مقالا
هن وقت تائين اسان جي نوجوانن ۽ تعليم يافته طبقي جو گهڻي ۾
گهڻو ور شعر، افساني ۽ ڊرامي تي رهيو آهي. ان ۾ ڪو
شڪ ڪونه آهي ته فن ۽ ضرورت جي لحاظ کان اهي صنفون
بيحد ضروري آهن، ليڪن انهن کان سواءِ ڪي ڪي ٻيا
اهم موضوع پڻ آهن، جن تي نئين نسل کي فوري توجهه
ڏيڻ کپي. ڪابه قوم فقط شعر، افساني ۽ ڊرامي جي
سهاري جيئري رهي نه سگهندي آهي! سنڌ جي تاريخ به
هڪ اهم موضوع آهي، جيڪو هن وقت تائين اکين کان
اوجهل پئي رهيو آهي. سنڌ جي تاريخ طرف اسان جا
لکندڙ توجهه ڏيندا ته نه فقط کين ٿيل تاريخي هاڃن
جي خبر پوندي، بلڪ انهيءَ جي پڙهڻ ۽ لکڻ سان سندن
ادبي تخليقات ۾ نئون رنگ ۽ رس ڀرجي ويندو، نوان
موضوع ملندا ۽ نرالا عنوان قائم ٿي ويندا. مون کي
يقين آهي ته پنهنجن خواهه پراون جون اکيون کُلي
پونديون.
- سيد حسام الدين راشدي
ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي
خليفي مخدوم ميان محمد ٺٽويءَ جي سنڌي
(آية بسم الله ۽ سورة الملڪ جي تفسيرن جو علمي جائزو)
سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ جي گھري مطالعي مان اهو واضع ٿئي ٿو
ته برصغير هند و پاڪ ۾ سنڌ ئي سڀ کان پهريون مُلڪ
هو، جنهن ۾ باقاعده تعليمي نظام رائج هو. تعليمي
نظام جي سلسلي ۾، عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ هت
وڏا اسلامي مدرسا، دارالعلوم ۽ مڪتب قائم ٿيا، جن
مان پنهنجي وقت جا ڪيترائي وڏا جيد عالم، محقق ۽
مصنف پيدا ٿيا، ۽ انهن جي علمي، ادبي ۽ ديني
ڪارنامن سان سنڌ جي تايخ ڀري پيئي آهي.
تعليمي نظام جي سلسلي ۾، ڏهين صدي هجريءَ ڌاري سنڌ ۾ مخدوم محمد
جعفري بوبڪائيءَ رحه*،
جو پنهنجي دور جو هڪ بلند مرتبي جو عالم ۽ محقق هو، تعليمي سکيا جي لحاظ
کان، عربي زبان ۾
”نهجُ التعلم“* نالي سان هڪ تفصيلي ڪتاب تصنيف
ڪيو، هن ڪتاب ۾ استادن ۽ شاگردن لاءِ نصابي ڪتاب
پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جي طور ۽ طريقن سان گڏ، استادن ۽
شاگردن جي قابليت ۽ ذهني صلاحيتن بابت تفصيل
سمجھايل آهن (1) مخدوم صاحب جي انهيءَ ڪتاب کي ڏسڻ
کان پوءِ اسان انهيءَ راءِ جا آهيون ته سموري
برصغير ۾، تعليمي سرشتي ۽ طريقي کي سمجھائڻ لاءِ،
سنڌي عالم جو اهو پهريون ڪتاب هو.
هن کان اڳ ۾، سنڌ جي عالمن، اديبن ۽ محققن جي اها متفق راءِ
هلندي پئي آئي آهي ته سنڌ ۾ تعليمي لحاظ کان
”مادري زبان سنڌيءَ ۾ تعليم ڏيڻ واريءَ تحريڪ“ جو
باني مخدوم ابوالحسن ٺٽوي (مقدمة الصلواة تاليف
ٿيڻ جو سن 1112هه/ 1700ع) هو. سن 1968ع ۾ محترم
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌ جي هڪ صوفي بزرگ شاهه
لطف الله قادريءَ جا بيت، جي سنه 1078هه/ 1667ع
کان 1083هه/ 1672ع دوران چيا ويا هئا، شاهه لطف
الله قادريءَ جو ڪلام“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾
مرتب ڪري، اُن کي انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي ڄامشورو
طرفان شايع ڪيا. ڊاڪٽر بلوچ صاحب انهيءَ بزرگ جي
چيل بيتن جي هيٺين سِٽن کي بنياد بڻائي اها راءِ
قائم ڪئي ته ”مادري زبان سنڌيءَ ۾ تعليم ڏيڻ
واريءَ تحريڪ“ جو باني شاهه لطف الله قادري هو:
ته هوءَ سنڌي وائي، سَهُلو ٻُجھڻ اٻوجھن
پاهنجي ٻولي ڪري، سگھائين اِي سِکن
”لطف الله“ چئي، لئي پيو ور سِکن ۽ پڙهن(2)
هونئن به اها هڪ روشن حقيقت آهي ته ڪا به شيءَ مڪمل نه ٿيندي
آهي. ان لاءِ تحقيق جو سلسلو جاري رهندو آهي، ۽
اديبن، عالمن ۽ محققن کي وقت جي تقاضائن موجب،
پنهنجن راين کي تبديل ڪرڻو پوندو آهي. اهڙيءَ طرح،
ڪنهن نتيجي تي پهچڻ لاءِ رستو هموار ٿيندو آهي.
سنڌ ۾ اسلامي دور حڪومت جي قائم ٿيڻ کان وٺي سومرن جي صاحبيءَ
تائين، هر لحاظ کان، عربي زبان جو اثر غالب هو ۽
عربي زبان ئي تعليم جو ذريعو پڻ هئي. ان کان پوءِ،
سمن جي زماني ۾، عربيءَ سان گڏ فارسي زبان به
مدرسن ۽ مڪتبن ۾ رائج ٿي. اڳتي هلي، سنڌ جي عالمن
۽ معلمن کي ان ڳالهه جو احساس پيدا ٿيو ته مدرسن ۽
مڪتبن ۾ شاگردن کي تعليم ڏيڻ جي شروعات، عربيءَ ۽
فارسيءَ جي بدران سندن مادري زبان ”سنڌيءَ“ ۾ ڏيڻ
گھرجي. اسان مٿي ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي حوالي سان،
مخدوم محمد جعفر بوبڪائي رحه جي جنهن ڪتاب جو ذڪر
ڪري آيا آهيون، ان کان اٽڪل ٽيهه چاليهه ورهيه
پوءِ، يعني ٻارهين صدي هجريءَ ڌاري، سنڌ ۾ ”سنڌي
زبان“ تعليم ڏيڻ جو ذريعو بڻي.
”مادري زبان سنڌيءَ ۾ تعليم ڏيڻ واريءَ تحريڪ“ جو مکيه سبب اهو
هو ته ان دور ۾ سنڌي زبان ۾ ڪافي وسعت اچڻ سان گڏ،
علمي ۽ ادبي پختگي پيدا ٿي چڪي هئي. سنڌ ۾ ننڍن
وڏن شاعرن کان سواءِ قاضي قادن ۽ شاهه ڪريم
بُلڙيءَ واري جا بيت، فني ۽ ادبي لحاظ کان اعليٰ
درجي جا هئا ۽ انهن ۾ مضمون خواه خيال ۽ فڪر جي
پختگي به هئي. ان دور ۾، سنڌي زبان جي ترقيءَ ۽
بلنديءَ جو مثال ان ڳالهه مان به ملي ٿو ته مولانا
محمد غوثي شطاري مانڊويءَ*
سن 1014هه/ 1605ع کان سن 1022هه/ 1613ع واري عرصي
درميان، قاضي قادن جي سنڌي بيتن جو فارسي زبان ۾
ترجمو ڪيو (3). نه صرف قاضي قادن جي سنڌي بيتن جو
ترجمو ٿيو، پر سنڌ جي هڪ عالم محمد رضا بن
عبدالواسع ٺٽويءَ سن 1038/ 1629ع ۾ پنهنجي مرشد
شاهه ڪريم بُلڙيءَ واري جي سنڌي بيتن جو فارسي
زبان ۾ ”بيان العارفين وتنبيہ الغافلين“ جي نالي
سان ترجمو ڪيو (4) انهيءَ مٿينءَ حقيقت کي نروار
ڪندي ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو:
”سنڌيءَ ۾ اهڙيءَ اعليٰ فهم ۽ فڪر جي موجودگي ۽ ان جي عام
اشاعت، افاديت جي لحاظ سان سنڌيءَ کي فارسيءَ جي
برابر بنائي ڇڏيو.“(5)
اهي ئي مٿيان ڪارڻ هئا، جن وسيلي اڳتي هلي، يارهين صديءَ هجريءَ
۾“ مادري زبان سنڌيءَ ۾ تعليم ڏيڻ واري تحريڪ“
لاءِ حالتون سازگار ٿيون ۽ ٺٽي جي عالمن انهيءَ
تحريڪ کي زور وٺايو، ۽ مثالي ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو
۽ تصنيف ڪيا.
اسان منڍ ۾ اهو ڄاڻائي آيا آهيون ته مخدوم ابوالحسن ٺٽويءَ سنڌي
زبان لاءِ نئين الف-بي ٺاهي سنڌي ڪتابن لکڻ جو
سلسلو جاري ڪيو، پر مخدوم ابوالحسن کان گھڻو وقت
اڳ، جيئن مٿي سبب ۽ اسباب ڏيئي آيا آهيون، انهيءَ
تحريڪ جا اهڃاڻ ۽ نشان ملن ٿا. انهيءَ سلسلي ۾،
تازو ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي تحقيقات مطابق کيس هٿ آيل
مختلف قلمي سنڌي رسالن جو هڪ ضخيم مجموعو، انهيءَ
تحريڪ جي پٺڀرائي ڪري ٿو. ڊاڪٽر صاحب کي عزت بن
سليمان نالي ڪاتب جو هڪ قلمي ذخيرو دستياب ٿيو
آهي. اهو ذخيرو سن 1067هه/ 1655ع کان 1069هه/
1657ع وارن ٽن سالن ۾ نقل ڪيو ويو. (6) هن مجموعي
۾ ڪُل اُڻيتاليهه منظوم رسالا شامل آهن، ۽ اُتي
مختلف موضوعن تي الڳ الڳ عالمن جا لکيل آهن.*
انهيءَ
لحاظ کان، ڊاڪٽر صاحب جو شاهه لطف الله قادريءَ جي
ڪلام جي حوالي سان، اڳ قائم ڪيل نظريو، گھڻي اهميت
وارو نه رهيو آهي. عزت بن سليمان جو ڪتابت ڪيل
اڳين عالمن ۽ استادن جو ذخيرو، شاهه لطف لطف الله
قادريءَ جي ڪلام کان ڏهه پندرهن سال اڳ، ڪنهن
معتبر نسخي تان اُتاريو ويو هو. عزت بن سليمان جي
نقل ڪيل قلمي ذخيري ۾ آندل اصل مواد، يقيناً اُن
جي ڪتابت ٿيڻ کان پنجاهه سٺ ورهيه اڳ جو تحرير ڪيل
هوندو.
عزت بن سليمان جي اُتاريل قلمي ذخيري ۾، هيٺين پندرهن عالمن ۽
استادن جو منظوم ڪيل مواد ملي ٿو: آرادين، عثمان،
جمعو، آدم، ڪناد، حاجي، سکر ڏنو، صادق، پُسئو،
موسو، گھُرئو پٽ عمر جو، ڪَنڌر، سيد، نُورو، ٻٻر
(7). انهن سڀني عالمن ۽ استادن، پنهنجن منظوم
رسالن ۾ اها دعويٰ ڪئي آهي ته سنڌي سولي ۽ سُکي
زبان آهي، جنهن ۾ ديني تعليم ۽ ٻيا علم سکڻ ۾
سولائي ٿيندي. ”حاجي“ نالي عالم ته ائين صاف چئي
ڏنو آهي:
سنڌي آهي سَهُکي، سکڻ اٻوجھن،
پانهنجـي واءِ پروڙي، سگھائي سِکن. (8)
ڊاڪٽر بلوچ صاحب، انهن مٿين مڙني عالمن جو ٿورو ڪي گھڻو مواد
پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“ ۾ ڏنو
آهي، جنهن جي مطالعي مان اسان انهيءَ راءِ جا
آهيون، ته سنڌ ۾ هر دور جي عالمن انهيءَ تحريڪ کي
زور وٺائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون، پر اهي سڀ ابتدائي
هيون ۽ انهن ۾ اجتماعي اثر ڪونه هو. گمان غالب آهي
ته انهن مٿين عالمن کان سواءِ ٻين عالمن به
انفرادي طرح انهيءَ نموني پنهنجن مڪتبن ۽ مدرسن ۾
تعليم ڏيڻ جو شغل جاري رکيو.
انهن مٿي بيان ڪيل ڳالهين کان پوءِ، ڪلهوڙن حاڪمن جو دور،
انهيءَ تحريڪ لاءِ مبارڪ دور ثابت ٿيو. هن دور جي
عالمن، انهيءَ تحريڪ کي اجتماعي طرح زور وٺايو، ۽
وقت جي حاڪمن انهيءَ تحريڪ جي وڌڻ ۽ ويجهڻ ۾ ڪابه
مداخلت ڪانه ڪئي. ازان سواءِ، ڪلهوڙن حاڪمن جو
زمانو، ڪنهن حد تائين، آزاد سنڌي حاڪمن جو دور هو.
ٺٽي جي جيد عالم ۽ سڄاڻ شخص مخدوم ابوالحسن
ٺٽويءَ، ”مادري زبان سنڌيءَ ۾ تعليم ڏيڻ واري
تحريڪ“ کي ڪافي زور وٺايو، ۽ پاڻ خود ان تحريڪ جي
اڳواڻي ڪيائين. انهيءَ تحريڪ کي زور وٺائڻ ۾ مخدوم
ابوالحسن جي همعصر عالمن، مدرسن ۽ اهل علم وارن پڻ
ڪافي هٿي ڏني ۽ ان کي پايه تڪميل تي رسايو.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جو موجوده تحقيق ۽ قائم ڪيل نظريي
کان گهڻو وقت اڳ ۾ خانبهادر محمد صديق ميمڻ
هيٺينءَ راءِ قائم ڪئي هئي، جنهن کي پوءِ جي اڪثر
عالمن ۽ اديبن بنياد بڻائي پئي ورجايو آهي ميمڻ
صاحب لکي ٿو:
”سن 1060هه/ 1650ع کان پوءِ، نواب حفظ الله جي حڪومت ۾، ننگر
ٺٽي ۾ هڪ اهڙي تحريڪ جاري ٿي جنهن ڪري سنڌي عالمن
مجبور ٿي، عربي فارسيءَ، بدران سنڌي زبان ۾ تصنيف
شروع ڪئي. بغداد جي مشهور قطب زباني، هزارن جي
تعداد ۾ ڪيترا غير مسلم اسلام ۾ داخل ٿيا. سنڌ ۽
ڪڇ جا ميمڻ به انهيءَ شيخ جي هدايت تي ٺٽي ۾
مسلمان ٿيا. ايترن نو مسلمن کي، اسلام جي قاعدن ۽
قانون کان واقف ڪرڻ لاءِ زبان وعظ نصيحت ڪافي نه
هئي، تنهنڪري ان وقت جو مشهور عالم ۽ فقيہ مولوي
ابوالُحسن، جو سنڌ جو تخت گاهه ٺٽي ۾ هو، تنهن
سمجهيو ته ايترن عمر رسيده ماڻهن کي عربي ۽ فارسي
سيکاري اسلامي واقفيت ڏيڻ خاص ڪري فقہ جي مسئلن
کان واقف ڪرڻ ممڪن نه آهي، تنهنڪري هن ماڻهن جي
مادري زبان يعني سنڌيءَ ۾ لکڻ شروع ڪيو… هن ’مقدمة
الصلواة‘ نالي هڪ ڪتاب لکيو، جنهن کي ’ابوالحسن‘
جي سنڌي چوندا آهن (9).“
خانبهادر محمد صديق ميمڻ جي انهيءَ مٿئين بيان ۾، تاريخي لحاظ
کان، اوڻايون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. ميمڻ صاحب جي هڪ
همعصر عالم ۽ سنڌي ٻوليءَ جي شيدائيءَ ديوان
ڀيرومل مهر چند آڏواڻيءَ اُنهن اوڻاين کي درست
ڪندي، مذڪور احوال کي ڪجهه ڦير گهير سان بيان ڪيو
آهي. ديوان صاحب خود اهو احوال هڪ انگريزي مصنف
آر.اِي اينٿون جي ڪتاب
“The Tribes and Casts of Bombay” تان نقل ڪيو آهي. ديوان ڀيرومل لکي ٿو:
”پيران پير دستگير سن 1165ع ۾ بغداد ۾ رحلت ڪئي. دنيا موڪلائڻ
کان اڳ پنهنجي پُٽ تاج الدين کي هدايت ڪيائين ته
تون هندوستان ۾ وڃي رهه ۽ اُتي جي ماڻهن کي اسلام
جي روشني ڏيکار. (سما ۽ سومرا شايد انهيءَ وقت
مسلمان ٿيا هئا.) سيد تاج الدين کان پنج پيڙهيون
پوءِ سيد يوسف الدين قادري پيدا ٿيو، تنهن کي سن
1421ع ۾ خواب ۾ آيو ته تون سنڌ ۾ وڃي. اُتي جي
ماڻهن کي اسلام جي راهه ڏيکار. هُو صاحب جنهن وقت
سنڌ ۾ آيو، تنهن وقت سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ٺٽو هو
۽ اتي جو حاڪم سما گهراڻي جو مرڪب خان هو. سمن جي
صاحبي سن 1351ع کان 1521ع تائين هلي ۽ اهو مرڪب
خان، جو شايد ڄام رائدان (1454ع)*
هو،
تنهن سيد صاحب کي ججهي عزت ڏيئي، پنهنجو مهمان ڪري
رهايو. انهيءَ حاڪم وٽ ماڻڪ جي نالي هڪ سيٺ برک
هو، لوڻاهن جي چوراسي نکن يا برادرين جو مُکي هو.
ٺٽي جو حاڪم هن سيد صاحب جو مريد ٿيو ته سيٺ
ماڻڪجي به پنهنجي حاڪم جي پيروي ڪئي، ۽ پنهنجن ٽن
پُٽن مان ٻن پُٽن ۽ لُهاڻن جي ست سؤ آڪهين سميت
شاهه جو مريد ٿيو ۽ دين اسلام اختيار ڪيائين. سيٺ
ماڻڪجيءَ جو پُٽ سيٺ رائجي هو، تنهن تي احمد نالو
پيو، رائجيءَ جا ٻه پُٽ سُندرجي ۽ هنسراج هئا، سي
آدم ۽ تاج محمد سڏجڻ ۾ آيا. لُهاڻن ۾ ڪي ”موٽا“
ڪوٺبا هئا، پر پوءِ لُهاڻن توڙي موٽن نالو پيو
”مومن“ يا ايمان آڻيندڙ (ڌڻيءَ جي وحدانيت ۾) ...
سمن جي صاحبيءَ کان وٺي سنڌ جا ڪيترائي لُهاڻا ڦري
ميمڻ ٿيا ۽ اهي وڌيا ۽ ويجهيا، ته ائين مسلمانن جو
تعداد سترهين صديءَ ڌاري وڌي گهڻو ٿيو. ان وقت ڪن
مسلمان عالمن ضروري سمجهيو ته سنڌيءَ ۾ ڪي اهڙا
ڪتاب ڪڍجن، جن جي وسيلي ميمڻن ۽ سندن اولاد کي
اسلام جي عقيدن ۽ فرضن کان چڱيءَ ريت واقف ڪجي. ان
وقت ٺٽي ۾ هڪ مولوي ابوالحسن نالي هو، جو مسلمان
ٻارن کي مذهبي تعليم ڏيندو هو. سن 1700ع ڌاري هن
صاحب هڪ ڪتاب ”مقدمة الصلواة“ نالي لکيو، جنهن ۾
نماز پڙهڻ، وضو سارڻ ۽ ٻين اهڙين ڳالهين جو ذڪر
آهي.“ (10)
خانبهادر محمد صديق ميمڻ ۽ ديوان ڀيرومل جي مٿين ٻنهي بيانن جو
تجزيو ڪندي اهو معلوم ٿئي ٿو ته سيد يوسف الدين جي
ٺٽي ۾ اچڻ واري دور ۾، اٽڪل ٻه سو پنجويهه ورهين
جو تفاوت ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ساڳي وقت مخدوم ابوالحسن
ڏانهن جيڪا ڳالهه منسوب ڪئي وڃي ٿي ته هن پنهنجو
مشهور ڪتاب ”مقدمة الصلواة“ غير مسلمانن لاءِ لکيو
هو، اها حقيقت به پنهنجيءَ جاءِ تي غلط معلوم ٿئي
ٿي؛ ڇاڪاڻ ته ”مادري زبان سنڌيءَ ۾ تعليم ڏيڻ
واريءَ تحريڪ“ گهڻو اڳ شروع ٿي چڪي هئي، جنهن جو
اسان مٿي ڪافي تفصيل سان ذڪر ڪري آيا آهيون. ازان
سواءِ مخدوم ابوالحسن خود پنهنجي ڪتاب ۾ ان ڳالهه
جي وضاحت ڪري ٿو ته هُن اهو ڪتاب غير مسلمان لاءِ
نه پر مدرسن ۽ مڪتبن ۾ تعليم وٺندڙ طالبن جي لاءِ
سندن گهُرج موجب تاليف ڪيو آهي. مخدوم صاحب لکي
ٿو:
اِلاهي ”ابوالحسن“ مڱي ٿو مُلا
موليٰ مهربان ڌڻي سائين سٻاجها
طلب ڏي توفيق سين، مومنين ميان
ته پَڙهي پاڙهين سڀ هِي مومن مسئلا
ڪارڻ طلب طالبين رسالو لکيوم
”مقدمة الصلواة سنڌي“ نالو تنہ رکيوم.(11)
انهيءَ سموري مٿئين بحث کان پوءِ، ڊاڪٽر صاحب جي مٿي بيان ڪيل
نئين تحقيق جي روشنيءَ ۾، اڳ جيڪي رايا ۽ مفروضا
قائم ڪيا ويا هئا ته ڪلهوڙن جي دور ۾ مخدوم
ابوالحسن ”مادري زبان سنڌيءَ ۾ تعليم ڏيڻ واريءَ
تحريڪ“ جو باني هو، هاڻي اهي پاڻمرادو ختم ٿي وڃن
ٿا.
مخدوم ابوالحسن جڏهن پنهنجو ڪتاب ”مقدمة الصلواة“ تاليف ڪيو ته
ان وقت ان هن عزت بن سليمان واري قلمي ذخيري جي ڪن
منظوم رسالن کي ضرور ڏٺو هوندو. يا ان کان سواءِ
ڪو ٻيو ماخذ سندس اڳيان هوندو. بهرحال مخدوم صاحب
جي ان ڪتاب کان پوءِ سنڌ جي ٻين ڪيترن عالمن
جهڙوڪ: مخدوم ضياءُ الدين (سن 1091هه/ 1680ع کان
1171ع هه/ 1758ع)، مخدوم ابراهيم هالائي (ولادت
1102هه/ 1691ع)، مخدوم محمد هاشم رحه (سن 1104هه/
1693ع کان 1174هه/ 1761ع) مخدوم عبدالخالق (مطلوب
المومنين تاليف ٿيڻ جو سن 1157هه/ 1744ع) ۽ ٻين
ڪيترن بزرگن ڪتاب لکيا، جي انهن بزرگن جي نالي
پوئتان ”سنڌي سڏجڻ لڳا.
خليفو مخدوم ميان محمد بن مخدوم عبدالخالق پڻ ٺٽي جي عالمن جي
انهيءَ تحريڪ جو هڪ رُڪن هو. مخدوم ميان محمد
پنهنجي دور جي استادن، همعصرن ۽ خود پنهنجي والد
کان متاثر ٿي سنڌي منظوم ترجما ڪيا ۽ تفسير لکيا.
اسان هتي سڀ کان پهريائين سندس سوانح حيات ۽ ان
کان پوءِ سندس ٻين منظوم سنڌي تفسيرن ”آية بسم
الله“ ۽ ”سورة الملڪ“ جو تعارف، ۽ انهن جو علمي ۽
ادبي جائزو ڏيون ٿا.
خليفي مخدوم ميان محمد سوانح جي حيات
خليفو مخدوم ميان محمد سنڌ جي جيد عالمن مان هڪ ٿي گذريو آهي.
پاڻ ٺٽي جو بلند مرتبي واري عالم مخدوم عبدالخالق*
جو فرزند هو. (12) . خليفو ميان محمد اعليٰ دماغ،
باوقار ۽ وڏو رتبو رکندڙ عالم هو. علم فقہ ۽
تفسير ۾ وڏو درڪ رکندو هو. پاڻ ديني علمن جو وڏو
محقق هو. علم فقہ، حديث ۽ تفسير ۽ ٻين ديني خواه
دينوي علمن ۾ وڏي مقام جو صاحب هو. پاڻ عربي ۽
فارسي زبانن سان گڏ پنهنجي مادري زبان سنڌيءَ جو
به وڏو ڄاڻو هو. شعر و سخن جو شوقين ۽ انشاءَ جو
وڏو ماهر استاد هو.
خليفي ميان محمد جي ابتدائي زندگيءَ جو ڪوبه احوال تصديق سان
ڪونه ٿو ملي ته پاڻ خانداني طرح ڪير هو، اصل ڪٿان
جو ويٺل هو ۽ ڪهڙيءَ طرح پنهنجي زندگيءَ جي شروعات
ڪيائين. ازان سواءِ اهو به معلوم ٿي نه سگهيو آهي
ته پاڻ ڪڏهن ڄائو ۽ سندس جنم ڪٿي ٿيو؟ ليڪن جيئن
ته سندس والد مخدوم عبدالخالق ٺٽي جو باشندو هو،
انهيءَ ڪري اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته سندس جنم
ضرور ٺٽي شهر ۾ ئي واقع ٿيو هوندو. خليفي ميان
محمد، سورة الملڪ جو منظوم سنڌي ترجمو ۽ تفسير سن
1193هه/ 1779ع ۾ لکيو. سندس والد جي مرشد ۽ استاد،
مخدوم محمد هاشم جي وفات کان اٽڪل ارڙهن ورهيه
پوءِ لکيو. اسان جو قرين قياس آهي ته ان وقت خليفي
ميان محمد جي طبعي عمر ٽيهن ورهين جي لڳ ڀڳ هوندي،
۽ اهو به گمان آهي ته پاڻ ضرور مخدوم محمد هاشم
رحه کي پيرسنيءَ جي حالت ۾ ڏٺو هوندائين. انهيءَ
لحاظ کان اهو چئي سگهجي ٿو ته خليفي ميان محمد جو
جنم سن 1163هه/ 1750ع ڌاري ٿيو هوندو. تاريخي لحاظ
کان اهو زمانو سنڌ تي ميان نور محمد ڪلهوڙي جي
حڪمرانيءَ جو هو. ميان صاحب کي سنڌ جي حڪومت
گاديءَ تي ويٺي اٽڪل ٽيهارو ورهيه کن ٿي چُڪا هئا.
خليفي ميان محمد جي تعليم ۽ ترتيب جي باري ۾ جيئن مٿي ذڪر ڪري
آيا آهيو ته ان جو ڪوبه مفصل احوال ڪونه ٿو ملي،
پر جيئن ته سندس ولادت ٺٽي شهر ۾ ٿي. ان لحاظ کان
سندس تعليم ۽ تربيت به ٺٽي ۾ ئي ٿي هوندي، ٺٽو ان
دور ۾ تمدني بلندي، ثقافتي برتري ۽ علمي لحاظ کان
وڏي اوج تي هو. جيتوڻيڪ ڪلهوڙن حاڪمن جي دور حڪومت
۾ ٺٽو سنڌ جي تخت گاهه واري حيثيت کان محروم ٿي
چڪو هو، ان هوندي به اُن دور تائين هن شهر جي اها
اڳ واري علمي حيثيت زنده ۽ قائم هئي. هن شهر ۾
ڪيترائي دارالعلوم، بيشمار مڪتب خواه ديني ۽
دنيوي علمن جا مرڪز قائم هئا، جن ۾ ڏينهن رات علم
جي شمع روشن هوندي هئي. اهڙي علمي شهر ۾ خليفي
ميان محمد پنهنجي تعليم ۽ تربيت حاصل ڪئي. جيئن ته
سندس والد مخدوم عبدالخالق ان وقت ٺٽي جي وڏي بزرگ
۽ عالم دين مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي قائم ڪيل ديني
مدرسي ۾ نائب معلم طور ديني علمن جو درس ڏيندو هو
(13)، انهيءَ لحاظ کان خليفي ميان محمد ضرور
پنهنجي والد جي نگرانيءَ ۾ انهيءَ مدرسي ۾ ديني
خواهه دنيوي علمن جو درس ورتو هوندو. ازان سواءِ
اُن مدرسي جي ٻين بلند مرتبي وارن عالمن ۽ استادن
کان به علم حاصل ڪيل هوندائين.
هن وقت تائين خيلفي ميان محمد جا ٻه منظوم سنڌي رسالا هڪ”تفسير
آية بسم الله“ ۽ ٻيو ”تفيسر سورة الملڪ دستياب ٿيا
آهن. انهن ٻنهي رسالن جي مطالعي مان اهو چڱيءَ طرح
اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته خليفي صاحب علم جي تفصيل
حاصل ڪرڻ کان پوءِ درس جي مشغلي سان گڏ تصنيف ۽
تاليف جو ڪم به ڪيو.
خليفي ميان محمد جو زمانو علمي ۽ ادبي لحاظ کان نهايت ئي روشن ۽
خوشگوار هو. مخدوم ضياءُ الدين (1091هه/ 1680کان
1171هه/ 1758ع)، مخدوم ابراهيم هالائي (ولادت
1102هه/ 1691ع) مخدوم محمد هاشم (1104هه/1693ع کان
1174هه/ 1761ع)، مخدوم عبدالله نرئي وارو(1150هه/
1737ع کان 1236هه/ 1821ع)، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي
(1152هه/ 1739ع کان 1192هه/ 1778ع)، مولي محمد
حسين (سير بستان تاليف ٿيڻ جوسن 1177هه/ 1765ع)،
مولوي مهرو ولد سُرهيو دَلُ (رغبةالطالبين تاليف
ٿيڻ جو سن 1206هه/ 1792ع) ۽ ٻيا ڪيترائي عالم ۽
بزرگ سندس همعصر هئا، جن مان ڪن عالمن کي هُن
حياتيءَ جي پوئينءَ بهار ۾ ڏٺو هوندو ته ڪيترا وري
سندس هڪ جيڏا ساٿي هئا، جن سان پاڻ ضرور روحاني
مجلسون ۽ علمي ۽ ادبي رهاڻيون ڪيون هوندائين. اهي
مٿان سڀيئي بزرگ، علمي لحاظ کان، بلند مرتبي جا
عالم به هئا ته تصنيف ۽ تاليف جا صاحب پڻ هئا.
اُنهن بزرگن وٽ نادرالوجود ڪتابخانا پڻ هئا. اهڙي
ماحول ۾، خليفي ميان محمد تي علمي صحبتن ۽ مجلسن
جو وڏو اثر غالب ٿيو. خليفي صاحب جي علمي مطالعي
جي شوق ۽ مٿي بيان ڪيل بزرگن جي ڪتبخانن ۾ علمي ۽
ناياب ڪتابن جي فراواني ۽ دستيابيءَ جو اندازو اُن
وقت ٿئي ٿو، جڏهن سندس مذڪوره رسالن جو اڀياس ڪجي
ٿو. هُن انهن ٻنهي رسالن ۾ بي انداز ناياب ڪتابن،
تفسيرن ۽ حديثن جا چپي چپي تي حوالا ڏنا آهن، جن
جو تفصيلي احوال اڳتي هلي بيان ڪنداسون.
خليفي ميان محمد جي تصنيف ۽ تاليف جي باري ۾ به ڪو مفصل احوال
نه ٿو ملي. هن وقت تائين سندس هيٺين چئن رسالن جو
ذڪر ملي سگهيو آهي:
1- تفسير آية بسم الله
2- تفسير سورة الملڪ
3- مناقب مرتضوي: هيءُ مجموعو ٽيهه اکري ۽ ڪن نظمن تي مشتمل
آهي. نسخي جي ابتدا ”مناقب علي عليہ السلام“ سان
ٿئي ٿي:
هيءُ مناقب مرتضوي، سهڻو سنڌي راءِ
ان کان پوءِ حضور نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم جي مدح ڏنل آهي:
الف الله ايڏوئي ڌڻي صاحــــب ســلطانا
جہ پيغمبر پاڪ پيدا ڪئو، پنهنجي نور منجا
ٽيهه اکريءَ جي هر هڪ بند ۾ ڪل ڏهه سٽون اچن ٿيون. ان کان پوءِ
حضرت علي عليہ السلام جي شان ۾ چار نظم ڏنل آهن.
(14)
4- افادت العينين:- هيءُ مجموعي اصل ۾ ڪنهن عربي تصنيف جو ترجمو
آهي. خليفي صاحب ان جو منظوم سنڌي ترجمو ڪيو. هن
رسالي ۾ حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم، حضرت
امام حسين رضي الله تعاليٰ عنہ ۽ حضرت شيخ
عبدالقادر جيلاني رحه جي معجزن کي منظوم ڪيو ويو
آهي. (15)
اهي مٿيان چارئي رسالا هن وقت برٽش ميوزيم لئبرري لنڊن ۾ محفوظ
آهن.
خليفي ميان محمد جيئن ته پنهنجي سموري حياتي درس ۽ تدريس سان گڏ
تصنيف ۽ تاليف ۾ گذاري، هن ضرور ٻيا به ڪيترائي
قيمتي ڪتاب ۽ رسالا. عربي ۽ فارسيءَ کان سواءِ
سنڌي زبان ۾ به لکيا هوندا، ليڪن اهي سڀئي زماني
جي انقلابن جو شڪار ٿي ويا. سنڌ جي ڪنهن به محقق
کي سندس انهن شهپارن جو ڪٿان به ڪو سراغ ملي نه
سگهيو آهي.
خليفي ميان محمد جو والد مخدوم عبدالخالق، جيئن مٿي بيان ٿي آيو
آهي ته ٺٽي جو رهاڪو هو ۽ پاڻ مخدوم محمد هاشم
ٺٽوي رحه جو معتقد ۽ مريد هو. محمد هاشم رحه جي
روحاني طريقت جو سلسلو نقشبنديءَ ۽ قادري هو، ان
ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته خليفو ميان محمد پڻ وڏن
جي انهيءَ طريقي تي هليو هوندو، ۽ نقشبنديءَ/
قادري طريقو اختيار ڪيو هوندائين.
خليفي ميان محمد جي زندگيءَ جي ٻين ڳالهين سان گڏ سندس وفات جي
تاريخ ۽ سال جو به ڪو پتو ڪونه ٿو پوي ۽ نه وري
سندس مزار جو ڪو نام ۽ نشان ملي سگهيو آهي. خليفي
صاحب جيئن ته پنهنجي زندگيءَ جو سفر ٺٽي ۾ پورو
ڪيو هوندو! انهيءَ ڪري سندس مٽيءَ پنوڙو به ٺٽي ۾
ئي ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ ٺهيو هوندو ليڪن زماني
گذرندي، سندس مزار جي ڪابه خبر ڪانه ٿي پوي. سنڌ
جو مشهور تذڪره نگار مير علي شير ”قانع“ ٺٽوي سندس
همعصر هو. افسوس آهي ته هن پنهنجي ڪتاب“ ”تحفة
الڪرام“ ۾ خليفي صاحب جي باري ۾ ڪٿي به ڪي ٻه اکر
لکڻ گوارا نه ڪيا آهن.
ڊاڪٽر شيڪل پنهنجي مرتب ڪئٽلاگ ۾ ”رسول پاڪ جي نشان ۾ شعر“ جي
نالي سان هڪ قلمي مجموعي جو ذڪر ڪيو آهي. هن
مجموعي ۾ ڪل ڇهه رسالا شامل آهن. هيءُ مخطوط 138
ورقن تي مشتمل آهي، ۽ اهو سمورو نسخو خليفي ميان
محمد جو ڪتابت ڪيل آهي. نسخي جي آخري عبارت هن طرح
ڄاڻايل آهي:
”کتبه الفقير خليفه محمد بن مرحوم عبدالخالق....
بتاريخ 21- شهر رمضان المبارک 1251هه.“ (16)
انهيءَ مٿينءَ عبارت مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته خليفو ميان محمد سن
1251هه/ 1835ع) تائين حال حيات هو. انهيءَ لحاظ
کان اهو چئي سگهجي ٿو ته خليفي صاحب نوي ورهين جي
عمر کان به مٿي، ٽالپرن جي آخري دور حڪومت ۾ فاني
جهان مان رحلت ڪئي.
مخطوطن جو تعارف
خليفو مخدوم ميان محمد ڪلهوڙن جي آخري دور حڪومت جو هڪ وڏو بزرگ
۽ جيد عالم ٿي گذريو آهي. سندس زندگيءَ جو مفصل
احوال دستياب ٿي نه سگهيو آهي، ليڪن ڪن نشانين ۽
اهڃاڻن جي روشنيءَ ۾ اسان مٿي اهو ڄاڻائي آيا
آهيون ته سندس وفات ٽالپرن جي آخري دور حڪومت ۾
ٿي. ڪلهوڙن حڪمرانن جي آخري دور سندن خانداني
رساڪشي، قتل ۽ غارت ۽ پنهنجي وفادار ٽالپر اميرن
جي ويڙهين ۽ جنگين ۾ گذريو. ان کان پوءِ سنڌ ۾
سن1198هه/ 1784ع ۾ ٽالپرن جي حڪومت جو دور شروع
ٿيو. ڪلهوڙن جي دور ۾ سنڌ جي عالمن سنڌي زبان ۾
مذهبي ڪتابن جي منظوم ترجمن جو سلسلو شروع ڪيو، جي
هتان جي مدرسن ۽ مڪتبن ۾ نصابي طرح رائج هئا. اهو
نصابي سلسلو ٽالپرن کي پڻ ورثي ۾ مليو ۽ ان دور ۾
به ڪيترن عالمن ۽ بزرگن انهيءَ نموني جا ڪتاب
لکيا. ٽالپر حڪمرانن جو آخري دور پڻ ڪلهوڙن وانگر
پنهنجي خانداني جهڙن ۽ سازشن جو شڪار ٿيو. سن.
1843ع ۾ انگريزن نهايت مڪاريءَ ۽ فريبيءَ سال
ٽالپرن کي شڪست ڏيئي، سنڌ جي آزد ملڪ واري حيثيت
کي ختم ڪيو ۽ اهڙي طرح سنڌ ۾ انگريزن جو راڄ شروع
ٿيو.
سنڌ ۾ ديني مذهبي ادب تمام گهڻو هو. سنڌ جي قديم شهرن ۾ تان جي
اعليٰ ارفع خاندانن جي پوين وٽ وڏا وڏا نادر
الوجود ڪتبخانه قائم هئا. خود رچرڊ برٽن به ان
ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ته انگريزن جڏهن سنڌ فتح
ڪئي، تڏهن سنڌ ۾ ديني ادب تمام گهڻو هو، ايترو ادب
برصغير جي ٻئي ڪنهن به صوبي ۾ ڪونه هو.(17)
انگريزن پنهنجي دور حڪومت ۾، سنڌ جي قديم عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ
۾ لکيل ڪتابن کي گڏ ڪرڻ شروع ڪيو، ۽ هتان جي ٻئي
سرمايي وانگر اُن علمي ۽ ادبي خزاني کي به کڻائي
وڃي لنڊن ۾ محفوظ ڪيو. اهڙيءَ طرح ٺٽي جي ٻين وڏن
عالمن جي منظوم سنڌي ڪتابن وانگر، خليفي ميان محمد
جا ڪتاب پڻ ڪنهن طرح سنڌ مان کڄي لنڊن جي برٽش
ميوزم ۾ وڃي پهتا. ممڪن آهي ته خليفي صاحب جو باقي
ڪتابي سرمايو اڃا به سنڌ جي ڪنهن نه ڪنهن قديم ڪتب
خاني جي ڪنڊ ۾ پاسيرو ٿيو رکيو هجي، پر ان طرف سنڌ
وارن جو توجهه تمام گهٽ وڃي ٿو. بهرحال خليفي ميان
محمد چار منظوم سنڌي رسالا، لنڊن جي پرٽش ميوزيم ۽
محفوظ آهن، جن جي سڀ کان پهريائين نشاندهي ڊاڪٽر
شيڪل صاحب پنهنجي ڪئٽلاگ ۾ ڪئي آهي. ڊاڪٽر نبي بخش
بلوچ صاحب پڻ پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي
تاريخ“ ۾ ان جو احوالو ڏنو آهي. خليفي صاحب جي
انهن مذڪور چئن رسالن مان ٻن رسالن، يعني” مناقب
مرتضوي“ ۽ ”افادة العينين“ جو مختصر تعارف، اسان
مٿي بيان ڪري آيا آهيون .خليفي صاحب جا دستياب ٿيل
باقي ٻه رسالا، ”تفسير آية بسم الله“ ۽ ”تفسير
سورة الملڪ“ جي نالن سان ملن ٿا. هتي انهن ٻنهي
رسالن جو تفصيلي تعارف ڏجي ٿو:*
1- تفسيرآية بسم الله:- هيءُ آية بسم الله جو منظوم سنڌي ترجمو
۽ تفيسر آهي، جنهن جي متعلق ڊاڪٽر شيڪل صاحب هن
طرح لکي ٿو:
” هن نسخي جو ڪاتب مختلف آهي. هن جي تختي 11+ 5 ۽ 16 سينٽي ميٽر
آهي، ۽ هر صفحي تي ستن کان نَوَ سٽون ملن ٿيون.
ڪنهن نامعلوم شاعر هيءُ نظم بسم الله جي برڪت بابت
چيو آهي. شاعري پنهنجو شاعر داستان هن ريت شروع
ڪيو آهي:
هاڻي برڪاتون بسم الله جون سُهِڻو مومنا
آهي جِہ جي بي ۾ سٺي قرآن جي معنيٰ (18)
ڊاڪٽر شيڪل جو اهو مٿيون بيان ڪجهه منجهائيندڙ آهي، سمجهه ۾
ائين اچي ٿو ته ڊاڪٽر موصوف هن سموري مخطوطي جو
پوور مطالعو نه ڪيو آهي. جيڪڏهن ان جو پورو مطالعو
ڪري ها ته ”ڪنهن نامعلوم شاعر جو لکيل نظم“ وارو
نظريو بدلائي ڇڏي ها. مخطوطي جي آخر ۾، خليفي ميان
محمد پنهنجي دور جي عالمن جي دستور مطابق پنهنجو
نالو صاف طرح سان، هن ريت ڄاڻايو آهي:
”پڻ آهي حضرت عثمان (رضه) ڪَنا هِن پر حديثا
ته جي مِڙئي خلق جَمعُ ٿئي چار هزار وَرِهَنِئا
مٿي تفسير بسم الله جي ته نه رَسنِ عُشر عَشيرا
آهي تفسير بسم الله جو پڻ وڏو عظيما
ڪير پُڄائيندو تِنہ کي ڪري تفسيرا
پر ڪارڻ تسلي مومنن جي لِکُئم ڪو قدرَا
ته ڪرين حق ۾ هن عاصيءَ جي ڪا ڌڻيءَ لڳ دعا
*
مخدوم
محمد جعفر بوبڪائي رحه جي سوانح حيات ۽
تصنيفات جي باري ۾، راقم جو تفصيلي مقالو،
ماهوار ”الرحيم“ حيدرآباد سنڌ جي آگسٽ-
سيپٽمبر 1977ع واري اشاعت ۾ شايع ٿيو.
*
مخدوم
صاحب هن ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت کي محسوس
ڪندي، عام استادن جي رهنمائيءَ لاءِ، اصل عربي
ڪتاب جو اختصار، سن 976هه/ 1568ع ۾ ”حاصل
النَهج“ جي نالي سان فارسي زبان ۾ لکيو. ان
ڪتاب جي فارسي متن کي، سنڌ جي نامياري عالم ۽
محقق، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ايڊٽ ڪري، سن
1969ع ۾ سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد/ ڄامشوري
طرفان ڇپائي پڌرو ڪيو. تازو، عربي ۽ فارسي
زبانن جي عالم ۽ لائق اديب، مولانا عبدالرسول
قادريءَ ان قيمتي ڪتاب جو سنڌي زبان ۾ ترجمو
ڪيو آهي، جنهن کي سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار
اداري حيدرآباد سنڌ مارچ 1993ع ۾ شايع ڪيو
آهي.
*
مولانا
محمد غوثي بن حسن مانڊوي 11- رجب 962هه/ 1-
جون 1955ع تي ”مانڊو“ ۾ تولد ٿيو. پنهنجي دور
جي نامور عالمن وٽان عربي ۽ فارسيءَ جا مختلف
علوم حاصل ڪري، 32 ورهين جي ڄمار ۾ فارغ
التحصيل ٿيو. پاڻ هڪ وڏو عالم ۽ صوفي بزرگ هو.
تصوف جي ”شطاري“ سلسلي جي مشهور بزرگ شاهه
محمد غوث گوالياري (907هه کان 970هه) جي خليفي
شيخ صدر الدين محمد (المتوفي 989هه) بڙدوي
واري جو دست بيعت طالب هو، هن فارسي زبان ۾
”گلزار ابرار“ جي نالي سان هڪ ڪتاب لکيو، جنهن
۾ مغل بادشاهه جهانگير جي دور جي 612 علماءِ
ڪرام ۽ مشائخ عظام جو تذڪرو بيان ٿيل آهي.
*
تازو
انهيءَ مجموعي کي محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ ”سنڌي ٻوليءَ جو آڳاٽو منظوم ذخيرو“ جي
نالي سان مرتب ڪري، سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار
اداري حيدرآباد سنڌ طرفان آڪٽوبر 1993ع ۾ پڌرو
ڪيو آهي.
*
”رائدان“
اصل ۾ ”راءِ ڏنو“ جي بگڙيل صورت آهي. ان سمي
حاڪم جو پورو نالو صدرالدين شاهه ڄام سنجر عرف
راءِ ڏنو هو. سندس حڪمرانيءَ جو دور سن 1454ع
کان 1461ع تائين هو. (غلام محمد لاکو: ”سمن جي
سلطنت“، پاڪستان اسٽڊي سينٽر ڄامشورو، سنڌ،
1978ع، ص 13).
*
مخدوم
عبدالخالق، ٺٽي جي بلند مرتبي جي عالمن مان ٿي
گذريو آهي. سندس زندگيءَ جي باري ۾ وڌيڪ تفصيل
سان ڪوبه احوال ڪونه ٿو ملي. خانبهادر محمد
صديق ميمڻ جي قول مطابق ته پاڻ مخدوم محمد
هاشم ٺٽُي رحه جي پيارن شاگردن ۽ مريدن مان هڪ
هو. مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي قائم ڪيل
درسگاهه ۾ نائب معلم طور درس ۽ تدريس جو ڪم
ڪندو هو.
مخدوم عبدالخالق سن 1157هه/1744ع
۾ ”طريقة المحمدي“ تان سنڌي نظم ۾ هڪ ڪتاب
”مطلوب المومنين“ جي نالي سان جوڙي راس ڪيو.
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي کي اهو ڪتاب ڏاڍو پسند
پيو، جنهنڪري ان کي پنهنجن ٻن ڪتابن
”زدالفقير“ ۽ ”راحت المومنين“ سان شامل ڪري
ڇڏيائين. اهي ٽيئي ڪتاب هڪ مجموعي جي صورت ۾
اڄ تائين شايع ٿيندا اچن ٿا. مخدوم عبدالخالق
جي وفات جي باري ۾ ڪو احوال ڪونه ٿو ملي.
(محمد صديق ميمڻ: ”سنڌ جي ادب تاريخ“ ڀاڱو
پهريون، ص 88 کان 90)
*
راقم
کي انهن ٻنهي رسالن جي فوٽو ڪاپي، پنهنجي
نوجوان دوست ۽ اديب، ڊاڪٽر عبدالرزاق گهانگهري
کان استفادي لاءِ ملي. ڊاڪٽر گهانگهرو، مهراڻ
يونيورسٽي ڪاليج آف انجنيئرنگ ائنڊ ٽيڪنالاجي
نواب شاهه جي شعبه اسلاميات ۾ اسسٽنٽ پروفيسر
آهي. سن 1990ع ۾ ”سنڌي زبان ۾ قرآن پاڪ جي
ترجمن ۽ تفسيرن جو تحقيقي جائزو“ جي عنوان سان
هڪ تحقيقي مقالو لکي، سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري
مان پي. ايڇ. ڊي جي سند ورتي اٿائين. هن صاحب
پنهنجي تحقيق دوران، مذڪور ٻنهي رسالن تائين
رسائي حاصل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، پر اهي کيس
ٿيسز جي تيار ٿيڻ کان پوءِ ئي دستياب ٿي
سگهيا.
|