تاج جويو
سنگت پرچي ”سنڌي ڪهاڻي نمبر“ جو اڀياس
”سنڌي ادبي سنگت“، سنڌي اديبن جي ايڪتا ۽ اتحاد جو هڪ اهڙو
ادارو آهي، جتان اسين نه رڳو پنهنجي سچي سڃاڻپ(Identity)
حاصل ڪريون ٿا، پر اُن جي ادبي ڪلاسن ۽ ميڙن مان
سکيا پڻ وٺون ٿا ۽ اُتساهه
(Inspiration)
به پرايون ٿا. ”سنڌي ادبي سنگت“ جو وجود هڪ اهڙي
ڇايه دار وڻ جهڙو آهي، جنهن جي گهاٽي ڇانَو ۾
زندگيءَ جي نٽهڻ اُس دوران اچي آرام ڪندا آهيون.
ٻين لفظن ۾ سنڌي ادبي سنگت، اسان سنڌي اديبن جو
سکيا گهر، اسان جو سڃاڻپ ڪارڊ
(Identity Card) ۽ اسان جي پناهه گاهه آهي. سنگت جي پليٽ فارم تان اسان نه رڳو
پنهنجي ادب جي ساڃاهه پرائي آهي، پر پنهنجي شخصي ۽
قومي وجود جي اهميت به محسوس ڪئي آهي.
سنگت ۽ ان سان وابسته اديبن، پنهنجي محدود وسيلن ۽ بي سرو
سامانيءَ آهر جيڪو ادبي سفر شروع ڪيو آهي، اهو وقت
۽ حالتن جي ڏکياين جي باوجود هر دور ۾ جاري رهيو
آهي، رُڪيو نه آهي. اسان جي رفتار ماٺي ضرور ٿي
هوندي، پر اسان ”هلڻ، ”پنڌ ڪرڻ“ ۽ ”وڌڻ“، ڪنهن به
دور ۾ وساريو نه آهي ۽ اڄ به سنگت هلي پيئي، پنڌ
ڪري پيئي ۽ اڳتي وڌي پيئي. سنگت سان لاڳاپيل
اديبن، پوئتي موٽ (رجعت) کي پنهنجي لاءِ مهڻو ۽
ميار تصور پئي ڪيو آهي ۽ پنهنجي ادبي سفر/ تخليقي
سفر کي بيهڻ نه ڏنو آهي. ”ترقي“ ۽ ”ارتقا“ سنگت جو
بنيادي اُصول رهيا آهن. اسان جي اها ترقي ۽ ارتقا
شعور جي روشنيءَ، روشن خياليءَ، بي تعصبيءَ،
انسانيت ۽ زندگيءَ جي قدرن سان هم آهنگ رهي آهي.
اسان جيڪي به جدوجهد ڪئي آهي. اسان جيڪي ڪجهه به
تخليق ڪيو آهي، اُن ۾ زندگيءَ ۽ زندگيءَ جي حسن جا
رنگ موجود رهيا آهن. اسان ڪوڙهيي سماج جي قبيح
مُنهن تان پردو هٽائي، سونهن، سُرهاڻ، سُرهائيءَ ۽
سچ جي روشن رُخ جو مهورت ڪيو آهي.
اڄ سنڌي ادبي سنگت جي قيادت، اسان جي ٽهيءَ جي نمائنده شاعر ادل
سومري ۽ سندس ساٿين جي هٿ ۾ آهي. هي دوست واد وواد
۽ آزمائش جي اڻانگي پيچرن تي ڪامياب سفر ڪري رهيا
آهن. کين هن سفر ۾ ڪٿي تنقيد جا تير سهڻا پيا
هوندا، ڪٿي تنظيمي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو
هوندو، ڪٿي مالي وسيلن جي اڻهوند سندن پيرن ۾
ڏانوڻ وڌا هوندا، ڪٿي ”تريءَ تي بهشت“ ڏيکارڻ جهڙا
تڪڙا مطالبا ٿيا هوندا. آءٌ خود به ان ڪَنڊائين
پيچري تان گذريو آهيان ۽ سنگت جي قيادت تي رهڻ
وارن چند سالن جي تجربي مان مون کي خبر پيئي آهي
ته ميدان کان ٻاهر ويهي ”تنقيد ڪرڻ“، رايا ڏيڻ،
وِڏون ڪڍڻ ۽ مطالبا ڪرڻ آسان ڳالهه آهي، پر سنگت
جي تنظيم ڪاري ڪرڻ ۽ ان کي منظم رکڻ وڏي ڳالهه
آهي؛ خاص ڪري اُن صورت ۾، جڏهن سنگت جا مالي.
وسيلا محدود هجن، عهديدار نوڪري پيشه هجن ۽ مطالبا
۽ تقاضائون لامحدود هجن. سنگت جا سيمينار، ورڪشاپ،
اڀياسي پروگرام رٿڻ ۽ اشاعتي پروگرام کي جاري رکڻ،
اڪ جي ماکي لاهڻ نه آهي. ان لاءِ وقت، صلاحيتن ۽
پئسي جي ضرورت پوي ٿي.
سنڌي ادبي سنگت آڏو رڳو ادب جا مسئلا نه آهن، اديبن جا مسئلا
آهن، ادب ۽ سماج جي لاڳاپن جا مسئلا آهن، تنظيمي ۽
شخصي انائن جا مسئلا آهن. ادبي تخليقن ۽ صنفن جي
سکيا ۽ سمجهه جا مسئلا آهن، سنڌي ٻوليءَ، ثقافت ۽
قومي وجود بقا جا مسئلا آهن- اهي سڀ مسئلا چند
مرڪزي عهديدار ۽ شاخن جا سيڪريٽري حل ڪري نه ٿا
سگهن، پر اُن لاءِ اسان سڀني کي پنهنجون صلاحيتون،
سوچون، وسعتون ۽ وسيلا استعمال ڪرڻ گهرجن.
سنگت جي موجوده قيادت کي ڪم ڪندي هڪ سال پورو ٿيڻ وارو آهي. چوڻ
وارا ته چئي سگهن ٿا ته سنگت پبليڪيشن جو صرف هڪ
پرچو ڪڍيو ويو آهي، شاعريءَ جي سکيا بابت صرف هڪ
ڪيسٽ جاري ڪئي ويئي آهي ۽ چند ادبي ايوارڊن جا
اعلان ڪيا ويا آهن. ناقد، تنقيد جا نشتر هن طرح به
هڻي سگهن ٿا ته سنگت بيمار اديبن لاءِ ڇا ڪيو؟
عبدالله مگسيءَ جو علاج نه ڪرائي سگهي؛ سنڌ جي
قومي مسئلن تي ڪهڙو موقف اختيار ڪيو ويو؟ اهي سڀ
ڳالهيون درست، پر ڇا سنگت ۽ ان جي شاخن سان واڳيل
اديبن ڪڏهن پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائي اندر جي جج
(ضمير) کان پڇيو آهي ته هنن پاڻ ڪهڙو ڪردار ادا
ڪيو آهي؟
يقيناً اسان مان اڪثر ان ”سڀ ڪجهه“ ڪرڻ واريءَ ڪسوٽيءَ تي پورا
نه لٿا هوندا. ڪجهه دوست ضرور پورا لٿا به هوندا،
۽ اُنهن جي ئي محنتن، صلاحيتن، ساهس، مدد ۽
اُتساهه وسيلي ئي هيءُ ”ٿورو ڪجهه“ ٿيو آهي.
جيڪڏهن اهو ”ٿورو ڪجهه“ ئي اسان سنگت جي هر شاخ ۽
هر شهر ۾ ڪندا رهون ته سنگت جي اجتماعي ڪارڪردگيءَ
۾ اِهو اسان جو انفرادي ”ٿورو ڪجهه“، اجتماعي طرح
”گهڻي ڪجهه“ بلڪ ”سڀڪجهه“ ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو.
سنگت جي موجوده سيڪريٽريءَ [ادل سومري] ۽ اُن جي ساٿين 14- ادبي
ايوارڊ (مختلف شاخن کان) حاصل ڪيا آهن؛ ”شاعريءَ
جي بنيادي سکيا“ جي هڪ ڪيسٽ جاري ڪئي آهي: هڪ
”ڪهاڻي ڪانفرنس“ ڪرائي آهي ۽ سنگت پبليڪيشن جو هڪ
پرچو ”سنڌي ڪهاڻي نمبر“ ڪڍيو آهي. ڇا اِها
ڪارڪردگي ٿوري آهي؟ نه، اها ڪارڪردگي وسيلن ۽ وت
آهر ”ڪافي “ آهي، پر اسان جي دوستن (سنگت جي مرڪزي
عهديدارن) کي هروڀرو اِن خوش فهميءَ ۾ به مبتلا نه
ٿي وڃڻ گهرجي ته هننِ ”گهڻو ڪجهه“ ڪيو آهي، بلڪ
کين پڪو ارادو ۽ اٽل عزم ڪرڻ گهرجي ته ايندڙ سال ۾
هو انِ کان به ”وڌيڪ ڪجهه“ ڪري ڏيکاريندا. تاج
جويي ۽ غلام حسين رنگريز جي دور کان سندن قدم ڪافي
اڳتي هوندا ۽ نون قدرن ۽ نين روايتن جا باني
بنجندا، ڇو ته ارتقا جو اُصول آهي ته ”ڪلهه“ کان
”اڄ“ اڳتي هجي ۽ ”اڄ“ کان ”سڀاڻو“ وڌيڪ بهتر هجي
۽ اها اميد آءٌ سنگت جي موجوده سيڪريٽري جنرل ادل
سومري ۽ سندس ساٿين مان رکان ٿو. ادل سومرو يقيناً
مون کان ۽ پنهنجي ساٿين کان تخليقي طرح ۽ صلاحيتن
جي حوالي سان اڳڀرو آهي، اُن ڪري کيس پنهنجي
تخليقي صلاحيتن ذريعي سنگت جي هن اداري کي وڌيڪ
سگهارو ۽ تخليقي بنائڻ گهرجي.
ادل سومري ڪنهن دوست هٿان مون ڏانهن سنگت جي سالياني پروگرام جو
دعوتنامو ۽ سنگت پبليڪيشن جو ”سنڌي ڪهاڻي نمبر“
ڏياري موڪليو ۽ گڏوگڏ حڪم پهتو ته ”ڪتاب ۽ ڪيسٽ جي
مهورت“ واري پروگرام ۾ مون کي مقالو پڙهڻو آهي.
ادل جو حڪم، حاضر سائين، انڪاري ڪيئن ڪبو.
ته منهنجي آڏو سنگت جو ستون پرچو ۽ ادل سومري جي ايامڪاريءَ جو
پهريون پرچو ”سنڌي ڪهاڻي نمبر“ موجود آهي، جنهن ۾
ادل، ”پنهنجي پاران“ هڪ صفحو لکي، پنهنجي سمورين
مشڪلاتن ۽ مصروفيتن جو ذڪر ڪري ڇڏيو آهي، باقي
ستين صفحي کان هڪ سؤ سٺ صفحي تائين ڪتاب ۾ سمايل
سموري مواد تي مون کي مقالو لکڻو يعني ”تنقيدي
نظر“ وجهڻي آهي. سنڌي زبان ۾ تنقيد جي صنف اڳي ئي
ڪچي
(immature)
۽ وري مون کي ”تنقيدي نظر“ وجهڻي آهي ”سنڌي ڪهاڻي
نمبر“ تي.
سنڌي ادبي سنگت، سنڌ جي نون ڪهاڻيڪارن جي ڄاڻ، اڀياس ۽ سکيا
لاءِ ڪهاڻي جي ٽيڪنڪ، سنڌي ڪهاڻي جي اوسر، دوران،
اهم ۽ نون ڪهاڻيڪارن جي ڪهاڻين تي مشتمل هيءُ پرچو
”سنڌي ڪهاڻي نمبر“ ڪڍي، سچ پچ جس جوڳو ڪم ڪيو آهي.
سنڌي نثري ادب ۾ ڪهاڻي اُها صنف آهي، جنهن سڀ کان وڌيڪ ترقي ڪئي
آهي ۽ اها ٻين سمورين نثري صنفن کان وڌيڪ لکي،
پڙهي ۽ ڇپي وڃي ٿي. اُها معياري آهي يا ڪمزور آهي.
اِهو تنقيد جو موضوع آهي ۽ سنڌيءَ ۾ تنقيد جي صنف
خاص ڪري سنڌ ۾ [هند ۾ نه] ڪچي
(immature)
آهي، ۽ ڪهاڻيءَ جي حوالي سان [هن وقت] تنقيد جي
وڏي کوٽ آهي. اسان وٽ هن وقت ڪهاڻيءَ جا نقاد
آڱرين تي ڳڻڻ جيترا به ڪونهن. ولي رام ولڀ، ظفر
حسن، قاضي خادم، ممتاز مهر، رئوف نظاماڻي ۽... ”۽“
کان پوءِ هڪ وڏو خال آهي. خاص ڪري نئين ڪهاڻيءَ جي
حوالي سان اسان وٽ تنقيد جي کوِٽ آهي ئي ڪانه.
مُون ڪجهه وقت آڳاٽو لعل پشپ جو ڪتاب ”درشٽي ۽
درسني“ پڙهيو هو، جنهن ۾ هن ڪهاڻيءَ تي تنقيد جي
کوٽ يا نه هئڻ جا ٽي مکيه سبب: (1) هڪٻئي لاءِ
رزرويشن؛(2) ڪهاڻين جو ٽڙيل پکڙيل مخزنن ۾ ڇپجڻ، ۽
(3) تنقيد ڇپجڻ جو خاص بندوبست نه هئڻ- ڄاڻايا
هئا.
هڪٻئي لاءِ رزرويشن واري رويي کي سولي سنڌيءَ ۾ ”ياري باشيءَ
وارو رويو“ به سڏي سگهون ٿا، جنهن جو حاصل مطلب
اهو وڃي نڪري ٿو ته اڪثر ڪري اسان جا اديب [نقاد
نه] پنهنجن دوستن جي ڪهاڻين جي تعريف ۽ پبلسٽي
ڪندا آهن، موٽ ۾ اها اميد رکندا آهن ته اُهي به
سندن تعريف ڪن. ورهاڱي کان اڳ ۽ ورهاڱي کان پوءِ
1970ع تائين تنقيد جو اهو لاڙو گهٽ هو پر هن وقت
اهو شدت سان محسوس ٿي رهيو ته اُن دور جا اديب/
ڪهاڻيڪار، پنهنجن همعصر اديبن تي تنقيد ڪن ئي ڪونه
ٿا. نتيجي طور سندن ديکاديکي نون ڪهاڻيڪارن/ اديبن
۾ هڪٻئي لاءِ رزرويشن وارو رويو وڌي رهيو آهي،
جنهن ڪري اها شڪايت عام ٻُڌڻ ۾ اچي ٿي ته ”سٺي
ڪهاڻيءَ جي کوٽ آهي.“ ”سُٺي ڪهاڻي، سٺا نقاد پيدا
ڪندي آهي“، اها ڳالهه هڊسن پنهنجي ڪتاب
An Introduction to Study of literature` ۾ چئي آهي ۽ اسان وٽ هڪٻئي لاءِ رزرويشن ۽ تعريف وارو رويو ۽
يار باشيءَ ۾ ”وهي وڃڻ“ واري راءِ، مجموعي سنڌي
ادب ۽ خاص ڪري”ڪهاڻي“ لاءِ نهايت هاڃيڪار آهي.
نتيجي طور اسان وٽ اها تنقيد پيدا ٿي نه سگهندي،
جيڪا جمال ابڙي جي ڪهاڻين تي محمد ابراهيم جويي،
سراج ۽ رسول بخش پليجي ڪئي ٿي يا جيڪا تنقيد موهن
ڪلپنا، منگهارام ملڪاڻي، هيروشوڪاڻي، لعل پشپ، ظفر
حسن، ولي رام ولڀ ۽ طارق اشرف ڪري سگهيو ٿي.
اسان وٽ ”ڪهاڻيءَ“ جي اڀياس ۽ ترقيءَ لاءِ ڪو خاص رسالو ڪونهي:
ڪهاڻيون ڌار ڌار اخبارن، رسالن، ڪتابي سلسلن ۽
مخزنن ۾ ڇپجنديون رهن ٿيون، جن جو مطالعو سڀني جي
وس جي ڳالهه نه آهي ۽ هر رسالو، هر اخبار ۽ هر
ڪتاب، هرڪو نٿو خريد ڪري سگهي، نتيجي طور ڪهاڻيءَ
جي ارتقا جو اڀياس اڻپورو رهي ٿو. ڪهاڻين جا گهڻا
۽ گڏيل مجموعا ڇاپڻ سان به اها کوٽ پوري ڪري سگهجي
ٿي. هن وقت ڪجهه نوجوانن جي ڪهاڻين جا مجموعا وقفي
وقفي سان ڇپجي پڌرا ٿيندا رهن ٿا، پر انهن تي ٻه
اکر يا مهاڳ اڪثر سندسن لکيل هوندا آهن يا ”تون
مون کي حاجي چئه، مان توکي غازي چوان“ واري اصول
تي لکيل هوندا آهن. نتيجي طور سندن ڪهاڻي تي جيڪا
اصلاحي ۽ فني تنقيد ٿيڻ گهرجي، سا نه ٿي ٿئي.
زندگي پبليڪيشن پاران مرتب ڪرايل ”مهراڻ جون ڇوليون“ تي ثميره
زرين جو مهاڳ (جيڪو سنگت جي هن پرچي ۾ شامل آهي)،
ساهتيه اڪيڊميءَ (ڀارت) پاران ڇپايل ”چونڊ سنڌي
ڪهاڻيون“ جي ٻن جلدن تي ڪلا ريجهسنگهاڻيءَ، گوبند
مالهيءَ ۽ هريش واسواڻيءَ جا لکيل مهاڳ، ڪهاڻيءَ
بابت نه رڳو معلوماتي اڀياس مهيا ڪن ٿا، پر اُن تي
تنقيد به آهن، پر ان قسم جا مهاڳ اسان وٽ [هتي
سنڌ ۾] محنت ڪري نه ٿا لکيا وڃن. هندستان ۾ سنڌي
ڪهاڻيءَ تي تنقيد وڏي ترقي ڪئي آهي. ڪيرت ٻاٻاڻيءَ
جو ڪتاب ”سنڌي ڪهاڻي- ورهاڱي بعد“، جڳديش لڇاڻيءَ
جو ڪتاب ”نئون ساهت“، لعل پشپ جو ڪتاب ”درشٽي ۽
درسني“، هريش واسواڻيءَ جا ڪتاب ”جائزو“ ۽ ”چاليهه
چوراسي“، اي. جي اُتم جو ”سنڌي ڪهاڻي، ناٽڪ ۽
تنقيد“، شيام جئسنگهاڻيءَ جو ”نوان اُفق“،
منگهارام ملڪاڻيءَ ۽ ٻين جون ڪونج، نئين دنيا،
سنڌو ڌارا وغيره رسالن ۾ ڪيل تنقيدون ان ڏس ۾ وڏو
واڌارو آهن، پر اسان وٽ ممتاز مهر جي ڪتاب
”ويچار“، منصور پبليڪيشن جي ڪتاب ”چار ڪهاڻيڪار-
چار نقاد“، قاضي خادم جي ڪتاب ”ادب ۽ روايتون“،
ذوالفقار راشديءَ جي ڪتاب ”ڪسوٽيءَ“ جا ٻه ٽي
مضمون، مهراڻ، آرسي، روح رهاڻ، سهڻي ۽ ٻين رسالن ۾
شايع ٿيل ڪجهه مضمون، ولي رام ولڀ، ظفر حسن ۽ ٻين
ايڪڙ ٻيڪڙ اديبن جا ڪهاڻيءَ بابت تنقيدي مضمون ئي
تنقيدي ذخيرو آهن. نتيجي طور نئين ڪهاڻيڪار کي
رهبري
(guidance)
آخر ملي ڪٿان؟ اسان وٽ تنقيد جي اهميت تي ابراهيم
خليل جو ڪتاب ”ادب ۽ تنقيد“، الهداد ٻوهئي جو ڪتاب
“تنقيدون“، شمس الدين عرساڻيءَ جو ڪتاب ”سنڌي ادب
۾ تنقيد“، احسان بدويءَ جو ڪتاب ”تنقيد ۽ تنقيد
نگاري“، رسول بخش پليجي جا ٻه ڪتاب ”انڌا اونڌا
ويڄ“ ۽ ”سنڌي ذات هنجن“، بدر ابڙيءَ جو ڪتاب
”تنقيد نگاريءَ جو ارتقائي جائزو“، تنقيد جي اهميت
۽ مجموعي ادبي تنقيد بابت آهن، پر شاعريءَ
ڪهاڻيءَ، ناول ۽ مضمون تي جدا جدا تنقيدي ڪتاب
موجود نه آهن. اسان وٽ ادب جي تاريخ ۽ مختلف صنفن
تي ليک ڪجهه ڪتابن ۾ تنقيدي مواد ملي ٿو، پر اُنهن
جي تنقيدي اهميت هندستان ۾ ڇپيل تنقيدي مواد جي
ڀيٽ ۾ گهٽ آهي. اُتي نه رڳو ڪهاڻيءَ تي تنقيد
نگاري آهي، پر ناول. مضمون شاعريءَ ۽ ادب جي ٻين
صنفن تي به وسيع تنقيدي ۽ تحقيقي مواد ملي ٿو. سنڌ
۾ سينئر ڪهاڻيڪارن جي ڪهاڻين تي مهراڻ، روح رهاڻ،
سهڻي، آرسي ۽ ٻين رسالن ۾ ڪيتريون سٺيون ۽
لاڀائتيون تنقيدون ٿيل آهن، پر اُنهن جي مطالعي
لاءِ لائبرريون ڪير اٿلائي! اسان وٽ هن وقت ڇپجندڙ
اڪثر رسالا نيم ادبي، نيم سياسي، نيم فلمي ۽ نيم
صحافتي آهن. نج ادبي رسالن ۾ ٽماهي ”مهراڻ“ ۽
ماهوار ”ڪينجهر“ کان سواءِ ٻيو ڪو خاص رسالو
موجوده ڪونهي، پر انهن رسالن ۾ به تنقيد جي صنف کي
رٿا. ۽ سوچيل گنڀيرتا سان نه کڻي سگهيا آهيون.
مهراڻ، روح رهاڻ، سهڻي، آرسي ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپيل
ڪهاڻين ۽ اُنهن تي ٿيل تنقيدن جا انتخاب ڇپجڻ
گهرجن. سنڌي ادبي بورڊ ”عظيم سنڌي افسانا“،
سنڌالاجيءَ ”چونڊ سنڌي افسانا“ پاڪستان پبليڪيشن
”مهراڻ جون ڇوليون“ ۽ ”بهترين سنڌي ادب“، طارق
اشرف ”يادگار ڪهاڻيون“، ”عظيم ڪهاڻيڪارن جون
ڪهاڻيون“، ولي رام ولڀ ”ٽين دنيا جون ڪهاڻيون“
وغيره ترتيب ڏيئي/ ڏيارائي ڪتاب شايع ڪرايا هئا،
پر سواءِ ”مهراڻ جون ڇوليون“ جي ٻين انتخابن ۾
تفصيلي، تحقيقي ۽ تنقيدي مهاڳ نه لکيا ويا آهن.
چيو وڃي ٿو ته مرحوم طارق اشرف سنڌي مختصر ڪهاڻيءَ
جي انٿالاجي ترتيب ڏيئي، سنڌيڪا اڪيڊميءَ کي ڇپائڻ
لاءِ ڏني هئي ۽ بقول غلام نبي مغل ته مرحوم طارق
اشرف ان ڪتاب تي 150 صفحن جو مهاڳ لکڻ جو ارادو
رکيو ٿي ۽ اُن لاءِ ابتدائي نوٽس به ورتائين. ان
مهاڳ/ منصوبي کي سنڌ ۾ صرف هڪڙو ماڻهو مڪمل ڪري
سگهي ٿو، جيڪو آهي ولي رام ولڀ. سنڌيڪا وارا يا
جيڪڏهن سنڌي ادبي سنگت چاهي ته اها عظيم رٿا جلد
ڇپائي سگهن ٿا، تازو ڪجهه عرصي کان اِها سٺي روايت
پيئي آهي ته طارق اشرف، غلام نبي مغل جي ڪهاڻين جي
ڪليڪشن ”سٺ ستر اسي،“ سنڌيڪا وارن خير النساءِ
جعفريءَ جي سمورين ڪهاڻين [۽ ٻين تخليقن] جو گڏيل
مجموعو ”منهنجو تخليقي سفر“، طارق اشرف جي سمورين
ڪهاڻين جو ڪتاب ”بند اکين ۾ يادون ۽ سپنا“، روشني
پبليڪيشن ”نسيم کرل جون ڪهاڻيون“ ماڻڪ جي ناول ۽
ڪهاڻين جا مجموعا ڇپايا آهن، جن جو مطالعو نئين
ٽهيءَ جي ڪهاڻيڪارن کي سنڌي ڪهاڻيءَ جي سفر کان
آگاهه ڪري سگهي ٿو. علي بابا جي سمورين ڪهاڻين جي
مجموعو پڻ روشني پبليڪيشن آڻي رهي آهي. جمال ابڙي
جي ڪهاڻين [ٻين تخليقن ۽ سنڌي ڪهاڻين تي ٿيل
تنقيد] تي مشتمل ڪتاب ”جمال ابڙو، ڪهاڻيون، مضمون،
شخصيت“ سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي ڇپائي پڌرو ڪيو
آهي. اهڙيءَ طرح سراج، آغا سليم، ثميره زرين، امر
جليل، ماهتاب محبوب، نور الهديٰ شاهه، حميد سنڌي،
ظفر حسن، ماڻڪ، موهن ڪلپنا، نجم عباسي، رشيد ڀٽي،
اياز قادري ۽ غلام رباني وغيره جي ڪهاڻين جا مڪمل
مجموعا ڇپائي پڌرا ڪيا وڃن. ان کان سواءِ ضرورت ان
ڳالهه جي آهي ته انهن ڪهاڻين جي ڪتابن جي مڪمل ڇنڊ
ڇاڻ ٿيل هجي ۽ انهن تي تنقيدي اڀياس لکيا وڃن،
جيئن نئون نسل سنڌي ڪهاڻيءَ جي اوسر، مختلف دورن ۽
ڌارائن کان واقف ٿي سگهي. سنڌي ادبي سنگت جيڪڏهن
سال ۾ ڪنهن هڪ ڪهاڻيڪار جي مڪمل مجموعي [تنقيدي
اڀياس سميت] جي رٿا اشاعت لاءِ هٿ ۾ کڻي ته وڏي
ڳالهه ٿيندي. سنڌي ادبي بورڊ، سنڌالاجي ۽ انفرادي
طرح قائم اداران نيو فيلڊس پبليڪيشن، سنڌي ساهت
گهر، روشني پبليڪيشن، سنڌيڪا اڪيڊميءَ ۽ سڳنڌ
پبليڪيشن کي ان طرف توجهه ڏيڻ گهرجي.
اهڙيءَ طرح ضرورت واري وقت ۾، سنگت پاران ”سنڌي ڪهاڻي نمبر“
اونداهيءَ ۾ ترورو محسوس ٿي رهيو آهي. هيءُ پرچو
ٽن حصن ۾ ورهايل آهي (1) مقالا (2) ڪهاڻيون (3)
ڪالم- رپورٽ. مقالن واري ڀاڱي جو پهريون مقالو
امير علي چانڊئي جو”ڪهاڻي ۽ اُن جا ترڪيبي جزا“
آهي. ليکڪ هيءُ مقالو وڏي محنت، مطالعي ۽ ذهني
عرقريزيءَ بعد تيار ڪيو آهي. نون ڪهاڻيڪارن لاءِ
هيءُ مقالو ”گائينڊ لائين“
(guide line)
جو ڪم ڏئي سگهي ٿو. امير علي چانڊيو صاحب انگريزي
ادب جو شاگرد آهي، ان ڪري پنهنجي مقالي ۾ هن
انگريزي لفظ، فقرا ۽ جملا حد کان وڌيڪ ڪم آندا
آهن، جنهن ڪري نئين پڙهندڙ ۽ انگريزيءَ کان غير
واقف کي مطالعي وقت تڪليف ٿيندي. مختصر ڪهاڻي
(Short Story)
بنياديءَ طرح انگريزيءَ کان ادب وسيلي اسان وٽ آئي
آهي، انڪري اُن جي ترڪيبي عنصرن ۽ قسمن جي بيان يا
حوالن وقت انگريزي لفظ، محاورا فقرا
(Phrases)
۽ جملا ڪم آندا ويا آهن، جن مان ڪيترن جو ترجمو به
ممڪن هو، جنهن طرف ليکڪ گهٽ غور ڪيو آهي. بهرحال،
ان مختصر خاميءَ جي باوجود هيءَ مضمون وڏي ڄاڻ
مهيا ڪندڙ آهي، جنهن لاءِ ليکڪ جس جو مستحق آهي.
سنڌيءَ ڪهاڻيءَ جو شروعاتي دور (جگديش لڇاڻي)،
سنڌي افسانن ۾ سنڌي سماج جي عڪاسي (نور افروز
خواجه)، سنڌ جي سنڌي ڪهاڻي (موهن ڪلپنا) ۽ سنڌي
افسانن جي اوسر (ثميره زرين) وارا مضمون، هن کان
اڳ پرک، مهراڻ جون ڇوليون ۽ آرسي رسالن ۾ ڇپجي چڪا
آهن، پوءِ به اهي چارئي مضمون ۽ امير علي چانڊئي
جو مقالو پرچي جي سونهن آهن. نور افروز خواجه واري
مضمون جي عنوان جي نسبت سان اُن کان وڌيڪ بهتر
مضمون/ مقالا، اي. جي. اُتم جو ”سنڌي ڪهاڻيءَ ۾
سنڌي زندگي“ [ڪتاب: ”سنڌي ڪهاڻي، ناٽڪ ۽ تنقيد]،
پروفيسر هيري شيوڪاڻيءَ جو ”سنڌي ڪٿا ساهتيه ۾
سنڌي جيون“ [ڪتاب: جائزو] اڳ ۾ ڇپجي چڪا آهن جن جي
ڀيٽ ۾ نور افروز خواجه جو تجزيو مختصر ۽ سطحي لڳي
ٿو. جگديش لڇاڻيءَ، موهن ڪلپنا ۽ ثميره زرين جا
مقالا سنڌي ڪهاڻيءَ جي شروعاتي دور ۽ ورهاڱي
کانپوءِ جي سنڌي ڪهاڻيءَ تي بهترين تحقيقي ۽
تنقيدي مقالا آهن، جن مان سنڌي ڪهاڻيءَ جي مڪمل
سفر جي خبر پوي ٿي ۽ معلوم ٿئي ٿو ته اسان جي
ڪهاڻيڪارن جو ادبي ارتقائي سفر ڪيئن رهيو آهي. هنن
ٽنهي مقالن جو تحقيقي ۽ تنقيدي معيار اعليٰ آهي ۽
خاص ڪري موهن ڪلپنا جو تحقيقي ۽ تنقيدي معيار
نهايت بلندي آهي هي مقالا جيترا معلوماتي
(Informative)،
تنقيدي ۽ تحقيقي حوالي سان مڪمل آهن، اوتريون هنن
مقالن ۾ ڇپائيءَ [پروف] جون غلطيون وڌيڪ آهن. پروف
جون غلطيون سڄي ڪتاب ۾ حد کان وڌيڪ آهن. سنگت جي
مرڪزي عهديدارن جي نگرانيءَ ۾ ڇپيل هن پرچي ۾ پروف
جي ايڏين غلطين جي موجودگي، پرچي جي سڄي اهميت ۽
سونهن کي داغدار بنائي ڇڏي ٿي.
موهن ڪلنپا جو تنقيدي شعور ۽ جائزي جو انداز مڪمل
Perfect))
۽ بلند آهي. اهڙو تنقيدي جائزو ۽ شعور سنڌ جي
اديبن وٽ گهٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. سنڌ جي ڪهاڻيءَ ۽
پنهنجي ثقافت، معاشري ۽ تاريخ سان لاڳاپي تي بحث
ڪندي موهن لکي ٿو: ”اِن ڪُنڊ کان ڏسجي ته پنهنجي
ثقافتي، معاشرتي ۽ تاريخي نقطه نظر موجب اڄوڪي سنڌ
جو ڪهاڻيڪار، هند جي سنڌي ڪهاڻيڪار کان چيتنا
[شعور] جي سطح تي وڌيڪ سجاڳ آهي.“
هن ۽ سنڌ جي سنڌي ڪهاڻيءَ تي موهن هڪڙي جملي ۾ ڪيڏي نه ڀرپور
راءِ ڏني آهي ”سنڌي ڪهاڻيءَ جي ٻوليءَ ۾ ڳوٺن جي
خوشبو آهي، پر شهريت جو اهو تيزاب نه آهي، جو هند
جي سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ موجود آهي.“
سنڌ ۽ هند ڪهاڻيءَ جي گڏيل مطالعي جي اهميت، مٿئين پسمنظر ۾
ڪهڙي نه ڀرپور انداز ۾ بيان ڪئي اٿس:
”پاڪستان [سنڌ] ۾ ڪو ڪلڪتو يا بمبئي مهانگر ناهي، جو اُن (سنڌي)
زبان کي زهر بخشي. هتي اسان وٽ سنڌي ڳوٺ ناهن، جو
زبان مان مٽيءَ جي خوشبوءِ اچي، پر مرڪب ثقافت
موجب سرحد جي ٻنهي ڪهاڻين کي گڏي پڙهجي ته غضب ٿي
وڃي.“
ڪهاڻيءَ ۾ فڪر ۽ ڪلا
(art)
جي گڏيل اهميت هن طرح بيان ڪري ٿو: ”ڪهاڻي، فقط
فڪر ۽ ويچار جي محور تي نٿي ڦري، ڪلا اُن مٿان
پنهنجي جوت ڪري ٿي. جيڪڏهن ڪلا کي ڇڏي ڏجي ته
دُنيا ڀر جا بهترين ڪتاب چند سٽن ۾ لکي سگهجن ٿا.“
موهن ڪلپنا جي تنقيدي تحقيقي مقالي ”سنڌ جي سنڌي ڪهاڻيءَ“ جو
اڀياس ڪرڻ کان پوءِ، سنڌ ۾ سرجندڙ تنقيد جو جائزو
وٺجي ٿو ته وزن جي خبر پئجيون وڃي ٿي. هند ۾ شايع
ٿيل ان قسم جي مضمونن ۽ ڪتابن کي سنڌ ۾ ٻيهر ڇپائڻ
جي سخت ضرورت آهي. موهن ڪلپنا جي ٻولي، سنڌ جو
سنڌي پڙهندڙ چڱيءَ ريت سمجهي سگهي ٿو، البت جگديش
لڇاڻيءَ جي مضمون ۾ هندي لفظ ڪثرت سان ڪم آندل
آهن، جن جا بدل سنڌي لفظ ڏنگين
(brackets)
۾ ڏيڻ گهرجن ها.
مٿين تحقيقي مقالن/ مضمونن ۾ ورهاڱي کان اڳ جي دور کان وٺي ون
يونٽ جي دؤر [1970] تائين جي سنڌي ڪهاڻيءَ جو
”مختصر جائزو“ اچي وڃي ٿو. ان کان پوءِ رسول ميمڻ
جو مضمون ”سنڌي افساني جو 1970ع کان وٺي 1980ع
وارو دؤر“ ۽ رئوف نظاماڻيءَ جو مضمون ”سنڌي
ڪهاڻي(1980 کان 1992) مختصر جائزو“- مختصر ۽ غير
مڪمل جائزا لڳن ٿا، جن تي اڀياس ۽ تحقيق گهٽ ٿيل
آهي. شايد ”خيرپور جي ڪهاڻي ڪانفرنس“ ۾ پڙهڻ لاءِ
تڙتڪڙ ۾ لکيل آهن. مختصر هوندي به رسول ميمڻ جو
مقالو ڪجهه قدر بهتر آهي، جنهن ۾ زندگيءَ ۽
ڪهاڻيءَ بابت سوالن جي تجزيي ڪرڻ بعد. 1970ع کان
1980ع جي ڪهاڻيءَ جو جائزو ورتو ويو آهي.
رسول ميمڻ جي ان راءِ سان اختلاف ڪري سگهجي ٿو ته سنڌي ڪهاڻيءَ
جو زوال 1970ع کان پوءِ شروع ٿي چڪو هو. جيڪڏهن
ائين آهي ته 1970ع کان پوءِ علي بابا، ڪرشن
کٽواڻي، امرجليل، نجم عباسي، موهن ڪلپنا،
نورالهديٰ شاهه، عبدالقادر جوڻيجو، خيرالنساءِ
جعفري، ڪيترت ٻاٻاڻي، حميد سنڌي ۽ ٻين اهم
ڪاڻيڪارن جي لکيل ڪهاڻين [جيڪي ان دور ۾ سرجيون
ويون] ڪهڙي خاني ۾ فٽ
(fit)
ڪيون وينديون. موهن ڪلپنا، علي بابا ۽ امر جليل کي
اسين ڳو. 1960ع کان 1970ع تائين جا ڪهاڻيڪار
سڏينداسون ڇا؟ اُهي ته 1960ع کان 1994ع تائين
مسلسل لکندا رهيا آهن ۽ اڄ جا ڪهاڻيڪار آهن.
ڪهاڻين جي دورن جي تعين وقت ڪهاڻيڪارن جي عمرين ۽
سندن لکڻ جي شروعات واري دور کي ئي نه ڳڻيو ويندو
آهي، پر ان پوري دور ۾ لکجندڙ ڪهاڻين کي آڏو رکيو
ويندو آهي. رسول ميمڻ کي سنڌي ڪهاڻيءَ جي زوال
بدران اهو چوڻ کپي ها ته ان دور ۾ نون ڪهاڻيڪارن ۾
اها پختگي نظر نٿي اچي، جيڪا ان وقت موجود سينئر
ڪهاڻيڪارن ۽ اڳين ڪهاڻيڪارن ۾ هئي. ون يونٽ جي
خاتمي ۽ بنگال جي جدائيءَ کانپوءِ اسان جي آدرشي
ڪهاڻيڪارن جا آدرش ٽٽي پيا هئا ۽ کين ڪا منزل ڏسڻ
۾ نه ٿي آئي، ان ڪري ان بي يقينيءَ جي صورتحال جا
پاڇا ان دور جي ڪهاڻيڪارن وٽ نظر اچن ٿا. پر هن
دور ۾ خيرالنساءِ جعفري، تنوير جوڻيجو، نور الهديٰ
شاهه، ممتاز مهر، بادل جمالي، رفيق سومرو، زيب
سنڌي ۽ ٻيا سٺا ڪهاڻيڪار نظر اچن ٿا. رسول ميمڻ هڪ
هنڌ لکيو آهي ته:
”1970ع کان پوءِ وارو دور آهستي آهستي سنڌي ڪهاڻيءَ کي اُن جي
خاتمي ڏانهن ڌڪي رهيو آهي.“ (ص 91) پر ساڳئي مضمون
۾ ٻئي هنڌ لکي ٿو ته ”1975ع کان 1980ع واري ڏهاڪي
تي نظر ڪبي ته اسان کي هن دور جي ٽهيءَ ۾ ڪيترائي
معتبر ۽ فن سان ڀرپور ڪهاڻيڪار نظر ايندا.“ (ص
92). اهو تجزيي جو تضاد ڇو؟ باوجود ان جي رسول
ميمڻ هن دؤر جي ڪهاڻيڪارن جو مختصر ئي سهي پر سُٺو
تجزيو ڪيو آهي، البت بدر ابڙي ۽ فقير محمد
لاشاريءَ جي ڪهاڻين جو ذڪر ڪندي هيٺين غير واضح
راءِ ڏئي ويو آهي:
”بدر ابڙو ۽ فقير محمد لاشاري، ڪهاڻيڪار هجڻ جي حيثيت سان گڏ
صحافت سان به وابسته رهيا آهن. اهڙن ئي نوجوانن جي
ڪري ادبي صحافت جو بنياد پيو. اخبارن ۾ جتي صرف
سياست هئي. ادب کي پڻ اهميت ملڻ شروع ٿي وئي.“
سندن ڪهاڻيون ڪهڙي قسم جون آهن؟ سندن سماجي شعور جي حد ڇا آهي؟
ان بابت ڪابه راءِ نه ڏني اٿس، جيڪا راءِ کيس ڏيڻ
گهرجي ها. بهرحال، پوءِ به هيءُ مقالو ان دور تي
ابتدائي روشني ضرور وجهي ٿو.
اهڙيءَ طرح رئوف نظاماڻيءَ جو مضمون پڻ اڻپورو ۽ تاسارو معلوم
ٿي رهيو آهي ۽ محنت گهٽ ڪيل آهي. ليکڪ جي ذهن تي
ڪراچي ۽ ڪراچي ادبي سنگت سان لاڳاپيل اديب ڇانيل
رهيا آهن. دوستن جي ڪهاڻين جي تجزيي وقت وڌيڪ
خبرداريءَ ۽ ايمانداريءَ کان ڪم وٺڻ جي ضرورت
هوندي آهي. مقالي تي محنت رسول ميمڻ کان وڌيڪ ڪيل
آهي، پر اُن ۾ سماجي تجزيي دوران ليکڪ ”مخصوص سوچ“
جي دائري کان ٻاهر نڪري نه سگهيو آهي، ۽ ڪي
حقيقتون جيئن بيان ڪيون اٿس، تئين نه آهن، مثلاً ص
97 تي لکي ٿو:
”1983ع ايم. آر. ڊي تحريڪ جي اثر هيٺ سراج جي ”اٺون ماڻهو“،
رشيد ڀٽيءَ جي ”تاريخ جو آواز“ وغيره
ڪهاڻيون”1981ع کان 1990ع واري ڏهاڪي جون ڪهاڻيون
آهن.“ هن دور ۾ ليکڪ سنڌ جي نامور ڪهاڻيڪار علي
بابا جي ڪهاڻين جو ذڪر نه ڪري وڏي زيادتي ڪئي آهي.
اُن کان سواءِ 1992ع تائين جي ڪهاڻيءَ تي روشني وجهندي، رئوف
نظاماڻي، جتي ڊاڪٽر مشتاق، ايوب کوسي ۽ ناصر
زهراڻيءَ جهڙن نون ڪهاڻيڪارن جو ذڪر ڪري ٿو، اُتي
انور بلوچ، شبنم گل، شگفته شاهه، سارنگ شاهه،
منصور سوراج، ضراب حيدر، مراد قريشي، فياض چنڊ
ڪليري، الطاف ملڪاڻيءَ، آدرش، ذوالفقار ميمڻ، اختر
رند، لطيف جمال، اظهار سومري، نظير شهزاد، مسعود
لوهار، ممتاز بخاري، ذاڪر کٽي، عزيز ڪنگراڻيءَ ۽
ٻيا ڪيترا نوجوان ڪهاڻيڪار وساري ويهي ٿو. انهن
مان انور بلوچ جو ”ڪپيل هٿ“، ضراب حيدر جو ”انگن
چڙهيو انگ“، ممتاز بخاري جو ”تون خدا آهين“ ڪهاڻين
جا مجموعا به ڇپجي چڪا آهن. تجزيي ۾ جتي نئين
ٽهيءَ جي خوبصورت ڪهاڻيڪار جان خاصخيليءَ جي پنجن
ڪهاڻين، انور ابڙي جي ٽن ڪهاڻين ۽ عابد مظهر جي
پنجن ڪهاڻين جو ذڪر آهي، اُتي نئين ٽهيءَ جي
سگهاري ڪهاڻيڪار طارق قريشيءَ جي ٻن ڪهاڻين کي
مستقبل بينيءَ جي حوالي سان نعريبازي جو شڪار سڏي،
ڪهاڻيڪار سان زيادتي ڪئي وئي آهي. طارق قريشيءَ
جون هن وقت تائين 22 کان وڌيڪ ڪهاڻيون ڇپجي چڪيون
آهن ۽ اُنهن مان ڪي ”سائنس فڪشن“ ۾ ڳڻي سگهجن ٿيون
۽ سائنس فڪشن ۾ مستقبل بيني، مستقبل جو نقشو ۽
مستقبل جا خواب ئي ته هوندا آهن. سنڌيءَ ۾ قاضي
فيض محمد جو ناول ”ٻاويهه سؤ ٻاويهه“ سائنس فڪشن
جو سهڻو مثال آهي، جنهن ۾ مستقبل جي سنڌ، سائنس جي
ترقيءَ جي روشنيءَ ۾ ڏيکاري وئي آهي، ان ڪتاب تي
لکندي، محمد ابراهيم جويو لکي ٿو:
”ماضيءَ جي روشنيءَ ۾ مستقبل جي تعمير ۽ حال کان مستقبل بهتر
ٿئي؛ لکن سالن جي انساني ترقيءَ ۾ انهيءَ خيال جو
بنيادي دخل رهيو آهي.... صدين کان انسان ذات حال
جا ڏک ۽ ايذاءُ کان ڇٽڻ لاءِ مستقبل جي سک ۽
خوشيءَ جو هڪ نه ٻيو تصور پنهنجي اڳيان پئي رکيو
آهي... بهتر مستقبل جو هيءَ تصور، ماضي قريب
تائين، گهڻي قدر رڳو اٺسٺائي ۽ خيالي رهيو آهي ۽
اُن جي تعبير جي ذميداري ۽ بار به گهڻي قدر انسانن
پاڻ تي گهٽ ۽ قدرت تي وڌيڪ پئي رکيو آهي... پر
هاڻوڪي علم ۽ هنر جي طاقتور انساني دنيا ۾ بهتر
مستقبل جو خوابُ- وڌيڪ پختو ۽ پورو، وڌيڪ سٺو ۽
وڌيڪ سچي ٿيڻ وارو- ممڪن ٿي سگهيو آهي، ۽ اُن جي
تعميل جو ذمو ۽ بارُ اڄ جي انسان ذات سڌي طرح پاڻ
تي عائد ڪري چڪي آهي، ۽ اُن جي تڪميل جي پوري
لياقت پڻ رکي ٿي.“
طارق قريشي يا ڪنهن به ڪهاڻيڪار جي هڪ يا ٻن ڪهاڻين کي پيش ڪري،
اُن بابت راءِ يا فتويٰ ڏيڻ زيادتي آهي.
رئوف نظاماڻيءَ پنهنجي مقالي جي آخر ۾ جنرل راءِ ڏني آهي ته
”سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ وڏي سگهه موجود آهي ۽ اُها پنهنجي
حالتن سان ٺهندڙ آهي، پر ان جي باوجود مسئلو
پنهنجي جاءِ تي باقي آهي ته انهيءَ نئين ڪهاڻي جي
ڏس ۾ نمائنده نالا سامهون ڇونه اچي سگهيا آهن.“ ان
راءِ کان پوءِ ليکڪ اُن جا سبب هي ڄاڻايا آهن:
(1) نون ڪهاڻيڪارن جو گهڻو تعداد مستقل مزاج نه آهي (2) ٽي- وي
ڊرامن ۽ صحافت وغيره جي صورت ۾ جيڪي نوان اظهار جا
ذريعا سامهون آيا آهن، انهن سندن توجهه کي وڌيڪ
پاڻ ڏانهن ڇڪيو آهي. آءٌ رئوف نظاماڻيءَ جي ان
ڳالهه سان وڏي حد تائين سهمت آهيان، پر اُن کان
سواءِ به ڪي سبب آهن، جن مان ٽي سبب لعل پشپ وارا
ساڳيا ٻيهر ورجايان ٿو(1) هڪ ٻئي لاءِ رزرويشن (2)
ڪهاڻين جي ٽڙيل پکڙيل مخزنن ۾ ڇپجڻ (3) تنقيد ڇپجڻ
جو خاص بندوبست نه هئڻ. اها هڪ حقيقت آهي ته نئين
ٽهيءَ جو ڪهاڻيڪار مستقل مزاج نه آهي. ڪهاڻيءَ جي
بيهڪ ۽ ائپروچ سُٺي هئڻ جي باوجود سستين ميگزين
(اخباري ميگزنن) ۾ ڇپجڻ جي شوق ۽ نالي جي شهرت سبب
اهڙا ڪهاڻيڪار لعل پشپ چواڻي: ”ڪهاڻيءَ جي جبل تان
لهي، شعر جي وڻ تي چڙهي ٿا ويهن.“ [پرهه ڦٽي-
1964ع]
ٽي. ويءَ جي گليمر به اسان جي ڪيترن نوجوانن ڪهاڻيڪارن کي ڇڪيو
آهي. جڏهن ته ٽي وي ڊرامو هڪ جدا صنف آهي، جنهن ۾
به ڪهاڻي موجود آهي، پر اُن کي جدا نموني ترقي
ڏيارڻ جي ضرورت آهي ۽ سنڌي ٽي. وي. ڊرامو ڪافي
سگهارو اچي رهيو آهي. اسان جو حفيظ ڪنڀر جهڙو
خوبصورت ڪهاڻيڪار به ٽي. وي گليمر جي ور چڙهي ويو
آهي ۽ هاڻي ٻنهي پاسي ٽنگيل آهي. هن جو مزاج ۽
ماحول ڳوٺاڻو بلڪ ٿريو آهي، پر ٽي. وي جي گيلمر
کيس ڪراچيءَ جا وڻ ڏيکاري ڇڏيا آهن، ڇو ته ٽي. وي
ترت شهرت جو وسيلو
(Media)
آهي. اهڙيءَ طرح رحمت الله ماڃوٺي جهڙو سگهارو ۽
خوبصورت ڪهاڻيڪار وري صحافت جي اڏيءَ تي ڪسجي رهيو
آهي. هنن ٻنهي نوجوانن ۾ نمائنده ڪهاڻيڪار بڻجڻ جي
اُميد هئي ۽ اڃا به آهي، پر ڪاش، وري موٽي ماڳ
اچن.
هڪٻئي لاءِ رزرويشن ۽ دوستيءَ ۽ علائقي پرستيءَ واري ساراهه جي
رجحان به نئين ڪهاڻيءَ کي ڇيهو رسايو آهي. ڪهاڻين
جي اشاعت لاءِ موزون ادبي رسالا موجود نه آهن، ان
ڪري نيم ادبي ۽ تفريحي رسالن ۾ نالي ڇپائڻ جي شوق
هيٺ نوان ڪهاڻيڪار ڇپجندا رهن ٿا. ان ڪري به نوان
ڪهاڻيڪار محنت نه ٿا ڪن، جو اهڙن پرچن ۾ ”هر شيءِ
اگهاميو وڃي.“
ڪهاڻيءَ جا نوان نقاد گهٽ آهن، پُراڻن ڪهاڻيڪارن/ نقادن جو رويو
پڻ نون ڪهاڻيڪارن لاءِ رهنمائيءَ ۽ همت افزائيءَ
وارو نه رهيو آهي. بلڪ ڪٿي ڪٿي ته دل آزاريءَ ۽
کين پاڻ کان گهٽ سمجهڻ وارو به رهيو آهي. نتيجي
طور نئين ٽهيءَ کي هن قسم جا رايا به ٻڌڻا پون ٿا
ته:
”نئين ٽهيءَ اڄ جو سچ نه قبوليو آهي“ يا ”سنڌيءَ ۾ مهان ڪهاڻي
گوليءَ جو شڪار ٿي وئي“- ته پوءِ مايوسي ڇونه پيدا
ٿئي. آءٌ سمجهان ٿو ته هي رايا انتها پسنديءَ
فراريت ۽ قنوطيت جو اظهار آهن. نئين ٽهيءَ نه رڳو
اڄ جو سچ قبوليو آهي، پر اُن ڪهاڻيءَ جي صنف کي
مرڻ نه ڏنو آهي. موجود سماجي ۽ اقتصادي
(Socio- economic)
حالتن سڄي سنڌي سماج ۽ پوريءَ قوم سان گڏ سنڌي
ڪهاڻيڪار ۽ شاعر کي به متاثر ڪيو آهي. حالتن جي
تبديليءَ ذهن ۾ بيقراري پيدا ڪئي آهي پر ان جو
مطلب اهو ناهي ته اسان پنهنجي طبعيت ۽ ذهن تي
ڇانيل قنوطيت ۽ فراريت نئين ٽهيءَ تي ٿاڦيون.
ڇا ڪو ائين چئي سگهي ٿو ته استاد بخاريءَ جي ڪينسر وگهي موت سبب
مهان شاعري مري وئي؟ مهان شاعري شيخ اياز کان وٺي
اياز گل، ادل سومري ۽ آسي زمينيءَ تائين، تنوير
عباسيءَ کان وٺي وسيم سومري، مير حسن آريسر ۽
اقبال رند تائين، ايم ڪمل کان وٺي مظهر لغاري،
فياض چنڊ ۽ منير احمد تائين، راشد مورائيءَ کان
وٺي نماڻي سنڌيءَ، احمد سولنگيءَ ۽ حليم باغيءَ
تائين، مير محمد پيرزادي کان وٺي ڪوي، نواز زونئر
۽ جمن سوهوءَ تائين، سرڪش سنڌي کان وٺي سعيد ميمڻ؛
اياز جانيءَ، ماڻڪ ملاح ۽ قدير انصاريءَ تائين نه
رڳو سرجي رهي آهي، پر اڳتي به سرجندي رهندي.
اهڙيءَ طرح سنڌي ڪهاڻي به مئي ڪانهي. علي بابا کان
وٺي رحمت الله موڃوٺي ۽ رسول ميمڻ تائين، امر جليل
کان وٺي زيب سنڌي، رزاق مهر ۽ طارق قريشيءَ تائين،
نورالهديٰ شاه کان وٺي شبنم گل، شگفته شاهه ۽ عطيه
دائود تائين، نجم عباسيءَ ۽ اياز قادريءَ کان وٺي
منصور سوراج ۽ سارنگ شاهه ۽ مراد قريشيءَ تائين
زنده آهي، وڌي پيئي سجر پيئي ۽ ڇپجي پيئي. ها، اها
ڳالهه ضرور آهي ته نئين ٽهيءَ جو ڪهاڻيڪار سهل
پسند ٿي پيو آهي. ڪٿي ڪٿي اسٽائيل جي نقالي ڪري ٿو
۽ محنت گهٽ ڪري ٿو. اُن لاءِ ان جو ڏوهه ڪجهه گهٽ
آهي. ڇا طارق قريشيءَ کي محمد ابراهيم جويي، سراج
۽ رسول بخش پليجي جهڙو نقاد مليو آهي؟ ڇا شبنم گل،
جان خاصخيليءَ ۽ ٻين نوجوان ڪهاڻيڪارن کي طارق
اشرف، ولي رام ولڀ ۽ موهن ڪلپنا جهڙا نقاد مليا
آهن؟ هڊسن چيو هو ته ”عظيم ادب، نقاد پيدا ڪندو
آهي“، پر آءٌ ان جملي کي هن ترميم سان پيش ڪريان
ٿو ته ”عظيم نقاد ادب ۽ ڪهاڻيءَ جو ڏس ڏئي ۽ رهبري
ڪري سگهن ٿا.“ شيخ اياز جي شاعري تي محمد ابراهيم
جويي ۽ نارائڻ شيام، جي شاعريءَ تي سڳن آهوجا مهاڳ
لکي، سندن مڃتا ۽ مهانتا جا دروازا کولي ڇڏيا هئا،
ته اچو ته پاڻ به تنقيد، تحقيق، مطالعي ۽ محنت جا
عظيم گڻ پيدا ڪيون ۽ عظيم ادب، عظيم شاعريءَ ۽
عظيم ڪهاڻيءَ جي سرجاءِ طرف وک وڌايون.
”سنڌي ڪهاڻي نمبر“ پرچي جو ٻيو ڀاڱو ”ڪهاڻيون“ آهن، جنهن ۾
ورهاڱي جي ڪهاڻيڪار آسانند مامتوار جي ڪهاڻي
(ڳنوارڻ)، ورهاڱي کان پوءِ جي ابتدائي ڪهاڻيڪار
اياز قادريءَ جي ڪهاڻي (قبرن جي وچ ۾). سٺ واري
ڏهاڪي جي سگهاري ڪهاڻيڪار حميد سنڌيءَ جي ڪهاڻي
(خانو چور نه آهي) ۽ نوجوان ڪهاڻيڪار- رزاق مهر
(ترورا)، جان خاصخيلي (سڀاڻي جو خواب)، اڪبر سومري
(لهندڙ شام، رت جي لام)، آدرش (هڪ شخص جي جنازي
پويان)، فرزانه شاهين (پردي پويان)، طارق قريشي
(ٿڪل جذبن جو قافلو)- جون ڪهاڻيون ڏنيون ويون آهن.
جهڙيءَ طرح مقالن واري ڀاڱي ۾ سنڌي ڪهاڻيءَ جي
اوسر جا سمورا دور بيان ڪيا ويا آهن، تهڙيءَ طرح
ڪهاڻين واري ڀاڱي ۾ سنڌي ڪهاڻيءَ جي مخلتف دورن ۽
ڌارائن جون ڪهاڻيون ڏيڻ کپن ها. گهٽ ۾ گهٽ گوبند
مالهي، جمال ابڙي، غلام رباني، نسيم کرل. امرجليل،
علي بابا ۽ خيرالنساءِ جعفريءَ جون ڪهاڻيون ڏئي،
پوءِ نئين ٽهيءَ جون ڪهاڻيون ڏجن ها ته جيئن نوان
ڪهاڻيڪار، پنهنجي پيشرُو ڪهاڻيڪارن جي فن ۽ ڏانءُ
کان واقف ٿين ها.
آسانند مامتورا جي ڪهاڻيءَ ۾ موجوده موضوع تي ”ڪهاڻي جي اوسر“
وارن مقالن ۾ ذڪر اچي چڪو آهي. اياز قادريءَ جي
ڪهاڻي، ڪهاڻيءَ جي فن تي ڀرپور ڪهاڻي آهي، پر اصل
ڪهاڻي جيڪا ڀاءُ ڀيڻ جي لاشن جي بيان ۽ سندن پيءُ
طرفان ٻنهي قبرن کي ڀاڪر پائڻ بعد ٻنهي جي وچ ۾
ڪري مري وڃڻ سان واسطو رکي ٿي، ان ڪهاڻي ۾
ڪهاڻيڪار جو واقعي کي ڏسڻ لاءِ هروڀرو پراڻين يادن
کي کولي، مختلف قبرن ۽ انهن ۾ موجود ماڻهن جي
تاريخ جاگرافي بيان ڪرڻ وڌاءُ لڳي ٿو. ڪهاڻي
قبرستان ۾ وڃڻ ۽ ماڻهن کان واقعي بابت پُڇا ڪرڻ
سان به شروع ٿي سگهي ٿي.
حميد سنڌيءَ جي ڪهاڻي ”خانو چور نه آهي“، ٻارڙن جي ڪردارن جي
حوالي سان ڳوري ڪهاڻي آهي. معصوم ڪردارن کي هروڀرو
ڳرو ۽ غير منطقي گفتگو ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. رازق
مهر جي ڪهاڻي ”ترورا“ اسان جي معاشري جي هڪ اهم
مسئلي بابت لکيل هڪ اهم ڪهاڻي آهي. مسئلن جو شعور
رکندڙ هن نوجوان ڪهاڻيڪار جي ڪهاڻي حقيقي
(realistic)
بياني طرز واري ڪهاڻي آهي، پر سڪينه پاران ”حرامي
ٻار“ کي جنم ڏيڻ کان پوءِ گهر واري ماحول ۽ گفتگو
ڪنهن فلم جو سين محسوس ٿئي ٿي. گهر ۽ گفتگو وارو
ماحول گهڻو وڌاءُ جو شڪار ۽ غير فطري لڳي ٿو.
بهرحال ڪهاڻيءَ جو
climax
ڏاڍو وزندار آهي.
جان خاصخيليءَ جي ڪهاڻي شعور جي وَهڪ
Stream of consciousness
۾ لکڻ جي ڪوشش معلوم ٿئي ٿي، جملن جي ٺاهه ٺوهه ۽
سٽن جي شعورن جوڙجڪ ۾ هٿرادو پڻو وڌيڪ آهي ۽
هروڀرو مشتاق شوري ۽ ماڻڪ جي اسٽائيل جو نقل ڪيو
ويو آهي. ڪهاڻيءَ جي ائپروچ سماجي شعور سان
سلهاڙيل آهي.
اڪبر سومري جي ڪهاڻي هڪ اهم موضوع جي نشاندهي ڪري ٿي ته ڪيئن
قانون جا محافظ ڌاڙيلن جي روپ ۾ عوام کي ڦرين ٿا ۽
ڌاڙا هڻن ٿا. ڪهاڻيءَ جو عروج يا پڄاڻي
Climax
حقيقي ۽ ڇرڪائيندڙ آهي، پر ڪهاڻيڪار هن ڪهاڻيءَ ۾
ٻن ڪهاڻين جا پلاٽ ملائي ويو آهي ۽ ڪهاڻيءَ جو وڏو
حصو ”مامي“ (ڪردار) جي شڪار واري شوق تي مشتمل
ڏيکاريو ويو آهي. شايد ليکڪ اهو پس منظر ڏيڻ جي
ضرورت ان ڪري محسوس ڪئي آهي جو ”مامي“ ڪردار هٿان
ڌاڙيل جي روپ ۾ ڦر ڪندڙ ڪردار صوبيدار مرڻو هو.
ڪهاڻيءَ جو پهريون حصو، اصل ڪهاڻي تي حاوي ٿي،
ڪهاڻيءَ کي ڪمزور ڪري ٿو. البت ٻولي ۽ فني رچاءُ
خوبصورت آهي. منظر نگاري، ڪرداري نگاري ۽ مڪالما
خوبصورت آهن.
آدرش جي ڪهاڻي ”هڪ شخص جي جنازي پويان“، اڄوڪن رشتن جي ڀرندڙ
دنيا جي انسانن جي سوچ ۽ روين تي ٻڌل ڪهاڻي آهي.
پاڙي واري جي موت تي گڏ ٿيل مختلف ماڻهن جي سوچ
ڏيکاري ويئي آهي، جيڪي ”مري ويل“ جي تڏي تي ويهڻ
اجايو ۽ وقت زيان سمجهن ٿا. ها اڄوڪي رشتن جي
ڀُرندڙ دنيا ۾ ماڻهو جي سوچ اها ئي ٿي سگهي ٿي، پر
اهي ساڳيا ماڻهو رشتن جي ڀرندڙ دنيا جا رهواسي
بنجي تڏي تي نه به ويهي سگهن ها يا ويندي ويندي
اهڙا ريمارڪس ڏين ها. ڪهاڻيءَ ۾ مصنوعيت ۽ هروڀرو
ليکڪ جي سوچ ڪردار تي مڙهيل نظر اچي ٿي.
فرزانه شاهين جي ڪهاڻي ”پردي پويان“ جيتوڻيڪ پيرن ۽ حويلين جي
روايتي پراڻي ماحول تي لکيل ڪهاڻي آهي، پر هن
مجموعي ۾ سمورن نون ڪهاڻيڪارن جي ڪهاڻين جي ڀيٽ ۾
وڌيڪ مڪمل ۽ ڀرپور لڳي ٿي. موضوع جاندار آهي.
ڪهاڻيءَ جي ٻولي، بيهڪ ۽ مڪالما مضبوط آهن.
ڪهاڻيءَ جي
climax
واري منظر جو بيان ڏاڍو مؤثر ٿيل آهي. مثال طور:
”هيٺ زمين تي تاش جا پتا، سگريٽن جا خالي پاڪيٽ ۽ شراب جون خالي
بوتلون اونڌيون پيون هيون. هاڻي هُن جي نظر سامهون
پلنگ طرف کڄي ويئي. هن جو ذهن ڦيراٽيون کائڻ لڳو.
ساڳيو منظر هن جي اکين اڳيان چٽو ٿيندو ويو....
هڪڙو چهرو ته هن جي مڙس جو هو ۽ ٻيو چهرو .....؟
هوءَ وڌيڪ ڪجهه به ڏسي نه سگهي. هن کان رڙ نڪري
ويئي.... ۽ هوءَ اُتي ئي دروازي تي ڦهڪو ڏئي ڪري
پيئي.... ڇو ته پردي پويان ڏٺل منظر، هن جي خوابن
جي بدترين تعبير هئي.....!“
اُن کان وڌيڪ ڪي به لفظ
climax
لاءِ مؤثر نه ٿا ٿي سگهن. ڪهاڻيءَ ۾ روايتي لفظي
عريانت به نه آهي ۽ پيراڻي ماحول جي چٽي تصوير
آهي.
طارق قريشيءَ جي ڪهاڻي ”ٿڪل جذبن جو قافلو“ امر جليل جي ڪهاڻين
واري اسٽائيل ۾ مڊل ڪلاس جي ٻن ڪردارن ڏاڏي ۽ پوٽي
جي گفتگو تي ٻڌل جنريشن گيپ (پيڙهه وڇوٽي) بابت هڪ
سُٺي ڪهاڻي آهي. ڪهاڻيءَ جا ڊائلاگ شهري مڊل ڪلاس
جي سنڌي انگريزي گاڏڙ ٻوليءَ ۾ فطري لڳن ٿا، پر
ستين ڪلاس جي ٻار کي جيترو غير معمولي
(extraordinary)
ذهين ڏيکاريو ويو آهي ۽ جيتري سندس مسئلن کي سمجهڻ
جي گرفت ڏيکاري ويئي آهي، اها غير فطري لڳي ٿي اهو
ٻار ڪاليج جو ٻار ڏيکاريو وڃي ها ته بهتر هو.
”ڪهاڻي نمبر“ جو ٽيون حصو هڪ ڪالم ۽ هڪ رپورٽ تي مشتمل آهي.
ڪالم علي احمد بروهيءَ جو آهي. جيڪو هن خيرپور ۾
ٿيل ”ڪهاڻي ڪانفرنس“ تي لکي 24- 1992ع جي ”هلال
پاڪستان“ ۾ ڇپايو هو. ”خيرپور جي ڪهاڻي ڪانفرنس“
جي رپورٽ لياقت رضويءَ پنهنجي ٻولي خوبصورت ٻوليءَ
۽ پيرايي ۾ ڪئي آهي. رپورٽ ۾ ڪهاڻين ۽ مضمونن تي
پنهنجا رايا به ڏنا اٿس، جن مان ڪي وڌاءُ لڳي رهيا
آهن. مثال طور حميد سنڌيءَ جي ڪهاڻيءَ جي رپورٽنگ
ڪندي ”وار ڪانڊارجڻ“ وارا لفظ تعريفي راءِ کان
وڌيڪ ڪجهه لڳي رهيا هئا. رزاق مهر جي ڪهاڻيءَ تي
سندس راءِ وزندار هئي. جان خاصخيليءَ جي ڪهاڻيءَ
تي عجيب قسم جي راءِ ڏني اٿس. فرزانه شاهين جي
Climax
تي سندس ڏنل راءِ سان سهمت نه آهيان.
مجموعي طرح سنگت پبليڪيشن جو ”سنڌي ڪهاڻي نمبر“ پرچو ٽيهن روپين
جي قيمت ۾ نون ڪهاڻيڪارن جي سٺي رهنمائي ڪري سگهي
ٿو. پڪ اٿم ته اعلان ڪيل ”جديد شاعري نمبر“ هن کان
وڌيڪ خوبصورت نڪرندو ۽ ان ۾ ”پروف جون غلطيون“ نه
هونديون ۽ شاعريءَ جي فن تي نئون تخليقي مواد ڏنو
ويندو. سنگت، سال ۾ جيڪڏهن اهڙا ٻه چار نمبر شايع
ڪري ته اها وڏي ادبي خدمت ٿي بهرحال ادل سموري کي
هن ”سنڌي ڪهاڻي نمبر“ ڪڍڻ تي مبارڪون ڏيان ٿو.
[22- اپريل 1993ع تي، سنڌالاجيءَ ۾ ”سنڌي ڪهاڻي نمبر“ جي مهورت
جي موقعي تي پڙهيل.] |