عبدالجبار جوڻيجو ناوليٽ
شڪار
پنهنجي پچار
مون ڪو خواب ڪونه ڏٺو هو، پر حقيقت ۾ مون محسوس ڪيو آهي ته
انسان جي وجود تي جنگ باز هر طرف کان حملا ڪري
رهيا آهن، هر طرف کان امن تي هلائون ڪيون پيون
وڃن. هر امن پسند ماڻهو ڊنل، هيسيل ۽ دشمن جي
گهيري ۾ آهي، نه رڳو ايترو پر جنگ، تضاد ۽ دهشت
گرديءَ سان گڏ ڪمزور انسان بک جو به شڪار آهي. ٻئي
طرف هٿيارن تي جيڪو خرچ ٿي رهيو آهي سو جنگ بازن
جي تسڪين خاطر ئي آهي.
ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جا بيشتر ماڻهو هن ٻه مُنهين بلا
جو شڪار بنجي رهيا آهن ۽ آقا ملڪن طرفان مليل
خيرات ۽ ترقياتي فنڊن مان اِنهن ئي غريب، بکين
ملڪن جا سٺي هاضمي وارا سيٺيون ۽ وڏيرا جام تي جام
پي رهيا آهن. سندن صحت وڌيڪ سٺي ٿي رهي آهي. غريب
سان ڪا اهڙي ويڌن آهي، جو بک کان واقف ۽ تعليم کان
اڻ واقف آهي. کيس مانيءَ ٽڪر بدران نشي جو ڊوز به
نه ڏنو پيو وڃي.
منهنجي هن ناولٽ جا ڪردار خاص طور جنگ، تشدد، بک ۽ بيروزگاريءَ
جي صورتحال جو هڪ تاثر قائم ڪن ٿا. اميد اِها آهي
ته هيءَ صورتحال ختم ٿئي.
مون هن ناولٽ جو مواد 1988ع جو ڊسمبر کان وٺي پئي گڏ ڪيو ۽ جيڪي
سوچيم پئي، اُن جا به نوٽس پئي ورتم پر عجب هو ته
منهنجو لکڻ وارو ساڄو هٿ لکڻ کان نابري واري بيٺو.
سوچيم ته شايد اِها لکڻ وارن جي بيماري آهي. اُن
ڪري گذريل ٻن مهينن کان مون کاٻي هٿ سان لکڻ جو
عمل شروع ڪيو ۽ سنڌي، انگريزي ۽ هنديءَ ۾ هن عمل
۾ ڪامياب ٿيس. اڃان به چيني زبان کاٻي هٿ سان سُٺي
نٿو لکي سگهان ۽ هيءَ ڳالهه آءٌ رڪارڊ خاطر چئي
رهيو آهيان ته هي ناولٽ مون 12 جنوري 1990ع کان
وٺي لکڻ شروع ڪيو ۽ اڄ 3 فيبروري. 1990ع تي مڪمل
ڪيو.
ادبي ڪٿ، ڪٿ ڪرڻ وارا ڪندا.
3-2-1990ع عبدالجبار جوڻيجو
سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو.
ورثو
دودو دستور موجب ڳوٺ کان ٻاهر پوٺي تي اِٽي ڏڪر راند کيڏي رهيو
هو. سج لهڻ وارو ٿيو ته ٻار ڳوٺ ڏي موٽيا. اِهو
هنن جو روز جو معمول هو ته گهر موٽندي ڳوٺ جي
بازار مان لنگهندا هئا، جنهن ۾ ڪل پنج ڇهه دڪان
هئا. انهيءَ دوران اڪثر ڇوڪرن ۽ دڪاندارن جي وچ ۾
چرچو گهٻو ٿيندو هو يا ڪو ٽول وٺڻ لاءِ ڇوڪرا ڪجهه
وقت ڪنهن دڪان تي بيهندا به هئا. هڪڙو دڪاندار
وڌايو اڪثر ڪونه ڪو گفتو ڪڍندو هو ۽ دودي کي ڏسي
ڀُڻ ڀُڻ به ڪندو هو ۽ چوندو هو: ”سڄو ڏينهن پيو
ڪمين ڪاسبين جي ڇورن سان رلين، پنهنجي وڏن ڏانهن
ڏس.“ دودو وڏيري جو پٽ هو، پر هن جي دل ۾ ته اهڙو
ڪو خيال نه هو. ٻيو ته سنڌ جي ڳوٺن ۾ ڪمين ڪاسبين
۽ شاهوڪارن جي ٻارن جي گڏ کيڏڻ جو رواج به هليو
اچي. هڪ طرف موچين، لوهارن، ڪنڀرن، واڍن ۽ هارين
جا ٻار ته ٻئي طرف وڏيرن جا ٻار پيا گڏ کيڏندا
آهن.
موهن جي دڙي جي عظيم ورثي جا هي وارث ته صدين کان هڪٻئي سان
رواداري ۽ مروت سان هلندا اچن. اِهو اثر سنڌ جي
تهذيب ۾ لاڳيتو هلندو اچي. هن عظيم تهذيب جا آثار
ته موهن جي دڙي، ٽئڪسيلا، هڙاپا، ڪوٽ ڏجي، آمري ۽
ٻين هنڌن تي آهن، پر هڪ ئي سوچ ته سڄي سنڌو
ماٿريءَ ۾ آهي. سنڌو دريا جي ڪناري جي هيءَ تهذيب
موهن جي دڙي ۾ خاص طور پڪن گهرن، پڪين گهٽين،
پاڻيءَ جي نيڪال جي سرشتي جي ڪري دنيا جو ڌيان
ڇڪايو آهي. هتان جو حوض به هڪ منفرد حوض آهي.
قديم زماني کان هن ماٿريءَ جا ماڻهو امن ۽ آشتيءَ سان رهيا.
دنيا جي قديم ورثي ۽ عظيم ڀائيچاري جي ڪري مشهور
رهيا، پر جنوني ۽ مطلب پرست هن ڀائيچاري جو مفهوم
ڪڏهن به نه سمجهي سگهيا. هر خوبيءَ کي خامي ۽ هر
سورهيائيءَ کي ڪمزوري ڄاتائون. اهڙا جنوني سنڌو
ماٿريءَ جي رهواسين جي رواداريءَ کي نه سمجهي
سگهيا ۽ نه ڪڏهن مروت جو جواب مروت سان ڏنائون.
دودو هن واديءَ جو ڄائو هڪ برجستو نوجوان ٿي ساماڻو. هن کي اهڙن
جنونين جي ارادن جي خبر به دير سان پيئي. هن جي
نظر ۾ سڀ ماڻهو برابر هئا. موقع پرست ماڻهن جي ته
نيت ئي ٻي هئي. هن ڏٺو ته هي جنوني ڪنهن تهذيب کي
به پنهنجي مخصوص ۽ هٿرادن نظرين هيٺ بيڪار ۽ بي
دين ڄاڻي رهيا هئا. سندن نظر ۾ موهن جي دڙي مان
مليل ڍڳو به ”خونخوار ڍڳو“ هو ۽ ناچڻيءَ جي پُتلي
ته اصل دين جي بنياد پٽڻ واري هئي.
حقيقت ۾ ههڙا مطلبي ٽولا عوام ۾ انهيءَ طرح نفرت جو ٻج ڇٽي رهيا
هئا. ان ۾ هنن جو هي فائدو هو، جو ائين هنن پنهنجن
پرڏيهي مالڪن ۽ ڏيهي پرمارن جا پئسا سجايا ٿي ڪيا.
هن ماٿريءَ سان ائين ٿيندو آيو هو جو جنگ بازن. ۽
سندن ڇاڙتن جا مطلب سڌ ٿيندا آيا. ماٿريءَ جي عوام
۾ ويڇا وجهندا مالڪن جو مطلب پورو ڪندا آيا. ارغون
هجن يا ترخان، سنڌ جي عوام هنن جنونين جي من مستين
جو شڪار ٿيندو آيو.
دودي جيئن هاءِ اسڪول جي مٿين ڪلاسن ۾ قدم رکيو، هن کي هِنن
چالاڪين جي پوري پروڙ پئي. جڏهن هڪ ڀيرو هو اسڪول
طرفان موهن جي دڙي جي اڀياسي دؤري تي ويو ته هن
جنونين جي ڳالهين مان اهو ڀليءَ ڀت پروڙيو ته هو
ته ڪا نرالي خلق هئا، ۽ هر تهذيب کي فرسوده ۽ بي
دين سڏي رهيا هئا. دودي هڪ جنوني شاگرد کي ڌڪو
ڏيئي ناليءَ ۾ ڪيرائي ڇڏيو ۽ جنوني استاد کي
چيائين: ”ٽري وڃ منهنجين نظرن کان“. ڪي جنوني
شاگرد گائيڊ طرفان ڏنل معلومات تي به مسخري ڪرڻ
لڳا هئا، پر دودي جي هڪلن همراهن کي هيڻو ڪري وڌو.
هنن عقل جي انڌن ۽ تعصبي جيوڙن جي ڪري سڄو پروگرام
هيٺ مٿي ٿي ويو ۽ جيڪا بس اسڪول مان ڳائڻ ۽ ٽهڪن
سان رواني ٿي هئي، سا موت جهڙي ماٺ سان شام جو
واپس ٿي. پر دودي جي اک کلي ويئي.
جڏهن دودو اعليٰ تعليم لاءِ لنڊن جي هيٿرو هوائي اڏي تي پهتو ته
سخت سردي هئي. هن کي ميزبان ملي ويو، جيڪو اسڪول
طرفان آيو هو. کيس ٽيوب ٽرين ذريعي ”ڪناٽ هال“ ۾
سندس لاءِ مخصوص ڪيل ڪمري ۾ پهچائي ماني کارائي
ٻئي ڏينهن اچڻ جو چئي هليو ويو. دودي ٻئي ڏينهن
پنهنجي مهربان ڊينس جو انتظار ڪيو. هُو نائين بجي
آيو. اسڪول وڃي استاد سان مليا. هي اسڪول، اسڪول
آف اورينٽل اينڊ آفريڪن اسٽڊيز(SOAS)
لنڊن يونيورسٽيءَ جو هڪ حصو آهي ۽ ڪناٽ هال کي
ويجهوئي آهي. دودي کي واقف ٿيڻ ۽ ڪم ڄاڻڻ ۾ ڪجهه
ڏينهن لڳا. اسڪول جي لئبرريءَ مان هو ڪتاب کڻندو
هو. ڪي ڪتاب برٽش لئبرريءَ مان به مشرقي علوم جي
شعبي مان ڏسندو ۽ حوالا وٺندو هو، جيڪا به ويجهوئي
هئي. هڪ قديم دڪان ڊلن
(Dillons)
بوڪ اسٽور به ويجهو هو. هو اُتي خريداريءَ لاءِ
گهٽ پر ڪتاب ڏسڻ جي شوق ۾ تقريباً روز ويندو هو.
آهستي آهستي ڪي دوست به ڪيائين، جن ۾ سري لنڪا جي
هڪ سنهالي ڇوڪري سَريتا به هئي. هوءَ سانوري،
سنهڙي ۽ نهايت ادب ۽ اخلاق واري هئي. هوُءَ سنهالي
ٻوليءَ جي گرامر جي ڪنهن نُڪتي تي ٿيسز لکي رهي
هئي. دودي کان اڳ آئي هئي. دودو اڃا علم لسانيات
جي اصولن جي ليڪچرن ۾ ئي ويو پئي ته سريتا سان
مليو. هڪ ڏينهن وري
Dillons
۾ مليا. ٻئي راڳ جي ڪتابن جي تلاش ۾ هڪ ٻئي جي
سامهون اچي ويا.
”اڙي“ سريتا حيران ٿي چيو: ”راڳ جي تلاش ۾ آهين ڇا؟“
”نه! ساز جي ڳولا ۾ آهيان“ دودي چيو ”منهنجو آواز سٺو ڪونهي،
اُن ڪري پنهنجي وطن ۾ به ساز وڄائي پئي گذارو ڪيو
اٿم. هتي پهرين ڪو ڪتاب ٿو ڳوليان جيئن ان جي مدد
سان ساز چونڊي سگهان.“
”تون ته سنڌ جو سپوت آهين، جتي شاهه عبداللطيف، ڪنورڀڳت ۽ منظور
علي خان جو آواز پيو گونجي.“ سريتا چيو دودي اڃا
اکين ۾ حيراني کڻي نهاريو مس ته سريتا وري چيو:
”توئي ته ڪلهه ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڪتاب
’سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ‘ جو تعارف ڪرائيندي
مون کي جيڪي نالا پئي ٻڌايا، انهن ۾ گهڻو وري وري
اهي ٽي نالا پئي آيا.“
دودو اِهو ٻڌي خوش ٿيو. اتفاق سان ٻئي ڀارت ورش جي قديم راڳ کان
واقف هئا ۽ پنهنجن علائقن جي لوڪ رنگ کان به.
سريتا ڏکڻ ڀارت جي راڳ جي سرشتي ڪرناٽڪ سنگيت کان
به واقف هئي. دودو ڇو جو ڪلاسيڪل راڳ کان واقف هو،
اُن ڪري ڪرناٽڪ سنگيت جي ناچ ۽ راڳ توڙي ساز کان
گهڻو متاثر ٿيندو هو. ٻنهي سرشتن جو لاڳاپو به هو.
سريتا دودي کي سنگيت ۽ پنهنجي شهر انوراڌاپورا
بابت ٻڌائيندي ڪيتروئي احوال ڏنو. ڪتابن جي دڪان
تان دودي مغربي موسيقيءَ سازن بابت هڪ ڪتاب خريد
ڪيو ۽ واپس اسڪول ڏي موٽيا.
هڪ ڏينهن راڳ سنگيت تي ڳالهائيندي ٻنهي جي دوستيءَ جو هڪ ٻيو
سبب به ظاهر ٿيو اُها هئي ڊاڪٽر آشيوني ڀنڊي، جيڪا
ڀارت ۾ ڪلاسيڪل موسيقي ۾ هڪ طاقتور آواز ٿي اُڀري.
هوءَ ڪيمسٽريءَ ۾ پي ايڇ ڊي هجڻ سان گڏ هڪ اهم
خيال ڳائيندڙ هئي. سريتا وٽ ستار تي راڳ بهاڳ جو
هڪڙو ڪيسٽ هو، جيڪو ٻڌي دودي کي ائين لڳو ته هي
سندس دل جو آواز هو، ڪو راڳ بهاڳ نه هو.
هنن جي گهرائي دوستيءَ ۾ انسان دوستي مظلوم قومن جي حقن ۽
موسيقي سان شوق جو وڏو هٿ هو، آهستي آهستي دوستن
جو به حلقو وڌندو ويو. گل بهار سنگهه، جيڪو امرتسر
جو رهاڪو هو ۽ هر وقت پيو رلندو هو سو دودي جو
گهرو دوست بنجي ويو. کيس ٽوٿ پيسٽ جو اشتهار چوندا
هئا. گل بهار سنگهه جو روايتي پٽڪو هر ڪنهن جو
ڌيان ڇڪائيندو هو. هو دودي کي سنڌي پٽڪو ٻڌڻ لاءِ
همٿائيندو هو. اڪثر دودو به اجرڪ جو پٽڪو ٻڌي کيس
ڏيکاريندو هو. گل بهار جي اکين ۾ هڪ چمڪ اچي ويندي
هئي ۽ پٽڪن تي گفتگو ڪندي اڪثر چوندو هو: هي پٽڪن
جو ربط ڇا ٿو ڏيکاري، دوست! مطلب پرستن، سامراجين
۽ سندن ڇاڙتن ماڻهن کي هڪ ٻئي کان پري ڪري ڇڏيو
آهي. اسان جون ٻوليون، اسان جو ثقافتون، ۽ اسان
جون مسڪراهٽون ويجهون آهن ۽ مٿي ڪنهن هنڌ ٻه نه پر
هڪ هيون. زمينن ۽ پيداواري ذريعن تي قبضو ڪرڻ وارن
اُن هڪ کي هزار ٽڪرن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي.“
انوپ به دودي جو دوست بنجي ويو هو. هُو بمبئيءَ کان آيو هو.
تمام غريب ڇوڪرو هو. هڪ ڏينهن غربت جو ذڪر ڪندي
چيائين: ”منهنجو تعليم خاطر لنڊن پهچڻ به هڪ معجزو
آهي.“ کيس دوست بمبئيءَ جو معجزو ڪري سڏيندا هئا.
يونيورسٽيءَ جي شاگرد يونين جي چونڊن جا ڏينهن اچي
پهتا. شاگردن ۾ چُر پُر شروع ٿي. دودي کي دوستن
چيو ته تون پريزيڊنٽ جي عهدي لاءِ مقابلو ڪر.
پهرين ته هن نٽايو پر نيٺ گل بهار سنگهه، انوپ،
سريتا ۽ ڪن سنڌي دوستن جي زور ڀرڻ تي تيار ٿيو.
نامينيشن فارم ڀريا ويا ۽ ورڪ به ٿيندو رهيو. آخر
انتظاميه طرفان سڀني اُميدوارن کي پنهنجو پنهنجو
منشور ٻڌائڻ ۽ شاگردن سان واقفيت ڪرائڻ لاءِ اسڪول
جي وڏي هال ۾ گڏجاڻي رکي ويئي. مقرر وقت تي هرڪو
هال ۾ پهچي ويو. دودو به پنهنجن نقطن کي ذهن ۾ گڏ
ڪندو سوچيندو سوچيندو اچي پهتو. اُميدوار پهرين
قطار ۾ ويٺا. هڪ نظر هڪ ٻئي تي وڌائون. ڪي چهرا
ڏٺل هئا، ڪن سان سڃاڻپ به هئي، پر ڪي نوان به هئا.
دودي اڃان هيڏانهن هوڏانهن پئي نهاريو ته کيس سڏ
ٿيو. هال شاگردن سان ڀريل هو. دودو آهستي آهستي
هلندو اسٽيج تي آيو ۽ چؤطرف نظر گهمائڻ کان پوءِ
تقرير شروع ڪيائين. هن پنج منٽ ته پنهنجي عوام
محاذ جي تعارف ڪرائڻ ۾ لڳايا. جئن پوءِ تئن سندس
آواز بلند ٿيندو ويو ۽ ڄڻڪ گجگوڙ هئي جا وسيع هال
جي ديوار سان ٽڪرائجي رهي هئي. ”دوستو! آءٌ ووٽ
وٺڻ لاءِ هي ڳالهيون ڪونه پيو ڪريان، پر اِها
حقيقت آهي ته دنيا ۾ هر هنڌ غريب تي ظلم پيو ڪيو
وڃي. صدين کان ظلم جاري آهي. ڪٿي ڪٿي غريب سجاڳ
ٿيو، پر ٻئي هنڌ هن کي آزادي ۽ جهموريت جي نالي ۾
پرماريت جو نشانو بنايو ويو. دنيا جي جابرن جي
قلعن ۽ محلاتن، مقبرن توڙي عظيم ديوارن جي تعمير
جي بيگر ۾ لکين غريب مئا، رڳو ان آسري تي ته شام
جو ماني ملندي. ماني ۽ پنهنجي حاڪميت جي آسري ۾
مشرق وارن لٽيو ته مذهب ۽ جمهوريت جي نالي ۾ مغرب
وارن لٽيو. اوهان کي اخبارن جي چند سالن جي اطلاعن
تي آڌارين قتل جي وارڌاتن ۽ نسلي حملن جي رتوڇاڻ
جا انگ اکر پيش ڪريان، جي اوهين مون کي پنهنجو
ٿورو وقت ڏيو. 1985ع کان ڪراچيءَ ۾ پٺاڻن ۽ مهاجرن
جو جهڳڙو شروع ٿيو، جنهن ۾ نشي جي وڪري ۽ پلاٽن تي
قبضن جو مسئلو هو ۽ غريبن جو رت وهيو. سهراب ڳوٺ
کي لڏايو ويو ۽ عليڳڙهه ٽائون کي مليا ميٽ ڪيو
ويو. ڌرين ٻن سالن تائين هڪٻئي کي ڪُٺو ۽ ظلم ڪيو.
18 جون 1988ع تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي بسن تي
حيدرآباد سنڌ ۾ فائرنگ ڪئي ويئي رتوڇاڻ ٿي ۽ هڪ
مهيني کان پوءِ وري به ساڳئي شهر ۾ سنڌين کي ماريو
ويو. سنڌين کي پاڪستان جو دشمن ڄاتو وڃي ٿو. 1983ع
جي ايم. آر . ڊي جي تحريڪ ۾ به فقط سنڌين حصو
ورتو، ڄڻڪ آمريت جو مقابلو به سنڌين کي ڪرڻو هو.
1988ع ۾ به فقط سنڌي ماريا ويا ۽ 6 اپريل 1989ع تي
حيدرآباد ۾ اسڪولن تي حملا ڪيا ويا ۽ 17 ماڻهو
مُئا. سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ ٽي ماڻهو مئا. انسان جو
شڪار کيڏيو ويو.
”30 سيپٽمبر 1988ع تي شام جو حيدرآباد ۾ ٽن چئن هنڌن تي،
سئنيمائن ۽ هوٽلن جي اڳيان ڪارن مان فائرنگ سبب
سوين ماڻهو قتل ٿيا. انهن گولين ذات پات ۽ ٻوليون
نه ڏٺيون. ٻئي ڏينهن ڪراچيءَ ۾ فائرنگ ڪري سڀ سنڌي
ماريا ويا ۽ سنڌ جي گورنر بيان ڏنو ته ”رد عمل
فطري هو.“ جڏهن سڀ سنڌي ماريا ويا ته اهو ڄڻ سٺو
ٿيو. اهو هڪ رٽائرڊ جج ۽ گورنر چيو. 88-89ع ۾
حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ هر مهيني ۾ ڪرفيو لڳو. ڪير
متاثر ٿيو؟ فقط غريب!
”اچو سري لنڪا تي. آءٌ سڄي مسئلي جو سياسي جائزو وٺڻ جي پوزيشن
۾ نه آهيان. آءٌ فقط ماڻهن جي مارجڻ جي باري ۾ چند
ڳالهيون چوڻ ٿو گهران. آءٌ
TULF-JVP
يا ڀارتي امن فوج جي حمايت ۾ يا خلاف ڪو بيان نٿو
ڏيڻ گهران.
”ٽرنڪو مالي ۾ 13 نومبر 1988ع تي ڪيترا ماڻهو ماريا ويا.
انوراڌاپورا ۽ جافنا ۾ فائرنگ ٿي. سال 1989ع ۾ به
جنهن ريت انساني زندگيءَ جو وحشياڻو شڪار کيڏيو
ويو، اهو چنگيز خان جي ظلمن کي شرمائي ٿو ڇڏي. 27
آڪٽوبر 1989ع جي رپورٽ آهي ته سري لنڪا ۾ گذريل ٻن
مهينن ۾ 300 ماڻهو مئا، جن ۾ 25 آڪٽوبر 1988ع تي
ماريل اُهي 42 ماڻهو به شامل آهن، جن کي پوليس
عملدار جي ستن ڀاتين جي قتل جي بدلي ۾ ماريو ويو
هو. ڪئنڊي ۾ هنن ستن ماڻهن جا وري ٽڪرا ٽڪرا ڪري
بدلي جي باهه ٺاري ويئي. پر دوستو! بدلي جي باهه
ٺري نٿي. وڌيڪ ڀڙڪي ٿي ۽ غريب جي گهر کي ئي ساڙي
ٿي. غريب ئي شڪار بنجي ٿو. جانور جو کاڄ نٿو بنجي.
بلڪ انسان جي حيوانيت جو!
”نومبر 1989ع کان وٺي جنوي 1990ع تائين ٻيا سوين ماڻهو سري لنڪا
۾ گولين جو شڪار ٿيا. هن موت جي ڪاروبار کي نه جئي
ورڌني روڪي سگهيو ۽ نهٿ پريماداسا روڪيو. پتلين
جون ڏوريون ڇڪڻ وارا ۽ موت جو ناچ ڏسڻ وارا هي
خوني ناٽڪ کيڏي رهيا آهن.
”روس ۾ به نسلي فساد هڪ طرف ته اولهه جي هوا ٻئي طرف هلي رهي
آهي. ڀارتي پنجاب ۾ سک پنهنجن حقن جي نالي ۾ ڪيترا
خون ڪري چڪا آهن ۽ سوني مندر تي ڀارتي حڪومت
آزاديءَ جي نالي ۾ قتل عام ڪري چڪي آهي. آسام ۾
بورو قبيلا لڙي رهيا آهن. نسلي تحريڪ ۽ ٻيون
هوائون پنهنجيءَ پر ۾ ڪنهن نه ڪنهن اصول، آزاديءَ
جي گهر ۽ اقتصادي عمل لاءِ آهن. پر انسان جو رت
جيڪو وهي رهيو آهي، آءٌ ان جو واسطو وجهي سنگهاسنن
۽ گادين تي ويٺل خونخوار بگهڙن کي هن پليٽ فارم
تان ٻڌائڻ ٿو گهران ته انسان جي رت سان هولي کيڏڻ
ڇڏيو. ڪٿي جمهورت ۽ ڪٿي مانيءَ جي دلبي ۾ غريب کي
نه مارايو.
”پاڪ ڀارت ورهاست گهڻيون جانيون ۽ عزتون لٽيون مذهب جي نالي ۾،
۽ وري اڳين ئي ماڻهن ان خيال تان هٽي ٻوليءَ جي
نالي ۾ انسان جو شڪار کيڏڻ شروع ڪيو. اهو بگهڙن جو
شيوو آهي.
”دوستو! آءٌ هڪ ڀيرو وري ورجايان ٿو ته بورو قبائلين 11 آگسٽ
1989ع تي ڏهه ماڻهو ساڙي ڇڏيا ۽ جواب ۾ سندن هڪ سؤ
ماڻهو ماريا ويا. سري لنڪا ۾ اهڙا ڪيترا ڏينهن آيا
جو تامل گروپن هڪ ٻئي جا ماڻهو ۽ سنهالي ماريا
ويا. ۽ موت جو شڪا رٿيندڙن جو تعداد ڪڏهن هفتي ۾
روز 40 کان 70 تائين به رهيو. انهن ۾ 13 جولاءِ
1989ع تي تامل ليڊر امرتا لنگم ۽ جوگيشورن ۽
پنجين ڏينهن مهيشورم مارجي ويا.
”درندگيءَ جو اندازو لڳايو ويو ته هڪ حڪومت هوندي به هيئن
انساني جان جو شڪار کيڏيو وڃي. حيدرآباد سنڌ ۾ به
ائين ئي ٿيندور هيو. پهرين آمريت جي ڪري ۽ پوءِ
جمهوريت جي بئنر هيٺ. 1990ع جي 30 جنوري تي
حيدرآباد ۾ قتل عام ٿيو ۽ سنڌين کي رت ۾ وهنجاريو
ويو. ڇا بيروت! ڇا فلسطين ۽ ڇا ڏکڻ آفريڪا ۽ هاڻي
پاناما ۽ رومانيا ڳاڙها آهن. پر ساٿيو! اُهو ڏينهن
پري ناهي جڏهن جون 1989ع ۾ پيڪنگ جي ريڊ اسڪوائر ۾
هزارين ماڻهن تي ٽئنڪ چاڙهڻ وارن کان حساب ورتو
ويندو. اُها ريڊ اسڪوائر ۽ اُهو تئن آن من (بهشتن
جو دروازو)، جتي چيئرمن مائو هزارن کان سلامي ٿي
ورتي. دوستو! ايران ۽ عراق ڇا مذهب کي هٿي ڏيڻ
لاءِ ڏهه سال وڙندا رهيا. ڇا افغانن جي ڏهن سالن
کان وڌيڪ عرصي جي جنگ هنن جي پنهنجي جنگ آهي!
نه هي جنگ اولهه جو جن اوڀر جي ڀوت سان ڪري رهيو آهي. سڀاڻي اها
جنگ ايشيا ۽ آفريڪا جي بکئي جي سر تان ٽري پيٽ
ڀريل راڪاس جي ويجهو لڙي ويندي. اهو ڏينهن دور
ڪونهي.“
دودي خود محسوس ڪيو ته کيس مليل وقت ختم ٿي چڪو هو. سندس انوپ،
مارٿا، گل بهار سنگهه، سريتا ۽ چنگ لنگ کُو جا
چهرا به اهو ظاهر ڪري رهيا هئا. هُو ٿورا مڃي
اسٽيج تان هيٺ لٿو ۽ تاڙين جي ڦهڪا ٻڌندو پنهنجيءَ
جاءِ تي اچي ويٺو. جيئن ٻئي اُميدوار جو نالو
پڪاريو ويو، تيئن سڀني سنڌين جا ڪن کڙا ٿي ويا.
نالو هو ’لکانو‘ . هڪ قداور نوجوان اسٽيج طرف
وڌيو. جينز پاتل، ڇيٽ جي ويڪري قميص ۽ مٿي تي نرڙ
وٽ سائي پٽي ٻڌل ۽ وڏن مڻين جي هڪ مالها ڪنڌ ۾ هڪ
مالها چيلهه وٽ پٽي وانگر ٻڌل هئي، جنهن مان به ڪي
مڻين جون سرون هيٺ لڙڪي رهيون هيون ۽ جست جي سڪن
جي به هڪ مالها ڪنڌ ۾ جهرمر ڪري رهي هئس. دودي جو
ته وات ڦاٽي ويو! ته ڇا کيس هڪ سنڌيءَ جو مقابلو
ڪرڻو پوندو! لکانو ته سنڌي نالو هو. ويٺلن ۾ ’جپسي
جپسي‘ جا سرٻاٽ ٿيا. هاڻي دودي کي به ڪجهه سمجهه ۾
آيو.
لکانو جيڪا انگريزي ڳالهائي رهيو سا لهجي جي لحاظ کان ڪن کي
فرينچ ته ڪن کي رومانين لڳي رهي هئي. لکاني جو
آواز آهستي آهستي بلند ٿيو ويو: ”دوستو! آءٌ اوهان
جو حقيقي خادم آهيان. آءٌ هڪ برجستو ۽ بي تعصب شخص
آهيان. تاريخ مون کي اهو سبق ڏنو آهي. منهنجا وڏا
انداز ڇهه سؤ يا اٺ سؤ يا اٺ سؤ سال اڳ پنهنجو
وطن، جيڪو اتر اولهه ڀارت هو، ڇڏي مصر ((Eygt
کان ٿيندا يورپ ۽ آمريڪا تائين پکڙجي ويا. انُ ڪري
اسان کي ’جپسي‘ سڏيو ٿو وڃي. اسان تي ۽ دنيا جي
ٻين ڪمزور طبقن تي ظلم ڪيو ويو. سوين ڪتاب جپسين
جي باري ۾ لکيا ويا، پر اولهه جي ڪنهن به ملڪ ۾
اسان سان بهتر ورتاءُ نه ڪيو ويو. مون جيئن هوش
سنڀاليو ته پاڻ کي اسپين جي هڪ شهر بار سيلونا جي
ٻاهران گهوڙن سان ڇڪجندڙ ڳوڻين سان ڍڪيل هڪ ٽريلر
۾ ڏٺو. منهنجا ماءُ پيءُ ۽ ٻيا مائٽ صبح جو شهر
ويندا هئا ۽ شام جو چار پئسا ڪمائي گهر موٽندا
هئا. مون کي خبر نه هئي ته ڪهڙو ڌنڌو ٿا ڪن. ڪجهه
وڏو ٿيس ته خبر پيئي ۽ پوءِ ته آءٌ به روزگار لاءِ
ٻاهر نڪتس.
”مون کي معلوم آهي ته اوهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا ته جپسي ڪير آهن،
پر دوستو! مسئلو فقط جپسين جو نه آهي. مسئلو دنيا
جي مسڪينن ۽ بي گهرن جو آهي. آءٌ پنهنجي هموطن
مسٽر دودي سان مقابلو ڪريان يا هٿ ڪڻي وڃان، پر هن
پليٽ فارم تان دنيا جي ضمير جاڳائڻ اسان جو بنيادي
مقصد آهي.
”ليکڪن اسان کي متفق طور اتر اولهه ڀارت يعني سنڌو ماٿر مان لڏي
اولهه ڏي آيل ڄاڻايو آهي ۽ ڪن اهو به خيال ظاهر
ڪيو آهي ته اسين پهرين مصر پهتاسين. اسان جي قوم
اڄ يورپ ۽ آمريڪا ۾ لکن ۾ آهي ۽ گهڻو ڪري ٽوڪراَ
ٺاهڻ، قسمت ٻڌائڻ، نچڻ ڳائڻ ۽ ڪن صاحبن جي خيال
موجب چوريون ڪرڻ اسان جو ڌنڌو آهي. شايد دنيا ۾
ٻيو ڪير به چوري ڪونه ٿو ڪري. ڪتابن ۾ اسان کي
رولو، لوفر ۽ ڳجهڙا به سڏيو ويو. انسائيڪلوپيڊيا ۽
تاريخ جي ڪتابن موجب جپسي ڪريٽ ۾ 1322ع ۾ نظر آيا.
1346ع ۾ ڪورفؤ ۾، جرمني جي شهر هيلڊشين ۾ 1416ع ۾،
1417ع م مالديويا ۽ هنگري ۾، 1427ع ۾ پئرس ۾ ۽
1448ع ۾ بارسيلونا ۾ رهيل نظر آيا. اسين پاڻ کي
”روم“ به چوندا آهيون، جنهن جو مطلب آهي ’ماڻهو‘.
منش به اسان جو نالو آهي. باقي خلق کي گاجي
(ڌاريون) چوندا آهيون. اسان جو اسپيني نالو گيٽانو
آهي. اسان کي ويڙهاڪ ۽ اولهه جي سماج لاءِ هاڃيڪار
ڄاتو ويو ۽ يورپ ۾ اسان کي ماريو ويو. جرمني ۾
اسان کي پنهنجي اصل وطن جي مناسبت سان سنتي يا
سنڌي سڏيو ويو، پر قانون ٽوڙيندڙ ۽ ٺڳ به ڄاتو
ويو. فريڊرڪ ويلم اول 1725ع ۾ حڪم ڏنو ته 18 سالن
کان وڌيڪ جي سڀني جيپسين کي ڦاسي ڏني وڃي. ساڳين
سالن ۾ رومن سلطنت جي چارلس ٻئي به سڀني جپسين
لاءِ موت وارنٽ ڪڍيو. بوهيميا ۾ عورتن جو ساڄو ڪن
ڪپڻ ۽ سلسيا ۽ موراويا ۾ کاٻو ڪن ڪپڻ جو حڪم ڪيو
ويو. جناب اعليٰ! اِهي ڳالهيون ڪتابن ۾ لکيل آهن.
انصاف ڏسو، هٿ ڏيکاري اوهين پنهنجو ڀاڳ ڄاڻڻ گهرو
ٿا ۽ ڏوهه اسان جو آهي! راڳ ٻڌڻ اوهين گهرو ٿا ۽
ڏوهه ڳائڻ واري جو آهي! مرچ اوهان کي پسند ڪونهي
پر ڪو ٻيو کائي ته اهو اوهان جو ڏوهاري آهي. ويهين
صديءَ ۾ به اسان 6 سان نسلي فرق باقي رکيو وڃي ٿو.
اسان جا هم قوم اسپين، فرانس، برطانيه، جرمني،
رومانيا، روس ۽ آمريڪا ۾ اٽڪل هڪ ڪروڙ آهن. اوهان
ڏسو ڪٿي نڪورنوڪارا باخ ۾ اسان کي ته نه ماريو ويو
آهي. ڪٿي نڪولائي چاءُ سسڪو جي ظلم هيٺ اسين ته نه
پيڙيا ويا آهيون. اسان تي ظلم به ٿيندو رهيو آهي ۽
آدمشاري به وڌي پئي. ڪوڙا ۽ گهٽايل انگ اکر گهڻو
وقت هلي نه سگهندا. اسان به مغرب جي چمڪ ۾ پنهنجو
خوبصورت چهرو ڏسڻ گهرون ٿا. برطانيه جي جپسي قومي
ڪائونسل جي صدر چيو آهي ته اسين به ٻي مخلوق وانگر
هڪ هنڌ رهي، مفيد ۽ ڪامياب زندگي گهارڻ ٿا گهرون.
نازي ڪئمپن ۾ پنج لک جپسي به ماريا ويا. جپسين کي باهه ۾ ساڙيو
ويو. ٻانهن تي سڃاڻپ جا داغ ڏنا ويا. فرانس ۾
سڃاڻپ جون خاص چٺيون رکڻ ۽ پوليس کي ڏيکارڻ جو حڪم
ڪيو ويو. منش (جپسي) قبيلي کي فرانس ۾ ووٽ ڏيڻ کان
روڪيو ويو. يورپي برادري ۾ فقط ٽيهه سيڪڙو جپسي
ٻار اسڪول وڃي سگهن ٿا. جپسين کي فقط بيڪار پيل
زمين تي رهڻ ڏنو وڃي ٿو. |