بورڊ ڄامشورو جي آفيس واري رستي کي
گرامي صاحب جي نالي منسوب ڪيو وڃي.
- آزاد علي انور ڪانڌڙو |